سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:13 

ٻ

ڪجهه ٻيا مثالي خواب:

OTHER TYPICAL DREAMS

مثالي خوابن جي ٻين قسمن متعلق منهنجو پنهنجو ڪو تجربو ڪونه ٿيو آهي، جن ۾ خواب ڏسندڙ پاڻ کي هوا ۾ ڪنهن خوشگوار احساسن سان اڏامندي يا ڳڻتيءَ جي احساس سان هيٺ ڪرندي ڏٺو هجي ۽ ان موضوع تي مان جيڪو ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان، اهو نفسياتي تجزيي مان ورتل آهي. (1)بعد ۾ حاصل ٿيل معلومات منجهان مون اهو نتيجو ڪڍيو ته: اهي خواب ٻاراڻي وهيءَ جي ئي انهن يادگار نقشن ۽ تاثرن کي ٻيهر پيش ڪندا آهن، اهي يادگار نشان راندين جي انهن حرڪتن سان واسطو رکندا آهن، جيڪي ٻارن کي تمام گهڻا وڻندا آهن. اهو ڪو هڪڙو چاچو نه ٿو ٿي سگهي، جنهن پنهنجي ٻار کي پنهنجي طاقتور ٻانهن تي کڻي ڪمري ڏانهن ڊوڙندي، اڏامڻ سيکاريو هجي، يا پيرن تي ويهاري پينگهه وانگر لوڏايو هجي، يا هٿن کان جهلي ڦيرون پارايون هجن يا هيٺ مٿي ڪري کيڏايو هجي ۽ اوچتو زمين تي لاهي بيهاريو هجي.

ٻار اهڙن تجربن ذريعي ڏاڍو سرهو ٿيندو آهي، بار بار لوڏائڻ، ڦيريون پارائڻ يا ڊوڙائڻ جي باوجود ٿڪبو نه آهي، ڀلي ته ڊپ ٿيندو هجيس يا ڀنواٽي ايندي هجيس. پر خوابن ۾ هو انهن هٿن مان ڇڏائجي ويندو آهي، جن ۾ جهليل هوندو آهي، جنهن ڪري هو بنا ڪنهن سهاري جي ترندو آهي يا اڏامندو آهي.

ننڍا ٻار اهڙي قسم جي راندين مان وڏو مزو ماڻيندا آهن، خاص طور چوڏولن، ۽ چيڪلن تي چڙهڻ وقت خوشيءَ کان رڙيون ڪرڻ لڳندا آهن، ۽ جڏهن سرڪس ۾ ڪنهن مشڪري کي پاتل وڏو بوٽ ۽ ان جي منهن تي رنگ لڳل ڏسندا آهن يا ڪنهن بازيگر يا مداريءَ کي ڪرتب ڪندي ڏسندا آهن ته اهي نقش سندن ذهنن تي اڪرجي ويندا آهن، ۽ پوءِ اهي خوابن ۾ نئين سري سان اجاگر ٿيندا آهن.(2)

ڇوڪرن ۾ جنسي بيچيني يا بي قابو جذبا، ڪڏهن ڪڏهن ان قسم جي همٿ کي ٻيهر هموار ڪندا آهن، ۽ هڪ وڏي قابليت ۽ فني ڪاريگريءَ جي ذريعي ظاهر ٿيندا آهن. عام طور تي ته ائين نه ٿيندو آهي ته راندين واري ڊڪ ڊوڙ انهن کي معصوم ۽ سادو بڻائي ڇڏي ۽ انهن ۾ جنسي بيچيني يا سندن من جي بي قابو جذبن کي اڀاري ڇڏي.

اسان جو هڪ نوجوان ساٿي، جيڪو هر قسم جي پريشانيءَ ۽ ڳڻتي کان آزاد هو، ان نڪتي تي مون کي هڪ معلومات ڏنائين ته: ”اهو منهنجو شخصي تجربو ٿيو آهي ته ننڍپڻ ۾ منهنجي خاص عضوي اندر هڪ عجيب قسم جي ڇڪ پيدا ٿيندي هئي، جڏهن چوڏول تيزيءَ سان مٿان کان هيٺ ايندو هو، ان مان ايتري ته لذت ملندي هئي جو مان بيان نه ٿو ڪري سگهان.“ ائين ڪجهه ٻين مريضن به ٻڌايو ته ٻالڪپڻي ۾ اهي جڏهن ٺينگ ٽپا ڏيندا هئا ته سندن خاص عضوي جي حرڪت سان به منجهن لذت جو احساس پيدا ٿيندو هو.“ نفسياتي تجزيو ان جي تصديق ڪري ٿو ته ابتدائي جنسي جوش جون جڙون گهڻو ڪري ننڍپڻ ۾ راندين کيڏڻ ۽ ملهه وڙهڻ ۾ هونديون آهن. ان موضوع جي تفصيل فرائيڊ ”جنسيات جي نظريي جا ٽي مضمون“ (1905) ۾ آندي آهي.

ٻارن جون اهي کيڏڻ ڪڏڻ، يا ٺينگ ٽپا ڏيڻ واريون سموريون سرگرميون، گهڻو ڪري خوابن ۾ ”اڏامڻ، مٿان کان هيٺ ڪرڻ، ڀنواٽيون کائڻ“ وغيره جي صورت ۾ پيش ٿينديون آهن. اهڙيءَ ريت خوشيءَ يا لذت وارا تجربا ڳڻتيءَ جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، ۽ جيئن ته مائرون ڄاڻينديون آهن ته ٻارن جو کيڏڻ ڪڏڻ جهيڙي جهڳڙي ۽ روئڻ تي ختم ٿيندو آهي.

مون لاءِ ان نظريي کي رد ڪرڻ جو تمام سٺو سبب آهي ته ”اڏامڻ يا مٿان کان هيٺ ڪرڻ“ جا خواب، ننڊ ۾ ڪنهن ڇهاءَ جي ڪري يا اسان جي ڦڦڙن جي حساس هجڻ سبب ايندا آهن. منهنجي نظر ۾ اهي احساس، يادن جي حصي هئڻ سبب ٻيهر پاڻ ئي پيدا ٿيندا آهن، ۽ انهن يادن ۾ موٽي وڃڻ جو ڪم خواب پاڻ ڪندو آهي، اهي اسان جي خوابن جو وسيلو يا ذريعو نه پر متن هوندا آهن.

مان سمجهان ٿو ته ان قسم جي مثالي خوابن جي تشريح ڪرڻ جي سلسلي ۾ مان اڃان مڪمل طور تي مطمئن نه آهيان پر مان بهرحال ان عام چوڻيءَ تي زور ضرور ڏيندس ته ننڊ دوران ڪنهن شيءِ جي ڇهاءَ سبب يا جسم ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ سمورا احساس، جيڪي اهڙن مثالي خوابن جي ذريعي ظاهر ٿين ٿا، انهن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي ڪنهن جسماني غفلت يا بيپرواهيءَ سبب پيدا ٿين ٿا. مان پاڻ ان خيال جو آهيان ته ٻارن جي اهڙن خوابن جو تعلق ٻاراڻي وهيءَ جي تجربن سان آهي، جن جون جٽاءُ ڪيل نشانيون مون اعصابي نفسياتي تجزيي جي کوجنا دوران ڏٺيون آهن. مان اهو نه ٿو چئي سگهان ته جمع ٿيل اهڙا احساس پوءِ جي حياتيءَ سان ڪيترا ۽ ڪهڙين مختلف معنائن ۾ ڳنڍيل رهن ٿا، پر اهڙي قسم جي خاص خوابن جو اظهار هر فرد جي حوالي سان مختلف ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ”اڏامڻ، مٿان کان هيٺ ڪرڻ يا ڏند جي ٽٽڻ ۽ ڪرڻ“ جي خوابن جي بار بار اچڻ بابت حيرت ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته اصل ۾ ان جي وضاحت متعلق اهڙي مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ۽ جڏهن کان مون خوابن جي تجزيي واري موضوع ڏانهن ڌيان ڏنو آهي ته منهنجو پنهنجو به اهڙي قسم جي خوابن جو ڪو تجربو نه ٿيو آهي. البت اعصابي ڪيفيتن سبب آيل خوابن جا معاملا منهنجي اڳيان آيا آهن.

