سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :4

ھن قسم جي ترتيب ۾ ديوارن کي پاڻ ۾ گوني ڪنڊ تي جڪڙڻ واسطي شڪل نمبر (6-i) ۾ ڏيکاريل طريقو استعمال ڪيو ويندو آھي. جنھن ۾ ديوارن جي ھڪ ٻئي وچان گذر (Intersection) واري ڪنڊ کان 41/2 انچ پري مکيھ ديوار جي ھر ٻئي ردي (Alternative Course) ۾ Closer داخل ڪرڻ سان ۽ 2 1²/4  اوچي ۽ ترڇي ديوار (Cross wall) جي ٿولھھ جيتري ٿلھي جڳھھ ڇڏڻ گھرجي.

شڪل نمبر ٥

(ديوار جي آزاد ڇيڙن ۽ ڪنڊن وٽ انگلش بانڊ ۾ اوساريءَ جي جوڙجڪ)

جيئن ترشي ديوار مکيھ ديوار ۾ چڱيءَ طرح ڦٻي وڃي. شڪل نمبر (6-i) الف ۽ ب مطابق ¾ سر استعمال ڪرڻ سان سرن جي ٽڪڻ جي محنت ۽ زيان جو بچاءُ ٿئي ٿو.

انگلش بانڊ جي ترتيب سان ٺھندڙ مختلف ٿولھھ جي سرن جي ٿنڀن ٺاھڻ جو طريقو شڪل نمبر ٦ مطابق رٿيو وڃي.

٤: (Flemish  Bonds):

ھن قسم جي ٻنڌ ۾ ساڳئي ئي ھڪ بار (Course) ۾ ھڪ ڇڏي ٻئي جي حساب سان (Alternatively) سلسليوار پھرين Stretcher ۽ انھيءَ سان لڳ Header رکيا ويندا آھن. ھر ٻئي بار ۾، انگلش بانڊ ريت، انھيءَ جي ڇيڙي تي Queen Header لڳائڻ کان پھرين Queen Closer لڳايو ويندو آھي جيئن صحيح نموني جو چڙھاڪو (lap) ٺھي بيھي، جيئن شڪل نمبر ٧ ۾ ڏيکاريل آھي.

ھن قسم جي ترتيب ۾ ھر ھيڊر جو وچ ھر ھيٺئين اسٽريچر جي وچ جي آڌار تي بيٺل رھندو آھي. ھن قسم جي ترتيب واري اوساريءَ سان انگلش بانڊ جي ڀيٽ ۾ ديوار جو ٻاھريون ڏيک وڌيڪ خوبصورت ٿيندو آھي ليڪن، گھٽ Header لڳائڻ ۽ ديوار جي اندرئين حصي (Hearting) ۾ لڳاتار اڀن جوڙن ھئڻ سبب انگلش بانڊ جي ڀيٽ ۾ انھيءَ جي ترڇي قوت (Transverse Strength) قدري گھٽ رھندي آھي. انھيءَ جو اندازو شڪل نمبر 8-iii ۾ ڏيکاريل 13 ½ انچ ٿلھي ديوار جي حصي مان لڳائي سگھجي ٿو.

ھن قسم جي ٻنڌ جا ٻھ نمونا ٿين ٿا ھڪ ”سنگل فليمش بانڊ“ ۽ ٻيو ”ڊبل فليمش بانڊ“ ھر ھڪ نموني جو مختصر تفصيل ھيٺ بيان ڪجي ٿو:-

(الف) سنگل فليمش بانڊ (Single Flemish Bonds):

ھيءَ فليمش بانڊ ۽ انگلش بانڊ جي ھڪ قسم جي گڏيل جوڙجڪ آھي جنھن ۾ بار جو صرف ٻاھريون پاسو فليمش بانڊ جي صورت ۾ ۽ ٻيو پٺيون ۽ اندريون حصو انگلش بانڊ جي صورت ۾ لڳايو ويندو آھي. ھن قسم جي جوڙجڪ جو مقصد سرن جي ديوار کي اصلي ٻنڌ جي صورت ۾ ٻاھران دلڪش رکڻ ھوندو آھي جڏھن تھ پلستر صرف پٺئين پاسي مٿان چاڙھيو ويندو آھي.
 

