سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :2

(Layout of Building)

ڪنھن بھ عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ اھو تمام ضروري آھي تھ انھيءَ جو فائونڊيشن پلان (Foundation plan) ٺاھي انھيءَ جي سٽ (Layout) بلڪل صحيح ۽ نقشي مطابق ڪئي وڃي. انھيءَ ڪم کي سر انجام ڏيڻ لاءِ سڀ کان پھرين جنھن ھنڌ يا پلاٽ تي عمارت ٺاھڻي آھي انھيءَ کي چڱيءَ طرح صاف ۽ چٽو ڪرائڻ گھرجي. انھيءَ بعد ھيٺ ڏنل طريقي مطابق سٽ (Layout) ڪجي:

(i)                          ھر ڪنھن ڀت جي وچ واري يا مرڪزي ليڪ (Centre Line) نقشي جي حساب سان زمين تي چوني جي پائوڊر يا ڪنھن اھڙيءَ ٻيءَ شيءِ سان لڳائجي جيئن ھر ڪنڊ، عمودي (Right angle) ھجي، اھڙين ڪنڊن تي 3: 4: 5 جي نسبت سان عمودي ڪنڊ وارو ٽڪنڊو (Right angle triangle)  ٺاھي، ڪنڊن جي ماپ صحيح نموني سان جانچي سگھجي ٿي.

(ii)                       مرڪزي ليڪ (Centre Line)  جي ٻنھي پاسي بنياد جي چوڙائيءَ يعني ويڪر برابر لائينون يا لڪيرون لڳائجن.

(iii)                     بنياد جي لائينن لڳائڻ بعد چڱي طرح سان جانچي ڏسجي تھ ڪمرا صحيح طرح سان مستطيل آھن. ھر ڪمري جي ھڪ ٻئي کي ڪپيندڙ ليڪن (Cross Lines) جي ڊيگھھ ھڪ ٻئي جي برابر ھئڻ گھرجي.

(iv)                      بنياد کان علاوه ڀتين جي اوساري پڻ مرڪز واري ليڪ (Centre Line) جي مدد سان درست ڪري سگھجي ٿي. انھيءَ لاءِ ڏور جي مدد سان ھر مرڪزي لائين (Centre Line) جي سڌ ۾ بنياد جي کوٽائيءَ کان ٻاھر ڪلا (pegs) لڳايا وڃن. انھيءَ لاءِ بنياد جي چوڙائيءَ کان ٻاھر چوڪيءَ جي ليول (plinth Level) تائين ننڍا ٺل (pillars) ٺاھي، انھن جي مٿان مرڪزي لڪير (Centre Line) جا نشان لڳائجن.

انھيءَ ڪم جي وضاحت لاءِ ھڪ سادو خاڪو شڪل نمبر ٢ ۾ ڏيکاريل آھي.

٣-(Excavation)

عمارت جي بنياد لاءِ چرين جي ڊيگھھ، ويڪر ۽ اوچائي، نقشي جي نشاندھيءَ (Layout)، مٽيءَ ۽ زمين جي قسم تي دارومدار رکي ٿي. ڇاڪاڻ تھ مختلف قسم جي زمين جي برداشت جي قوت مختلف ٿئي ٿي.

انھن ڳالھين جي مدنظر ڊزائن ڪرڻ بعد، نقشن جي تياري مڪمل ڪري اھي نقشا سر زمين تي ڪم ھلائڻ لاءِ، ٺيڪيدار ۽ واسطيدار عملي کي مھيا ڪيا ويندا آھن. جن جو سائيٽ (Site) يعني سر زمين تي موجود ھئڻ ھميشه ضروري سمجھيو ويندو آھي. تاھم، کوٽائيءَ بابت خاص طور سرڪاري ڪمن واسطي ھيٺين ڳالھين جو خيال رکڻ ضروري آھي.

(i)                            بنيادي چريون (Foundation trenches) نقشي ۾ ڄاڻايل ماپ مطابق ھئڻ گھرجن. چرين جا پاسا، جيڪڏھن زمين اجازت ڏئي، مطلب تھ زمين ڪشادي ھجي تھ ڪوشش ڪري عمودي رکجن نھ تھ ٻيءَ صورت ۾ انھن کي گھربل لاھاندي (Slope) ڏجي پر جيڪڏھن لاھاندي ڏيڻ سان بھ مٽي نھ بيھي ۽ ڪري پوي تھ تختا ڏجن. کوٽيل مٽيءَ کي کڏن جي پاسن کان گھٽ ۾ گھٽ ٻھ فوٽ (2 Ft) پري اڇلجي.

