سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: ڪپهه جي ڪهاڻي‍‍

باب: --

صفحو :3

امريڪي ٻوٽي جي ڪهاڻي

”ادا پڇندڙ، تنهنجين ڳالهين مان مون سمجهيو ته منهنجن ساٿين توسان ڪارخاني ۾ سمورو بيان ڪري ڇڏيو آهي. باقي هاڻي جو مون کان منهنجي نازڪ صحت بابت پڇين ٿو سو بيان به دل سان هنڊائي ٻڌ ته مون مان وڌيڪ پيدائش هٿ ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

هڪ ته اوهان کي اهي جنسون پوکڻ گهرجن جن جي آزمودي موجب علائقي جي آب و هوا تي چڱي پيدائش ڏيڻ جي اميد هجي. انهيءَ جنس ۾ ٻي ڪا جنس گاڏڙ نه هجي. ٻيو ته پوک ۾ في ايڪڙ اٽڪل ٽيهه هزار ونئڻن جا ٻوٽا هئڻ ضروري آهن، ڇو ته وڌيڪ ڇڊي پوک پيدائش گهٽ ڏيندي. جيڪڏهن سال بسال ساڳي زمين ۾ خاصي تياري سان ونئڻ پوکيو ۽ ربيع جي موسم ۾ ساهي ڏيو ته به پيدائش چڱي لهڻ جي اميد رکي سگهو ٿا.

ونئڻن کي مناسب ڀلي زمين تي، چڱيءَ طرح ڪمائي ڪري ڀاڻ ملائي پوءِ پوکجي. انهيءَ زمين جو سياري جي موسم ۾ جهنگ ڪپي، سُڪيءَ جا ٻه هر ڏجن ته زمين اُس ۽ هوا کائي. پوک کان اڳ ڏهن کان ويهه گاڏيون وٿاڻ جو ڀاڻ ملائي ٻيا به سڪيءَ جا ٻه هر ڏجن، پوءِ زمين جا ڀتر ڀڃي ان کي سنوت ۾ آڻجي. اهڙيءَ طرح ڪمايل زمين ۾ سڌا ٻنا ٻڌجن ۽ هرهڪ ٻارو ڏهن گهُنٽن جو هئڻ گهرجي. يعني ته ايڪڙ ۾ چار ٻارا هجن. پاڻيءَ جو اهڙو نمونو هجي جو هرهڪ ٻارو الڳ پياري سگهجي.

زمين کي ٻه مضبوط ريج ڪجن، هرهڪ چئن انچن پاڻي جو. وٽ ۾ اچڻ تي به يا ٽي هر ڏيئي سانهر گهمائي، ڀتر ڀڃي، ٻج ناڙيءَ رستي پوکڻ گهرجي. هي جو ونئڻن جي فصل ۾ اڪثر جوار جو ڇاٽو ٿا ڪن، اهو ڏاڍو نقصان ڏيندڙ آهي. ڇاٽي ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڌواڌ پيدائش گهٽ لهي. سڀ کان بهتر آهي ته ساهي واريءَ زمين تي ونئڻن جي پوک ڪجي. ڪڻڪ جي فصل کان پوءِ ونئڻن جي پوک جي پيدائش تمام گهڻو مارجيو ٿي وڃي. جيڪڏهن سياري ۾ برسيم جي پوک آهي ته انهيءَ جي پڇاڙيءَ وارو لاڀ زمين ۾ هر سان پوري، هفتي بعد پاڻي ڏيئي گاهه کي زمين اندر ساڙي، پوءِ زمين تيار ڪجي ته پوءِ گهڻي قدر چڱيءَ پيدائش ملڻ جي اميد رهندي. وري به اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان ته ونئڻن جي پوک ساهيءَ واريءَ زمين تي پوکيو ته تمام چڱو.

اسان جي زمين ۾ خاص ڪري نائٽروجن جي خوراڪ جي گهٽتائي آهي. هي جو فقط ولائتي ڀاڻ تي زور ٿا ڏيو سو ڪڏهن نه ڪڏهن زمين ۾ خرابي پيدا ڪندو. منهنجي صلاح آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ چوپائي مال جو ڀاڻ موجود نه آهي ته سائي ڀاڻ جو استعمال ڪريو ۽ ان سان گڏ، ڀلي ولائتي ڀاڻ ڪم آڻيو ته پوءِ، نه فقط فصل ڀلو ٿيندو پر زمين پڻ سڌري ويندي. سائي ڀاڻ لاءِ گوار، سڻي، مٽر ۽ برسيم جو پويون لاڀ ڪم آڻيو. ونئڻن جي فصل لاءِ زمين ۾ فصلن جي هن طرح مٽاسٽا ڏاڍي فائدي واري ثابت ٿي آهي.

مٽاسٽا نمبر پهريون: ونئڻ، ڪڻڪ يا تيلي ٻج، خالي.

مٽاسٽا نمبر ٻيون: خالي، ڪمند، ونئڻن، ڪڻڪ.

مٽاسٽا نمبر ٽيون: سائو ڀاڻ، ڪمند، ونئڻ، برسيم، مڪئي، ربيع جا تيلي ٻج.

