سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: ڪيميائي سعادت-1

باب: --

صفحو :6

علم ڪلام ۾، امام غزاليءَ جو درجو اهڙو آهي، جهڙو علم منطق ۾، ارسطاطاليس جو آهي. اڳي، علم ڪلام ۾“ فلسفه ڪونه هو،  پر امام صاحب، جيئن مذهب ۾ فلسفه ملايو، تيئن علم ڪلام  ۾ به اُهو ملايائين. اڳي، علم ڪلام جا  ٻه رستا هئا. عقلي ۽ نقلي. امام صاحب نقلي به، عقليءَ ۾ داخل ڪري ڇڏيو. هن ڪوشش ڪري، اسلامي عقائد کي سچو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ۽ فلسفه وغيره کي باطل ڪري ڏيکاريو اٿس. منطق جي نسبت ۾ امام صاحب، ساڳيو ئي رستو ورتو آهي. مثلن هُن، فلسفه جا هي مسئلا، حجتن سان رد ۽ باطل ڪيا آهن ته عالم، ازلي يا ابدي آهي؛ خدا،  عالم جو صانع ناهي، خدا جو وجود ثابت ٿي  نه سگهندو، خدا جي توحيد ۽ سندن صفتون، نا ثابت آهن؛ خدا کي جنس ۽ فصل نه آهن، خدا جي ذات بسيط ۽ بلاماهيته آهي؛ جزيات جي خبر نٿو رکي، يا پنهنجي ذات،نٿو ڄاڻي وغيره. امام صاحب، اسلام جا عقيدا، عقلي دليلن  سان ثابت ڪيا آهن. اڳوڻي علم ڪلام ۾ هن، گهڻي ڦير گهير ڪئي.، شرعي حڪمن جي تفسير ۽  تاويل جي لاءِ هن، خاص اُصول ۽ قانون ٺاهيا جي هن پنهنجي ڪتاب ”التفرقه بين الاسلام و الزندقه“ ۾ ڏنا آهن. امام صاحب جي علم ڪلام ۾، خاص الهيات جو ذڪر آهي ۽ خداز تعاليٰ جي صفتن ۽ نبوت ۽ معجزي يا ڪرامت (حسي، توڙي خيالي، توڙي عقلي)، شرعي سزائون، عذاب ۽  ثُواب موت کان پوءِ جو حال، روح جي حقيقت، قيامت، بهشت، دوزخ، اُنهن جي خاص سمجهاڻي ڏني اٿس، جا شرعي يا ديني به آهي ۽ عقلي به آهي.

      علم تصوف- هن علم ۾ به امام غزاليءَ جو اُهوئي درجو آهي، جو ارسطوءَ جو منطق ۾ آهي. هن ڏيکاريو آهي ته تصوف، شروع ۾ زهد ۽ عبادت جو نالو هو. اهو، علم ۽ عمل مان مرڪب ٿيو آهي. فرق هيءُ آهي ته شريعت ۾، علم کان پوءِ عمل پيدا ٿو ٿئي ۽ تصوف ۾، انهيءَ جي برعڪس، عمل کان پوءِ علم پيدا ٿو ٿئي. مجاهده ۽ رياضت، ضروري آهي ۽ انهن جي لاءِ، دل جي صفائي ضروري آهي. تصوف هڪڙي قسم جو باطني علم آهي، مگر انهيءَ جا نتيجا يعني مقامات، عجيب غريب آهن.