ڀ

امتحاني خواب

 

اسڪول جي آخري سال ۾ جڏهن ميٽرڪ جي امتحان جو وقت ايندو آهي ته اوهان سڀني امتحان ۾ ناپاس ٿيڻ واري ڳڻتيءَ جي خوابن جي شڪايت ضرور ڪئي هوندي يا سوچيو هوندو ته جيڪر امتحان ٻيهر ٿئي. پر وري ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جي امتحانن وقت اهڙا خواب ٿورو بدليل صورت ۾ ايندا آهن، جيڪي خاص طور يونيورسٽيءَ جي آخري امتحانن ۾ ناپاس ٿيڻ متعلق هوندا آهن، ۽ ان تي اجايو اعتراض ڪندا آهن، حالانڪه ننڊ ۾ ستل هوندا آهن، پر آخرڪار ڪجهه سالن کان پوءِ عملي طور تي يونيورسٽيءَ جا پروفيسر، شهري آفيسر يا علاج جي پيشي سان وابستا ٿي ويندا آهن. ننڍي هوندي شيطانين ۽ شرارتن سبب ملندڙ سزائن دوران مزاحمت نه ڪري سگهڻ واريون يادگيريون اسان ۾ متحرڪ رهنديون آهن، ۽ گهڻو ڪري ٻن نازڪ ۽ ڏکين وقتن تي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان تي حاوي ٿي وينديون آهن، هڪڙو ان وقت جڏهن اسان تي مرڻ مارائڻ واري نازڪ صورت آڏو ايندي آهي، ۽ ٻيو جڏهن اسان تي امتحانن جي سختي اچي ڪڙڪندي آهي. ”امتحاني پريشاني“ اعصابي مونجهاري ۾ مبتلا ماڻهن ۾ ٻاراڻي عمر وارو ساڳيو ڊپ اڀري ايندو آهي، پوءِ جيئن ته اسان اسڪولي ٻار نه هوندا آهيون، انڪري استاد جي مار يا مائٽن جي دڙڪن کان بچيل هوندا آهيون، ۽ زندگيءَ جي حقيقتن سان اڳتي وڌڻ واري ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهيون، پر ان جي باوجود اسان تي ميٽرڪ جي امتحان واري پريشاني طاري ٿي ويندي آهي ۽ اسان پيش ايندڙ واقعن جي سزائن کان به ڊڄندا آهيون ۽ پنهنجي ذميدارين کي به بار ئي ڀانئڻ لڳندا آهيون.

”امتحاني خوابن“ جي وڌيڪ وضاحت لاءِ مان پنهنجي تجربيڪار ساٿي ”اسٽيڪل“ (Stekel) جو شڪر گذار آهيان جنهن سائنس متعلق منعقد ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ اظهار ڪيو هو ته:

”جيستائين مون کي مئٽرڪ وارن خوابن جي خبر آهي ته اهي گهڻو ڪري انهن ماڻهن لڌا آهن جيڪي مئٽرڪ جي انهن امتحانن ۾ تمام سٺي نموني ڪامياب ٿيا آهن، پر جيڪي ناپاس ٿيا آهن انهن اهڙو خواب نه ڏٺو آهي.

”بيقراريءَ وارا امتحاني خواب“ گهڻو ڪري تڏهن نظر ايندا آهن جڏهن خواب ڏسندڙ ۾ ٻئي ڏينهن لاءِ ڪنهن ذميداريءَ وارو معاملو آڏو هجي ۽ هن کي ڊپ هجي ته ڪٿي هو ناڪام نه ٿي وڃي، اهڙي حالت ۾ خواب ماضيءَ جي ڪنهن ڳڻتي وارو اهڙي واقعي کي ڳولهيندو آهي، جنهن ۾ ڳڻتي يا پريشاني، بنا ڪنهن جواز جي نڪري وئي هجي ۽ ان واقعي سان اختلاف رکندي هجي. پوءِ اهو خواب جي مواد جو نهايت زورائتو حوالو بڻجي پيش ٿيندو آهي، جيڪو سجاڳيءَ واري حالت ۾ سمجهڻ نهايت مشڪل هوندو آهي.

پر مان هڪ ڊاڪٽر آهيان! ڇا اهڙي ڪا حقيقت به ٿي سگهي ٿي، جيڪا اوهان کي خواب جي ذريعي آٿت ڏئي سگهي؟ سو! سڀاڻي لاءِ ڊڄڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، بس رڳو ايترو سوچيو ته اوهان مئٽرڪ جي امتحان کان اڳ ڪيترو پريشان هئا، پوءِ به ان ڇا ڪيو؟ ڪجهه به ته نه!

اوهان ڊاڪٽر آهيو، ۽ ڳڻتي! جيڪا خواب سان تعلق رکي ٿي، اها ڏينهن جي ڪارگذاريءَ يا ان جي پونجيءَ مان اُڀري ٿي. اهڙا تجربا مون سان به وابستا آهن، مثال طور: مان پنهنجي ميڊيڪل جي آخري سال ۾ ناپاس ٿي ويو هوس، پر مان خوابن ۾ ان موضوع تي ڪڏهن به منهن مقابل نه ٿيو آهيان، جڏهن ته مان وڻن ٻوٽن جي علم (Botany)، علم حيوانات (Zoolaogy) ۽ ڪيمياگريءَ (Chemisry) جا گهڻا ئي تجربا ڪيا آهن، انهن موضوعن جي امتحانن دوران مون کي ڳڻتي به ٿيندي هئي پر قسمت ڀلي هئي يا منهنجا استاد سٺا هئا، جنهن ڪري مون سزا کان بچيل رهيس. مان پنهنجي اسڪولي امتحان وارن خوابن ۾ سدائين تاريخ جا امتحان ڏيندو هوس، ۽ پيپر تمام سٺا ڪندو هوس، جنهن ۾ مان ڀڙ به ڏاڍو هوس. منهنجو هڪڙو مريض، جنهن پنهنجي زماني ۾ ميٽرڪ جو امتحان پهرين ڀيري ڏيڻ جي بجاءِ ٻئي سال ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ هو پاس به ٿي ويو، ۽ فوجي ڀرتيءَ واري امتحان ۾ سائين ناڪام ٿيندو رهيو پر هن ٻڌايو ته کيس هاڻوڪي زماني وارين پريشانن جا نه ايندا آهن، پر اڃان تائين اهي اسڪول وارا خواب ايندا آهن.“

”اسٽيڪل“ ميٽرڪ جي زماني وارن خوابن جي تجزيي متعلق پنهنجي پهرين ڪتاب (Matura) ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”اهڙا خواب گهڻو ڪري جنسي تجربن ۽ جنسي طور جوان ٿيڻ جي تجربن سان ڳنڍيل آهن، ۽ مان پاڻ به هن جي ان خيال جي تصديق ڪريان ٿو.(1)

 

باب ڇهون

خواب جو عمل:

THE DREAM WORK

هيل تائين خوابن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جون سڀئي ڪوششون، خواب جي ان ”مواد جي وضاحت“ جي حوالي سان ڪيون ويون آهن، جيڪو اسان جي يادگيرين ۾ موجود آهي. خوابن جي تشريح جي سلسلي ۾ اهڙيون سموريون ۽ لاڳيتيون ڪوششون ان ساڳئي مواد جي وضاحت جي بنياد تي ڪيون ويون آهن ته جيئن انهن جي فطري صورت متعلق ڪو فيصلو ڪري سگهجي. اسان خواب جي ”مضمون جي پيشڪش“ منجهان ”نفسياتي مواد“ ڳولهي ڪڍڻ جو هڪ نئون رخ متعارف ڪرايو آهي ته جيئن اسان پنهنجي هن مشڪل کوجنا جي نتيجي تائين پهچي سگهون: جنهن کي اسان”خوابن جو لڪل مواد“ (Latent Content) يا جنهن کي اسان ”خوابي ويچار/ خيال/ سوچون يا تصور“ (Dream Thoughts) به چئي سگهون ٿا، جيڪي اسان جي عملي طريقي ذريعي سامهون اچن ٿا. اهو طريقو اصل ۾ تصوراتي ويچارن يا خيالن کي هڪ شڪل ڏئي ٿو، پر ان جي پيشڪش جي جوڙجڪ نه ٿو ڪري، ته جيئن ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ ڪو مونجهارو پيدا ٿئي. اهڙيءَ ريت اسان انهن کي ٻئي طريقي سان سمجهڻ لاءِ هتي هڪ نئين ذميداري سر تي ٿا کڻون، جنهن ۾ گذريل يا پوئين واقعي جو تعلق شامل نه هوندو، پر اهو طريقو خواب جي سٽاءَ ۽ لڪل خوابي خيالن (تصور/ سوچن) جي وچ ۾ تعلق جي کوجنا ڪرڻ تي ٻڌل آهي، ته جيئن ان جي عمل جي ان تسلسل کي ڳولهي سگهجي جنهن سان ”تازو“ ”گذريل“ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

خوابي خيال (تصور ۾ موجود مواد) ۽ خواب جو مضمون اسان کي ساڳئي موضوع جي مختلف زبانن واري ٻن موقفن جيان اسان جي سامهون اچن ٿا. يا ائين چوڻ درست ٿيندو ته ”خواب جي مواد“ تصور يا ويچارن جي نقل جيان هڪ ٻئي انداز سان نظر ايندو آهي، جنهن جي ڪردارن ۽ انهن جي نحوي جملن جي جوڙجڪ (Syntactic) يا جملن ۾ لفظن جي ترتيب جي قانون کي ڳولهڻ ۽ ڀيٽا ڪرڻ جي عمل ذريعي انهن جي اصلوڪي هئڻ يا ترجمي ٿيل صورت کي سمجهائڻ جو ڪم اسان جو آهي. اميد آهي ته خوابن ۾ نظر ايندڙ اهي تصور، ويچار يا خيال (Deram thoughts) اسان کي تڏهن جلد ئي سمجهه ۾ اچڻ لڳندا جڏهن اسان انهن جي متعلق ڪجهه پڙهي ۽ سکي وٺنداسين. خواب جو متن اصل ۾ تصويري تحرير جيان ٿيندو آهي، ان جا ڪردار به انفرادي طور تي خوابي خيالن (تصور/ سوچن) جي ٻوليءَ ۾ ادل بدل ڪندا آهن. جيڪڏهن اسان انهن ڪردارن کي ان جي تصويري خاصيت، اهميت يا معيار کي ان جي علامتي تعلق کانسواءِ پڙهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان پڪ سان وڏي ڀل ڪري ويهنداسين.

