سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :18

٤-

: (Precautions during use of pesticides)

        جيت مار دوائن جي استعمال دوران ھيٺ ڄاڻايل ڳالھين جو خاص خيال رکڻ گھرجي :

        (i) اھي ڊرمن اندر چڱيءَ طرح بند ڪري رکڻ گھرجن.

        (ii) استعمال وقت پاڻيءَ يا تيل اندر ملايل جيت مار دوا جي بچي وڃڻ جي حالت ۾ انھيءَ کي ٻئي وقت استعمال ڪرڻ تائين زور سان بند ڪري رکڻ گھرجي ۽ اھي ٻارن ۽ جانورن جي پھچ کان پري رکڻ گھرجن. ٺھيل ڳارن کي گھڻي وقت تائين بچائي رکڻ نھ گھرجي.

        (iii) جسم جي چمڙيءَ کي انھن دوائن کان بچائي رکڻ گھرجي. ڪم پوري يا بند ٿيڻ کان پوءِ ڪم ڪندڙ ماڻھن کي صاف ڪپڙا پائڻ گھرجن ۽ انھيءَ طرح ڪپڙن بدلائڻ کان اڳ ۾ ھڪدم انھن کي پنھنجا ھٿ ۽ دوا لڳل جسم جا حصا صابڻ وغيره سان چڱيءَ طرح ڌوئڻ گھرجن، ڪپڙن بدلائڻ کان اڳ چڱيءَ طرح پاڻي ۽ صابڻ سان غسل ڪرڻ وڌيڪ بھتر آھي. ھلندڙ ڪم دوران ماني کائڻ يا سگريٽ يا ٻيڙي پيئڻ کان اڳ پڻ ڪپڙا بدلائي، صاف ڪپڙا پائي پوءِ ماني کائجي يا ٻيڙي ڇڪجي.

        (iv) جيت مار دوائن لڳائڻ وقت جاءِ جي ويجھو وارن کوھن، صاف پاڻيءَ جي نالن ۽ واھن کي بچائي رکڻ گھرجي.

        (v) جيڪڏھن دوا اکين ۾ پئجي وڃي تھ انھن کي تمام گھڻي صابڻ ۽ جھجھي پاڻيءَ سان ڌوئڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن حالت انھيءَ طرح سڌرڻ جوڳي نھ ھجي تھ طبي معائنو ڪرائڻ گھرجي.

        (vi) باھھ پڪڙڻ وارين پاڻياٺن (Solvents)  ۾ ٺھيل ڳارن جي صورت ۾ دوائن ملائڻ دوران ھر ڪنھن قسم جي باھھ جي شعلن جي سختيءَ سان اجازت نھ ڏني وڃي.

٥-

: (Few more anti-termite solutions)

        ايلڊرين يا ڊاءِ ايلڊرين جي پاڻيءَ  يا تيل ۽ گاسليٽ اندر مليل ڳارن کان علاوھ مختلف دوائن سان ٺھيل ھيٺ قسم جا ڳارا پڻ تمام گھڻو فائديمند رھن ٿا.

        (i) اڏوھيءَ جي ڍيرن پويان ڪنھن زرعي ماھر جي صلاح سان ھيٺ ڄاڻايل جيت مار دوائن مان ايلڊرين يا ڊاءِ ايلڊرين جي استعمال کان علاوه ٻي ڪا بھ ھڪ دوا ٧ پنٽن (٤ لٽر) پاڻيءَ ۾ ملائي استعمال ڪري سگھجي ٿي.

ڊي-ڊي-ٽي : (D.D.T)

٥ سيڪڙو

يا، بي-ايڇ-سي : (B.H.C)

٠.٥٠ سيڪڙو

يا، ڪلورڊين : (Chlordane)

٠.٥٠ سيڪڙو

يا، ھيپٽاڪلور : (Heptachlor)

٠.٥٠ سيڪڙو

 

        (ii) اڏوھيءَ جي ڍيرن کي مٿي ڄاڻايل عمل رستي ختم ڪرڻ بعد جاءِ جي ھيٺان يا چؤگرد ھيٺين دوائن مان ڪا بھ ھڪ دوا استعمال ڪري سگھجي ٿي :

ھيپٽا ڪلور            : 0.5 % (سيڪڙو)

يا ڪلورڊين            :  1.0 % (سيڪڙو)

        بھرحال انھن سڀني دوائن جي ڀيٽ ۾ ائلڊرين (Aldrin)  يا ڊاءِ ايلڊرين (Dieldrin)  زياده مؤثر ۽ موزون رھن ٿيون.   


 


 


 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org