سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :5

باب چوٿون

پٿر جي اوساري ۽ سيمينٽ ڪانڪريٽ بلاڪ جي اوساري

(Stone Masonary and Cement Concrete Block Masonary)

٤-   پٿر جي اوساري (Stone Masonary)

١-٤  اوساريءَ جا قسم (Type of Masonary)

        ھن قسم جي اوساريءَ جا ٽي نمونا يا طريقا آھن؛ ھڪ ڇيڻيءَ سان گھڙيل پٿر جي اوساري (Ashlar Masonary)، ٻي ھٿوڙن سان گھڙيل پٿرن جي اوساري (Coursed Rubble Masonary) ۽ ٽين اڻ گھڙيل پٿرن جي اوساري (Random Rubble Masonary). ھنن ٽنھي قسمن جي اوساريءَ جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

4-1  :1  ڇيڻيءَ سان گھڙيل پٿرن جي اوساري (Ashlar Masonary) ؛-

        ھن قسم جي پٿر جي اوساريءَ واسطي حڪومت جي منظور ڪيل پٿرن جي کاڻ (Quarry) جا پٿر استعمال ڪرڻ گھرجن. استعمال ٿيندڙ پٿر نھايت ئي چيڙھالو، سخت، جٽادار، ھڪ ئي رنگ جو، ھر ڪنھن خاميءَ ۽ ڦوٽ کان پاڪ ۽ اڳ ۾ ئي ساڳئي نموني جي ڪم تي آزمايل ھئڻ گھرجي. پٿر بالڪل صحيح شڪل ۽ ماپ ۾ گھڙيل ھئڻ گھرجي ۽ ڇيڻيءَ سان گھڙيل پاسن کي ٻاھر طرف رکڻ گھرجي، جيئن عمارت جو ڏيک پرڪشش ۽ وڻندڙ رھي.

        پٿر گھٽ ۾ گھٽ ٨ انچ ٿلھو، ١٢ انچ ويڪرو ۽ ١٨ انچ ڊگھو ھئڻ گھرجي. سموري پٿر جي مقدار جو ٥٠ سيڪڙو اھڙي پٿر جو ھئڻ گھرجي جو ھر پٿر جو مقدار ھڪ ڪعب فوٽ کان گھٽ نھ ھجي.

        سڪل پٿر کي جيڪڏھن ٢٤ ڪلاڪن تائين پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو وڃي تھ انھيءَ کي پنھنجي تور جي ٥ سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي نھ ڇھڻ گھرجي. اوساري ڪرڻ کان اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻن ڪلاڪن تائين پٿرن کي چڱيءَ طرح سان پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. ھر ھڪ پٿر جي ھيٺان ۽ عمودي جوڙن (Vertical Joints) ۾ ڄاڻايل انداز مطابق سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو مسالو (Mortar) يعني گچ ڏيئي سموري اوساريءَ کي چڱيءَ طرح سان جوڙيو وڃي. ڪوشش ڪري سموري اوساري ھڪ ڪري ليول تائين کنئي وڃي ۽ جنھن ھنڌ ائين ڪرڻ مشڪل ھجي تھ درجي بدرجي ڏاڪڻ وانگر جوڙ ڇڏڻ گھرجن. عام طور اوساريءَ کي جوڙڻ لاءِ 1:4 جي مناسبت (يعني ھڪ حصو سيمينٽ ۽ چار حصا ريتي) سان مسالو استعمال ڪيو ويندو آھي.

        مخالف ديوارن (Cross Walls)  کي مکيھ ديوارن (Main Walls) سان پوريءَطرح جوڙيو وڃي. درزن کي ½ انچ گھرو رکڻ گھرجي. پٿرن کي بالترتيب، يعني ھڪ  ڇڏي ٻيو جي ترتيب سان ڊيگھھ ۽ ويڪر جي حساب سان لڳايو وڃي ۽ جڳائتو سٻنڌ (Proper Bond) قائم رکيو وڃي. انھيءَ ڳالھھ جو خاص ڌيان رکڻ گھرجي تھ بارن (Courses) يا ردن ۾ لڳاتار عمودي جوڙ (Vertical Joints) نھ ھئڻ گھرجن پر ھڪ بار ڇڏي ٻئي بار جي حساب سان ٺھندڙ ٽٽل جوڙ ھڪ ئي لائين ۾ ھئڻ گھرجن. ديوار صحيح طرح شاھل (Plumb) ۾ ھئڻ گھرجي ۽ ڪا بھ درز 1/8 انچ کان ٿلھي ھئڻ نھ گھرجي.