مثال طور مون وٽ هڪ منجهائيندڙ آزمائشي تصوير (Picture- Puzzle) آهي، هڪڙو تصويري معمو منهنجي سامهون رکيو آهي، هڪ گهر آهي، جنهن جي مٿين ڇت تي ٻيڙي آهي، ۽ الف بي وارو هڪڙو حرف ڪنهن ڊوڙندڙ ماڻهوءَ جي شڪل ۾ نظر ٿو اچي، جنهن جو مٿو ڄڻ ڪنهن جادوگر گم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مان انهن تي اعتراض ڪندي پاڻ کي برغلائي سگهان ٿو، ۽ چوڻ شروع ڪريان ٿو ته اها سڄي تصوير ۽ ان ۾ نظر ايندڙ سڀئي شيون بي معنيٰ ۽ بيهوديون آهن. ڀلا ٻيڙيءَ جو گهر جي ڇت تي هجڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ ڀلا مٿي کانسواءِ ماڻهو ڪيئن ڊوڙي سگهندو؟ ٻيو ته ماڻهو گهر کان به وڏو آهي!

حالانڪه ڪنهن رٿيل ارادي سان پوري تصوير کي ڪنهن زميني منظر جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي! پر ”الف بي“ واري حرفن کي پنهنجي اصلي جاءِ جي برعڪس اڪيلو رکيو ويو آهي، پر اسان ان تصويري ڳجهارت مان ڪو درست فيصلو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اسان ان تصوير کي مجموعي طور تي يا ان جي هر حصي کي الڳ الڳ ڪري ڪرسمس جي پاسي لاڙينداسين ته ان منجهان اسان ڪو ٻيو مطلب به ڪڍي سگهون ٿا ۽ هڪ کان وڌيڪ اکر لکڻ واري ترڪيب ذريعي ان جي هر ڀاڱي کي جدا جدا ڪري، مختلف ارڪانن جي صورت ۾ بدلائي، هڪ ٻئي طريقي سان به ڏسي سگهون ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اهي اکر خراب يا بيهودا ثابت نه ٿين ۽ ان جي بجاءِ اهي اکر شاعريءَ جو ڪو حسين ۽ ڪو خاص روپ ڌاري وٺي بيهن.

خواب اهڙي قسم جي تصويري ڳجهارت ٿيندو آهي ۽ خوابن جي تشريح جي ذمري ۾ اسان جي اڳين جانشينن، ان ”تصويري ڳجهارت“ کي رڳو ”تصويري جوڙجڪ“ ڄاڻائي غلطي ڪئي آهي، جيڪا يقينن بيڪار آهي.

 

(1)

اختصار ڪرڻ يا گهٽائڻ جو عمل:

WORK OF CONDENSATION

 

اڳ ۾ ته مان ان ڳالهه کي چٽو ڪري ڇڏيان ته جيڪي ”خواب جي متن“ کي، ”خوابي خيالن“ (تصور/ سوچن) سان ڀيٽائين ٿا ته اصل ۾ اهو ئي خواب جو ”اختصار وارو عمل“ آهي، جيڪو هڪ وڏي پيماني تي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي کڻي وڃڻ جو رستو اختيار ڪري ٿو.

خوابي خيالن (تصور/ سوچن) جي خزاني ۽ وسعت جي ڀيٽ ۾ خواب نهايت جامع هوندا آهن ۽ وڏي اختصار کان ڪم وٺندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن خواب کي لکبو ته اهو اٽڪل اڌ صفحو ته ضرور ٿي ويندو، پر خوابي خيالن (تصور/ سوچن) جي تجزيي کي گڏ ڪبو ته اٽڪل اٺ ڏهه ڀيرا وڌيڪ جاءِ والاريندا. اهو تعلق مختلف خوابن سان گڏ انيڪ تبديلن سان ڦرندو گهرندو به رهي ٿو، پر جيتري قدر منهنجو تجربو آهي ته انهن جو رخ نه ٿو بدلجي. اهو اصول آهي ته جيڪا شيءِ جاءِ والاري ٿي ته ڪو ماڻهو ان جي مقدار کي گهٽائي به سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنهن شخص جو پنهنجي ”خوابي خيالن“ (تصور/ سوچن) ڏانهن جهڪاءُ وڌيڪ هوندو ته اهو ئي ان جي سموري مواد تي روشني وجهندو ۽ جيئن جيئن هو ان جي تشريح ڪندو تيئن تيئن منجهس خواب جي پويان لڪل تمام گهڻن خيالن کي سمجهڻ جو ادراڪ به پيدا ٿيندو. ان سلسلي ۾ مان هڪ هنڌ اهو به چئي آيو آهيان ته ”اها حقيقت آهي ته خوابن جي مڪمل طور تي تشريح ڪرڻ ناممڪن آهي.“ پر جيڪڏهن ان جو حل بنا ڪنهن خال جي مطمئن ڪندڙ به هجي تڏهن به ان خواب ۾ ٻي معنيٰ هجڻ جو امڪان موجود هوندو آهي، ان حوالي سان خواب جي ”گهٽائڻ يا اختصار ڪرڻ واري عمل“ جي متعلق حدون مقرر ڪرڻ يا طئي ڪري ڇڏڻ به ناممڪن آهي.

هڪڙو جواب اهو به آهي، جيڪو ان وضاحت لاءِ پهرين نظر ۾ نهايت اعتبار جوڳو آهي، ته ”خواب جي متن“ ۽ ”خوابي خيالن“ (تصور/ سوچن) جي دلالت جي وچ ۾ مناسب هڪجهڙائيءَ جو وڏو خال موجود هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته خواب جي جڙڻ واري عمل دوران نفسياتي مواد، گهٽائڻ يا اختصار ڪرڻ واري عمل جي ڏور رس ڪشادگيءَ مان گذرندو آهي، اسان گهڻو ڪري ان خيال جا هوندا آهيون ته رات جو اسان خواب ذريعي سمورين سوچن/ خيالن ۽ تصورن سان وڏي لهه وچڙ ۾ ايندا آهيون، جن مان ڪيترا ته وسري به ويندا آهن. ان حوالي سان اسان جڏهن جاڳندا آهيون، ته جيڪو خواب اسان کي ياد ايندو آهي اهو ”خواب جي سموري ڪم جو ٽوڙيل“ ۽ باقي بچيل ٽڪرو هوندو آهي، ۽ اسان جيڪڏهن ان جي سموري مواد کي گڏ ڪنداسين ته اهو ”خوابي خيالن“ (تصور/ سوچن) جيان اوترو ئي جامع نظر ايندو ۽ بنا شڪ جي ان ۾ سچ هوندو: پر اهو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته خواب هوبهو/ عين يا مطابق انداز سان ٻيهر پيش ڪري سگهي، جاڳڻ کانپوءِ هڪدم پوءِ اسان ان کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انهن متعلق اسان جي ياداشت هڻي ڌُڻي به شام تائين مڪمل ڪري نه سگهندي، پر ٻئي پاسي خواب اهو ڏيکاري سگهي ٿو ته: جن نقشن کي اسان خواب ۾ ڏٺو انهن سان اسان جي تصور جو گهڻو واسطو آهي.