      اسلامي عقائد وغيره جي تجديد ۽  اصلاح – اڳي، مذهب، خواه حڪمت، خواه  عقليات، خواه ٻين ڳالهين ۾، تقليد يا اعتقاد جي پابندي عام هئي. آزادي ڪانه هئي، جا امام صاحب وڌي. معتزله، باطنيه، اشعريه، ماتريديه، حنبليه ۽ ڪيترائي ٻيا مذهبي فرقا هئا جن جا پاڻ ۾ اختلاف هئا، ۽ انهيءَ جي ڪري، سندن وچ ۾ جهيڙا جهڳڙا ٿيندا هئا. جدا جدا اسلامي ملڪ، جدا جدا مذهب رکندا هئا. امام  صاحب، اصل تقليد ڇڏي ڏني. ديني عقيدن جي نسبت ۾ پهرين، اُهي خاص عقيدا بتايا هئائين، جن تي ڪفر ۽ ايمان يا اسلام جو مدار آهي. جن ڳالهين ڪري، هڪڙا فرقا، ٻين کي ڪافر سڏيندا هئا، تن جي غلطي ظاهر ڪيائين. قرآن ۽ حديث جي حڪمن جي تاويل يا سمجهاڻيءَ جا اُصول سمجهايائين. انهيءَ اصلاح جو اثر اهو ٿيو، جو مذهبي جهيڙا بند ٿيڻ :ڳا، ۽ سڀ فرقا تعصب ڇڏي، هڪٻئي جا همدرد ٿيا. مناظره ۽ مباحثن ۾ به اڳي، ماڻهو، هڪٻين سان سخت ڪلامي ۽ بد زباني ڪندا هئا. امام صاحب، انهيءَ ۾ به سڌارو ڪيو ۽ اُنهيءَ جي خرابي،ا حياء العلوم ۾ به ڏيکاريائين. مذهبي ڳالهين ۾ اڳي، عقلي دليل ڪم آڻيندا هئا، پر امام صاحب ڏيکاريو، ته عقلي ۽ نقلي، گڏ ڪم اچي سگهن ٿا، جيئن احياء العلوم ۽ ٻين ڪتابن ۾، انهيءَ جو ذڪر ڪيو اٿس. مذهبي ڳالهين ۾، جيئن ته عذاب ۽  ثواب ۽ قيامت وغيره ۾، جسمانيت جو غلبو هوندو هو، پر امام صاحب، جسمانيت جي اندران، روحانيت جي ضرورت ۽ حقيقت ڏيکاري ۽ چڱن بڇڙن ڪمن يا نتيجن جي جوابداري، سڀ انسان تي رکيائين ۽ گهڻين ديني ڳالهين جي حقيقي يا روحاني معنيٰ ظاهر ڪيائين ۽ نه جسماني، جيئن ڪه بهشت، دوزخ، حور، قصور وغيره.

        تعليم جي ڪم ۾ به امام صاحب، گهڻي اصلاح ڪئي. اڳي  عقلي ۽ صنعتي علم، جيئن ته طب وغيره، مدرسن جي درس ۾ داخل نه هئا، يا  ته وري عقلي علم، جيئن منطق، رياضي وغيره ڏي ايترو زياده ڌيان ڏيڻ ۾ آيو، جو ديني علم وسري ٿي ويو. امام صاحب، اُهي سڀ علم گڏي ڇڏيا ۽ پوري حد جي اندر، اُنهن سڀني جي ضرورت ڏيکاريائين.  ساڳيءَ طرح، فقه يا ديني علم به، دنيوي علمن ۾ داخل ڪيائين، ۽ شرعي علمن جو غلط  استعمال بند ڪيائين، ۽ فقهي مناظره کان گوشو ڪيائين ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ڪهڙن علمن جو سکڻ فرض عين آهي، ۽ ڪهڙن جو فرض ڪفايه يا ڪهڙي علم جو ڀاڱو فرض عين ۽ ڀاڱو فرض ڪفايه آهي، جيئن طب ۽ حساب وغيره فرض ڪفايه آهي. انهيءَ طرح منطق ۽ فلسفه به، ديني تعليمي نصاب ۾ داخل ٿي ويا. ساڳيءَ طرح، اخلاقي ۽ ملڪي ڪمن ۾ به امام صاحب سڌارو ڪيو.، عالمن ۽ جاهلن جا عيب ۽ حاڪمن جا ظلم ظاهر ڪيائين ۽ ڊپ کان سواءِ وعظن، تقريرن ۽ تحريرن جي وسيلي، انهن کي نصيحتون ڏنائين، جيئن بني اُميه ۽ عباسي خليفن جي وقت ۾ طائوس  يماني ۽ سفيان ثوري ۽ ابو حازم ڪندا هئا. امام صاحب،بادشاهن جي لاءِ به هدايت نامه يا نصيحت نامه لکيو. انهن سڌارن  جو اثر، سگهوئي ظاهر ٿيڻ لڳو ۽ بهتر عالم، بهتر  حاڪم، وزير ۽ بادشاهه ٿيڻ لڳا.