        جيڪڏھن عليحدھ طرح سان اوساريءَ جي ٻاھران ٽيپ ڪرڻي نھ ھجي تھ اوساريءَ دوران درزن کي چڱيءَ طرح سان ماريو وڃي. ڪوشش ڪري ھڪ ئي دفعي سان ٻن فوٽن کان وڌيڪ اوچي اوساري نھ کنئي وڃي. ھن قسم جي اوساريءَ جي ترائي ١٠ ڏينھن تائين ڪرڻ موزون آھي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ ترائيءَ جو مدو وڌائڻ بھتر آھي.

4-1  :2   ھٿوڙن سان گھڙيل پٿرن جي اوساري

: (Coursed Rubble Masonary)

        ھن قسم جي اوساريءَ ۾ ھٿوڙن ذريعي گھڙيل پٿر استعمال ڪيا ويندا آھن. ھر ڪنھن بار يا ردي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٦ انچ ٿلھو پٿر استعمال ڪرڻ گھرجي. پٿر جو ڪشادو پاسو ھيٺ ھئڻ گھرجي ۽ عمودي جوڙ ڪنھن بھ صورت ۾ لڳاتار نھ ھئڻ گھرجي پر ھڪ بار ڇڏي ٻئي بار جي حساب سان ھڪ ئي لائين ۾ ھئڻ گھرجي. ھر ھڪ بار پوريءَ طرح سڌو ۽ ھر ھڪ جوڙ يا درز مسالي سان ڀريل ھئڻ گھرجي. ٻاھرئين پاسي طرف چونڊيل، لسا ۽ ھڪ ڪرا پٿر استعمال ڪرڻ گھرجن. گول پٿر ڪنھن بھ صورت ۾ استعمال نھ ڪيا وڃن. سامھان جوڙ يا درزون ٩٠ درجن جي گونيءَ ڪنڊ (Right Angle) تي ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻن انچن جي اوچائيءَ تائين ھئڻ گھرجن تھ جيئن اھي پاڻ ۾ صحيح نموني ۾ جڪڙجي وڃن. ڪنڊن تي چونڊي سٺا ۽ گھڙيل پٿر استعمال ڪرڻ گھرجن تھ جيئن صحيح طريقي جي گونيا تي ڀت جون ڪنڊون بيھاري سگھجن.

        مسالو 1:3  (Mortar) جي تناسب کان 1:6 جي تناسب تائين استعمال ڪرڻ گھرجي. اوساريءَ جي ھر بار يا ردي (Course) جي ٥ فوٽن جي مفاصلي تي ويڪر جي حساب سان آرپار ھڪ ڪرو پٿر استعمال ڪرڻ گھرجي. اڍائي فوٽن کان وڌيڪ ٿلھين ڀتين لاءِ ٽڪرن ۾ ٦ انچن جو چڙھاڪو (Overlap) ڏيئي پٿر استعمال ڪري سگھجن ٿا.

        روزانو يعني ھر ڏھاڙي ڪم ختم ڪرڻ وقت پٿر جي اوساريءَ جي مٿئين حصي جي مٿان ھڪ انچ پاڻي بيھاري ڇڏجي. ھن قسم جي ڪم جي ترائي (Curing) عام پورٽلئنڊ سيمينٽ جي استعمال جي صورت ۾ ١٠ ڏينھن تائين ڪرڻ موزون آھي. ٿڌ جي صورت ۾ ترائيءَ جو مدو وڌائجي تھ بھتر آھي.