(ii)                         جيڪڏھن ڪو ٺيڪيدار پنھنجي مرضيءَ سان سندس سھوليت خاطر، نقشي ۾ ڏيکاريل ڊيگھھ، ويڪر ۽ اوچائيءَ کان وڌيڪ چريون (Trenches) کوٽي تھ انھيءَ کي پنھنجي خرچ تي، وڌيل مقدار ڀرڻو آھي ۽ کيس کوٽائيءَ جي ماپ نقشي مطابق ڏيڻي آھي.

(iii)                       بنيادي چرين (Foundation Trenches) جو ترو پاڻيءَ جي ھلڪي ڇڻڪار بعد ڌمڪ سان دٻائي پختو ڪيو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪنھن ھنڌ تمام نرم زمين جا حصا ھجن، جي ڌمڪ جي ھڻڻ سان بھ نھ دٻجي سگھن تھ نگھبان ڄاڻو ماڻھوءَ جھڙوڪ ڄاڻو مالڪ، انجنيئر يا اسسٽنٽ انجنيئر وغيره جي مشوري مطابق انھن کي گھربل مال (Material) سان پختو ۽ مضبوط ڪرائجي. ھن طريقي کي سوائل اسٽيبلائيزيشن (Soil Stabilization) سڏجي ٿو.

(iv)                        اگر نقشي ۾ ڄاڻايل گھرائيءَ تائين کڏون کوٽائڻ دوران پاڻي نڪري اچي تھ انھيءَ جو اطلاع ذميوار انجنيئر يا اسسٽنٽ انجنيئر کي ڏجي ۽ بنياد جي ڪانڪريٽ يا روڙي (Concrete)  وجھڻ کان اڳ ان پاڻيءَ کي پمپن (pumps) ذريعي ڪڍرائڻ تمام ضروري آھي.

(v)                          بنيادن جي کوٽائي پوري ٿيڻ بعد متعلقھ اسسٽنٽ انجنيئر يا انجنيئر کي اطلاع ڏجي جيئن سموري کوٽائي چڱيءَ طرح جانچي ڏسن جيڪڏھن بنياد جي ڊيگھھ ۽ ويڪر ۾ ڪا خامي ھوندي تھ انھيءَ جو اثر سموري عمارت تي پوندو. انھيءَ سبب ڪري بنياد جي کوٽائيءَ جي چڱي طرح جانچ پڙتال ڪرڻ بعد ذميوار انجنيئر جي ھدايت تي ٻئي ڪم لاءِ اڳتي وڌجي.

(vi)                        مٽيءَ جي کوٽائيءَ جي ماپ ڪعب فوٽن يا ڪعب ميٽرن ۾ ڪئي ويندي آھي. پاسن جي سلاميءَ (جيڪڏھن انجنيئر طرفان ڪو خاص آرڊر يا حڪم نھ ڏنو وڃي) جي ماپ نھ ڏني وڃي، قيمت (Rate) جي اندر ٥ فوٽن جي اڇل (5 Ft. lift) ۽ ١٠٠ فوٽن جو مفاصلو (100 Ft. Lead) شامل آھن.

(vii)                     کوٽيل چرين يا کاھين (Trenches) اندر ڪيل اوساري يا ٻئي ڪم جھڙوڪ، سيمينٽ ڪانڪريٽ وغيره، جي ٻنھي پاسن ۾ رھيل خالن کي ٺيڪيدار کي پنھنجي خرچ تي وڌيڪ کوٽيل فالتو مٽيءَ (Surplus Earth) سان ڀرڻو ۽ ڌمڪ سان ان کي مضبوط ڪرڻو آھي. انھيءَ لاءِ ڪابھ عليحده ادائگي يا اجورو (Payment) نھ ڏيڻو آھي.

(viii)                   مٿي ڄاڻايل ڀرائي الڳ الڳ ٦ انچن جي تھن جي صورت ۾ ۽ ھر ھڪ تھھ کي پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي ڌمڪ جي زور سان چڱيءَ طرح ڄمائي مضبوط ڪرڻ گھرجي.