مٽاسٽا نمبر چوٿون: سائو ڀاڻ، ڪمند، ڪپهه، مڱ، ڪڻڪ.

مٽاسٽا نمبر پنجون: ڪڻڪ، ڪپهه، ربيع جا تيلي ٻج، خالي.

ونئڻن پوکڻ وقت نائٽروجن ۽ فاسفورس جا ڪيميائي ڀاڻ زمين ۾ ناڙي ڪجن ۽ وري انهن ڀاڻن جي ڇٽ گل ٻاٽيءَ وقت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ بابت زراعت کاتي وارن کان هدايتون وٺڻ گهرجن. ونئڻن جي فصل ۾ بُگَ جون نشانيون ظاهر ٿين ته ڪيميائي ڀاڻ جي ڇاٽي سان اهي دور ڪري، پوک کي تندرست رکي سگهجي ٿو. انهيءَ وقت اهو به جاچڻ گهرجي ته اهي ڪمزوريءَ جون نشانيون ٻوٽن ۾ بيماريءَ يا جيتن رستي ته پيدا ڪونه ٿيل آهن. جيڪڏهن جيتن يا ٻيءَ بيماري رستي پيدا ٿيل هجن ته سڄڻن کان صلاح وٺو. ٿي سگهي ٿو ته زمين ۾ ٻوٽن لاءِ کاڌو خوراڪ چڱو موجود هجي پر بيماريءَ يا جيتن سبب ٻوٽن جي تندرستي سالم نه هجي.

جيڪڏهن ونئڻن ۾ نائٽروجن جي گهٽتائي آهي ته ٻوٽو قد ڪونه ڪندو ۽ سندس پن جهڪا ساوا ٿيندا ۽ سندن ڏانڊيون ۽ ڦاڪون قد ۾ ننڍيون ٿي پونديون. زردي پن واري پوک ۾ جيئن ڏينا لڳندا ته پن وڌيڪ زردا ٿي ويندا، ڇو ته پنن جي نائٽروجن ڏينن ۾ وڃي ٿي. پوءِ پن جو رنگ ڳاڙهو ۽ آخر ۾ خاڪي ٿي پوندو ۽ ڇڻي پوندو. نائٽروجن جي گهٽتائيءَ سبب ٿي سگهي ٿو ته گل نڪرڻ سان ئي ڇاڻو ڪن. اهڙن ڏينن ۾ جڏهن ڪپهه ٺهندي، تڏهن انهيءَ ۾ ٻج ٿوري اندازي ۾ ڪمزور هوندو. تنهنڪري فصل کي نائٽروجن جي بک ڏيڻ نه گهرجي ۽ نائٽروجن وارن معدني ڀاڻن جي ٻُڪيءَ سان سندس بک لاهجي.

پوک ۾ جنهن ٻئي کاڌي جي عام طرح کوٽ رهي ٿي سو آهي فاسفورس جو کاڌو. گهم وارن هنڌن تي زمين ۾ اڪثر فاسفورس جي کوٽ رهي ٿي، جنهنڪري پنن جو رنگ ڳوڙهو سائو ٿيو پوي پر قد به مارجي وڃي ٿو ۽ ٻوٽي ۾ گل به دير سان لڳن ٿا. اهڙن ٻوٽن تي بيماريءَ جو حملو پڻ وڌيڪ ٿئي ٿو. اهڙي فصل کي فاسفورس جي ڀاڻ جو ڇاٽو ڏيو.

پوٽاش جي کاڌي جي گهٽتائيءَ سبب ٻوٽي تي لوهه جي ڪٽ جهڙا نشان ٿي پون ٿا. پن ۾ پهريائين اڇا زردا گهنجيل نشان نظر ايندا، پوءِ اُن جو رنگ بدلجي زردو سائو ٿي پوندو. ۽ آخر ۾ سندس نَسُنِ جي وچ ۾ زردو رنگ وڌيڪ ظاهر ٿي پوندو. اهڙن نشانن جو وچ، پوءِ خاڪي يا ناسي نشان ڏيکاريندو، جيڪي خاص ڪري پنن جي چوٽيءَ، ڪنارن ۽ پنن جي نَسن جي وچ ۾ هوندا. پوءِ پنن جو رنگ ڳاڙهو ناسي ٿي پوندو ۽ پن مري ۽ ڪِري پوندا. نتيجو اهو نڪرندو ته گوگڙا ٺيڪ نه لڳندا، قد ماريندا ۽ چڱيءَ طرح ڪونه کُلندا. اسان جي زمين ۾ پوٽاش اڪثر چڱو ٿئي ٿو پر تڏهن به شايد ان جي کوٽ محسوس ٿئي. اڪثر وارياسين زمينن ۾: سانگهڙ ۽ ان جي چؤطرف زمين ۾، پوٽاش جي ڪمي ڏسجي ٿي؛ تنهنڪري اهڙين زمينن ۾ نائٽروجن ۽ فاسفورس جي معدني ڀاڻن سان گڏ پوٽاش جو معدني ڀاڻ به ملائجي ته پيدائش وڌيڪ ملي.“

 

امريڪي ٻوٽي وري به تاڪيد ڪيو ته ”نائٽروجن جي گهٽتائي هجي يا فاسفورس جي ڪمي يا پوٽاش جي کوٽ ته اهي سڀ حالتون معدني ڀاڻ جي استعمال سان سڌري سگهن ٿيون. انهيءَ واسطي سڄاڻن کان صلاح وٺڻي پوندي. کاڌي جي ڪميءَ جي بيان کان پوءِ اچو ته اوهان کي جيتن ۽ بيمارين جي حملي بابت به ٻڌايان.