شڪل نمبر ٦

شڪل نمبر ٧

ھن قسم جي ديوار گھٽ خرچ سان وڌيڪ خوبصورت ٺاھي ويندي آھي ڇاڪاڻ تھ ٻاھرين مھڙ کي ڇڏي ٻي سموري ديوار ۾ ڪجھھ سستيون سرون سولائيءَ سان استعمال ڪري سگھبيون آھن.

(ب) ڊبل فليمش بانڊ  (Double Flemish Bonds):

ھن قسم جي ٻنڌ ۾ ديوار جي ٻنھي پاسي فليمش بانڊ ۾ اوساري ڪرڻي پوندي آھي ۽ ھيءُ نمونو اھڙين ديوارن لاءِ ڪارآمد رھندو آھي جن ۾ ديوار جي ٻنھي پاسن کي دلڪش بنائڻو ھوندو آھي ۽ انھن مٿان پلستر ڪرڻو نھ ھوندو آھي. انھيءَ کان علاوه، ھن ٻنڌ ۾ ڪافي انداز ۾ اڌ ۽ منيون سرون استعمال ڪرڻيون پونديون آھن جنھن سبب ٽائيم ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ اوساري ڪرڻ دوران ڪافي سرون بيڪار ٿي وينديون آھن، ڇاڪاڻ تھ گھربل سائيز ۾ ھر ھڪ سر کي ڀڃي پورا ٻھ حصا ڪرڻ ناممڪن آھي.

مٿين ٻنھي فليمش بانڊن ۾ مختلف ٿولھھ وارين ديوارن جي اڀياس ڪرڻ سان ھيٺ ڄاڻايل نمايان نڪتا ذھن نشين ٿين ٿا:-

(i) Header سان شروع ٿيندڙ بار ۾ پھرئين ھيڊر سان لڳ Queen Closer  لڳائڻ جي ضرورت پوي ٿي.

(ii) ديوارن جي ڪنڊن وٽ ھڪ مھڙ تي لڳايل Header، ڀر واري مھڙ تي Stretcher جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿو. نتيجي ۾ انگلش بانڊ وانگر Closer جدا جدا نموني (chequerwise) جوڙي بيھاريا وڃن ٿا.

               (i)      ڪن حالتن ۾ گھربل نظاري واسطي سرن جي اڌڙن (1/2 Bats) کي مصنوعي ھيڊرن (False Headers) طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيئن شڪل نمبر 6-(iii) ۾ ڏيکاريل آھي.

٥:(Herring Bone Bonds):

سرن جي فرشن جي نقشڪاريءَ واسطي ھن قسم جي ٻنڌ پسند ڪئي ويندي آھي. ھن ۾ شڪل نمبر 9-(ii) مطابق ٻنھي طرفن کان ۽ وچ کان ٤٥٠ تي سرون لڳايون وينديون آھن.

 شڪل نمبر ٨

(131/2 ٿلھي ديوار جا مختلف حصا)

شڪل نمبر٩

٦: (Garden Wall  Bonds):

ھن قسم جي ٻنڌ احاطن، اڱڻن ۽ باغن جي چؤڌاري لڳايل ديوارن، وچ منجھان پؤرين ديوارن (Cavity Walls) جي مھڙ ۽ ٻين اھڙن مقصد وارين ديوارن واسطي استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن قسم جي ٻنڌ ۾ ٺاھيل ديوارن جو اڳ ۽ پٺ انگلش بانڊ يا فليمش بانڊ جي نمونن مان ڪنھن بھ ھڪ نموني ۾ ٺاھيو ويندو آھي. ڏسو شڪل نمبر   (v) ] ۽ 9-(iv) [.

٣-(CAVITY WALLS)؛-

        گرميءَ ۽ سرديءَ جي اثر ۽ برسات وغيرھ دوران پاڻيءَ جي سيڪ جي اثر جو مقابلو ڪرڻ واسطي ھن قسم جون پڪل سرن جون ديوارون نھايت ئي فائديمند رھن ٿيون.

