سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: عمارت سازي

باب: --

صفحو :6

پاڻي جيڪڏھن گھربل انداز کان وڌيڪ استعمال ڪبو تھ ريتي ۽ بجري (Fine Aggregate and Course Aggregate)  پاڻ ۾ ٻڌجي نھ سگھندا ۽ نتيجي ۾ سيمينٽ ڪانڪريت ۾ ماکيءَ جي ماناري وانگر سوراخ ٿي پوندا، جنھن کي (Honey Combing)  چئجي ٿو ۽ اھو ڪانڪريت ڪمزور ۽ ناپائيدار ٿي پوندو.

        مختلف ڪمن جي نوعيت مطابق مختلف پاڻي ۽ سيمينٽ جو تناسب مقرر ڪيل آھي ۽ عام رواجي ڪمن لاءِ اھو تناسب ٠.٥٥ کان وڌڻ نھ گھرجي.

٥-  سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ترائي

: (Curing of Cement Concrete)

        سيمينٽ ۾ پاڻي ملائڻ شرط  انھيءَ جو ڪيميائي عمل شروع ٿئي ٿو. انھيءَ سبب ڪري ڪانڪريٽ سخت ۽ ٺوس ٿئي ٿو. اھو ڪياميائي ردعمل اٽڪل ٢٨ ڏينھن تائين جاري رھي ٿو. شروعات ۾ اھو ردعمل نھايت ئي تيز ۽ پوءِ آھستي آھستي ٿيندو رھي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ڪم ۾ ترائي (Curing)  جو خاص خيال رکيو ويندو آھي، جيئن اھو وڌ ۾ وڌ مضبوط ٿي گھربل طاقت حاصل ڪري.

شڪل نمبر ١٦

        ڪانڪريٽ جي ترائيءَ جو ٽائيم، سيمينٽ جي قسم ۽ موسم تي مدار رکي ٿو. عام رواجي سيمينٽ جو ڪم (Ordinary Portland Cement) ٧ کان ١٤ ڏينھن تائين ترائي گھري ٿو پر گھٽ ۾ گھٽ ١٠ ڏينھن ترائي ڪرڻ بھتر آھي. موسم جي لحاظ کان ترائي ١٠ کان ١٤ ڪلاڪن بعد جڏھن سيمينٽ مڪمل طرح سيٽ ٿي وڃي تھ پوءِ ڪجي. گرميءَ ۾ سيمينٽ جو ڪيميائي عمل جلدي ۽ سردين ۾ دير سان ٿيندو آھي. انھيءَ ڪري سرديءَ ۾ ترائي ١٤ ڏينھن تائين ڪرڻ بھتر آھي. جلدي سخت ٿي طاقت وٺندر سيمينٽ گھٽ تائيم (اٽڪل ٣ ڏينھن) وٺندو آھي. جڏھن تھ گھٽ گرميءَ ۽ دير سان طاقت وٺندڙ سيمينٽ وڌيڪ ٽائيم (اٽڪل ٢٨ ڏينھن) وٺندو آھي.

        ڪم جي نوعيت مطابق ترائيءَ جا ھيٺ ڄاڻايل طريقا استعمال ڪيا ويندا آھن ؛-

(i) دٻن ذريعي -:  (By Ponding)

        سڌي قسم واريون سطحون يا مٿاڇرا جھڙوڪ فرش ۽ ڇتيون، واريءَ سان ٻارا ٺاھي، پاڻيءَ سان ڀري ڇڏجن ۽ ترائيءَ جي گھربل ٽائيم تائين انھن کي لڳاتار ڀربو رھجي ۽ اھڙين سطحن کي سڪڻ نھ ڏجي.

(ii)  سڻيءَ جي آلين ٻورين ذريعي

-: (By wet gunney bags)

        کليل  ڪانڪريٽ جا پاسا ۽ سطحون، سڻيءَ جي ٻورين سان ڍڪي انھن جي مٿان پاڻي ڇڻڪاربو رھجي جيئن اھي آلا رھندا اچن.

(iii)  پائيپ رستي -: (By Water Pipe)

        سيمينٽ جي پلستر ۽ اڀن کليل پاسن، جھڙوڪ؛ سيمينٽ ڪانڪريٽ جون ڀِتيون ۽ ڪالم وغيرھ، کي پلاسٽڪ يا رٻڙ جي پائيپ رستي لڳاتار ترائي ڪبي رھجي.

(iv) پاڻيءَ اندر ٻوڙڻ رستي -: (By Immersing in Water)

        اڳ ۾ تيار ٿيل  سيمينٽ ڪانڪريٽ جا جز يا شيون، پاڻيءَ سان ڀريل حوضن ۾ ٻوڙي ڇڏجن، جھڙوڪ؛ ننڍا لنٽيل، مئن ھولن جا ڍڪ (Manhole Covers)  وغيره.

