سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :3

چوني کي ڪنھن خشڪ ۽ موسمي اثرن کان بچاءَ واري ڇاپري يا ڪوٺيءَ اندر رکجي جيئن ھوا لڳڻ سان خودبخود ماٺو نھ ٿيندو رھي. ڪوشش ڪري گھڻي عرصي تائين انھيءَ کي اسٽور اندر نھ رکيو وڃي ڇاڪاڻ تھ چونو جيترو تازو استعمال ڪجي اوترو بھتر آھي.

چوني کي ٺارڻ واسطي انھيءَ کي پختي ۽ اڻ ٽمڻي ٿلھي (Platform) تي ڇھن ڇھن انچن جي تھن جي صورت ۾ پٿاري ۽ ھر ھڪ تھھ کي الڳ الڳ پاڻيءَ جي ڇڻڪار رستي ٺاربو رھجي. تمام گھڻو پاڻي بھ استعمال نھ ڪجي ۽ صرف ايترو پاڻي استعمال ڪجي جيئن چونو پائوڊر جي صورت اختيار ڪندو رھي.

چوني کي ٺارڻ بعد انھيءَ کي ڪنھن ڍڪيل چاپري اندر ھڪ يا ٻھ ڏينھن ڇڏيو وڃي تھ جيئن انھيءَ ۾ ڪي رھجي ويل ڳنڍا ۽ ڳوڙھا پڻ چڱيءَ طرح ٺري پائوڊر جي صورت اختيار ڪن. انھيءَ کان پوءِ ان کي ھڪ انچ اندر 10x10 خانن واري ڄاريءَ  يا ڇاڻي رستي ڇاڻيو وڃي.

ٺاريل چن کي ڏھن ڏينھن اندر استعمال ڪيو وڃي ۽ انھيءَ کي پاڻيءَ جي ھوديءَ ۾ ٻڏل رھڻ گھرجي.

جيئن گھڻو ڪري پلستر ۽ ڇتين کي ٿڌي رکڻ لاءِ ان ۾ سڻي، ريتي ۽ سيمينٽ ملائي، گچ ٺاھي، ليپي يعني تھھ ڏيڻ ۽ جاين جي نقش و نگار لاءِ پلاسٽر آف پئرس ملائي استعمال ڪيو ويندو آھي.

١٤- Cement Mortar))

ھن قسم جو ڳچ نشاندھي ڪيل تناسب جھڙوڪ ١:١، ١:٢، ١:٣، ١:٤، ١:٥ ۽ ١:٦ وغيره، مطلب تھ ھڪ حصو سيمينٽ ۽ ھڪ کان ڇھھ يا ان کان وڌيڪ حصا جابلو ريتيءَ جو ھئڻ گھرجي. ھن قسم جي مسالي يا گچ ۾ ھميشه ڇاڻيل ريتي استعمال ڪرڻ گھرجي. ھن قسم جو گچ عام طرح سان ٻن طريقن رستي ٺاھيو ويندو آھي. ھڪ ھٿ جي ملاوٽ (Hand mixing) ۽ ٻي مشيني ملاوٽ (Machine mixing) ٻنھي طريقن جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

·       ھٿ رستي ملاوٽ   Hand mixing))

ھن قسم جو طريقو ٿوري مقدار ۾ گھربل گچ جي نوعيت وارن ڪمن ۾ اختيار ڪيو ويندو آھي ھن طريقي سان گچ ٺاھڻ لاءِ سڀ کان پھريائين ھڪ اڻ ٽمندڙ ٿلھو يا دڪو (Non- porous platform) ٺاھيو ويندو آھي. ڇاڻيل ريتيءَ کي سڪل حالت ۾ ڄاڻايل ماپ جي حساب سان ڍڳ جي صورت ۾ انھيءَ ٿلھي تي رکيو ويندو آھي ۽ ڄاڻايل تناسب سان سڪل سيمينٽ کي ريتيءَ جي ڍير مٿان ھڪ ڪرو پٿاريو ويندو آھي. انھيءَ کانپوءِ انھن ٻنھي شين کي سڪل حالت ۾ ڪوڏر يا بيلچي سان ٻھ يا ٽي دفعا ڪلٽيون ڏيئي ملائبو آھي تھ جيئن ريتي ۽ سيمينٽ پاڻ ۾ ملي ھڪ ڪري رنگ جا ٿي وڃن. ان بعد انھيءَ سڪل مسالي جي ڍير  جي وچ ۾ ٿوري کڏ (Depression) ٺاھي ويندي آھي. انھيءَ کان پوءِ گھربل مقدار ۾ آھستي آھستي پاڻي ملائي ٻھ يا ٽي دفعا ڪلٽيون ڏيئي گچ (Mortar) ٺاھبو آھي. عام طرح سان ھڪ سيمينٽ جي ٻوريءَ جي گچ ٺاھڻ لاءِ اٽڪل ٢٨ ليٽر پاڻي استعمال ٿيندو آھي.