        ھن قسم جي ديوارن ٺاھڻ واسطي اڪثر طور تي گھٽ ۾ گھٽ  41/2 انچ ٿلھين ٻن ديوارن جي وچ ۾ ٢ انچن کان 21/2 انچ تائين سنھون ۽ اڀو خال ڇڏيو ويندو آھي، جنھن سبب سر جي قدرتي انسوليشن (Insulation) ۽ اھڙن ٻن تھن جي وچ ۾ ھوا جي خال ڇڏڻ سان ديوارن جي انسوليشن (Insulation) ۾ وڌيڪ ۽ خاصو اضافو ٿيندو آھي. اھو خال ڪنھن بھ صورت ۾ ٢ انچن کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. تجربن رستي اھو بھ معلوم ٿئي ٿو تھ ١١ انچن جي ٿلھي ۽ ٺوس ديوار جي ڀت ۾ ٻن 41/2  انچن وارين ديوارن وچ ۾ ٢-١ انچ ھوا جي خال واري ديوار جي انسوليشن (Insulation) ۽ مينھن وغيرھ جي پاڻي جلدي سڪي وڃڻ ۾ ڪافي سڌارو ۽ واڌارو اچي ٿو. ٻنڌ پٽين (Ties) جي استعمال ڪرڻ ۽ پختي نگرانيءَ ھيٺ صحيح طرح جوڙ ٺاھڻ سان ھن قسم جون ديوارون وڌ ۾ وڌ اٽڪل ٢٥ فوٽن جي اوچائيءَ تائين ٺاھي سگھجن ٿيون ۽ انھن جي ڊيگھھ٣٠ فوٽن کان وڌيڪ ھرگز نھ رکڻ گھرجي. وڌيڪ ڊيگھھ واسطي انھن کي مختلف حصن ۾ ورھائڻ گھرجي.

        سرن جي ٻن عليحده اڀين ڀتين (Skins) کي مضبوط ۽ قائم رکڻ واسطي خاص قسم جي لوھھ جون ٻنڌ پٽيون استعمال ڪيون وينديون آھن، جن کي Cavity Wall Ties سڏيو ويندو آھي. ھيءُ پٽيون ٻنھي اڀين ڀتين مٿان مسالي جو تھھ چاڙھي ۽ انھن مٿان آر پار رکي لڳايون وينديون آھن.

٤-(CAVITY WALL TIES)؛-

        اھي ٻن قسمن جون ٿينديون آھن: ھڪ وڪڙ واريون جن کي “Twist Type” چئبو آھي ۽ ٻيون پوپٽ جي شڪل واريون جن کي “Butterfly Type” سڏيو ويندو آھي. ٻنھي نمونن جي ٻنڌ پٽين ٺاھڻ ۾ جست جو ملمعو چڙھيل لوھھ (Galvanised Iron) استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ اھي 3"/8 x 3"/16 سائيز جون ٿينديون آھن جيڪي افقي لحاظ کان وڌ ۾ وڌ ٽن ٽن فوٽن جي مفاصلي تي ۽ عمودي لحاظ کان وڌ ۾ وڌ ١٨ انچن جي مفاصلي تائين لڳايون وينديون آھن.

        Twist Type پٽين جا ڇيڙا مڇيءَ جي پڇن (Fish Tailed) وانگر ٺاھيا ويندا آھن جيئن اھي مسالي (Mortar) سان ٻڌجي چڱيءَ طرح قابو ٿي بيھن ۽ انھن ٻنھي پڇن جي وچ ۾ وڪڙ ڏنو ويندو آھي جيئن پاڻي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيري تائين نھ پھچي سگھي، جيئن شڪل نمبر (i) ١٠ ۾ ڏيکاريل آھي.

        “Butterfly Type” ٻنڌ پٽيون (ڏسو شڪل نمبر (ii)١٠) جست جي ملمعي چڙھيل (Galvanised) لوھھ جي تار مان ٺاھيون وينديون آھن ۽ انھن کي ٻن اڀن تھن جي مٿين سڌن بارن مٿان مسالي سان ائين قابو ڪيو ويندو آھي جيئن انھن جو ھڪ پر ھڪ ڀت جي بار مٿان، ٻيو پر ٻيءَ ڀت جي بار مٿان بيھي ۽ انھن جي گجِي خال جي وچ  ۾ ائين رھي جيئن پوپٽ ٻنھي تھن مٿان ٽنگيل نظر اچي. ائين ڪرڻ سان پاڻي انھن منجھان ڦڙو ڦڙو ٿي ڳڙي ويندو ۽ ھڪ ڀت مان ٻيءَ ڀت تائين نھ پھچي سگھندو.

        ڪن ماھرن جي خيال موجب پوپٽ نما ٻنڌ پٽيون ڪوشش ڪري ھرو ڀرو استعمال نھ ڪرڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تھ اوساريءَ جي ڪم ھلڻ دوران وٿيءَ (Cavity) ۾ مسالي ڪرڻ جو ڪافي امڪان رھي ٿو ٽائيز جي  ٽڪنڊن اندر مسالي رھجي ۽ ڄمي وڃڻ جا ڪافي اتفاق رھن ٿا.