(ix)                        کوٽيل چرين مان نڪتل زيادھھ مٽي جيڪڏھن فرش ھيٺان استعمال ڪرڻ جي لائق ھجي تھ انھيءَ کي پڻ ڇھن ڇھن انچن جي تھن جي صورت ۾ پکيڙي پاڻيءَ جو ٽيھو ڏيئي ڌمڪ جي زور سان چڱيءَ طرح ڄمائي گھربل ليول تائين ڀرجي. جيڪڏھن انھيءَ ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال نھ ڪبو تھ فرش تيار ٿيڻ بعد اھا ڍري ۽ ابورکي مٽي (Loose Earth) ٽائيم گذرڻ سان آھستي آھستي وھڻ لڳندي جنھن جي نتيجي ۾ سمورا ٺھيل فرش پڻ جھڪڻ لڳندا جنھن سبب فرش تي ڪيل سمورو ڪم ۽ خرچ بيڪار ويندو.

(x)                          چرين مان نڪتل موزون ۽ زياده مٽي فرشن ھيٺان ڀرڻ بعد جيڪڏھن اڃان بھ وڌيڪ ڀرائيءَ جي ضرورت پوي تھ اھو ڀراءُ واريءَ (Pit sand or River sand) سان ڪيو وڃي ۽ خاص طرح سان ڪلراٺي مٽيءَ جي ڀراءَ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تھ عمارت ۽ ھر ڪنھن تعمير لاءِ ڪلر ڪينسر جي مرض وانگر آھي.

(xi)                        سرڪاري ڪمن واسطي کوٽائيءَ دوران جيڪڏھن ڪنھن بھ قسم جا سڪا، سون، چاندي، قديم زماني جا يادگار، آڳاٽا نقش، عجائبات ۽ خزانا وغيره نڪرن تھ اھا حڪومت جي ملڪيت آھي ۽ حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن.

باب ٻيو

”تعميراتي سامان“

(Building Materials)

ھر ڪنھن عمارت ٺھرائڻ لاءِ انھيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي ڄاڻ ھئڻ تمام ضروري آھي. ٻيءَ صورت ۾ ناقص سامان استعمال ڪرڻ سان گھڻين ئي خامين پيدا ٿيڻ جو انديشو آھي، اگر تفصيل سان ڏٺو وڃي تھ تعميراتي سامان جي لسٽ تمام ضروري شين بابت اھم معلومات ھيٺ ڏجي ٿي.

١-٢ سرون (Bricks)

بٺي جون پڪل سرون چڱيءَ طرح چونڊي انھن جي معيار مطابق ورڇ ڪري سٿيون (Stacks) ھڻي رکڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تھ انھن جي معيار مطابق سرن کي ٽن درجن ۾ ورھايو وڃي ٿو، جھڙوڪ: فرسٽ ڪلاس يا پھريون درجو (First Class) سيڪنڊ ڪلاس يا ٻيو درجو، (Second Class) ۽ ٿرڊ ڪلاس يا ٽيون درجو (Third Class).

بلڊنگس ڊپارٽمينٽ جي تشخيص (Specifications)  ھڪ معياري سر جي سائيز 9"x4 3/8" x2 11/16"  يعني ٿولھھ 2 11/16" انچ، ويڪر 4 3/8 انچ ۽ ڊيگھھ ٩ انچ ھئڻ گھرجي، جيئن ھر ستين قطار (Courses) يا تھن جي اوچائي ٻھ فٽ بيھي، انجنيئر ڪمن لاءِ دراصل ٣ انچن جي ٿولھھ واري سر بھتر آھي جيئن ڪم ۾ استعمال ٿيڻ بعد جوڙن جو تعداد گھٽجي وڃي. اريگيشن يعني آبپاشيءَ جي ڪمن لاءِ ١٠ انچن جي ڊيگھھ واري سر جو استعمال فائديمند آھي ۽ انھيءَ صورت ۾ سر جي ماپ 10"x4 7/8"x3" ھئڻ گھرجي.

ھر ڪنھن قسم جي سر جو ڪجھھ تفصيل وار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

١:   (First Class Bricks):

يا

پھرئين درجي جون سرون.