4-1  :3   اڻ گھڙيل پٿرن جي اوساري

(Random Rubble Masonary) ؛-

        ھن قسم جي اوساريءَ ۾ پڻ مضبوط، سخت ۽ سالم پٿر استعمال ڪيا ويندا آھن پر ھموار بارن (Courses) جو ٺاھڻ ضروري نھ آھي. پٿر اڻ تراشيل ۽ ھٿوڙن ذريعي ٽٽل استعمال ڪيا ويندا آھن پڇر گول استعمال نھ ڪيا ويندا آھن.

        ھن قسم جي اوساريءَ ۾ ڪو بھ پٿر ٦ انچن جي سائيز کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. سامھان پٿر ڪوشش ڪري چونڊي، وڏي ۾ وڏا، ھڪ ڪرا ۽ ھڪ ئي رنگ جا استعمال ڪجن. سامھين پٿر جي ويڪر انھيءَ جي اوچائيءَ کان وڌيڪ ھئڻ گھرجي. پٿر جو ويڪرو پاسو ھيٺ ھئڻ گھرجي. سامھان جوڙ ٽوڙڻ گھرجن، يعني تھ عمودي جوڙ (Vertical Joints)  لڳاتار نھ ھئڻ گھرجن ۽ ٻاھريان پاسا شاھل ۾ ھئڻ گھرجن. ڪنڊن ۽ ٻانھين (Jambs) تي وڏا پٿر استعمال ڪيا وڃن تھ جيئن ڪنڊون ۽ ٻانھيون مضبوط رھن.

 

 

شڪل نمبر ١٥

پٿر جي اوساريءَ جا مختلف نمونا

        اوساريءَ جي ھر بار ۽ ردي جي ٥ فوٽن جي مفاصلي تي ويڪر جي حساب سان آرپار ھڪ ڪرو پٿر استعمال ڪرڻ گھرجي. اڍائي فوٽن کان وڌيڪ ٿلھين ڀتين لاءِ ٻن ٽڪرن ۾ ٦ انچن جو چڙھاڪو ڏيئي پٿر استعمال ڪري سگھجن ٿا.

        ترائي وغيره جي حساب ۾ انھن سڀني ڳالھين جو اھڙو ئي ڌيان رکيو وڃي، جيئن ٻين قسم جي پٿر جي اوسارين لاءِ ڄاڻايل آھي.

٢-٤  سيمينٽ ڪانڪريٽ جي اوساري

:  (Cement Concrete Block Masonary)

        ھن قسم جي اوساريءَ لاءِ سيمينٽ 3/16 انچ جي سائيز کان ¾ انچ تائين بجري (Course Aggregate) ۽ جابلو ريتي (Hill Sand) استعمال ڪيا ويندا آھن. ڪراچيءَ جي علائقي ۾ قدرتي دريائي مليل جڙيل بجري جنھن کي عام طرح سان مڪس (Mix) يعني ملاوٽ چئبو آھي، استعمال ڪئي ويندي آھي پر جيئن تھ انھيءَ ملاوٽ ۾ ريتيءَ جو مقدار گھڻو ھوندو آھي انھيءَ سبب ڪري انھيءَ ۾ گھربل مقدار ۽ سائيز مطابق ٿورڙي ڇڻيل بجري پڻ ملائي ويندي آھي. جابلو علائقن ۾ پڻ ندين يا نھرن جي مڪس بجري استعمال ڪري سگھجي ٿي. بشرطيڪ اھا معيار مطابق ھجي. سمورن ننڍڙن پٿر جي ٽڪرن (Aggregate) جي درجھ بندي (Grading) اھڙيءَ طرح ھئڻ گھرجي جيئن ¾ انچن جي سائيز جي بجري ٥ سيڪڙي کان نھ وڌي ۽ ٦٠ سيڪڙي کان وڌيڪ بجري ½ انچ جي سائيز جي سوراخن واري ڇاڻي مان نڪري وڃي ۽ 3/16 انچن جي سائيز جي سوراخن واري ڇاڻيءَ مان نھ ڇڻي سگھي. بلاڪ جي ڊينسٽي (Density) يعني ڪثافت (بلاڪ جي طور/جملي مقدار)، ھڪ ڪعب فوٽ تي ٩٤ پائونڊ (94 lbs/cft.)  کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ جي دٻاءُ جي سگھھ (Compressive Strength) ھر چورس انچ تي ٥٠٠ پائونڊن (500 lbs/sq. in.) کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي.