        ٻنڌ پٽيون سڌيءَ حالت ۾ ھر ٣ فوٽن تي ۽ عمودي حالت ۾ 11/2 فوٽ جي

ھتي صفحو نمبر ٣٩ تي موجود تصوير لڳندي

شڪل نمبر ١٠  پوريون ديوارون ۽ ٻنڌ پٽيون

مفاصلي تي لڳائڻ گھرجن جيئن شڪل نمبر (iii)١٠ ۾ پؤرين ديوارن جي ھڪ حصي ۽ بنياد ۾ ڏيکاريل آھي.

        ٻنھي ديوارن جي وچ واري اڀي خال ۾ ٻنڌ پٽين کان سواءِ ٻئي ڪنھن بھ قسم جي رنڊڪ نھ ھئڻ گھرجي. ڪم ھلڻ دوران خال ۾ مسالي ۽ سرن جي ٽڪرن جي ڪرڻ جي بچاءُ واسطي سڻيءَ جي ڳوڻ ويڙھيل ڪاٺ جون تختيون استعمال ڪرڻ گھرجن ۽ اوساريءَ جي رفتار جي مٿي چڙھڻ جي رفتار سان گڏ انھن پٽين کي پڻ ڇنڊي صاف ڪري مٿي ھلائبو رھجي.

        وڌيڪ بھتر انسوليشن (Insulation) واسطي ٻاھرين ديوار 41/2 انچ ٿلھي پڪين سرن جي، اندرين ديوار ٤ انچ ٿلھي ھلڪن ڪانڪريٽ بلاڪن  (Light Weight Concrete Blocks) جي ۽ ٻنھي ديوارن جي وچ ۾ ٢ انچ خال ڇڏڻ سان ٺاھي سگھجي ٿي (ڏسو شڪل نمبر (iv)١٠). ھن قسم جي ڀتين ۾ مٿئين منزل جي بار کڻڻ جي قوت پڻ رھي ٿي. ھن قسم جي بلاڪن ۾ سنھن خالن (Porous) ھئڻ سبب کين زمين جي سطح کان ھيٺ استعمال نٿو ڪري سگھجي.

٥- (Damp Proof Course i.e. D.P.C)؛-

        سرن ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي خاصيت ٿئي ٿي انھيءَ سبب ڪري جاءِ جي سڀني ديوارن ۾ پلنٿ ليول مٿان ڪنھن غير جاذب شيءِ جو تھھ ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي جنھن کي عام طرح سان ”ڊي-پي-سي“ چيو وڃي ٿو. ھيءَ تھھ ھيٺينءَ زمين جي آلاڻ کي سرن جي سوراخن منجھان مٿي چڙھڻ کان روڪي ٿو. پلنٿ ليول زمين جي ھموار ڪيل ليول کان گھٽ ۾ گھٽ ٦ انچ مٿي ھئڻ گھرجي، جيئن جاءِ جي ٻاھرين ديوارن جي چوڌاري ھوا تي اڏامي جمع ٿيل مٽي ۽ ٻيو گند ڪچرو آلو ٿي ديوار جي مٿئين ڜقڜڤۑ ڦۑ ڷڤڜإڷ صێغإیڼ ضۆ ښبب ڷێ بڼتضۑ حصي کي نقصان پھچائڻ جو سبب نھ بڻجي.

        انھيءَ واسطي اسان وٽ عام طرح سان 1:2:4 جي ملاوٽ جو 11/2" کان 3" ٿلھو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھھ ڏيئي انھيءَ مٿان ڏامر جا ٻھ تھھ چاڙھيا ويندا آھن. انھيءَ کان علاوھ مختلف علائقن ۽ مختلف ملڪن ۾ زمين جي نوعيت ۽ عمارت جي معيار مطابق ڊي-پي-سيءَ واسطي ايليومينم جون چادرون (Aluminum Sheets)، شيھي جون چادرون (Lead Sheets)، ڏامر جون چادرون (Bitumen Felts)، سليٽ پتر جون تختيون  (Two Courses of Slates)، غير جاذب قسم جون سرون، واٽر پروف سيمينٽ جھڙوڪ پڊلو ۽ غير جاذب نھرا پٿر وغيره استعمال ڪيا ويندا آھن. پڊلو گھڻو ڪري ھڪ عام سيمينٽ جي ٻوريءَ پويان ٥ پائونڊ استعمال ڪيو ويندو آھي ڇاڪاڻ تھ زيادھ پڊلو استعمال ڪرڻ سان سيمينٽ ڪانڪريٽ ۾ ڏار پيدا ٿي پوندا آھن.