ھن قسم جون سرون چڱيءَ طرح پڪل، ڪلر کان پاڪ، ھڪ جھڙي ۽ ھڪ ڪري سائيز ۾، سٺي رنگ جون، سنئيون سڌيون (Regular)، صحيح طرح عمودي يعني صحيح گونيا ۾، بغير سوراخن جي ۽ ڏارن ۽ ڦوٽ کان پاڪ ھئڻ گھرجن. اھڙي قسم جي سرن کي ننھن سان نٿو کرچي سگھجي، انھيءَ قسم جي ٻن سرن کي کڻي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ٽڪرائبو تھ ھڪ ڌاتوءَ جھڙو آواز (Metallic Sound) ايندو. اھڙي قسم جي سر کي اگر ھڪ ڪلاڪ تائين پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٻاھر ڪڍبو تھ وڌ ۾ وڌ پنھنجي تور جو ڇھون حصو (1/6) پاڻي چھندي. اھڙي قسم جي سر جي دٻاءُ جي قوت (Compressive Strength) برٽش اسپيسيفڪيشن 1257 (B.S. 1257) مطابق گھٽ ۾ گھٽ  1500 psl  ھئڻ گھرجي.

 ٢:   (2nd: Class Bricks):

يا

ٻئي درجي جون سرون. ھن قسم جي سرن کي پڻ چڱيءَ طرح بٺي اندر پڪل يا ٿورو زياده پڪل ھئڻ گھرجي ۽ فرسٽ ڪلاس سرن وانگر ھڪ ٻئي سان ٽڪرائڻ سان ڌاتوءَ جھڙو آواز نڪرڻ گھرجي. ھن درجي جي سرن ۾ فرسٽ ڪلاس جي سرن جي ڀيٽ ۾، سائيز، صورت ۽ رنگ ۾ معمولي فرق ھئڻ گھرجي، پر اھو بھ نھ ھئڻ گھرجي جو استعمال بعد اوساريءَ جا بار يا ردا بيڊولا ۽ گھٽ وڌ (Irregular and Uneven Courses) ٿي بيھن. اھڙين سرن ۾ معمولي ڇوڏا ۽ ڦوٽ (Slight chips and flaws) ڀلي ھجن پر ڪلر، چن ۽ ڪنڪر جي ڳنڍن ۽ ڳوڙھن (Lime or Kankar Nodules) کان پاڪ ھئڻ گھرجن.

ھن قسم جي سر کي اگر پاڻيءَ اندر ھڪ ڪلاڪ تائين ٻوڙبو تھ پنھنجي وزن جو چوٿون حصو پاڻي چھندي.

٣:   (Third Class Bricks):

يا ٽئين درجي جون سرون. ھن قسم جون سرون درجھ اول ۽ درجھ دوئم وانگر چڱيءَ طرح پڪل نھ ھونديون آھن، پر ڪجھھ ڀيليون ھونديون آھن. اھڙي قسم جي سرن جي شڪل ۽ ڊؤل اھڙو بھ اڻ برابر نھ ھئڻ گھرجي جو استعمال بعد ھڪ جھڙا سنوان ردا لڳائڻ ۾ تڪليف ۽ مسالي جو وڌيڪ استعمال ٿئي.

ھن قسم جي سرن جو استعمال سرڪاري ڪمن ۾ گھٽ يا بنھھ نھ جھڙو ٿيندو آھي.

٢-  (Over burnt or Jhama Bricks):

ھن قسم جون سرون تمام گھڻو پڪل (Over Burnt) ھونديون آھن ۽ ايترو تھ بگڙيل ھونديون آھن جو اوساريءَ ۾ انھن جو استعمال ناڪاره ھوندو آھي. البتھ انھن کي ڀڃي روڙيءَ طور استعمال ڪري سگھجي ٿو. ازنسواءِ پرائيويٽ ڪمن ۾ خاص ڪري سم واري ھنڌ بنياد ۾ زمين جي سطح کان ھيٺ ھن قسم جي سرن کي گھڙي اوساريءَ طور ڪم آڻي سگھجي ٿو.

٣-  (Sundried Bricks):

ھن قسم جون سرون بھ بلڪل درجھء اول سرن وانگر ڪلر کان پاڪ، چڱيءَ طرح واريءَ جي تھھ سان ڪالب ۾ ٺھيل صحيح سائيز ۽ شڪل واريون ۽ ڊولائتيون ھئڻ گھرجن. استعمال کان اڳ انھيءَ ڳالھھ جي پڪ ڪئي وڃي تھ ھي سرون اس ۾ چڱيءَ طرح سڪل آھن.

سڪڻ بعد ھن قسم جي سر کي اگر سڌي سنئين زمين تي چئن فوٽن جي اوچائيءَ تان ڪيرائجي تھ ٻن ٽڪرن کان وڌيڪ ٽڪرن ۾ نھ ڀڄڻ کپي.