        بلاڪن جي تياري مشين رستي ڪرڻ گھرجي جيئن مشيني طريقي سان ملائي، ولوڙي ۽ ڪالب جي شڪل ۾ پختا بلاڪ تيار ٿي سگھن.

        ولوڙ (Vibration) ۽ نھرائي (Compaction) انجنيئر جي ڄاڻايل ھدايتن مطابق ڪرڻ گھرجي.

        جيڪڏھن ڪن مجبوريءَ جي حالتن ۾ ھٿ رستي بلاڪ ٺاھڻا پون تھ سرڪاري ڪم جي صورت م انجنيئر جي اجازت سان ٺاھجن پر انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکڻ گھرجي تھ ھڪ گھمري ۾ ھڪ سيمينٽ جي ٻوريءَ جو مال تيار  ڪجي جيڪو وڌ ۾ وڌ ھڪ يا ڏيڍ ڪلاڪ اندر استعمال ڪرڻ گھرجي. ھن قسم جا بلاڪ پڪي ۽ ان ٽمندڙ فرش تي ٺاھڻ گھرجن. سيمينٽ ڪانڪريٽ کي فرمي ۾ وجھي چڱيءَ طرح سان جڪڙي قابو ڪيو وڃي ۽ ٻئي ڏينھن بلاڪ پنھنجي جڳھھ تان ھٽائي ڇڏجن جيئن فرش تي چنبڙي نھ پون.

        بلاڪن ۾ سيمينٽ، واري ۽ بجريءَ جو تناسب ڄاڻايل انداز مطابق ھئڻ گھرجي. عام طرح سان 1:3:6 تناسب جا بلاڪ مکيھ ديوارن (Main Walls) ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن پردي ديوارن (Partition Walls)، ايوانن، احاطن ۽ اڱڻ جي چار ديواريءَ (Compound Walls) لاءِ 1:4:8 جا بلاڪ استعمال ڪيا ويندا آھن. اھڙي چار ديواري جي بلاڪن لاءِ ھڪ سيڪڙو مڪس بجريءَ ۾ ٨ ٻوريون سيمينٽ جون استعمال ٿينديون آھن.

        عام طور تي 12"x6"x4" يا 12"x8"x6"  جي سائيز جا بلاڪ ٺاھي استعمال ڪيا ويندا آھن.

        شروعاتي ١٠ ڪلاڪن جي سيٽنگ ٽائيم بعد بلاڪن جي ترائي تختن (Pallets) تي ٻن ڏينھن تائين ڪرڻ گھرجي ۽ انھيءَ بعد ١٠ ڏينھن تائين لاڳيتو انھن کي ڀِڳل يا آلو رکڻ گھرجي. انھيءَ کان پوءِ ڏھن ڏينھن تائين بلاڪن کي اس ۾ چڱيءَ طرح سڪائي پوءِ اوساريءَ ۾ استعمال ڪيو وڃي.

        ھن قسم جي اوساريءَ ۾ ڪو بھ جوڙ 3/8  (Joints) انچن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي ۽ اوساريءَ بعد، اوساريءَ جي ترائي مقرر ٽائيم، جيڪو گھٽ ۾ گھٽ ١٠ ڏينھن آھي، تائين ڪرڻ گھرجي.

باب پنجون

٥. سيمينٽ ڪانڪريٽ (سي-سي) ۽ رينفورسڊ سيمينٽ ڪانڪريٽ (آر-سي-سي)

(CEMENT CONCRETE & REINFORCED CEMENT CONCRETE)

5-1  تعارف  (Introduction) :

        جابلو ريتي (Fine Aggregate)، بجري يا روڙي يا پٿرن جي ننڍن ٽڪرن Course Aggregate) ۽ سيمينٽ (Cement) جي آميزش کي پاڻيءَ سان ملائي، سخت ڪري جيڪو مرڪب ٺاھجي انھيءَ کي سيمينٽ ڪانڪريٽ چئجي ٿو ۽ جيڪڏھن انھيءَ مرڪب ۾ لوھھ جي سيخن (Reinforcement) جو استعمال ڪيو وڃي تھ انھيءَ کي آر-سي-سي يعني رينفورسڊ سيمينٽ ڪانڪريٽ چئجي ٿو.