        امام غزاليءَ تي، انهيءَ وقت جي ملڪي ۽ قومي حالتن جو گهڻو اثر پيو هو، تنهن ڪري هُن، اُهي سڌارا ڪرڻ چاهيا. ويهن ورهين کان وٺي پنجاهه ورهين جي عمر تائين، جدا جدا ملڪ گهميو ۽  جدا جدا قومن، مذهبن، علمن ۽ فرقن وارن ماڻهن سان گڏيو. بغداد جهڙي عظيم شهر ۾ رهڻ ڪري، هن کي اهو چڱو موقعو مليو. سندس طبيعت ته اڳئي، سڀ ڪا ڳالهه جانچي ڏسڻ ۽ تحقيقات ڪرڻ ڏي مائل هئي. بحث مباحثه ڪري، پاڻ عيب ۽ اعتراض معلوم ڪيائين، جنهنڪري هن کي سڌارو ڪرڻ آسان ٿيو.

        امام صاحب جي سڌاري جو اثر، عام طرح علم، فلسفه ۽  علم ڪلام تي ٿيو، جو خود يورپ وارا به انهيءَ کي قبول ڪرڻ لڳا. شعر ۽ شاعريءَ تي به امام صاحب جو اهو اثر ٿيو ته قصيدا ۽ ٻيو خوشامد جو شعر، جو اڳي عام هو، سو گهٽجڻ لڳو ۽ اخلاقي ۽ وعظي مضمونن تي شعر لکجڻ لڳو ۽ عبارت به  سليس ڪم ۾ اچڻ لڳي ۽ تصوف جو مادو به منجهس زياده ٿيڻ لڳو.

        پڇاڙيءَ ۾ ايترو لکڻ ضروري آهي ته اگرچه امام غزالي، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي علميت، قابليت ۽ لياقت جي ڪري نالو ڪڍيو، جو حجة الاسلام جو لقب مليس، جو اڃا تائين هلندو اچي، تڏهين به سندس حياتيءَ ۾ توڙي کانئس پوءِ مخالفت به برخلاف گهڻي هئي. تقليد کان آزاد ٿيڻ،ا ُنهيءَ مخالفت جو هڪڙو وڏو سبب هو. سڀني فرقن جا علماءَ، سندس برخلاف ٿيڻ لڳا ۽ سندس برخلاف، بادشاهن وٽ، پُڪارون ڪيائون. سندس مخالف عالمن مان مکيه هي هئا: ابن العربي، قاضي عياض، طرطوشي، ابن الصلاح، ابن جوزي، ابن تيميه،  ابن قيم، مارزي، يوسف دمشقي ۽ ڪي ٻيا. انهن، امام صاحب جي ڪتابن تي نڪته چيني ڪئي آهي ۽ اعتراض آندا آهن ۽ سندس برخلاف، رايون ڏنيون آهن. نموني لاءِ، هڪ مثال ڏجي ٿو: سندس نسبت ۾، ابو الوليد طرطوشي، هيئن لکي ٿو ته: ”مون، غزاليءَ کي ڏٺو آهي. بيشڪ هو ذهين، فاضل ۽ فن جو واقف آهي. گهڻي مدت تائين، درس تدريس ۾  مشغول رهيو. پر نيٺ، ٻيو سڀ ڇڏي، وڃي صوفين سان گڏيو ۽ فلسفي خيال ۽ منصور حلاج جون پروليون، نئين مزهب ۾ گڏيائين ۽ فقيهن ۽ متڪلمين جي نسبت ۾، گهٽ وڌ چوڻ لڳو. تصوف ۾، پورو ماهر نه هو، تنهن ڪري احياء العلوم لکڻ وقت، وڃي ڪنڌ ڀر ڪريو ۽ اُنهيءَ ڪتاب ۾، موضوع حديثون، زور ڪري وڌائين.“