سڪڻ بعد ھن قسم جي سرن ۾ ڦوٽ ۽ ڏار پيدا ٿين تھ اھڙن سرن کي رد ڪرڻ گھرجي.

٤-  (Tiles):

ھي عام طور تي ڇتين ۽ فرشن ۾ استعمال ٿينديون آھن. ھنن جو معيار بھ فرسٽ ڪلاس سرن جھڙو ھئڻ گھرجي. سرن جي ٽائيلن جون مختلف ماپون ھيٺ ڏجن ٿيون.

               (i)      درجھ اول ڇتين لاءِ (For First Class Roofing): 12²x6²x1  1/4²

            (ii)      درجھ دوئم ڇتين ۽ فرشن لاءِ

: (For Second Class Roofing or Flooring)

12²x6²2²

         (iii)      صرف فرشن لاءِ (For Flooring)

94  1/2²x2²

٥-(Stone)؛

اوساريءَ لاءِ پٿر سخت، ڳرو ۽ ھڪ ئي رنگ جو ھئڻ گھرجي. عمارتي پٿر اھڙو ھئڻ گھرجي جو پاڻي گھٽ ۾ گھٽ چوسي ۽ موسمي اثرن جھڙوڪ سرديءَ ۽ گرميءَ جو مقابلو ڪري سگھي. انھيءَ ۾ ڏار يا سوراخ نھ ھئڻ گھرجن، اھڙي پٿر کي ڀڃبو تھ ان جا ذرا ذرا الڳ نھ ٿيندا ۽ مٽي يا چورو نھ نڪرندو. سٺي پٿر کي جيڪڏھن چاقوءَ سان کرڙبو تھ ان تي نشان نھ پوندا.

سٺي پٿر کي پاڻيءَ ۾ ٢٤ ڪلاڪ ٻوڙبو تھ پنھنجي وزن کان ٥ سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي نھ چھندو.

اوساريءَ لاءِ پٿر ٥ انچ ويڪرو ۽ ١٨ انچ ڊگھو ھئڻ گھرجي.

٦-  ((Sand:

عام طرح سان ريتيءَ جا ٻھ درجا ٿيندا آھن، ھڪ موٽي ريتي (Coarse sand) ۽ ٻي باريڪ سنھي ريتي (Fine sand).

ريتي ھميشه علائقي پٽاندڙ سرڪار جي منظور ڪيل ھنڌ يا کاڻ (Quarry) جي ھئڻ گھرجي. انھيءَ ۾ مٽي، ڪلر، ابرق، وڻن جا پن، جانورن جا سڙيل ھڏا ۽ کلون، ۽ ٻيو گند ڪچرو نھ ھئڻ گھرجي.

سنھي ريتي (Fine sand) اھڙي ھئڻ گھرجي، جيئن ١٦ نمبر جي ڇاڻي (No. 16 Sieve) مان ڇڻي وڃي ۽ جيڪڏھن ھڪ چورس اندر 100 x 100 خانن واري ڇاڻي مان ڇاڻجي تھ ٣٠ سيڪڙو کان وڌيڪ نھ ڇڻي.

ريتي يا واري اھڙي طرح صاف ھئڻ گھرجي جو اگر انھيءَ جي ھڪ لپ کڻي صاف پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ وجھي لوڏي چڱيءَ طرح ملائي ھڪ ڪلاڪ کن لاءِ ڇڏي ڏجي تھ ان جي مٿان مٽيءَ جو تھھ ڏھين حصي کان مٿي نھ رھي.

٧-  ((Fine Aggregate:

ھن قسم جي ريتي علائقي پٽاندڙ حڪومت جي منظور ڪيل جبلن يا کاڻين (Quarries) جي ھئڻ گھرجي، ۽ ھر ڪنھن قسم جي گند ۽ ڪچري جھڙوڪ نباتاتي مادن (Organic Substances)، مٽيءَ، وڻن جي سڙيل پنن، ڪلر ۽ مورم (يعني ميٽ ۽ چڪناھٽ واري مٽي) وغيره کان پاڪ ۽ صاف ھئڻ گھرجي.

اوساريءَ لاءِ موٽي ريتيءَ جو استعمال ڪرڻ مناسب آھي ۽ پلستر لاءِ ۽ مرمت وغيره واسطي سنھي يا باريڪ ريتي موزون آھي.