        مٿي ڄاڻايل مرڪب ۾ سيمينٽ، جابلو ريتيءَ ۽ پٿر جي سنھن ٽڪرن کي پاڻيءَ سان ملائي، پاڻ ۾ جوڙڻ جو ڪم ڪري ٿو.

        ھن قسم جي ڪانڪريٽ ۾ چند خاصيتون ھي آھن تھ : سٺي مشابھت رکي ٿو، گھربل شڪل ۾ آسانيءَ سان آڻي سگھجي ٿو، ھن ۾ ٽٽڻ جي سگھھ (Crushing Strength) تمام گھڻي ٿئي ٿي، يعني آسانيءَ سان ٽٽي نٿو سگھي، نھايت ئي پائيدار رھي ٿو، باھھ جي اثر سان مقابلي ڪرڻ جي قوت رکي ٿو، پؤرو (Pervious) نھ ٿو ٿئي ۽ پنھنجي زندگيءَ دوران گھٽ مرمت طلب ڪري ٿو.

٢-٥ ملاوٽ جا طريقا  (Methods of Mixing)  :

        عام رواجي ننڍن ڪمن لاءِ ھٿ سان ملائڻ جو طريقو (Hand Mixing) استعمال ڪيو ويندو آھي. باقي وڏن ڪمن لاءِ جتي ڪانڪريٽ جي تمام گھڻي انداز جي ضرورت پوي ٿي اتي مشين رستي ملائڻ جو طريقو (Machine Mixing) استعمال ڪيو وڃي ٿو.

(i)  ھٿ رستي ملائڻ جو طريقو (Hand Mixing)  :

        ھن طريقي موجب گھربل انداز ۾ سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ کي سڪل حالت ۾ چڱيءَ طرح ملائجي تھ جيئن ٻنھي جو رنگ گڏجي ھڪ ڪرو ٿي وڃي. پوءِ ڪنھن اڻ ٽمندڙ (Imprevious)  ٿلھي يعني پلئٽفارم تي پٿر جي ٽڪرن (جيڪي گھربل سائيز جا ھجن)  يا روڙيءَ کي گھربل انداز ۾ ڍڳ ڪجي ۽ انھيءَ ڍير مٿان ريتي ۽ سيمينٽ واري آميزش کي ھڪ ڪرو پٿارجي. انھيءَ بعد آھستي ۽ روانيءَ سان گھربل انداز ۾ (اٽڪل ھڪ سيمينٽ جي ٻوريءَ پويان ٥ يا ٦ گيلن) پاڻي ملائي بيلچي سان گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڪلٽيون کارائي چڱيءَ طرح سان ملائجي تھ جيئن سمورو مادو ھڪ رنگ جو ۽ استعمال جوڳو ٿي وڃي تھ پوءِ استعمال ڪجي. ھٿ سان ملاوٽ واري طريقي ۾ سيمينٽ گھربل انداز کان ١٠ سيڪڙو وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي.

(ii)  مشين رستي ملائڻ جو طريقو : (Machine Mixing)  

        ھيءُ طريقو نھايت ئي آسان، گھٽ وقت وٺندڙ ۽ فائديمند آھي. ھن ۾ گھربل سامان جھڙوڪ؛ سيمينٽ، ريتي ۽ روڙيءَ جو گھٽ زيان ٿئي ٿو ۽ مزدوريءَ جي پڻ بچت ٿئي ٿي.

        مشين مڪسر مختلف ماپن جا ٿين ٿا ۽ ھڪ عام مڪعب وال (One Cubic Yard) جي ڊرم واري مڪسر لاءِ، مال جي ملائڻ واسطي گھٽ ۾ گھٽ ٻن منٽن جو ٽائم درڪار آھي. وڌيڪ سائيز جي حالت ۾ ھر مزيد ھڪ مڪعب وال لاءِ، وڌيڪ ١٥ سيڪنڊ درڪار آھن. تجربن رستي معلوم ٿئي ٿو تھ ٻن منٽن اندر ملايل ڪانڪريٽ ١٥ سيڪنڊن اندر ملايل ڪانڪريٽ جي نسبت ۾ ٢٠ کان ٣٥ سيڪڙو مضبوط ٿئي ٿو.