ھن ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ گچ ھميشه ايتري مقدار ۾ ٺاھيو وڃي، جيترو اڌ ڪلاڪ اندر استعمال ٿي سگھي. پاڻيءَ سان ملي تيار ٿيل گچ اگر اڌ ڪلاڪ اندر استعمال نھ ٿيندو تھ اھو ڄمڻ (Set) لڳندو ۽ استعمال لائق نھ رھندو. اھڙو گچ خارج ڪيو وڃي.

·       مشين مڪسر رستي ملاوٽ  Machine  mixing))

ھن طريقي جي ملاوٽ ۾ پھرين گھربل انداز جو ٥ يا ١٠ سيڪڙو پاڻي ملاوٽ واري مشين جي ڊرم ۾ وڌو وڃي. انھيءَ کان پوءِ سڪل حالت ۾ پوريءَ طرح ۽ گھربل تناسب سان ملايل سيمينٽ ۽ واريءَ جي ملاوٽ کي مڪسر اندر وجھي ايتريقدر ملائجي، جيئن ھڪ ڪرو ۽ موافق گچ ٺھي وڃي.

ھيءُ طريقو وڏن ڪمن لاءِ جتي مسالي جو گھڻو مقدار درڪار ھوندو آھي، اختيار ڪيو ويندو آھي، جيئن شروعاتي ڄمڻ (Initial Setting) کان اڳ استعمال ٿي وڃي.

١٥- White Lime Mortar))

ھن قسم جو گچ ڄاڻايل مقدار ۾ ٺاريل چن (Slaked Lime) ۽ جابلو ريتيءَ (Hill Sand) کي گھربل تناسب (جھڙوڪ ١:١، ١:٢ يا ١:٣ وغيره) کي ملائي ۽ انھيءَ کي ڍڳن يعني ڏاندن رستي ھلندڙ گھاڻي (Bullock-driven mortar mill) يا مشيني قوت رستي ھلايل چڪيءَ (Power-driven mortar mill) ۾ پيھين ٺاھيو ويندو آھي.

استعمال ٿيندڙ چن کي ھميشه ڪم واري ھنڌ ھڪ انچ اندر ٦٤ خانن واري ڇاڻي مان ڇاڻي ۽ ٺاري ٺاھيو ويندو آھي. ننڍن ڪمن ۽ مرمت وارن ڪمن لاءِ کڏون کوٽي انھيءَ اندر ھن قسم جو مسالو تيار ڪري سگھجي ٿو.

گھاڻي ۾ تيار ٿيل گچ واسطي ھميشه پھرين چن ۽ واري کي سڪل حالت ۾ ملايو ويندو آھي ۽ انھيءَ بعد گھاڻي اندر پاڻي ملائي گھٽ ۾ گھٽ ١٨٠ گھمرا ڏيئي ٺاھيو ويندو آھي.

ھن قسم جو گچ ھميشه ايتري انداز ۾ ٺاھيو وڃي جيترو ھڪ ڏينھن اندر استعمال ڪري سگھجي. اھڙيءَ طرح ھر ٻئي ڏينھن تازو گچ ٺاھيو وڃي ۽ گذريل ڏينھن جي ٺاھيل ۽ بچيل گچ کي اڇلائي خارج ڪيو وڃي.

جيڪڏھن سيمينٽ ۽ سڻيءَ جي استعمال جي ضرورت ھجي تھ ڄاڻايل ۽ گھربل انداز ۾ ٺھيل چن جي گچ ۾ مختلف کيپن سان ايتري انداز ۾ ٺاھي استعمال ڪبو رھجي جيترو اڌ ڪلاڪ اندر استعمال ٿي سگھي. اھڙي قسم جو گچ (چن ۽ نيرو پلستر (Lime neru plaster) جي ڪم ۾ استعمال ٿيندو آھي.

١٦-(Mud Mortar)

ھن قسم جو گارو سٺي، ٺوس، ڪلر ڪچري ۽ اڏوھيءَ کان پاڪ مٽيءَ مان ٺاھيو ويندو آھي.