ان کان سواءِ دليل اهو آهي ته خواب جي ڪم دوران اختصار جو عمل، وسارڻ يا وساري ويهڻ واري امڪان سبب تيستائين اثر انداز نه ٿيندو آهي، جيستائين خواب جي هر انفرادي حصي سان ڳنڍيل انهن خيالن جي تعداد يا مقدار جي ذريعي درست ثابت نه ڪري! جيڪي ذهن نشين ٿيل هوندا آهن. مثال طور ائين به ٿي سگهي ٿو ته خواب جو وڏو حصو گڏ ٿيل خيالن مان فرار ٿي ويو هجي، جيڪو اسان جي خيالن جي ”ٻئي مجموعي“ کي محض محفوظ ڪندو هجي. ان ڳالهه جو ڪو جواز نه آهي ته خواب جو ڪو آخري ڀاڱو ان ساڳئي خيال سان ڳنڍيل آهي، جنهن جي سڀني حصن تي اسان اڳئي پهچي چڪا آهيون، جن تي اسان جو آڌار آهي.(1) 

ڀلا! اسان ننڊ واري عرصي ۾ پنهنجي نفسياتي/ ذهني حالتن جي تصوير ڪيئن ٿا ڏسي سگهون، جيڪي خواب جي ڪاروائيءَ ۾ شامل آهن؟ ڇا اهي سمورا خوابي خيال“ (تصور/ سوچون) هڪ ٻئي سان گڏ گڏ نمودار ٿا ٿين؟ يا اهي ڪنهن ترتيب سان ظاهر ٿا ٿين؟ يا اهي خيال جا ڪي قافلا آهن، جيڪي مختلف مرڪزن تان هڪ ئي وقت هلندا ٿا اچن ۽ پوءِ هڪ هنڌ گڏ ٿا ٿين؟

منهنجي خيال مطابق ان هلندڙ وقت دوران خواب جي جڙڻ کي، نفسياتي/ ذهني صورتحال کي پيوندي خيالن جي ضرورت نه ٿئي، پر اهو هرگز وسارڻ نه گهرجي ته اسان هن وقت خيالن جي لاشعوري عمل متعلق پيا ڳالهايون، جيڪو ان عمل کان مختلف ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن مقصد خاطر اسان جي شعور جي همنوائيءَ دوران اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو.

اڃان به هڪ اڻ سليل حقيقت اسان جي سامهون آهي ته: جيڪڏهن خوابن جو جڙڻ اختصار جي عمل تي ٻڌل آهي ته اهو اختصار ڪيئن ٿو ٿئي؟

جڏهن اسان تي رڳو گهٽ تعداد وارن انهن سمورن ننڍڙن خوابي خيالن ”(تصور/ سوچن) جو عڪس پوندو آهي، جيڪي خواب ۾ پنهنجي تمثيلي عنصرن ذريعي وري اچي نمائندگي ڪندا آهن، جنهن جو جڏهن نتيجو ڪڍنداسين ته اختصار! اسان کي درگذر ڪري يا وساري ڇڏيل خيالن ذريعي ٿيندي نظر ايندو. ان حوالي سان ائين چئي سگهجي ٿو ته خواب! خوابي خيالن“ (تصور/ سوچن) جو سچو ترجمو نه آهي ۽ نه ئي انهن خوابي خيالن“ جي هر نڪتي کي ڏيکاريندو آهي، البت انهن جي انتهائي اڻپورن ۽ ٽوڙيل ٽڪرن جو نقطي نظر هوندو آهي. ان حوالي سان باب پنجين: ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ جي حصي پهرين: خوابن ۾ تازو ۽ غير متعلق مواد،“ ۾ مان زراعت متعلق طويل مقالي وارو هڪ خواب ڏنو آهي:

 

(1)

”مان ڪنهن هڪ ٻوٽي بابت طويل مقالو پئي لکيو، ڪتاب منهنجي سامهون رکيو هو، ساڳئي وقت مان ويڙهيل رنگين تصويرن کي به اٿلائي پٿلائي رهيو هوس. تشخصي مقصد خاطر ٻوٽي جو خشڪ نمونو ڪاپيءَ ۾ ٿي لڳايم، ته جيئن اهو خشڪ نباتات جي ذخيري (Herbarium) جيان محفوظ ڪيل لڳي.“

ان خواب مان هڪ ٻوٽي متعلق مقالي جو عنصر ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ڏينهن جي ڪارگذاريءَ جو اهڃاڻ هو، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن صبح جو مان هڪ دڪان جي الماريءَ ۾ هڪ ڪتاب ڏٺو هو، جنهن جو عنوان هو: ”گل مريم جي ٻوٽي جو قسم“ (Genus Cyclamen). شايد ان ڪتاب ۾ ان ٻوٽي تي طويل مقالو ڇپيل هو. خواب جي مواد ۽ خوابي خيالن“ جي وچ ۾ فطري ڳانڍاپو اهڙيءَ طرح نظر ايندو آهي، خواب جا رڳو ڪي چند جزا ئي خوابي خيالن،“ (تصور/ سوچن) جي ذريعي هميشه طئي نه ڪندا آهن پر انفرادي خوابي خيال،“ ڪنهن هڪڙي جزي جو رستو! واسطو رکندڙ خوابي خيالن“ جي گهڻن ئي جزن سان اڳواڻي ڪندو آهي، اهڙيءَ ريت خواب هر هڪ تصور جي ذريعي نه جڙندو آهي، يا خوابي خيالن جو مجموعو ڪنهن لفظ جي ڪن اکرن کي ڇڏي ڏيڻ واري طريقي وانگر، خواب جي متن ۾ هڪ علحده نمائندگيءَ جي نموني سان ڳولهيندو آهي! هڪ اهڙي طريقي سان جيئن ڪنهن حلقي جا رهواسي پنهنجي لاءِ پارليامينٽ جو نمائندو چونڊيندا آهن. خواب ڪنهن حد تائين سليقي سان اماڻيل سوچن ۽ تصور جي جهجهي تعداد جي ذريعي جڙندو آهي، جن ۾ اهي عنصر گهڻن ماڻهن يا شين تي مشتمل ۽ اليڪشن واري مشابهت واري انداز سان چونڊجڻ جي طريقي وانگر هڪ وڏي حمايت حاصل ڪري خوابن جي متن ۾ پيش ٿيڻ جو سلسلو جاري رکندا آهن.

هر هڪ خواب جي معاملي ۾، مون ان قسم جي تشريح ان ڪري پيش ڪئي آهي جو مون پاڻ انهن ۾ بنا تبديليءَ جي، ساڳين ئي بنيادي اصولن جي پڪ ڪئي آهي. خواب جا عنصر تصور ۽ سوچن جي ان سموري تعداد مان جڙندا آهن، ۽ انهن عنصرن مان هرهڪ ”تصور جي تعلق سان“ ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجو رخ بدلائيندو رهندو آهي.

مان خوابي خيالن ۽ خواب جي مواد جي وچ ۾ ڳانڍاپي متعلق وڌيڪ اهو مثال ڏيڻ لاءِ پري ڪو نه ٿو وڃان، جيڪو مخصوص انداز ۽ نهايت هوشياريءَ سان انهن کي پاڻ ۾ تاڃي پيٽي جيان اڻڻ واري عمل جي ذريعي، ٻنهي پاسن، هڪ ٻئي کي موٽ ڏيڻ واري تعلق سان فرق يا ورڇ ڪندو آهي. هتي هڪڙو خواب پيش ٿو ڪريان جيڪو منهنجي هڪ اهڙي مريض ٻڌايو آهي، جنهن جي بند جڳهن يا جاين کان غير فطري ڊپ (Claustrophobia) جو مون علاج پئي ڪيو. پهرين ته مان ان ڳالهه جي صفائي پيش ٿو ڪريان ته مون آخر ان خواب جي نهايت ذهانت واري خوابي سٽاءَ کي اهميت ڇو ڏني آهي ۽ ان خواب جو عنوان: ”هڪ پيارو خواب“ ڇو رکيو آهي:

 

(2)

”هڪ پيارو خواب“

”هو پنهنجي تمام گهڻن دوستن سان ”ايڪس اسٽريٽ“ ڏانهن سفر ڪري رهيو هو. ان گاڏيءَ ۾ هڪ ناٽڪ رچايو ويو، ان وقت هو ڏسندڙن ۾ شامل هو، ۽ ٻيا اداڪار هئا. جڏهن اهو ختم ٿيو ته انهن شهر کي پٺي ڏئي پنهنجا ڪپڙا بدلايا، ڪي ساٿي هيٺين ماڙ جي ڪن ڪمرن ۾ نظر پئي آيا، ته ٻيا پهرين ماڙ جي ڪمرن ۾ هئا، پوءِ تڪرار شروع ٿي ويو، مٿي وارا ان ڪري ڪاوڙيل هئا ته هيٺين ماڙ وارا اڃان تيار نه ٿيا هئا ۽ مٿي وارن هيٺ اچڻ نه ٿي چاهيو، هن جو ڀاءُ مٿي هو جڏهن ته هو پاڻ هيٺ هو، ۽ هو پنهنجي ڀاءُ تي ان ڪري ڪاوڙيل هو جو اهو هيٺ گهڻو دٻيل هو. آخرڪار فيصلو اهو ٿيو ته ٻنهي مان پهرين هيٺ ڪير ويندو ۽ مٿي ڪير ايندو. پوءِ هن پاڻ مٿي وڃڻ شروع ڪيو، ته هن کي پنهنجي سامهون شهر جي ايڪس اسٽريٽ ۾ ڪو ڦڏو ٿيندي نظر آيو، هن کي لڳو ته ڄڻ رستي تي ڪا کونئر پيل آهي جتان هلندي کيس گهڻي تڪليف پئي ٿي، ۽ هن پاڻ کي ٿڪل ٿي ڀانيو. هڪ جهونڙو شخص هن ڏانهن وڌي آيو جنهن اٽليءَ جي بادشاهه کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، پوءِ هو تراکڙي چاڙهي آسانيءَ سان چڙهي ويو.“

ڏاڪڻ تي مٿي چڙهي وڃڻ کانپوءِ هن کي شڪ هو ته هن اهو خواب پئي ڏٺو يا اها حقيقت هئي!