ھن قسم جي ريتي اھڙي ھئڻ گھرجي جو اگر ھڪ پل کڻي صاف پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ لوڏي چڱيءَ طرح ملائي ھڪ ڪلاڪ لاءِ گلاس ۾ ڇڏي ڏجي تھ تري ۾ بيٺل ريتيءَ مٿان مٽيءَ جو تھھ ڏھين حصي کان مٿي نھ ھجي، ٻيءَ صورت ۾ پاڻيءَ سان ڌئاري، صاف ڪرائي پوءِ استعمال ڪئي وڃي.

ريتيءَ کي صاف ڪرڻ وارن ڇاڻن جي ڄاري چورس خانن واري ھجي تھ بھتر آھي. ڇاڻڻ وقت ڇاڻن کي ٤٥ ڊگريءَ کان وڌيڪ لاھاندي نھ ڏني وڃي.

٨-  ((Coarse Aggregate:

بالڪل سخت، نقص کان پاڪ ۽ مضبوط، حڪومت جي منظور ڪيل جبلن ۽ کاڻين مان حاصل ڪري ۽ پٿرن کي ڪٽي روڙي يا بجري ٺاھي ويندي آھي. اھا مٽيءَ، دز، وڻن جي پنن، نباتاتي مادن، نرم ۽ ڳريل پٿرن ۽ ٻئي گند ڪچري کان پاڪ ھئڻ گھرجي.

جيڪڏھن اھڙن پٿر جي ٽڪرن (يعني بجري يا روڙيءَ) جي لپ کڻي پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ ملائي لوڏي پوءِ ھڪ ڪلاڪ لاءِ ڇڏي وڃي تھ تري ۾ ويٺل پٿرن مٿان مٽيءَ جو تھھ ٥ سيڪڙي کان مٿي نھ ھئڻ گھرجي، ٻيءَ صورت ۾ اھڙي روڙيءَ کي ڌئاري، صاف ڪرائي ۽ سڪائي پوءِ استعمال ڪجي.

عام طرح سان روڙيءَ جي گھٽ ۾ گھٽ سائيز ½ انچ ۽ وڌ ۾ وڌ سائيز 11/2  انچ استعمال ڪئي ويندي آھي. ٿلھي روڙي ھئڻ جي صورت ۾ انھيءَ کي ڀڃي ڪٽي گھربل سائيز تي بيھاري پوءِ استعمال ڪجي.

٩-  ((Cement:

عام طرح سان مختلف ڪارخانن ۾ تيار ٿيل خاڪي رنگ جو سيمينٽ (Ordinary Portland Cement) تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي. خاص حالتن ۾ سامونڊي علائقن يا ڪلراٺي علائقن ۾ ڪلر روڪ سيمينٽ (Sulphate Resisting Cement) پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کانسواءِ خوبصورتيءَ ۽ آرائش واسطي سفيد سيمينٽ (White Cement) پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي فرشن، موزئيڪ ۽ سنوسيم جي ڪم لاءِ ھن قسم جو سيمينٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

سيمينٽ جيترو تازو ھجي اوترو چڱو، ڇاڪاڻ تھ ٽائيم گذرڻ سان انھيءَ جي قوت ۾ گھٽتائي ٿيندي وڃي ٿي. جيڪڏھن سيمينٽ کي ڪجھھ وقت لاءِ رکڻو پوي تھ بند رکيو وڃي جيئن اھو ڳنڍا ۽ ڳوڙھا نھ ٿي وڃي. جيڪڏھن پراڻي سيمينٽ ۾ ڳنڍا ٿي وڃن تھ اھو استعمال لائق نھ ٿو رھي.

پاڻي ملائڻ بعد سيمينت ٣٠ منٽن  کان پوءِ سيٽ ٿيڻ شروع ٿيندو آھي انھيءَ سبب ڪري پاڻي ملائڻ بعد سيمينٽ ٣٠ منٽن اندر استعمال ڪيو وڃي.

ڇھن مھينن کان وڌيڪ رکيل سيمينٽ تجربيگاه (Laboratory) مان چڪاس (Test) ڪرائي پوءِ استعمال ڪيو وڃي.

اڄ ڪلھھ سيمينٽ ٥٠ ڪلو گرامن جي ٻورين ۾ دستياب آھي.