        مثال طور جيڪڏھن 1:2:4 جي نسبت سان سيمينٽ ڪانڪريٽ ٺاھڻو آھي تھ پھرين گھربل سائيز جي پٿر جي ٽڪرن جون چار پتيون يا چار حصا، پوءِ جابلو ريتيءَ جا ٻھ حصا ۽ پوءِ ھڪ حصو سيمينٽ، مڪسر جي ڊرم ۾ وجھجي. انھيءَ بعد ٿورو مڪسر کي ھلائجي جيئن اھي ٽيئي شيون شڪل حالت ۾ پاڻ ۾ ملي وڃن. انھيءَ کان پوءِ آھستي ۽ روانيءَ سان ٥ کان ٦ گئلن پاڻي ھلندڙ مڪسر ۾ ملائجي جيستائين گھربل انداز ۾ پاڻي ۽ سيمينٽ جو تناسب (Water Cement Ratio)  ملي. انھيءَ بعد اھو ٺھيل مرڪب ھڪ پڪي ۽ اڻ ٽمندڙ پلئٽفارم تي لاھي استعمال ڪبو رھجي ۽ اھڙي رفتار سان مختلف گھربل کيپون (Batches)  تيار ڪري استعمال ڪبيون رھجن. ھڪ ڪانڪريٽ مڪسر ڪلاڪ اندر ١٥ کان ٢٠ ملاوٽون تيار ڪري ٿو.

        ھڪ سيمينٽ جي ٻوريءَ جي نسبت سان  11/4  ڪعب فوٽن جون پيتيون تيار ڪرائي ريتي ۽ بجريءَ جي ماپ لاءِ استعمال ڪجن تھ بھتر آھي. سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ھر ھڪ کيپ جي جھڪاءُ پرک (Slump Test)  ڪرڻ ضروري آھي جيئن گھربل گھاٽاڻ جي ملاوٽ حاصل ڪري سگھجي. عام طرح سان عمارتن لاءِ ٣ انچن کان ٤ انچن جي جھڪاءُ ۽ فرشن ۽ رستن لاءِ 11/2  انچ کان ٢ انچن جي جھڪا$ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. مختلف قسمن جي ڪمن جو جھڪاءُ ۽ جھڪاءُ پرک جو بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

٣-٥  جھڪاءُ پرک  : (Slump Test)

        ھن قسم جي ٽيسٽ لاءِ مخروط (Cone)  شڪل جي فولاد (Steel)  جو ڪالب جيڪو مٿان ٤ انچ قطر (Diameter)  جو، ھيٺان ٨ انچ قطر جو، ١٢ انچ ڊگھو ۽ ٻن فوٽن جي ڌاتوءَ جي چرندڙ 5/8 انچ قطر جي سيخ لڳل ڪالب استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي پرک ھلندڙ ڪم واري جاءِ تي آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿي.

        ھن قسم جي ٽيسٽ ۾ سڀ کان پھرين چڱيءَ طرح جانچي ڏسجي تھ مخروط شڪل وارو ڪالب بالڪل صاف آھي ۽ انھيءَ اندر ڪنھن بھ قسم جو سيمينٽ جو تھھ ڄميل نھ آھي. انھيءَ کان پوءِ انھيءَ ڪالب کي ھڪ لسيءَ (Smooth) ۽ اڻ ٽمندڙ سطح جھڙوڪ لوھھ جي پليٽ تي رکي انھيءَ کي قابو جھلي بيھجي. بعد ۾ تازي ٺھيل ڪانڪريٽ مڪس کي ڪالب جي  ¼ حصي تائين وجھي گوليءَ جي پڇڙي واريءَ شيخ کي ٢٥ ڦيرا ڏيئي ڌڪ ھڻي ۽ دٻائي (To Tamp) رکجي. اھڙيءَ طرح مختلف تھن جي صورت ۾ (يعني ٽوٽل چار تھھ) ھر ھڪ تھھ کي ٢٥ ڦيرا ڏيئي آخري تھھ کي دٻائڻ بعد ڪالب کي ھڪدم مٿي کڻي وٺجي. انھيءَ ڪالب جو مٿيون حصو ۽ ترو کليل ھوندا آھن. ڪالب ڪڍي وٺڻ بعد ڊولائتي (Moulded) سيمينٽ ڪانڪريٽ کي ڍرو ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ انھيءَ جي اوچائي ڍري ٿيڻ بعد ماپي وڃي. اصلوڪي اوچائي ۽ ڍري ٿيڻ بعد واري اوچائيءَ واري تفاوت کي جھڪاءُ يعني Slump چئجي ٿو.