ھن قسم جو گارو زمين جي صاف ٽڪري تي پاڻي ملائي ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻھ ڏينھن خوب طرح سان لتاڙي ٺاھيو ويندو آھي، جيئن انھيءَ ۾ چڱيءَ طرح وٽ (Plasticity) اچي وڃي ۽ انھيءَ ۾ مليل مٽيءَ جا ڀتر بلڪل چڱيءَ طرح گاري ۾ ملي وڃن ۽ انھيءَ ۾ ڪنھن بھ قسم جا ڳنڍا ۽ ڳوڙھا رھجي نھ وڃن.

جيڪڏھن مٽي ايتريقدر چيڪي آھي جو گارو استعمال کان پوءِ سڪڻ بعد ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪرڻ جو انديشو آھي تھ اھڙي مٽيءَ ۾ ڪجھھ ڪاري درياھي واري (River Sand) استعمال ڪرڻ ۾ ڪو ھرج ڪونھي.

باب ٽيون

سرن جي اوساري(Brick Masonary)

١-(Technical Terms):

سرن جي اوساريءَ جي فن ۽ انھيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف اوساريءَ جي ترتيبن کي چڱيءَ طرح سان بيان ڪرڻ واسطي انھيءَ فن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنيڪي لفظن جي وصفن جي ڄاڻ رکڻ نھايت ئي ضروري آھي تھ جيئن ھن قسم جي فن کي سمجھڻ ۾ دقت محسوس نھ ٿئي. انھيءَ واسطي ھن ڪاريگريءَ ۾ عام طرح سان استعمال ٿيندڙ لفظن جي وضاحت، ھيٺ بيان ڪجي ٿي:

               (i)      ٻانھين (Stretchers): عام معياري سر جي ٻن ٩ انچ ڊگھن پاسن کي سڏيو وڃي ٿو. ڏسو شڪل نمبر (i)  ٣.

            (ii)      سيرو  (Headers): سر جي ٻن 41/2  انچ ويڪرن پاسن کي ڪوٺجي ٿو. ڏسو شڪل نمبر (3-i).

         (iii)      ڪڇ (Quoin): ڀت جي انھيءَ ٻاھرين ظاھر ڪنڊ کي چئجي ٿو جيڪا ڪنھن بھ سر جي سڌي بار (Course) مٿان سرن جي عمودي صورت ۾ ملڻ سان ٺھي ٿي. ھن جو ھڪ پاسو ۽ ھڪ ڪنڊ ھڪ طرف کان اسٽريچر (Stretcher) جي صورت ۾ ۽ ٻيو پاسو ھيڊر (Header) جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. ڏسو شڪل نمبر (٤).

دراصل، لفظ “Quoin” فرينچ ٻوليءَ جي لفظ “Coin” مان نڪتل آھي، جنھن جو مطلب آھي ڪنڊ (Angle or Corner).

         (iv)      اسڪئنٽ ڪوائن (Squint Quoin): اھڙي نموني ۾ گھڙيل يا ٽڪيل سر جنھن رستي عمودي ڪنڊ کان علاوه ٻئي ڪنھن بھ نموني جي سوڙھي (Acute) يا ويڪري (Obtuse) ڪنڊ ٺھي تھ انھيءَ کي اسڪئنٽ ڪوائن (Squint Quoin) ڪوٺجي ٿو. (ڏسو شڪل نمبر 3-ix

            (v)      دٻي  (Frog): سر مٿان وچ ۾ ٺاھيل اھا کڏ جنھن ۾ اڪثر طور سرن ٺاھيندڙ ڪمپنيءَ جو مختصر نالو پڻ ڄاڻايل ھوندو آھي انھيءَ کي “Frog”  يا  “Indent” سڏيو ويندو آھي، ھيءَ کڏ گاري يا مسالي ڀرڻ سان ٻن سرن درميان پڪڙ يا گرفت مھيا ڪرڻ ۽ سر جو وزن گھٽائڻ جو پڻ ڪم ڏيئي ٿي.

استعمال جي لحاظ کان ھڪ معياري سر کي ٽڪي ۽ ضرورت مطابق ڪم آڻڻ دوران ھيٺ ڄاڻايل فني اصطلاح چوڻ ۾ اچن ٿا:

         (vi)      ڊيلي  (Queen Closer): سر کي ڊگھائيءَ ۾ ٽڪي ٻن21/4 انچ ويڪرن ۽ ٩ انچ ڊگھن حاصل ڪيل حصن کي چئجي ٿو. (ڏسو شڪل نمبر 3-vi).

ھي اڪثر طور تي “Quoin Header”  کي گھربل پدو (Lap) چاڙھڻ واسطي استعمال ڪيا ويندا آھن. ٻن اڌ Queen Closers کي پاڻ ۾ ملائي Queen Closer طور ڪم آڻي سگھجي ٿو.