بِسِمِ اَلله الّرَحمٰن اَلّرَحِيم

ڪيميائ سعادت – ڪيميائ ڪرامت

ثنائ باري تعاليٰ

        بي حساب شڪرانو، آسمان جي تارن ۽ مينهن جي ڦڙن ۽ وڻن جي پنن ۽ ريگستان جي واريءَ جي ذرن ۽ زمين ۽ آسمان جيترو، اُنهيءَ  خدا کي جڳائي، جنهن جي صفت، يگاني يا هيڪڙائي آهي ۽ جنهن جي خاصيت، بزرگي ۽ وڏائي ۽ چڱائي آهي. انهيءَ جي جلال جي ۽ ڪمال جي، ڪنهن به بندي کي خبر ڪانهي ۽ اُنهيءَ جي معرفت جي، حقيقت ۾، اُنهيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي به واٽ ڪانهي، بلڪه اُنهيءَ جي معرفت جي، حقيقت ۾،  پنهنجي عاجزيءَ جو اقرار ڪرڻ، صديقن جي معرفت جي  حمد آهي ۽ اُنهيءَ جي حمد ۽ ثنا ۾، پنهنجي تقصير جو قبولدار ٿيڻ، ملائڪن ۽ پيغمبرن جي تعريف جي انتها آهي. اُن جي جلال جي پهرئين چمڪاٽ ۾ حيران ٿي وڃڻ، عقلمندن جي عقل جي غايت آهي ۽ اُن جي جمال جي نزديڪي ڳولڻ ۾ مستحير ٿي وڃڻ، سالڪن ۽ مريدن جي نهايت آهي. اُن جي اصل معرفت جي اُميد ڇڏي ڏيڻ، پنهنجو ساهه ڇڏي ڏيڻ آهي، ۽ اُن جي معرفت ۾، ڪماليت جي دعويٰ ڪرڻ، تشبيه ۽ تمثيل جو  خيال ڪرڻ آهي. اُن جي ذات جي جمال جو نظارو، سڀني  اکين کي حيرت ۾ وجهندڙ آهي، ۽ اُن جي عجيب غريب صنعتن ڏسڻ کان ضروري معرفت، سڀ عقلن جو نتيجو آهي. ڪوبه ماڻهو، اهڙو نه هوندو، جو اُن جي ذات جي وڏائيءَ ۾، اهو خيال ڪري، ته اُها ڪهڙي آهي  ۽ ڪيئن آهي؟ ۽ ڪابه دل اهڙي  نه هوندي،  جا اُن جي عجيب صنعتن کان هڪڙو لحظو  غافل رهي، ته هن جي هستي ڇاسان آهي ۽ ڪنهن سان آهي؟ جيئن ته نيٺ معلوم ڪري ته سڀڪا شيءِ اُنهيءَ جي قدرت جي  نشاني آهي ۽ اُنهيءَ جي وڏائيءَ جي روشنائي آهي ۽ سڀ عجائب ۽ غرائب، اُنهيءَ جي حڪمت آهي ۽ انهيءَ جي جمال جو پرتو آهي ۽ جيڪي آهي، سو اُنهيءَ کان آهي ۽ سڀ ڪجهه اُنهيءَ جي مدد سان آهي،   بلڪه سڀڪجهه اُهو پاڻ آهي، جو ڪنهن به شيءِ کي، اُن جي هستيءَ کان سواءِ، حقيقت ۾ ڪا هستي ڪانهي، بلڪه سڀني جي هستي، اُنهيءَ جي هستيءَ جي نور جو پرتو آهي.