        مختلف ڪمن جي نوعيت مطابق جھڪاءُ (Slump)  جي حد ھيٺ ڄاڻايل انداز مطابق ھئڻ گھرجي ؛-

نمبر شمار

S. No

ڪم جي نوعيت

Nature of Work

گھربل گھاٽاڻ

(Consistency required)

پاڻيءَ جو مقدار، ھر سيمينٽ جي ٻوريءَ تي (گيلن ۾)

جھڪاءُ جي حد، انچن ۾

Slump in Inches)

١

 

 

 

 

 

٢

 

 

 

 

٣

 

 

 

 

 

٤

 

٥

 

 

 

6

 

 

٧

 

٨

تمام گھڻي  طاقت وارو ڪانڪريٽ پري اسٽريس ڪانڪريٽ سيڪشن تمام ڳرن لوڏن ذريعي ڳتيل ۽ مضبوط ڪيل.

 

ولوريل ڪانڪريٽ جو ڪم، پائيلس پري ڪاسٽ ۾ ڪالب اندر اڳ ۾ تيار ٿيل ڪمن لاءِ.

 

تمام ڳري ۽ وڏي انداز جي ڪانڪريٽ (Mass Concrete)  جو ڪم بنيادن ۽ رستن جي فرشبندي لاءِ

 

پلين جا تختا

 

عام رواجي رينفورسڊ ڪانڪريٽ جھروڪ؛ بيم، ڇت (Slabs) وغيرھ

 

آر سي سيءَ جا بنياد (Footings) ۽ ديوارون (Walls)

 

ٿنڀا (Columns)

 

پاڻيءَ اندر سيمينٽ ڪانڪريٽ جو ڪم

نرم

 

 

 

 

 

نرم

 

 

 

 

وچولي يا ٿوري سخت

 

 

 

 

وچولي

 

وچولي

 

 

 

نرم

 

 

وچولي

 

وچولي يا ٿوري سخت

٤

 

 

 

 

 

٥

 

 

 

 

٦.٥

 

 

 

 

 

٥.٥

 

٥.٥

 

 

 

٥

 

 

٥.٥

 

٦.٥

٠

 

 

 

 

 

٤.٠ کان ١

 

 

 

 

١ کان ٢

 

 

 

 

 

١ کان ٣

 

1 1/4 کان ٥

 

 

 

٢ کان ٤

 

 

٣ کان ٥

 

اٽڪل ٩

٤-٥  پاڻي ۽ سيمينٽ جو تناسب

: (Water Cement Ratio)

        سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ملاوٽ لاءِ گھربل گھاٽاڻ (Consistency)  ۽ چلت (Work ability)  لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مقدار ۾ گھربل پاڻي ۽ گھربل انداز ۾ سيمينٽ جي تناسب کي ”واٽر سيمينٽ رئشو“ چئجي ٿو.

        عام ڪانڪريٽ جي ملاوٽ لاءِ پاڻي جو مقدار ريتي ۽ بجريءَ جو ٥ سيڪڙو (تور جي حساب سان) ۽ انھيءَ کان علاوھ گھربل سيمينٽ جو ٣٠ سيڪڙو ھئڻ گھرجي. ولوڙيل ڪانڪريٽ (Vibrated Concrete)  لاءِ پاڻيءَ جو مقدار ٢٠ سيڪڙي تائين گھٽ ھئڻ گھرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org