(vii) ڪنگ ڪلوزر (King Closer): ديوارن ۾ دروازا، دريون، روشندان ۽ ٻيون اھڙيون شيون مھيا ڪرڻ واسطي ڇڏيل خالن (Openings) جي ٻانھين (Jambs) وٽ سرن جي ھر ٻئي بار مٿان ھڪ Header face ۽ پوءِ Closer يا سر جو ¼ ويڪرو حصو ضرور لڳائڻا پوندا آھن. انھيءَ واسطي انھيءَ سان گڏوگڏ سر جي ¼ حصي جيتري اوچائيءَ گھٽائڻ ۽ لڳاتار اڀن جوڙن نھ ٺاھڻ واسطي ٻن سرن جي ٻن ٽڪيل حصن يا ٽڪرن کي استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ انھن کي ئي “King Closers”ڪوٺيو ويندو آھي. (ڏسو شڪل نمبر 3-iv).

ھنن جي استعمال سان ڀتين جي خالن جا پاسا ڪنھن بھ گھربل صورت ۾ ٺاھي سگھبا آھن.

(viii)      سرن جا ٽڪر يا ٽوٽا (Bats): ڊيگھھ يا ويڪر جي رخ ۾ ڀڳل سرن جي ٽڪرن يعني ”ٽوٽن“ کي Bats چئجي ٿو جھڙوڪ: اڌ، چوٿ وغيره (ڏسو شڪل نمبر  3-ii ۽ iii).

(ix)           بويلڊ بئٽس (Bevelled Bats): مٿي ڄاڻايل King Closer استعمال ڪرڻ جي مقصد جي لحاظ کان شڪل نمبر viii ۽ 3-vii ۾ ڏيکاريل شبيھھ وارن سرن جي ٽوٽن کي Bevelled Bats ڪوٺيو ويندو آھي.

شڪل نمبر ٣

(سرن جي مختلف حصن جا ڪجھھ نالا ۽ شڪليون)

 

(x)             فالس ھيڊرس (False Headers): اوساريءَ جي ٻنڌ (Bond) جي ترتيب کي پوري ڪرڻ ۽ انھيءَ کي برقرار رکڻ واسطي استعمال ٿيندڙ سرن جي اڌڙن کي False Headers ڪوٺجي ٿو. (ڏسو شڪل نمبر (iii) ٦).

(xi)           ھرٽنگ (Hearting): ديوار جي سامھين ۽ پٺئين پاسي جي وچ واري حصي کي Hearting سڏجي ٿو.

(xii)        ٻانھيون (Jambs): ديوارن ۾ دروازن، درين ۽ روشندانن لڳائڻ واسطي ٺاھيل جارن (Openings) جي اڀن پاسن کي Jambs چئجي ٿو. (ڏسو شڪل نمبر ١١)

(xiii)      رويلس (Reveals): دروازن يا دري وغيره جي چؤڪاٺي يا فريم ۽ جاري جي وچ ۾ بچيل جڳھھ کي Reveal چئجي ٿو. (ڏسو شڪل ١١)

(xiv)       پٺ (Backing): ديوار جي لڪل ۽ نظر نھ ايندڙ پٺين سطح کي Back يا Backing ڪوٺجي ٿو.

(xv)         مھڙ  (Facing): ديوار جي ٻاھرين ظاھر ۽ سامھون نظر ايندڙ سطح کي Facing سڏجي ٿو.

٢-(Brickwork Bonds):

اوساريءَ جي ڪابھ ترتيب جنھن ۾ سرن کي مسالي رستي پاڻ ۾ اھڙيءَ ريت جڪڙيو وڃي جيئن ديوار جي ظاھر توڙي باطن وارن حصن ۾ لڳايل سرن جي ھڪ ٻئي مٿان بارن ۾ لڳاتار عمودي جوڙ نھ ھجن تھ انھيءَ کي ٻنڌ (Bond) يا ٻنڌڻ(Bonding)  ڪوٺيو وڃي ٿو.

عملي لحاظ کان ٻنڌن جي ترتيب جا اٽڪل اٺ قسم آھن. (ڏسو شڪل ٩). جھڙوڪ:

(i) اسٽريچر بانڊ

Stretcher Bond

(ii) ھيڊر بانڊ

Header Bond

(iii) انگلش بانڊ

English Bond

(iv) فليمش بانڊ

Flemish Bond

(v) رئڪنگ بانڊ

Raking Bond

(a)  ڊاياگونل بانڊ

Diagonal Bond

(b) ھيرنگ بون بانڊ

Herring-bone Bond

 (vi)گارڊن وال بانڊ

Garden wall Bond

 (vii) ڊچ بانڊ

Dutch Bond

(viii) انگلش ڪراس بانڊ

English Cross Bond

مٿي ڄاڻايل ٻنڌن جي مختلف نمونن مان ڪن چند عام ۽ اھم قسم جي ترتيبن جو مختصر بيان ھيٺ پيش ڪجي ٿو.