اسان هن خواب جي متن جي پيشڪش (Manifest Content) کي، گهڻي غور ويچار سان جاچڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين، پر مان رڳو مزاحمت واري اصول تحت هن خواب کي حصن ۾ ورهائي تشريح ڪندس، جن جي متعلق خواب ڏسندڙ انوکيون ڳالهيون ٻڌايون هيون.

جيڪا تڪليف هن شخص خواب ۾ پئي ڏٺي، ممڪن آهي ته خواب ۾ واقعي هن ان جو تجربو ڪيو هجي. مٿانهينءَ ڏانهن چڙهڻ ۾ ٿَڪَ سان گڏ اڀ ساهي يا سهڪو (Dyspnoa) به ٿيندو آهي، جيڪا انهن علامتن مان هڪ آهي، جيئن ڪنهن مريض ڪجهه عرصو اڳ سلهه جهڙي ڪنهن مرض ۾ گذاريو هجي، ۽ اهو سهڪڻ، جنسي خواهش جي حوالي سان عضوياتي جذبي جي وڌڻ سبب به ٿي سگهي ٿو، پر اسان کي ته خوابي اظهار جي عام صورتن ۾ به خاص طور اهڙو احساس ڪنهن جذبي کي روڪڻ واري عمل دوران به نظر آيو آهي.

هن خواب جي مواد جي هڪ حصي ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ”شروع ۾ مٿي چڙهڻ ۾ ڪيئن تڪليف پئي ٿي، ۽ آخر ۾ آسانيءَ سان تراکڙي چاڙهي چڙهي ويو.“ هن جي ان ڳالهه تي مون کي ”الفونس داديت“ جي ”سئفو“ وارو تعارف ياد اچي ويو جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته:

”هڪ نوجوان شخص رڙيون ٿي ڪيون جڏهن ته سندس نوڪرياڻي کيس پنهنجي ٻانهن ۾ قابو جهلي ڏاڪڻ تي پئي چڙهي. ڏاڪڻ چڙهندي پهرين ته هوءَ ائين ٿي وئي ڄڻ پکيءَ جو هلڪو کنڀ هجي، پر مٿي چڙهي وئي ته پاڻ کي ڳورو ۽ وزندار ڀانيائين.“

اهو سڄو منظر سندن پيار جو اهڃاڻ هو ۽ ”الفونس داديت“ جو مقصد به نوجوانن کي اها تنبيهه ڪرڻ هو ته اهڙي مٺي مزاج واري مڪريل عورت سان گهرو تعلق نه رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهي اصل ۾ شڪي مزاج هونديون آهن. جيتوڻيڪ مان ڄاڻان پيو ته منهنجو اهو مريض ڪنهن عورت جي پيار ۾ ملوث هو! جيڪو هڪ حد تي اچي ٽٽي ويو هو، ان حوالي سان ”سئفو“ جو مثال هن مريض جي خواب جي ابتڙ هو، ڇاڪاڻ ته ڏاڪڻ تي مٿي چڙهڻ، شروع ۾ هن لاءِ مشڪل هو پر جڏهن چڙهي ويو ته آساني محسوس ڪيائين، جڏهن ته ”سئفو“ ناول ۾ اها علامت ان انداز سان ڏني وئي آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي ابتدا آسان هوندي آهي ته ان جي پڇاڙي ڏاڍي مشڪل ۽ گهڻي ڳوري ٿيندي آهي.“

پر مون کي تڏهن گهڻي حيراني ٿي جڏهن منهنجي مريض ٻڌايو ته: خواب جي ان حصي متعلق منهنجي تشريح بلڪ درست آهي، ڇاڪاڻ ته هن ان ڏينهن شام جو هڪ اسٽيج ڊرامو ڏٺو هو. ان کي هن ”رنڊ ان وين“ (Rund un Wien) يعني ”رائونڊ ويانا“ (Round Vienna) ٿي سڏيو. هن انهيءَ ڇوڪريءَ جي ڪاروبار جي تصوير ڪشي ڪري ٻڌائي، جنهن نهايت عزت سان شروعات ڪئي هئي، پوءِ هوءَ دنيا جي رخ کي ڏسندي، هڪ وڏي امير شخص سان ناجائز تعلقات ۾ ملوث ٿي وئي، ۽ ائين هوءَ ”مٿانهين دنيا ۾ هلي وئي.“ ان صورت ۾ هن کي هيٺ دنيا ۾ ڪير ٿي آڻي سگهيو؟“

ان وقت هن کي هڪ ٻي ڳالهه به ياد اچي وئي، جيڪا ڪجهه سال اڳ ”قدم به قدم“ (Von Stufe zu Stufe) جي نالي سان ڏٺي هئائين، جنهن جي تصويري اشتهار ۾ ڏاڪڻ جا اڏامندڙ ڏاڪا ڏيکاريل هئا.

تشريح جي تسلسل ۾ مان اهو چوندس ته هن جنهن پوئين اداڪارا کي ڏٺو هو، اتفاق سان اها پنهنجي آشنا مرد سان ”ايڪس اسٽريٽ ۾ رهندي هئي، ۽ ظاهر آهي گهٽيءَ ۾ مسافرخاني جهڙي ڪا به شيءِ ڪا نه هئي، پر جڏهن هو عورت سان گڏ سياري جا ڪهه ڏينهن گذارڻ لاءِ ويانا ويو هو ته اتي جي ڀرپاسي واري هڪ مسافرخاني ۾ ترسيو هو، جنهن جو نالو جرمني ٻوليءَ ۾ “Abgestiegen” هو، جنهن جو لفظي مطلب آهي: ”قدم هيٺ.“ هن جڏهن مسافرخانو ڇڏيو هو ته سواريءَ واري کي چيو هئائين ته: بهرحال مان ڏاڍو خوشقسمت آهيان جو ڪنهن زيان خور جيت نه کاڌو“ (اتفاق سان اها سندس خوف واري ٻي حالت هئي.) تنهن تي ڊرائيور کيس جواب ۾ چيو ته: ”ڪو ماڻهو ڪيئن ٿو اهڙي جاءِ تي رهي سگهي، پر هي هوٽيل نه هڪ عام مسافرخانو هو.“

مسافرخاني جي خيال تي سندس ذهن ۾ ”اوهلينڊ“ (Uhland) جي ”صوف واري وڻ“ جو هڪ مڪالمو تري آيو: ”مان اڳ ۾ ئي هڪ مسافرخاني ۾ مهمان هوس جنهن جو ميزبان نهايت ذهين هو.“(1)

صوف واري وڻ يا خود صوف واري مثال جي سمجهڻ ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته اهو تمام پياري سيني جي علامت کي ظاهر ڪندو آهي، ۽ اهو ئي خواب ڏسندڙ جو ان اداڪارا متعلق موهه جو بنياد آهي. ان حوالي سان اسان جي مريض جي خواب جي عبارت اسان کي اهو تاثر ڏئي ٿي ته سندس خواب پويان موٽي، ننڍپڻ جي عڪس کي کڻي آيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اهو خواب ڏسندڙ جي ٿڃ ڌارائڻ واري دائيءَ ڏانهن اشارو آهي، جنهن کي ڇڏي کيس اٽڪل ٽيهه سال ٿي ويا آهن.

ٻار لاءِ ٿڃ ڌارائڻ واري دائي يا ماءُ جي هنج ڪنهن به صورت ۾ مسافرخاني يا سراءِ ۾ آرامي ٿيڻ واري احساس کان الڳ نه آهي، ۽ ”سئفو“ جي ٿڃ ڌارائڻ واري دائي متعلق ”داديت“ جو ڏنل تصور به ساڳئي حوالي سان آندل آهي، جنهن کي خواب ڏسندڙ تازو پڙهيو هو.

خواب ڏسندڙ جو وڏو ڀاءُ پڻ هن جي خوابي مضمون ۾ موجود آهي، جيڪو مٿي آهي ۽ خواب ڏسندڙ پاڻ هيٺ آهي، اها پڻ اصل صورتحال جي ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته سندس ڀاءُ پنهنجي سماجي حيثيت وڃائي ويٺو هو ۽ هو ئي سندس سار سنڀال لهندو هو، مان جيڪڏهن خوابي مواد کي ٻيهر ڏسان ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته هو اهو چوڻ کان لنوائي ٿو ته سندس ڀاءُ مٿي آهي، ۽ پاڻ هيٺين منزل تي بيٺو آهي، ۽ اها ئي صورت ويانا ۾ هجڻ کي واضع ڪري ٿي. پر جيڪڏهن اسان ائين چئون ته ڪو شخص ”هيٺين منزل تي آهي“ ته اسان جو مخاطب اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي حيثيت ۽ دولت وڃائي ويٺو آهي، ٻين لفظن ۾ هو دنياداريءَ واري رخ رواج ۾ هيٺ اچي ويو آهي.