(v) مختلف قسم جي مرڪبن سان سيل ڪرڻ رستي

-: (By Sealing with curing compounds)

اھڙا ھنڌ جتي پاڻي ميسر نھ آھي يا پاڻيءَ رستي ترائي نھ ٿي ڪري سگھجي، اھڙن ھنڌن تي ڪنھن معياري ڪمپنيءَ جي تيار ڪيل مرڪبن رستي سيمينٽ ڪانڪريٽ جي گھربل سطحن مٿان ڪنھن موزون مرڪب جو تھھ چاڙھي سيل ڪري ڇڏجي، جيئن سيمينٽ مان گرمي خارج نھ ٿئي.

(vi) ٻاڦ رستي -: (By Steam)

        ھيءُ طريقو اڳ ۾ تيار ٿيل وڏن سيمينٽ ڪانڪريٽ جي جزن (Precast cement concrete members)  ۽ جنھن ھنڌ ڪم جلدي پورو ڪرڻو آھي، انھيءَ ھنڌ استعمال ڪيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن طريقي سان ترائيءَ جو ٽائيم گھٽجيو وڃي.

        برفباريءَ ۽ تمام گھڻي ٿڌ دوران جڏھن درجھ حرارت (4.44o C) 40oF کان گھٽجي وڃي تھ ڪم بند ڪرڻ گھرجي، مگر اھڙن علائقن اندر جتي سال جو ڪافي حصو ٿڌ ۽ برفباري رھي ٿي، جنھن سبب سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ڪم کي بند نھ ڪرڻو آھي. اھڙيءَ حالت ۾ پاڻيءَ، روڙي ۽ واريءَ کي ملائڻ کان پھريائين گرم ڪرڻ گھرجي ۽ انھيءَ ڳالھھ جو خيال رکڻ گھرجي تھ انھن ٽنھي شين جو درجو (320 C) 90 F کان نھ وڌي.

        انھيءَ کان پوءِ اھو بھ خيال ڪرڻ گھرجي تھ سيمينٽ ڪانڪريٽ کي پٿارڻ بعد جيستائين اھو چڱيءَ طرح تر ۽ ٺوس نھ ٿي وڃي تيستائين ڪانڪريٽ جي گرميءَ جو درجو (4.44 C) 40 F کان ھيٺ نھ لھي.

٦-: (Shuttering)

        ڪانڪريٽ کي صحيح گھربل شڪل ۽ صحيح جڳھھ تي رکڻ لاءِ پڙتل، ديال يا لوھ جي تختن يا چادرن رستي شٽرنگ تيار ڪئي ويندي آھي. شٽرنگ ايترو تھ مضبوط ھئڻ گھرجي، جيئن اھا ڪنھن بھ ھنڌ لچڪ يا جھوڪ نھ کائي ۽ نھ ئي وري لڏي ۽ بلڪل سولائيءَ سان بار کڻي سگھي. شٽرنگ اھڙيءَ طرح لڳائڻ گھرجي،جيئن انھيءَ منجھان ڪانڪريٽ جو پاڻي ٽِمي نھ سگھي، ڇاڪاڻ تھ پاڻيءَ جي ٽِمڻ جي حالت ۾ سيمينٽ جي زيان ٿيڻ ۽ نتيجي ۾ ڪانڪريٽ جي ڪمزور ٿيڻ جو انديشو رھندو آھي. ڪانڪريٽ جيستائين سخت ۽ بار کڻڻ جي قابل نھ ٿئي، تيستائين شٽرنگ لاھڻ نھ گھرجي. ڪانڪريٽ وجھڻ کان پھريائين شٽرنگ صاف ۽ گھربل ليول ۾ ھئڻ گھرجي ۽ انھيءَ مٿان سفيدي يعني چونو يا ڪارو تيل لڳائڻ بھتر آھي.

        مختلف ڪمن لاءِ شٽرنگ لڳي رھڻ جو مدو ھيٺ ڏجي ٿو ؛

نمبر شمار

جڳھھ جي حصن جي نوعيت

شٽرنگ لاھڻ جو مدو (عام پوٽلئنڊ سيمينٽ استعمال ڪرڻ جي حالت ۾)

(i)

 

 

(ii)

 

 

 

 

(iii)

 

 

 

(iv)

 

 

 

(v)

ڀتيون، ڪالم يعني ٿنڀا ۽ بيمن يعني ڪامن جا اڀا پاسا.