ساڳئي مقصد سان برسات دوران پاڻيءَ جو مٿان کان ھيٺ رسي نقصان پھچائڻ کي روڪڻ واسطي ٽيڪي وارين ديوارن

شڪل نمبر ١١   سرن جي ديوارن وچ ۾ خال ڇڏڻ
 

(Parapet Walls) ھيٺان ڊي پي سيءَ جو تھھ چاڙھيو ويندو آھي.

        سم وارن علائقن ۾ ديوارن جي اندرئين ۽ ٻاھرئين يعني ٻنھي پاسن کان پلنٿ ليول تائين ڊي پي سيءَ جو اڀو تھھ چاڙھي انھيءَ کي پلنٿ ليول مٿان چاڙھيل ڊي پي سيءَ جي سڌي تھھ سان ملايو ويندو آھي.

ڊي پي سيءَ جو تھھ فرش جي ليول سان سنوت ۾ ھئڻ گھرجي. عام طرح سان پلنٿ ليول زمين جي ليول کان گھٽ ۾ گھٽ 11/2 فوٽ کان ٢ فوٽن تائين مٿي رکڻ موزون رھي ٿي.

        تمام ضروري نوٽ:- ڪن خاص حالتن کان علاوھ عام رواجي طرح بنياد ھيڊر بانڊ ۾، پردي ديوارون اسٽريچر بانڊ جي صورت ۾ بنياد کان مٿي ٩ انچن ۽ انھيءَ کان وڌيڪ ٿولھھ واريون ديوارون انگلش بانڊ جي صورت ۾ ٻڌيون وينديون آھن.

(Instructions Regarding Brick Masonary):

        سرن جي اوساري جيڪڏھن سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي مسالي سان درڪار آھي تھ استعمال کان اڳ ۾ سرن کي پاڻيءَ اندر گھٽ ۾ گھٽ ٻھ ڪلاڪ ٻوڙي پوءِ استعمال ڪرڻ گھرجي. مٽيءَ جي گاري

شڪل نمبر ١٢   ديوارن کي پوسل روڪ بڻائڻ

سان اوساريءَ جي حالت ۾ سڪل سرون استعمال ڪري سگھجن ٿيون. سرن جا بار يا ردا اھڙيءَ طرح لڳائڻ گھرجي جيئن سرن جي وچ ۾ ٺھيل کڏ يا ”دٻي“ جنھن کي انگريزيءَ ۾ “Frog” چئجي ٿو، اھو مٿي ھجي ۽ ھر ھڪ سر جي وچ ۾ سيمينٽ جو مسالو چڱيءَ طرح لڳائجي.

        عام طرح سان ڏٺو ويو آھي تھ سيمينٽ جي مسالي (Cement Mortar) ۽ ٽائيم جي بچت سبب ڪاريگر ھر ھڪ بار يا ردي ۾ ھڪ ٻئي سان گڏ سرون رکي پوءَ انھيءَ جي مٿان سيمينٽ جو مسالو پٿاري انھيءَ بعد سرن جو ٻيو بار (Course) چاڙھيندا آھن. اھو طريقو سرن جي اوساريءَ جي قائدي خلاف ۽ نقصانڪار آھي. انھيءَ ڳالھھ جو خاص ڌيان رکيو وڃي تھ مسالو ھر ھڪ سر جي اڀي جوڙ (Vertical Joints) ۾ ۽ ھر ھڪ بار مٿان چڱيءَ طرح لڳل ھجي، جيئن افقي ۽ عمودي جوڙ (Horizontal and Vertical Joints) مسالي سان جڪڙيل ۽ مضبوط رھن. اوساريءَ سان گڏ جوڙن وٽ درزون (Grooves) ڇڏيون وڃن جيئن پلستر ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. جيڪڏھن ڀت جي ٻاھران پلستر نھ ڪرڻو آھي تھ سرن جو ھڪ ڪرو پاسو سٺين ۽ چونڊيل سرن سان لڳايو وڃي. ڀتين ۾ جوڙ لڳائڻ لاءِ ڏاڪڻ وانگر سرون ڇڏيون وڃن يا ھر ٻئي ردي ۾ اڌ سر جي جڳھھ ڇڏي وڃي.