ان ڳالهه جو سبب ضرور آهي، جو سندس خواب جو اهو حصو ابتڙ پيش ٿيو آهي، ۽ اسان کي ان جو اشارو هن خواب جي آخر ۾ نظر آيو آهي، هتي هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪل کي ابتڙ انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، جيئن ”سئفو“ ۾ ڏاڪڻ تي چڙهڻ کي بيان ڪيو ويو آهي. هاڻي اسان آسانيءَ سان ڏسي سگهون ٿا ته ان ابتڙ ڪرڻ ۾ ڪهڙي رٿ رٿيل آهي.

”سئفو“ ۾ هڪ شخص ان عورت کي مٿي کڻي وڃي ٿو، جنهن سان سندس جنسي واسطا آهن، پر خوابي خيالن ۾ صورتحال ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اتي سندس نوڪرياڻي کيس پنهنجي ٻانهن ۾ قابو جهلي ڏاڪڻ تي پئي چڙهي، ۽ اهو سڀڪهه ننڍپڻ ۾ ئي ٿي سگهي ٿو، ان جو ٻيو حوالو اهو به آهي ته ٿڃ ڌارائيندڙ عورت پنهنجي ٻانهن تي، ٻار کي آسانيءَ سان کڻي سگهندي آهي. اهڙيءَ ريت خواب جو اختتام ”سئفو“ ۽ ٿڃ ڌارائيندڙ دائيءَ جو ساڳي ئي حوالي سان جوڙيو آهي. جيئن ناول جي ليکڪ ان جو نالو ”سئفو“ چونڊيو آهي ته سندس ذهن ۾ هم جنس پرست عورت (Lesbain) جي عمل جو تاثر آهي، جيڪو عام چواڻيءَ جيان ”مٿي مٿانهون، هيٺ هيٺانهون“ پڻ خواب جي حصن ۾ شامل آهي، جيڪو جنسي فطري عملي تصور جو اشارو ڪنايو آهي، جنهن خواب ڏسندڙ جي ذهن کي، ڪن دٻايل خواهشن جي صورت ۾ والاريو آهي، ۽ اهو اعصابي مونجهاري کانسواءِ ئي ڏيکاريو آهي.

خوابن ۾ ”حقيقي ۽ تصوراتي واقعا“ پهرين نظر ۾ هڪ جيتري ئي جواز جا ظاهر ٿيندا آهن، جيڪي نه رڳو خوابن ۾ پر ٻين به گهڻن اهم نفسي/ جنسي پيداواري صلاحيتن جي جوڙجڪ ذريعي به ظاهر ٿيندا آهن.(1)   

”تمام گهڻن دوستن سان هجڻ“ جو مطلب آهي ته اهي ڪير به ٿي سگهن ٿا پر هن جو ڀاءُ گذريل واقعن تي ويچار ذريعي ٻالڪپڻي جي منظرن ۽ تصورن جي ياد اچڻ جي حوالي سان انهن سڀني جي نمائندگي ڪندڙ آهي، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ عورت جي محبت ۾ سندس رقيب بڻيا هئا. جنهن شخص اٽليءَ جي بادشاهه کي گٿا لفظ پئي چيا، اهو سندس ان تازي پيدا ٿيل ذهني اختلاف جو نتيجو هو، جو هن کي اهو رويو خراب پئي لڳو ته هيٺين درجي جا ماڻهو مٿين درجي تي پهچڻ لاءِ ٻين کي ڪلها هڻي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

مان هتي هڪ وڏي عمر جي ان عورت جو خواب ۽ ان جي تجزيي جو مختصر حصو پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن جو مون نفسياتي علاج پئي ڪيو. هن جو خواب ڪيترن ئي نفسي/ جنسي خيالن جو مجموعو آهي، جنهن تي اسان ٻئي حيران ٿي ويا هئاسين ۽ پوءِ مون هن کي تنبيهه ڪئي.

(3)

هڪ جيت جو خواب

خواب جو مواد: ”هن پنهنجي ذهن تي زور ڏيندي ٻڌايو ته ”هن وٽ هڪ صندوقڙيءَ ۾ گاهه کي نقصان رسائيندڙ ٻه ماڪڙ رکيا هئا، جن کي هن آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو ته متان اهي ٻوساٽجي مري نه وڃن. هن صندوقڙيءَ جو منهن کوليو ته اهي مڪڙ ٿڪيل حالت ۾ هئا. هڪڙو مڪڙو ته ڍڪ جي کلندي ئي اڏامي ويو، پر ٻيو صندوقڙيءَ ۾ ئي دٻجي ويو هو، پوءِ هن ڪنهن جي چوڻ تي ان جي دريءَ کي بند ڪري ڇڏيو.“

تشريح: ٿوري عرصي کان هن جو مڙس گهر کان پري هو، ۽ سندس چوڏهن سالن واري ڌيءَ سندس ڀر واري بستري تي ستل هئي. هڪ ڏينهن اڳ شام جو سندس ڌيءَ ڌيان ڇڪائيندي چيو هو ته: هن جي پاڻيءَ واري گلاس ۾ رات جو اڏرڻ وارو جيت (Moth) ڪري پيو هو پر هن ان مان ڪڍيو ڪو نه هو، جنهن لاءِ هن صبح جو ان ويچاري جيت جي متعلق ساڻس افسوس ڪيو.

انهيءَ شام جو هن جيڪو ڪتاب پئي پڙهيو، ان ۾  ٻڌايل هو ته ڪن ٻارن، ڪيئن نه ويچاري ٻليءَ کي ٽهڪندڙ پاڻي ۾ اڇلايو هو، ۽ ان ڪتاب ۾ اڳتي به جانورن کي جهنجهوڙڻ متعلق بيان لکيل هو.

بعد ۾ هوءَ جانور ۽ جيتن جڻين سان ٿيندڙ زيادتيءَ جي موضوع جي پويان لڳي وئي. ڪجهه سال اڳ جڏهن هن اونهاري جا ڪي ڏينهن ڪنهن خاص جاءِ تي پئي گذاريا ته هن ڏٺو ته سندس ڌيءَ جو ساهدارن سان رويو ظالماڻو هو. هوءَ پوپٽ پڪڙيندي هئي ۽ مريضن کي چوندي هئي ته سينکيو ٺاهڻ لاءِ مون سان گڏ پوپٽ پڪڙڻ ۾ مدد ڪريو. هڪ ڀيري ڪو اڏامندڙ جيت سندس ڪپڙن تي چڙهي ويو ۽ هوءَ جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ آئي ته اهو جيت ڪپڙن تان لهي، ڪيترو وقت ڪمري ۾ اڏامندو رهيو. ٻئي ڀيري وري ڪن ٻارن پرن نڪرڻ کان اڳ وارن سوٻٽن کي پئي پڪڙيو ۽ ماريو ۽ ساڳي عمر جي ٻارن ٻوٽن تي ويٺل ماڪڙ پڪڙي ان جا پر ٿي پٽيا، پر اڄ هوءَ پنهنجي ان ظالماڻي رويي تي ڊڄي وئي ۽ سندس دل ۾ جهٻو پئجي ويو.

منهنجي هيءَ مريض عورت ان تضاد تي سوچڻ لڳي ته هن جو ڌيان ”جارج ايليٽ“ (Jeorge Eliot) جي ”آدم بيد“ (Adam Bede) واري ڪردار ۽ ان جي ظاهري ٺاهه ٺوهه واري تضاد ڏانهن ڇڪجي ويو: هڪڙي ڇوڪري، جيڪا هئي ته سهڻي پر خود پسند ۽ بيوقوف هئي، ۽ ٻي ڇوڪري وري هئي ته بڇڙي پر پنهنجي ڪردار ۾ سٺي هئي. سياڻو ماڻهو ان بيوقوف ڇوڪريءَ کي ڌتاري سگهي ٿو، ۽ هڪ ڪاروباري ماڻهو پنهنجي حقيقي احساس ۽ اورچائيءَ سان عمل ڪندو آهي، پوءِ ان قسم جي ماڻهن کي سمجهڻ يا ان جي نشاندهي ڪرڻ هڪ عورت لاءِ ناممڪن ڪيئن ٿو ٿي سگهي! جيڪي مرد جي نظرن مان پاڻ به اندازو لڳائي سگهن ٿيون ۽ خود مرد به اهڙين عورتن ڏانهن خاص نظرن سان نهاريندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي به جنسي خواهش کي پوري ڪرڻ جي ڳڻتي هوندي آهي؟

ان ساڳئي سال ان ننڍيءَ نينگر پوپٽ پئي پڪڙيا ته اها ماڪڙ جي ڪري ڦهليل مرض ۾ مبتلا ٿي وئي هئي، ٻيا ٻار به انهن کان ڊڄي کين مارڻ لڳا، انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي مريض عورت ڏٺو ته هڪ مرد ماڪڙ جا پَر ۽ ٽنگون پٽي رهيو هو، ۽ ان جو ماس کائي رهيو هو.