        تنهن کان پوءِ، درود لامحدود محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم تي جُڳائي، جو سڀني پيغمبرن جو سردار آهي ۽ سڀ ڪنهن ايماندار جو رهنما ۽ رهبر آهي ۽ ربوبيت جي اسرار جو امانتدار ۽ چونڊيل حضرت پروردگار جو آهي ۽ سندس يارن ۽ اهلبيت تي  جُڳائي، جن مان هر هڪ، اُمت جو پيشوا ۽ شريعت جي رستي ڏيکارڻ  وارو آهي.

        تنهن کان پوءِ ڄاڻڻ گهرجي ته خدا تعاليٰ، ماڻهوءَ کي، راند ۽ چرچي بازيءَ لاءِ پيدا نه ڪيو آهي، پر اُن جو ڪم، توڙي خطرو وڏو آهي، ڇالاءِ، جو جيتوڻيڪ هو ازلي ناهي ته ابدي ته بيشڪ آهي، يعني جيڪڏهن هميشه کان ناهي ته هميشه تائين ته ضرور آهي ۽ جيتوڻيڪ هن جو بدن، مٽيءَ جو خسيس ۽ ناچيز آهي، تڏهن  به هُن جي روح جي حقيقت، رباني ۽ عزيز   آهي. اگرچه هن جو اصل شروع کان چرندڙ ۽ ڦاڙيندڙ جانورن ۽ شيطانن جي صفتن سان ملي، اُنهيءَ ميل سان ڀريل آهي، ته به جڏهين، مشقت جي بوتي ۾ رکجي ٿو، تڏهين اُنهيءَ آميزش ۽ آلايش کان  پاڪ ٿي، درگاهه الاهيءَ جي نزديڪ پهچڻ جي لائق بنجي ٿو ۽  اسفل السالفين کان،ا عليٰ عليين تائين، يعني تمام  هيٺانهين درجي کان، تمام مٿانهين درجي تائين، سڀ هيٺانهيون مٿانهيون، اُن جو ڪم آهن. اُنهيءَ جو اسفل السافلين اهو آهي ته چرند ۽ درند شياطين جي درجي ۾ ڪري، شهوت ۽ غصي جي ڦندي ۾ ڦاسي؛ ۽ انهيءَ جو اعليٰ عليين اهو آهي، ته ملائڪن جي درجي تي پهچي ۽ شهوت ۽ غصي جي هٿن مان ڇوٽڪارو لهي، يعني اهي ٻئي، هُن جا قيدي ٿين ۽ هو، انهن جو بادشاهه بنجي. جڏهن اهو مرتبو بادشاهيءَ جو، انهن کي حاصل ٿئي ٿو، تڏهن هئو، جناب الاهيءَ جي بندگيءَ جو لائق ٿئي ٿو ۽ اها بندگيءَ جي لياقت ۽ قابليت، ملائڪن جي صفت آهي ۽ آدميءَ جو ڪمال مرتبو آهي. جڏهن حضرت الاهيءَ جي جمال جيمحبت جي لذت، هن کي حاصل ٿئي ٿي، تڏهن اُن جي ديدار کان هڪڙو دم به هن کي صبرنٿو اچي، اُنهيءَ جمال  لازوال جو ديدار، هن جي لاءِ، بهشت ٿي ٿو پوي ۽ اک ۽ پيٽ ۽ فرج جي شهوت جي حصي جو بهشت آهي. اُهو، انهيءَ جي اڳيان، ناچيز ٿيو پوي ۽ ڪي به ڪين آهي. شروع خلقت ۾، جڏهن ماڻهوءَ جو اصل ناقص ۽ ناچيز آهي، تڏهن اُنهيءَ کي نقصان کان، ڪمال جي درجي تي پهچائڻ ممڪن نه آهي، سواءِ مشقت ۽ علاج ڪرڻ جي، جهڙيءَ طرح اُها ڪيميا، جا  ٽامي ۽ پتل کي پاڪ ۽ صاف ڪري، سون ڪيو ٿي ڇڏي، سا تمام مشڪل ۽ ڪامياب آهي ۽ سڀڪو ان کي نٿو ڄاڻي يا سڃاڻي، تهڙيءَ طرح، هيءَ ڪيميا به، جا ماڻهوءَ جي اصل کي حيوانن جي ڪس ۽ ڪشافت کان، ملائڪن جي صفائيءَ ۽ نفاست تائين پهچائي ٿي، جنهن ڪري هُن کي، سعادت ابدي حاصل ٿئي ٿي، سا به مشڪل آهي ۽ اُنهيءَ جي، سڀ ڪنهن کي خبر ڪانهي. هن ڪتاب بنائڻ مان، اُنهيءَ ڪيميا جي جُزن بيان ڪرڻ جو مدعا آهي، جا حقيقت ڪري، سعادت جي،  ابدي ڪيميا آهي، تنهن ڪري هن ڪتاب جو نالو، اسان ڪيميائي سعادت رکيو آهي. ڪيميا جو نالو، هن ڪتاب تي تمام مناسب ٿو اچي ۽ ڇالاءِ جو ٽامي ۽ سون ۾ پيلائيءَ (پيلاڻ) ۽ ڳورائيءَ (ڳوراڻ) کان سواءِ، ٻيو ڪو فرق ڪونهي ۽ اُنهيءَ ڪيميا سان، دنيا ۾ دولتمند ٿيڻ ؛کان سواءِ، ٻيو ڪي به ڪين آهي. چوپاين جانورن جون عادتون ۽ ملائڪن جي صفتن ۾، زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. هن ڪيميا جو نتيجو،  سعادت ابدي، جنهن جي عرصي يا مدت جي حد يا پُڄاڻي ڪانهي ۽ ڪنهن به ڪس يا ميل کي، اُن جي نعتمن جي صفائيءَ  ۾ دخل ڪونهي. حقيقت ڪري، هيءُ ڪتاب، ڪيميا آهي. اُنهيءَ کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي، ڪيميا چوڻ، بيجا ۽ اجايو آهي.