        اسان وٽ عام حالت ۾ ٩ انچن جي ٿولھھ واري سرن جي اوساري انگريزي بانڊ (English Bond) جي صورت ۾ ڪئي ويندي آھي.

        افقي جوڙ (Horizontal Joints) ھميشھ پوري وڇوٽيءَ تي ۽ ليول ۾ ھئڻ گھرجن. عمودي جوڙ (Vertical Joints) ھڪ بار يا ردو ڇڏي ٻئي مٿان ھڪ ئي عمودي لائين ۾ ھئڻ گھرجن. جوڙن جي ٿولھھ ¼ انچن ۽ 3/8 انچن جي وچ ۾ ھئڻ گھرجي ۽ اوساريءَ جي سموري ڪم ۾ يڪسان ھئڻ گھرجي.

        سيمينٽ جي مسالي سان ڪيل سرن جي اوساريءَ جي ترائي سيمينٽ جي آخري ماٺاڻ (Final Settlement) کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ١٠ ڏينھن ڪرڻ تمام ضروري آھي. گرميءَ ۾ سيمينٽ جو ڪيميائي عمل تڪڙو ۽ سرديءَ ۾ دير سان ٿيندو آھي. انھيءَ سبب ڪري سرديءَ جي موسم ۾ سيمينٽ واري ڪم جي ترائي ١٤ ڏينھن تائين ڪرڻ وڌيڪ بھتر آھي.

        سرڪاري ڪمن ۾ سرن جي ڪم جي ماپ ڪعب فوٽن ۾ ڪئي ويندي آھي ۽ جيڪڏھن اوساريءَ جي وچ ۾ ڪنھن خاص مقصد سبب ھڪ اسڪوائر فوٽ يا انھيءَ کان گھٽ خال ڇڏيو وڃي تھ انھيءَ کي اوساريءَ جي ماپ مان نھ ڪاٽجي.

٥-٣ اوساريءَ ۾ ڪم ايندڙ چند خاص اوزار ؛

(i) تيشي  -: (Brick Hammer)

ھيءُ اوزار سرن کي گھربل ماپ ۾ ٽڪڻ، سرن جي ٻڌڻ يا گھڙڻ ۽ ڪوڪن ٺوڪڻ جي استعمال ۾ ايندو آھي.

(ii) اسپرٽ ليول يا ھٿ واري ليول  -: (Sprit Level)

ھن کي سڌيءَ پٽيءَ (Straight Edge) سان گڏ استعمال ڪري افقي تھھ (Horizontal Surfaces)  صحيح طرح جانچڻ لاءِ ڪم آڻبو آھي.

(iii) ڪلب ھئمر يا لمپ ھئمر  -: (Club Hammer or Lump Hammer)

        ھيءُ ھٿوڙو سرن کي ٽڪڻ وقت سھاري ڏيڻ لاءِ ڪم ايندو آھي.

(iv) ڏور ۽ ڪليون  -: (Line and Pins)

ھيءُ سرن جي مختلف بارن کي صحيح نموني ۾ سنوت ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ايندا آھن.

(v) گونيا  -: (Mason’s Square)

        ھيءُ اوزار ڀتين جي ڪنڊن کي ٩٠ ڊگرين تي بيھارڻ جي ڪم ايندو آھي.

(vi) سڌي پٽي  -: (Straight Edge)

        ھيءُ سرن جي اوساريءَ جا پاسا سنوت ۾ بيھارڻ جي ڪم ايندي آھي.

(vii) ڪرني  -: (Trowel)

ھيءَ تغاريءَ مان مسالو کڻي ۽ انھيءَ کي صحيح نموني ۾ پٿارڻ ۽ جوڙن ٺاھڻ جي ڪم ايندي آھي.

(viii) شاھل -: (Plumb Rule)

ھيءَ اوساريءَ جي پاسن جي اوچائيءَ کي صحيح نموني ۾ ھڪ ڪرو رکڻ ۽ جانچڻ جي ڪم ايندي آھي.
 

شڪل نمبر ١٣        اوساريءَ ۾ ڪم ايندڙ چند خاص اوزار
 

شڪل نمبر ١٤

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org