منهنجي مريض عورت مئي مهيني ۾ ڄائي هئي ۽ سندس شادي به مئي جي مهيني ۾ ٿي هئي. شاديءَ جي ٽن ڏانهن کانپوءِ هن پنهنجي مائٽن کي لکي موڪليو ته هوءَ ڪيترو نه خوش آهي، اها تحرير هن جي اصل حقيقت کان الڳ هئي. خواب ڏسڻ کان هڪ ڏينهن اڳ واري شام جو هن پنهنجا پراڻا خط پئي ڏٺا ۽ انهن مان ڪجهه پڙهيا به پئي، جن مان ڪجهه ته سنجيده هئا ته ڪي مزاحيه قسم جا هئا، ۽ اهي هن وڏي آواز سان ٻار کي به پئي پڙهي ٻڌايا. انهن ۾ پيانو سيکاريندڙ ان استاد جو به هڪ ريجهه رهاڻ وارو خط هو، جيڪو کيس ننڍپڻ ۾ پيار ڪندو هو ۽ ٻيو خط ان شخص جو هو جيڪو معتبر ماڻهن جي ڄمڻ جي ساراهه ڪندو هو.(1)

هن کي پاڻ تي افسوس پئي ٿيو ڇاڪاڻ ته سندس هڪڙي ڌيءَ موپاسان (Maupassant) جو ڪتاب ”خراب“ (Bad) کنيو هو.(2) اهو هڪ قسم جو اهڙو سينکيو (Arsenic) هو جنهن جي متعلق ”ڊڪ ڊي مورا“ (Duc de Mora) لکيو آهي ته ”اهو جوانيءَ واري طاقت کي بحال ڪرڻ جو نسخو آهي.“

هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ مسلسل پريشان هئي ۽ انهن وسوسن ۾ ڦاٿل هئي ته سفر ۾ ڪٿي ساڻس ڪو مسئلو نه پيدا ٿي پيو هجي. مڙس جي متعلق سوچڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ هن جي لاشعور ۾ پنهنجي مڙس جي ”پوڙهپڻي سبب پيدا ٿيندڙ گهٽتائيءَ متعلق“ به خيال پيدا ٿيو هو، ۽ اهڙين ڳالهين وارا خيال ئي ڳجهي انداز ۾ ۽ اڻپوري ثبوت مان نتيجو ڪڍڻ جي ڪري سندس خواب ۾ ظاهر ٿيا هئا.

ٿورا ڏينهن اڳ هوءَ پنهنجي ازدواجي معاملن ۾ ڪافي پريشان هئي، ۽ مڙس کي ان اهم ڳالهه جو تاڪيد به ڪيو هئائين، پر مڪمل نه ٿي سگهڻ سبب ڪاوڙ منجهان کيس ”وڃ وڃي ڦاهو کاءُ“ به چيو هئائين. ان کان ٿوري دير اڳ ڪنهن ڪتاب يا ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي هن پڙهيو هو ته: ”هڪ مرد پاڻ کي رسو ٻڌي ٽنگيو ته سندس مرداڻي قوت وڌي وئي.

ان قسم جي جوڙ ملائڻ لاءِ مرد ۾ مرداڻي قوت جي هجڻ جي خواهش متعلق لاشعور “ ويٺل پريشانيءَ سبب ائين چوڻ ته ”وڃ وڃي ڦاهو کاءُ“ ظاهر ڪندڙ اصل حالت کي لڪائڻ جي ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن جو ٻيو مطلب اهو ٿو نڪري ته: ”ڪنهن به قيمت تي ائين ڪر.“

”ڊاڪٽر جينڪن (Dr. Jenkin) پوڙهپڻي سبب پيدا ٿيندڙ گهٽتائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ”لي نبات“ (Le Nabab) نالي سان گوريون تيار ڪيون هيون، پر منهنجي مريضه ان ڳالهه کان واقف هئي ته ماڪڙ ۽ مينهن وساڙن کي ماري ٺاهيل تيل ۽ ليپ مرداڻي قوت باهه وڌائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، ۽ اهو هيو سندس ذهني لاڙو جيڪو خواب ۾ ان ريت نظر آيو.

”صندوقڙيءَ جي دري کولڻ ۽ بند ڪرڻ“ اصل ۾ پنهنجي ۽ مڙس جي وچ ۾ تڪرار سان واسطو رکي ٿو. هوءَ سمهڻ جي معاملي ۾ نهايت ئي ڊڄڻي هئي، ۽ سندس مڙس به مٿي سمهڻ کان ڊڄندو هو، بنيادي طور اها ڪمزوريءَ جي علامت هئي جا هن خواب جي دوران محسوس ڪئي هئي.

پنهنجي بيان ڪيل انهن ٽنهي خوابن جي نڪتن کي سمجهڻ لاءِ مون اکرن کي آڏي/ترڇي انداز سان لکڻ (Italic) ذريعي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪا ”خوابي مواد جو خوابي خيالن (تصور/ سوچن) ۾ ٻيهر نمودار ٿيڻ“ جي عنصرن مان هڪ آهي. ان حوالي سان مون باب ٻئي: ”خوابن جي تعبير جو طريقو“ جي ابتدا ۾ ”ارما“ جي سئيءَ واري خواب“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ اختصار“ جو مثال آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، جنهن منجهان مون هڪ کان وڌيڪ طريقا ڳولهي لڌا هئا.

”ارما“ جي خوابي مواد ۾ مرڪزي صورت ”ارما“ جي هئي، ۽ پنهنجي حقيقي زندگيءَ واري مهانڊن سان ئي هئي، ۽ پهرين واقعي ۾ پنهنجي ئي نمائندگي پئي ڪيائين، پر جنهن صورتحال کي مون جاچيو ته ان جي خواب ۾ نظر آيل دري ڪنهن ٻئي هنڌان آيل هئي ۽ خوابي خيالن (تصور/ سوچن) جنهن عورت کي پئي ڏيکاريو ان جي سلسلي ۾  مون ”ارما“ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ٿي چاهي. جڏهن ”ارما“ جي ڳلي ۾ سوزش پيدا ڪندڙ هڪ وبائي مرض (Diphtheria) ظاهر ٿيو هو، تنهن مون کي به پنهنجي ڌيءَ جي ڳڻتي ڏئي ڇڏي هئي، ۽ هوءَ  ان جي تندرستي معلوم ڪرڻ لاءِ ٻارن جي اسپتال به ايندي رهندي هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڌيءَ جو نالو به ساڻس ملندڙ جلندڙ هو، ۽ ان حوالي سان سندس خواب ۾ ان جي صورت جي لڪ هئي، ۽ جنهن ٻارن جي اسپتال ۾ مان اعصابي مريضن جو علاج ڪندو هوس، ”ارما“ انهن ٻارن مان هڪ ٻار ۾ تبديل ٿي وئي. ”ارما“ جي خواب ۾ سمورن اختلافي ڪردارن جي ”مجموعي صورت“ هئي، ۽ ”ارما“ انهن جي نمائندي جي حيثيت ۾ اختصار جي صورت ۾ پيش ٿي هئي.

هڪ ٻئي طريقي سان به ”خواب جي اختصار وارو مقصد“ ”مجموعي صورت“ کي، ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جا مهانڊا يا ان جون نمايان خوبيون هڪ خوابي صورت ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. ان طريقي سان ته منهنجي خواب وارو ”ڊاڪٽر ايم“ جنهن گفتگو ۽ اداڪاري ته ”ڊاڪٽر ايم“ واري پئي ڪئي، پر هن جي جسماني ڪرداري خاصيت ۽ سندس بيماري ڪنهن ٻئي سان وابستا هئي، ائين ڄڻ ته منهنجو وڏو ڀاءُ هجي. سندن بي رونق مهانڊا، سندن ٻٽو رخ سندن عام زندگيءَ جي هڪ جهڙائي سبب هڪ صورت ۾ پيش ٿي سگهن ٿا.

منهنجي خواب واري چاچي ”ڊاڪٽر آر“ جي به ساڳي صورت جڙي هئي، پر ان جي معاملي ۾ خوابي تصور ڪنهن ٻئي انداز سان جڙيو هو.(1) مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي مهانڊي کي ٻئي سان ملائڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪريان پر جيئن ڪو مصور ٻن ماڻهن جي شڪلين کي ائين ملائيندو آهي جو ڏسندڙ انهن کي هڪ سمجهندو آهي يا انهن ٻنهي جي بجاءِ کيس ٽين صورت نظر ايندي آهي، ائين جيئن منهنجي خواب ۾ جيڪو چاچو نظر آيو هو، جنهن جي ڏاڙهي مون کي ٻن ماڻهن جهڙي پئي لڳي.