تفصيل، ڪتاب جي ارڪان ۽ اُصولن جو

        اي عزيز! ڄاڻ ته جهڙيءَ طرح، سون واري ڪيميا، سڀ ڪنهن ٻُڍيءَ  زال جي ڀُنگيءَ ۾، ماڻهن کي هٿ نه ٿي اچي، پر وڏن ماڻهن يا بادشاهن جي خزاني ۾ لڀي ٿي، تهڙيءَ طرح، سعادت ابديءَ واري ڪيميا به، سڀ ڪنهن هنڌ ملڻ جي ناهي، فقط خدائي خزاني ۾ لڀي سگهي ٿي. ۽ خداوند ڪريم جو خزانو، آسمان ۾، ملائڪن جي ذات آهي ۽ زمين ۾، انبيائن جي دل آهي. جيڪو ماڻهو، اها ڪيميا، نبوت جي درگاهه کان سواءِ، ٻئي ڪنهن هنڌ ڳوليندو، سو رستو گم ڪندو ۽ نيٺ، نااُميد  ۽ پشيمان ٿيندو ۽ خيال، خام کان سواءِ، ٻيو ڪي به ڪين اُنهيءَ کي حاصل ٿيندو. قيامت ۾، انهن جي مفلسي، ظاهر ٿي پوندي ۽ ساريءَ خلق کي، انهن جي کوٽي پئسي جي خبر پوندي  ۽ اُنهن جي اونڌي سمجهه، پڌري ٿي پوندي.

”فڪشفنا عنڪ غظاءَ ڪ فبصرڪ اليوم حديھ  (يعني هاڻي اسان، توتان تنهنجو پردو کنيو ۽ اڄ، تنهنجي نظر تيز آهي).