 

سلئب (Slab) يعني ڇت (ڇت جي ھيٺان شٽرنگ ۽ انھيءَ جي ٽيڪ لاءِ ڏنل ٿنڀا لڳل رھڻ گھرجن

 

بيم جا ترا (Beam Sofits) (ھيٺان ڏنل شٽرنگ ٽيڪن سميت لڳل رھڻ گھرجي)

 

ڇِت جي ھيٺان ڏنل شٽرنگ ۽ ٽيڪون؛

(الف) ١٤ فوٽن تائين ڊيگھھ جي صورت ۾

(ب) ١٤ فوٽن کان وڌيڪ ڊيگھھ جي صورت ۾

 

بيمن (Beams)  جي ھيٺان ڏنل شٽرنگ، ٽيڪن سميت ؛

(الف)٢٠ فوٽن تائين ڊيگھھ جي صورت ۾

(ب) ٢٠ فوٽن کان وڌيڪ ڊيگھھ جي صورت ۾

١٢ کان ٢٤ ڪلاڪ

 

 

٣ ڏينھن

 

 

 

 

٧ ڏينھن

 

 

 

 

٧ کان ١٠ ڏينھن

١٦ ڏينھن

 

 

 

١٦ ڏينھن

٢٥ ڏينھن

٧-٥  لوھھ يا سريئي جو ٻڌڻ : (Binding of Steel)

        لوھھ ھميشھ ڄاڻايل ڊزائن مطابق ٻڌڻ گھرجي.  اھو زنگ يعني ڪٽ کان پاڪ ۽ بالڪل صاف ھئڻ گھرجي. لوھھ جي سيخن کي سڀ کان پھريائين مقرر ڪيل ڊيگھھ مطابق ڪاٽي ۽ موڙي ھيٺ ئي تيار ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کان پوءِ شٽرنگ جي مٿان ڄاڻايل ڊزائن مطابق نشان لڳائي تيار ڪري مضبوطيءَ سان ١٦ نمبر (16 SWG)  جي تار سان بلڪل سوگھو ٻڌو ويندو آھي جيئن ڪا بھ سيخ لڏي نھ سگھي. لوھھ جي سيخن جي ھيٺان ۽ ھر طرف ڊزائن مطابق ڪانڪريٽ جو تھھ (Cover) ڏنو ويندو آھي، جيئن لوھھ ھر طرف کان ڍڪجي وڃي يعني لوھھ جي سيخن کي ٻڌڻ بعد شٽرنگ کان مٿي رکڻ لاءِ ڊزائن مطابق تھھ ڏيڻ واسطي مقرر ڪيل سائيز جا سيمينٽ ڪانڪريٽ جا گٽڪا ڏيڻ گھرجن. اگر لوھھ جي سيخن کي شٽرنگ کان ڪافي مٿي رکڻو آھي تھ مقرر ڪيل سائيز مطابق لوھھ جون گھوڙيون ٺاھي ڏنيون وڃن. لوھھ جي آخري ڇيڙي تي صحيح گرفت لاءِ ڪنڊا (Hooks)  ٺاھيا ويندا آھن. جيڪڏھن ٻن سيخن کي ٻڌي ڊيگھھ مطابق لڳائڻو آھي تھ ٻنھي سيخن جي ڪجھھ حصي تائين ڊيگھھ جي صورت ۾ چڙھاڪو (Overlap)  ڏيئي ھڪ ٻئي سان تار رستي مضبوطيءَ سان ٻڌو ويندو آھي. اھو چڙھاڪو لوھھ جي سيخ جي قطر کان ٥٠ دفعن کان گھٽ نھ ھجڻ گھرجي.

        ڇتين (Slabs) ۽ ڪامن (Beams) ۾ بار جي سبب کان ڪتر (Shear)  ۽ منفي جھڪاءُ (Negative bending moment) کي روڪڻ لاءِ تقريبن ڊيگھھ جي ¼ حصي کان ٤٥ ڊگرين جي ڪنڊ تي لوھھ جي سيخن کي موڙي ديوارون يا ڪالمن جي مٿان کڻي اچبو آھي.

٨-

 : (Pouring of Concrete)

        ڪانڪريٽ جي ڀرائيءَ کان پھرين چڱيءَ طرح جانچي ڏسجي تھ لوھھ چڱيءَ طرح مضبوطيءَ سان ۽ ڄاڻايل ڊزائن مطابق ٻڌل آھي. انھيءَ کان علاوھ اھو بھ ڏسڻ گھرجي تھ شٽرنگ ۾ ڪنھن بھ قسم جا سوراخ ۽ ٻيا نقص نھ آھن ۽ انھيءَ جي ھيٺان ڏنل ٿوڻيون ۽ ٿنڀا تمام مضبوطيءَ سان ٻڌل آھن ۽ شٽرنگ ڪنھن بھ ھنڌ جھڪيل نھ آھي. ڪانڪريٽ کي مٿان زور سان نھ اڇلائجي ائين ڪرڻ سان سيمينٽ ڪانڪريٽ جا جزا ھڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويندا.