١: (Stretcher Bond):

ھن ترتيب ۾ اوساريءَ جا سڀيئي بار سلسليوار ۽ سرن جي ڊگھائيءَ جي رخ جي صورت م ۽ اھڙي نموني لڳايا ويندا آھن جيئن ھر بار جا عمودي جوڙ انھيءَ جي ھيٺئين ۽ مٿئين بار جي عمودي جوڙن سان نھ ملن، جيئن (شڪل نمبر 4-i) ۾ ڏيکاريل آھي.

ھن قسم جي ترتيب پردي ديوارن (Partition walls) ۽ پورين ديوارين (Cavity walls) لاءِ موزون رھي ٿي.

٢: (Header Bond):

ھن ترتيب ۾ ديوار جي ڊيگھھ جي رخ ۾ سڀيئي سرون (Headers) صورت ۾ لڳايون وينديون آھن، جيئن شڪل نمبر (4-ii) ۾ ڏيکاريل آھي. کوھن، گولائيءَ وارن مٿاڇرن (Curved Surface)، ڪانسن (Cornices) مورچن ۽ تمام ٿلھين ديوارن لاءِ ھيءَ ترتيب موزون رھي ٿي.

٣: English Bond)):

ھن قسم جي ٻنڌ جي ترتيب ۾ ھڪ ٻئي (Alternate) جي حساب سان Stretchers ۽  Headers کي ھڪ ٻئي سان ۽ ھڪ ئي لائين يعني رخ ۾ اھڙي نموني لڳايو ويندو آھي جيئن ھر ٻيو ھيڊر، اسٽريچر جي وچ جي آڌار تي رھي، جيئن شڪل نمبر 4-iv ۾ ڏيکاريل آھي.


 

 

شڪل نمبر ٤

(اوساريءَ جي بنيادي جورجڪ)

ھن قسم جي ترتيب ۾ ٻڌل مختلف ٿولھھ وارين ديوارن جي مشاھدي ڪرڻ سان، جيڪي شڪل نمبر ٥ ۾ ڏيکاريل آھن، ھيٺ ڄاڻايل اھم نڪتن جي ڄاڻ پوي ٿي، ۽ انھن کي چڱيءَ طرح ذھن نشين ڪرڻ گھرجي:-

(i)                          ھر ھڪ Heading Course  ۾ پھرئين Header سان لڳ Queen Closer ضرور لڳائڻي آھي. جڏھن تھ Stretcher Course ۾ ڪنھن بھ قسم جي Closer لڳائڻ جي ضرورت نھ آھي.

(ii)                       ساڳئي بار يعني ردي ۾ ديوار جي آرپار سڀئي جوڙ لڳاتار آھن. يعني ترڇائيءَ (Transversely) ۾ جوڙن کي ڀڃڻ جي ضرورت نھ آھي. انھيءَ کان علاوه ديوار جي وچ ۾ (In Hearting) سڀيئي سرون Headers جي صورت ۾ لڳايون وڃن ٿيون.

(iii)                     جيڪڏھن ديوار جي ٿولھھ انھيءَ حساب سان رکي وڃي ٿي جيئن انھيءَ ۾ سڄي سر ڪتب اچي، جھڙوڪ: ھڪ سري، ٻھ سري ۽ ٽھ سري وغيره، تھ انھيءَ حالت ۾ ديوار جو اڳيون ۽ پٺيون ظاھري ڏيک (Elevation) ھڪ جھڙو نظر اچي ٿو مطلب تھ ٻنھي ڏيکن ۾ يا تھ سڀئي Headers  نظر اچن ٿا يا سڀئي Stretchers.

(iv)                      جيڪڏھن ديوار جي ٿولھھ ۾ ڪا بھ اڌسر استعمال ٿئي ٿي، جھڙوڪ:- ڏيڍ سري، اڍائي سري وغيره، تھ ساڳئي بار جو سامھون ۽ پٺيون ڏيک مختلف رھي ٿو.

(v)                        ديوار جي ڪنڊن تي Header  جو بار ( Course) ڪنڊ جي ھڪ ظاھري مھڙ (face) تي ساڳيءَ ئي ليول تي ٻيءَ مھڙ وٽ Stretcher جي صورت ۾ بدلجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org