ارحم الراحمين جي وڏين رحمتن مان هڪڙي رحمت اها آهي، ته هڪ لک چوويهه هزار پيغمبر صلوات الله عليهم اجمعين،دنيا ۾ خدا پاڪ موڪليا، انهيءَ لاءِ ته هن ڪيميا جو نسخو، خلق کي سيکارين ۽  دل جي نقد کي، مجاهدي ۽ مشقت جي بوتي ۾ رکڻ سمجهائين. ۽ ٻڌائين ته برا  اخلاق، جن ڪري دل مري ۽ ڪسيل ٿئي ٿي، سي ڪيئن پاسي ڪجن ۽ چڱا اوصاف، ڪيئن دل ۾ موجود ڪجن؟ انهيءَ ڪري، حق تعاليٰ، پاڪائيءَ ۽ بادشاهيءَ سان جهڙيءَ طرح، پنهنجي تعريف ڪئي، تهڙيءَ طرح، نبين کي موڪلڻ تي به پنهننجي توصيف ڪئي ۽ مخلوق تي، پنهنجو احسان ڏيکاريو ۽ فرمايائين ته:

”يسبج الله مَافي المسوات و مافي الارض الملڪ القدوس العزيز الحڪيم هولذي بعث في الميتين رسولا منهم يتلوا عليهم اياته، و يزڪيهم و يعلمهم الڪتب ولحڪمة و ان ڪانوا من قبل  لفي ضلال مبين“ (يعني الله جي پاڪائي بيان ٿو ڪري، جيڪي آسمان  ۽ زمين  ۾ آهي. اُهو بادشاهه، پاڪ زبردست ۽ حڪمت وارو آهي. اُهوئي آهي جنهن، اڻ پڙهيلن مان، هڪڙو رسول اُٿاريو، انهن ئي منجهان، جو وٽن پڙهي ٿو الله جون آيتون ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ اُنهن کي ٻڌائي ٿو ۽ سيکاري ٿو ڪتاب ۽  حڪمت ۽ بيشڪ، اُنهيءَ کان اڳي هئا، اُهي گمراهيءَ ۾).

        هتي ”يز ڪيهم“ جي معنيٰ هيءَ آهي ته برا اخلاق، جي جانورن جون صفتون آهن، انهن کان رسول ڇڏائي ٿو ۽ ”تعلمهم الڪتب والحڪمة“ مان، هيءَ مراد آهي، ته ملائڪن جون صفتون، اُنهن کي سيکارين. هن ڪيميا مان، هيءُ مطلب آهي ته نقصان جون ڳالهيون، جي نه گهرجن، تن کان آدمي، پاڪ ۽ آجو رهي ۽ ڪمال جي صفتن سان سينگاريل رهي. سڀني ڪيميائن ۾ وڏي ڪيميا هيءَ آهي، ته دنيا کان ماڻهو مُنهن ڦيرائي، خدا ڏي منهن ڪري، جهڙيءَ طرح اڳي، رسول صلي الله عليه وسلم کي، حق تعاليٰ تعليم ڏني:

 ”و اذڪر اسم ربڪ و تبستل اليه، تبتيلا“

(يعني، ياد ڪر نالو پنهنجي رب جو ۽ سڀ کان پاڻ کي ڇڏائي، اُن ڏانهن لاڙو رک.)

        هتي ”تبتيلا“ جي معنيٰ هيءَ آهي، ته سڀ کان تعلق ۽ رستو ٽوڙ ۽ پاڻ کي، سڄوئي، پنهنجي معبود جي حوالي ڪر. اهو ، هن ڪيميا جو مجمل بيان آهي. مفصل بيان، تمام ڊگهو آهي. ليڪن چئن شين جي معرفت يا واقفيت، ان جو عنوان يا منڍ آهي ۽ چئن معاملن جي سڃاڻپ، اُن جا  ارڪان يا ٿنڀا آهن ۽ هر هڪ رُڪن جا ڏهه اصل يا پايا آهن:

        پهريون عنوان هيءُ آهي ته ماڻهو، پاڻ کي سڃاڻي. ٻيون عنوان هيءُ آهي ته حق تعاليٰ کي  سڃاڻي. ٽيون عنوان هيءُ آهي ته دنيا جي حقيقت سڃاڻي. چوٿون عنوان هيءُ آهي ته  آخرت جي حقيقت کي سڃاڻي. انهن  چئن شين جو ڄاڻڻ  يا سڃاڻڻ، حقيقت ڪري، مسلمانيءَ جو عنوان يا منڍ آهي.