        ڪالمن ۽ ديوارن جي صورت ۾ ڪوشش ڪري ڪانڪريٽ کي پوري اوچائيءَ تائين ڀرجي جيئن تعميراتي جوڙن (Construction Joints) جي ضرورت نھ پوي. ليڪن، انھيءَ ڳالھھ جو بھ خيال رکڻ گھرجي تھ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ڀرائيءَ جي عمودي طرف (Vertical Direction) رفتار ھڪ ڪلاڪ اندر ٣ فوٽن کان وڌيڪ نھ ھئڻ گھرجي. تمام گھڻي انداز ۾ لوھھ وارن ڪانڪريٽ جي جزن جھڙوڪ سيمينٽ ڪانڪريت پٽين (Ribs) وغيرھ جي صورت ۾ بجريءَ (Course Aggregate)  جي وڌ ۾ وڌ سائيز ٻن مکيھ سرين جي وچ ۾صاف فاصلي کان (5mm) 0.185" گھٽ يا لوھھ کي گھربل گھٽ ۾ گھٽ تھھ (Cover) کان  (5mm) 0.185" گھٽ ھئڻ گھرجي. مٿين ٻنھي ملھن مان گھٽ ۾ گھٽ ملھھ وٺڻ گھرجي.

        انھيءَ ڳالھھ جو خاص ڌيان رکڻ گھرجي تھ سيمينٽ ڪانڪريٽ جي ملاوٽ، آميزش يا مسالي جي تيار ٿيڻ ۽ انھيءَ مسالي کي پٿارڻ جي وچ م ٢٠ منٽن کان وڌيڪ ٽائيم نھ لڳي. جيئن سيمينٽ جي شروعاتي سيٽنگ جي عمل، طريقي ۽ رفتار ۾ رخنو نھ پوي.

        جنھن ھنڌ ولوڙڻ يا ڌوڻ (Vibrators)  جي ضرورت ھجي تھ اھا سيمينٽ ڪانڪريٽ جي پٿارڻ تائين لڳاتار جاري رھڻ گھرجي. نھرائي (Compaction)، ڪانڪريٽ مسالي ۾ پاڻي ملائڻ جي ٣٠ منٽن اندر پوري ڪرڻ گھرجي. تمام گھڻي ڌوڻ (over vibration) سبب بجريءَ جا جزا ڌار ٿي ويندا آھن، انھيءَ سبب اھا ٿيڻ نھ ڏجي. شٽرنگ جڏھن مقرر ميعاد بعد لاٿي وڃي تھ ڪانڪريٽ جو مٿاڇرو کڙ ٻڙ (Honey Combing)، سوراخن ۽ ٻين نقصن کان پاڪ ۽ صاف ھئڻ گھرجي.

        سيمينٽ ڪانڪريٽ کي لڳاتار پٿارڻ گھرجي پر جيڪڏھن اھا ڀرائي گھڻي آھي ۽ اھا ھڪ ڏينھن اندر مڪمل ٿي نھ ٿي سگھي تھ انھيءَ کي ڪنھن بار جھليندڙ ديوار يا بيم تي ختم ڪري انھيءَ کي ٣٠ ڊگرين جي ڪنڊ تي سلامي ڏيئي ۽ تمام کھري (Rough) ۽ کڙٻڙ جي حالت ۾ ڇڏڻ گھرجي جيئن ايندڙ ڏينھن جو ڇڏيل ڪم آساني ۽ سلامتيءَ سان جڙي سگھي. ٻئي ڏينھن جي مٿي ذڪر ڪيل ڪم شروع ڪرڻ جي حالت ۾ اڳئين ڇڏيل سلاميءَ کي ٽڪ ھڻي، وڌيڪ کھرو ڪري، انھيءَ کي صاف ڪري پاڻي جو جھجھو ٽيھو ڏيئي بالڪل نجي سيمينٽ جو ھلڪو تھھ ڏئي پوءِ تازي تيار ٿيل ڪانڪريٽ سان وڌيڪ ڪم چالو رکجي، جيڪڏھن ڀرائي تمام گھڻي ٿلھي آھي جا ھڪ تھھ سان پوري نھ ٿي ڪري سگھجي تھ ھر ٻيو تھھ پھرئين تھھ جي ڄمڻ کان اڳ ۾ ڏنو وڃي.

        اٽڪل ١٥٠ فوٽن کان وڌيڪ ڊيگھھ وارين اڏاوتن جي حالت ۾ واڌ وارو جوڙ (Expansion Joints)  ڏيڻ تمام ضروري آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org