ونئڻن جي پاڙن جي ساڙي وارا ٻوٽا کيتيءَ جي ٽُڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن؛ جنهنڪري پن يڪدم ڪومائجي ۽ لڙڪي پوندا آهن. پاڙون ڇلجي ۽ تاندورن وانگر ٿي پونديون آهن ۽ سڙڻ لڳنديون آهن. اهو مرض فصل ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين نظر ايندو آهي. هن جو ڪوبه علاج ڪونهي. اهڙن ٻوٽن کي پٽي، ساڙي ڇڏيو ۽ اهڙيءَ زمين تي ٽي-چار سال فقط جوئر جي پوک ڪريو.

ٻيو مرض آهي ڏينن جو سڙڻ: هي مرض آگسٽ مهيني کان وٺي چونڊي تائين هلي ٿو. هن ۾ بيمار ڏينا پنهنجو سائو رنگ ڇڏي، خاڪي رنگ تي مائل ٿي سڪي وڃن ٿا. اهڙن ڏينن کي چونڊي، ساڙي ڇڏيو. انهيءَ کي روڪڻ لاءِ ٻج کي دوائن سان ملائي پوکيو ته بچاءُ ٿئي. ٻيون بيماريون آهن جيتن واريون، جن لاءِ پڻ زراعت کاتي وارن سان صلاح ڪري ڦوهاري وغيره سان بچاءُ ڪريو. اُهي هي آهن:

1. ڪَڪڙن کي پوکڻ وقت تڏ کايو وڃي؛ تنهنڪري ڪڪڙن کي دوا ملائي پوءِ پوکيو.

2. ننڍن ٻوٽن کي گاهه جو مڪڙ کائي ٿو. هن لاءِ زرعي کاتي کان صلاح وٺو.

3. ٻوٽن کي اُڏوهي لڳي ٿي. ان لاءِ يڪدم پاڻي ڏيو.

4. ٻوٽن تي جيتن جو مارو ٿئي ٿو. ان لاءِ ڦوهارو لڳايو.“

        ڪپهه جي ٻوٽي اتي ٿورو ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”ونئڻن جي فصل مان گُڏ رستي گاهه ڪچرو ڪڍي ڇڏڻ ۾ اڪثر ڪري سُستي ڪئي وڃي ٿي. ٻن يا ٽن گُڏن ڪڍڻ لاءِ اسان جي پوکيندڙن کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته ونئڻن جي فصل مان اڻ گهربل ٻوٽا نه ڪڍڻ سبب پيدائش کي اڌ کان وڌيڪ ڌڪ لڳي. سنڌ ۾ ٽيهٺ مختلف اڻ گهربل ٻوٽن کي ڏٺو ويو آهي، جي فصل ۾ اچي ٿا ظاهر ٿين ۽ زمين مان کاڌو خوراڪ چوسي اصل فصل کي بکيو ٿا رکن. فصل جو پاڻي پڻ چوسين ٿا، تنهنڪري گڏ ڏيئي ۽ ٻين طريقن سان به انهن کي ختم ڪرڻ گهرجي.

هن وقت بازار ۾ گهڻيون ئي ڪيميائي دوائون آهن، جن سان اهڙن اڻ گهربل ٻوٽن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، پر انهن جي استعمال بعد جيڪو ٻيو فصل پوکجي ٿو، تنهن کي پڻ اهي دوائون نقصان ٿيون پهچائين؛ تنهنڪري گند گاهه ختم ڪرڻ لاءِ ڪيميائي رستو ڪم نه آڻڻ گهرجي. سڀ کان سٺو طريقو آهي گُڏ رستي انهن جي پاڙ پٽڻ جو. گُڏ، هر، ڪوڏر يا رنبي رستي ڪڍجي، جيئن مناسب هجي. اڻ گهربل ٻوٽن کي ٻج پچائن کان پهريائين ختم ڪجي نه ته ٻج ڇاڻو ڪري زمين تي ڦُٽي گاهه ڪچري کي زور وٺائيندا. اهي ڪسيون، ناليون ۽ اڏون جن مان پاڻي اچي ٿو، انهن کي ڪنارن سميت بلڪل صاف رکڻ گهرجهي نه ته ڪيترن ئي خراب ٻوٽن جا ٻج پاڻي سان گڏ بيٺل فصل ۾ پکڙجي ويندا ۽ اُتي ڦٽي ڪري فصل کي نقصان پهچائيندا. خالي زمين کي هر ڏنل هوندا ته اهڙا ٻوٽا پنهنجو قدم نه ڄمائيندا.“

__________

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org