        مسلماني معاملات جا چار رُڪن آهن – ٻه ظاهر سان تعلق رکن ٿا ۽ ٻه باطن سان. جي ظاهر سان تعلق رکن ٿا، سي هي آهن – پهريون رُڪن، خداجي حُڪمن جو بجا آڻڻ،  اُنهن کي ”عبادت“ چون ٿا. ٻيو رُڪن، ماڻهوءَ جو چرڻ ۽ بيهڻ ۽ دنيا جي گذران ۾ انهن کي نگاهه ۾ رکڻ، انهن کي ”معاملات“ چون ٿا. ۽ ٻه رُڪن، جي باطن سان تعلق رکن ٿا، سي هي آهن: پهريون رُڪن، دل کي خراب اخلاقن کان پاڪ ڪرڻ – جيئن ته ڪاوڙ ۽ حسد ۽  بخيلي ۽ هٺ  وڏائي  وغيره. اُنهن اخلاقن کي ”مهلڪات“ (يعني هلاڪ ڪندڙ يا ماري وجهندڙ) ۽  دين جي رستي جا ”عقبات“ يعني، نهايت مشڪل ۽ دشوار جايون يا راهون  چون ٿا. ٻيون رُڪن، دل کي چڱن اخلاقن سان سينگارڻ (جهڙوڪ، صبر، شڪر محبت، اُميد ۽ توڪل). انهن اخلاقن کي، منجيات چون ٿا.

        پهريون رُڪن، جنهن ۾ عبادات جو بيان آهي، اُنهيءَ ۾ ڏهه اصل آهن – اصل پهريون، اهلسنت جي اعتقاد بابت، اصل ٻيون، علم جي طلب بابت، اصل ٽيون، طهارت بابت، اصل چوٿون، نماز  بابت، اصل پنجون، زڪوات بابت؛ اصل  ڇهون، روزيءَ بابت؛ اصل ستون، حج بابت؛ اصل اٺون، قرآن جي تلاوت بابت؛ اصل نائون، فڪر ۽ تسبيح بابت؛ ۽ اصل ڏهون، وظيفن جي  ترتيب بابت آهي.

        ٻيون رُڪن، جنهن ۾ معاملات جو بيان آهي، تنهن ۾به ڏهه اصل آهن – اصل پهريون، طعام کائڻ جي ادبن بابت، اصل ٻيون، نڪاح جي ادبن بابت، اصل ٽيون،  واپار ۽ ڌنڌي جي ادبن بابت؛ اصل چوٿون حلال جي طلب ڪرڻ بابت، اصل پنجون، صحبت جي ادبن بابت؛ اصل ڇهون گوشه نشينيءَ جي ادبن بابت، اصل ستون، سفر جي ادبن بابت؛ اصل  اٺون، سماع يعني راڳ ۽ وجد يعني حال جي ادبن بابت، اصل نائون، امر معروف ۽ نهي منڪر جي ادبن بابت؛ ۽ اصل ڏهون، رعيت پروريءَ ۽ حڪومت بابت.

        ٽيون رُڪن، جو ”مهلڪات“ جي بيان ۾ آهي، تنهن ۾ به ڏهه اصل آهن – اصل پهريون، نفس جي رياضت بابت، اصل ٻيون، پيٽ ۽ فرج جي شهوت ۽ علاج بابت، اصل ٽيون، ڳالهائڻ جي مرض ۽ زبان جي آفتن جي علاج بابت، اصل چوٿون، غصي ۽ حسد ۽ ريس جي علاج بابت؛ اصل پنجون، دنيا جي محبت جي علاج بابت؛ اصل ڇهون، مال جي محبت جي علاج بابت، اصل ستون، عزت ۽ وڏائيءَ جي خواهش جي علاج بابت؛ اصل اٺون، ريا يا ڏيک ۽ نفاق جي علاج بابت، اصل نائون، تڪبر جي علاج بابت ۽ اصل ڏهون، غرور ۽ غفلت جي علاج بابت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org