ڪن خاص حالتن ۾ ڪم جي نوعيت مطابق ھيٺ ڄاڻايل قسمن جا سيمينٽ پڻ استعمال ڪيا ويندا آھن:

١:  Hardenin) Rapid) Cement):

ھن قسم جو سيمينٽ جلدي سخت ٿي پنھنجي قوت پڪڙيندو آھي انھيءَ ڪري ھن قسم جي سيمينٽ کي High early strength Cement  پڻ چيو ويندو آھي. ھن جي بناوت بھ عام رواجي سيمينٽ (Ordinary Portland Cement) وانگر ھوندي آھي. ھنن ٻنھي قسمن جي سيمينٽ ۾ صرف اھو فرق ھوندو آھي، جو ھن قسم جي سيمينٽ کي عام رواجي سيمينٽ جي ڀيٽ ۾ تمام باريڪ ۽ سنھو بنايو ويندو آھي. ھن قسم جو سيمينٽ ٽن ڏينھن اندر ايتري طاقت (Strength) وٺندو آھي جيتري عام سيمينٽ ١٤ ڏينھن اندر وٺندو آھي. انھن خاصيتن سبب ھن قسم جو سيمينٽ اھڙن ڪمن لاءِ استعمال ڪبو آھي جن کي جلدي پورو ڪرڻو ھجي.

٢: Quick Setting Cement))

جيئن تھ نالي مان صاف ظاھر آھي تھ، ھن قسم جو سيمينٽ صرف اھڙن ڪمن لاءِ فائديمند آھي جتي ھيءُ سيمينٽ جلدي ڄمي وڃي ۽ پاڻيءَ ۾ حل نھ ٿي وڃي جھڙوڪ سامونڊي (Marine) ۽ وير جا (Tidal) ڪم. ھن قسم جي سيمينٽ جو شروعاتي ڄمڻ جو ٽائم (Initial Setting time) ٥ منٽ ۽ مڪمل ڄمڻ جو ٽائيم (Final Setting time) ٣٠ منٽ ھوندو آھي.

٣: High Alumina Cement))

ھن قسم جي سيمينٽ کي گرمي، ڪيميائي شين، تمام تيز قسم جي تيزابن ۽ ٻين اھڙين شين سان مقابلي ڪرڻ جي تمام گھڻي قوت ھوندي آھي انھي سبب ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ، ڪيمايائي شين جي استعمال وارين جڳھين ۽ ٻين اھڙن ھنڌن تي استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي سيمينٽ جو شروعاتي ڄمڻ جو ٽائيم استعمال ڪرڻ جي ٻن ڪلاڪن بعد شروع ٿيندو آھي ۽ مڪمل ڄمڻ جو ٽائيم شروعاتي ڄمڻ جي ٽائيم کان پوءِ ٻن ڪلاڪن ۾ پورو ٿيندو آھي.

٤: ٩-٢ گھٽ گرميءَ وارو سيمينٽ  Low Heat Cement))

پاڻي وجھڻ سان ھيءُ سيمينٽ عام رواجي سيمينٽ جي ڀيٽ ۾ گھٽ گرمي خارج ڪندو آھي ۽ انھيءَ سبب تمام ڳرن ڪمن جھڙوڪ : وڏن بندن (Dams) وغيره لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي.

٥: Coloured Cement)):

ھن قسم جو سيمينٽ گھربل رنگ ۽ روغن (Pigments) وجھي تيار ڪيو ويندو آھي ۽ ھن جي بناوت ۽ ٻيا ڪيميائي عمل عام رواجي سيمينٽ جھڙا ھوندا آھن. ھن جو استعمال سينگار وارن ۽ آرائشي (Decorative) ڪمن تي ٿيندو آھي.

٦: White Cement)):

ھيءُ سيمينٽ لوھھ جي آڪسائيڊ (Iron Oxide) ۽ ٻين اھڙين ناقص خرابين کان پاڪ ۽ صاف ھوندو آھي ۽ چن واري پٿر (Chalk or Carboniferous Lime Stone) يا چيني مٽيءَ (Chine Clay) مان ٺاھيو ويندو آھي.

انھن کان علاوه تازو ايجاد ڪيل سيمينٽ تازو ايجاد ڪيل سلئگ سيمينٽ (Slag Cement) جنھن جون خاصيتون ۽ ڪيميائي عمل عام رواجي سيمينٽ جھڙيون آھن، استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي سيمينٽ استعمال ڪرڻ ۾ صرف ترائي ڪجھھ وقت وڌيڪ (١٤ کان ٢١ ڏينھن) ڪرڻي پوي ٿي ۽ ھيءُ عام پورٽلئنڊ سيمينٽ کان سستو آھي.

سرڪاري ڪمن تي ھن قسم جو سيمينٽ تيستائين استعمال ڪرڻ نھ ڏنو وڃي جيستائين ڪن خاص مجبورين جي حالت ۾ مٿين بالا آفيسرن جھڙوڪ: چيف انجنيئر سپرنٽينڊنٽ انجنيئر يا ايگزيڪيوٽو انجنيئر وغيره کان اجازت نھ ملي.

١٠- Water)):

تعميراتي ڪمن ۾ صرف پيئڻ لائق پاڻي استعمال ڪرڻ گھرجي. اھڙو پاڻي تيزابيت، لوڻ، کنڊ، چانيھي (Alkali) ۽ ٻين نباتاتي مادن وغيره کان پاڪ ۽ صاف ھئڻ گھرجي. شڪ جي حالت ۾ پاڻيءَ کي تجربيگاھھ (Laboratory) ۾ برطانيھ تشخيص نمبر 3148 (British Specification No. 3148) مطابق چڪاس ڪرائڻ گھرجي.

استعمال لائق پاڻيءَ ۾ ٺوس مادن (Solids) جو مقدار ھيٺ ڄاڻايل اندازي کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي:

ٺوس مادا

سيڪڙو انداز

نباتاتي

(Organic)

0.02

غير نباتاتي

(In Organic)

0.30

سلفيٽ

(Sulphates)

0.05

کار يا الڪليءَ جا ڪلورائيڊ

(Alkali chlorides)

0.10

١١- Reinforcement)):

لوھھ جي گھٽ قوت جي امڪان سبب تعميراتي ڪم ۾ نقص جو انديشو رھي ٿو انھيءَ ڪري لوھھ ھميشه پاڪستان اسٽئنڊرڊ انسٽيٽيوٽ (P. S. I) جي منظور ٿيل ڪارخانن جو تيار ڪيل استعمال ڪجي.

سريھ طور عام طرح سان مائيلڊ اسٽيل (Mild Stress) جون گول سيخون استعمال ڪيون وڃن جن جي گھٽ ۾ گھٽ بيلڊ اسٽريس (Yield Stress) ھڪ اسڪئاير انچ تي 36,000 پائونڊ (36,000 psi) ھئڻ گھرجي.

وڏين گھڻ منزلھ جاين ۽ وڏن ھالن لاءِ زياده قوت وارا غير ھموار سريھ (High Tensile Deformed Bars) استعمال ڪيا وڃن ڇاڪاڻ تھ اھي وڌيڪ ڪفايت وارا رھن ٿا. اھڙين سيخن جي گھٽ ۾ گھٽ طاقت ھر اسڪئاير انچ تي ٦٠،٠٠٠ پائونڊ ٿيندي آھي.

استعمال کان اڳ ۾ سريھ کي ڪٽ يا زنگ، ڏارن، ڦوٽ ۽ بي ڊولائتي ھئڻ کان پاڪ ھئڻ گھرجي. بازار ۾ اھڙو لوھھ بھ دستياب آھي، جو ھڪ ڪرو نھ آھي ۽ انھيءَ ۾ گھڻائي عيب آھن. اھڙي لوھھ جو استعمال نقصانڪار آھي.

لوھھ جي ٻڌڻ لاءِ لوھھ جي 16 نمبر (16 SWG) جي سنھي تار استعمال ڪئي وڃي.

١٢- Timber)):

ھونئن تھ تعمير سازيءَ ۾ علائقي ۽ ڪم جي نوعيت مطابق استعمال ٿيندڙ ڪاٺ جا ڪيترائي قسم آھن، پر سنڌ اندر عام طور ۽ سرڪاري ڪمن ۾ خاص طور ديال (Deodar Wood)، پين ۽ ساڳ (Teak Wood) وغيره استعمال ٿين ٿا.

ڪن غير اھم ڪمن لاءِ پرتل، چلغوزھھ ۽ چِيل وغيره بھ استعمال ٿيندا آھن، پر جيئن تھ پرتل ۽ چلغوزو، ديال سان مشابھت رکن ٿا ۽ قيمت ۾ ديال کان سستا آھن، ان ڪري انھيءَ ڳالھھ جو خيال رکيو وڃي تھ جيئن ديال جي جاءِ تي انھيءَ ٻئي قسم جو ڪاٺ استعمال نھ ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org