خوابن ۾ ”اختصار“ جڏهن لفظن ۽ نالن جي ذريعي عمل ڪندو آهي ته چٽو ٿي پوندو آهي. عام طور تي اها حقيقت آهي ته خوابن ۾ بار بار استعمال ٿيندڙ لفظ هونئن به انهن ئي شين جا هوندا آهن، ۽ شين کي پيش ڪرڻ ۾ به ساڳئي هڪجهڙائيءَ واري طريقي سان استعمال ٿيندا آهن.

لفظن جي نئين جوڙجڪ يا مروج لفظ ڪي نئين معنيٰ، ۽ نئين لفظ جي ايجاد (Neologism) جا ڪجهه دلچسپ ۽ وندرائيندڙ خواب هتي ڏيان ٿو:

i

هڪ ڀيري طبي علاج ڪندڙ منهنجي هڪ ساٿيءَ پنهنجو لکيل هڪ مضمون موڪليو، جنهن ۾ علم بدن/ علم عضويات (Physiology) متعلق تازي کوجنا جي اهميت تي بحث ڪيل هو. منهنجي خيال ۾ ان ۾ گهڻي وڌاءَ کان ڪم ورتو ويو هو ۽ هُن موضوع کي جذباتي انداز سان نڀايو هو. ٻيءَ رات مون خواب ۾ هڪ جملو چيو، جيڪو ان مضمون جي حوالي مان ئي هو: ”اهو نهايت مثبت ۽ ناريڪڊل (Norekdal) طرز تي لکيل آهي.“

پهرين ته ان لفظ ”ناريڪڊل“ کي سمجهڻ مون لاءِ نهايت مشڪل ٿي پيو، پوءِ سوچيم ته متان اهو جرمني ٻوليءَ جي لفظن: ڪولوسل (Kolossal) ۽ پئراميڊل (Pyramidal) جي ڪا بگڙيل شڪل (Parody) آهي، پر ان جو اصل ڳولهڻ ايترو آسان نه هو. پوءِ منهنجي دماغ ۾ ڳالهه ويٺي ته اهو ٻن لفظن ”نورا“ (Nora) ۽ ”ايڪڊل“ (Ekdal) آهن جيڪي ”ابسن (Ibsen) جي ڊرامي: ”گڏيءَ جو گهر ۽ جهنگلي بدڪ“ (A Doll`s House and The Wild Duck) جا ڪردار آهن. اصل ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اخبار ۾ ان ساڳئي ئي ليکڪ جو ”ابسن“ تي لکيل مضمون مون ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هو، جنهن تي مون تنقيد ڪئي هئي.

ii

منهنجي هڪ مريضه مون کي هڪ ننڍڙو خواب ٻڌايو، جيڪو هڪ بي معنيٰ قسم جي جملي تي ختم ٿيو هو. هن خواب ۾ ڏٺو ته: هوءَ پنهنجي مڙس سان هارين جي لڳايل ميلي ۾ آهي ۽ مڙس کي چوي ٿي ته: ”هي گهڻو ڪري ختم ٿي ويندو...... مئسٽول ميوٽز (Maistollmutz).

خواب ۾ هن کي مڪئي (Maiz) مان ٺاهيل ڪنهن ڀت جهڙي غذا جو اڻ چٽو احساس پئي ٿيو. تجزيي جي حوالي سان ان لفظ کي ورهائبو ته هن ريت ٿيندو:

1.                        (Toll) ۽ (Maiz) ۽ (Mais) يعني ”نوڪرياڻي.“

2.                       (mannstoll) يعني غير معمولي جنسي خواهش جي متعلق (Nymphomaniac) ”يا نوڪرياڻيءَ لاءِ ديوانو.“

3.                       (Olmutz) موراويا جو شهر آهي.

اهي سمورا ٽٽل لفظ هن جي پنهنجي هڪ مائٽ سان گفتگو دوران استعمال ٿيندڙ جملن جا يادگار هئا، هوءَ تڏهن پنهنجي ان مائٽ سان ٽيبل تي ويٺي هئي، ۽ اهي لفظ هن تازو لڳل خوشيءَ جي جشن (1) واري موقعي تي چيا هئا. جنهن جو مطلب هو ته ”هن جي هڪ مائٽ جي انگريزي زبان ڳالهائيندڙ نوڪرياڻي ڪجهه ڏينهن ٿيا ته ”اولميوٽز“ هلي وئي آهي.“ سندس لهجو يهودي اصطلاح مطابق ”مذاق يا طنز“ جي انداز ۾ چيل هو، ٿي سگهي ٿو انهن لفظن جي پويان ڪي عجيب غريب ناتا به موجود هجن.

iii

هڪ نوجوان، جنهن جي گهر جي دروازي تي لڳل گهنٽي هڪ رات اتفاق سان دير سان وڳي، ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو وٽس آيو هو، هن چاهيو پئي ته آيل شخص پنهنجي نالي واري پرچي هن جي در تي ڇڏي وڃي ها!

ان رات خواب ڏٺائين ته: ”هڪڙو ماڻهو شام ٿي وڃڻ جي باوجود دير تائين ڪم پيو ڪري، ته جيئن گهر جو ٽيليفون ٺيڪ ڪري سگهي،، بعد “ ۾ هو هليو ويو، ته پويان فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي پر مسلسل نه پر الڳ الڳ گهنٽيون. هن جي نوڪر ان شخص کي موٽائي وٺي آيو ۽ پوءِ نشاندهي ڪندي چوڻ لڳو: ”ڪيڏي نه عجب ڳالهه آهي ته ماڻهو وڏا ڪي (Tutelrein) آهن، ڏاڍو مشڪل آهي اهڙن ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ.“

هن خواب جي سٽاءَ مان رڳو بيپرواهيءَ وارو سبب نظر ٿو اچي، جنهن کي سندس تصور جي عيوض معنيٰ ڏيندڙ چئي سگهجي ٿو. هو جڏهن ننڍو ڇوڪرو هو ۽ پنهنجي والد سان رهندو هو، هڪ ڀيري هن جي هٿ لڳڻ سان شيشي جو گلاس پٽ تي ڪري پيو هو، تڏهن هو اڌو گابري ننڊ ۾ به هو. اتفاق سان گهر واري ٽيليفون به پنهنجي جاءِ تان هيٺ اچي ڪري ۽ گلاس واري پاڻيءَ ۾ پُسي وئي، ۽ ان جي گهنٽي به بار بار وڄڻ لڳي جنهن، سندس پيءُ جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي. ٽيليفون جو پاڻي ۾ پسي وڃڻ سبب اها گهنٽي ٿوري ٿوري دير کانپوءِ پئي وڳي.

لفظ ”ٽوٽيل رين“ جو تجزيو ٽن رخن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جيڪو خوابي خيالن ۾ ٽن موضوعن جي نمائندگي ڪري ٿو. لفظ (Tutel) قانوني طور تي (Tutelage) ”سرپرستيءَ“ لاءِ ڪتب ايندڙ اصطلاح آهي يا ممڪن آهي ته عورت جي ڇاتين لاءِ ڪتب ايندڙ ڪو گٿو لفظ هجي. لفظ جو باقي بچيل حصو (Rein) جو مطلب آهي ”صاف.“

گهريلو ٽيليفون“ واري حصي کي ملائبو ته اهو ”گهريلو تربيت“ جي صورت ۾ اسان جي اڳيان اچي ٿو، جيڪا هن جي فرش کي آلو ڪرڻ جي بيپرواهيءَ سان وابستا آهي.(2)

 

iv

هڪڙي منهنجي خواب به مون کي ٿوري دير جي لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو مرڪزي نڪتو سامونڊي سفر هو، اهو ائين نظر آيو ته: ”ٻئي هنڌ ترسڻ واري جاءِ کي “Hearsing” سڏيو ٿي ويو، جيڪو ”فليس“ کان پوءِ هو. فليس منهنجي دوست جو نالو آهي، جيڪو منهنجي نفسياتي تجزيي جي هن ڪم ۾ ساٿي به آهي. “Hearsing” هڪ مجموعو آهي، جنهن جو هڪ حصو ويانا جي ويجهو سبربن (Suburban) ريلوي جي ويجهو وارين جاين جي نالن مان شامل ٿيو آهي. جنهن جي آخر ۾ (ing) آيل آهي: Modling ۽ Liesing, Hietzing جنهن جو اصل ۽ پراڻو نالو (Meaedeliciae) Medelitz آهي، ۽ اهو منهنجي نالي ”فرائيڊ“ جي معنيٰ وارو لفظ آهي يعني: سهاءُ (delight).

ان خواب جو ٻيو حصو هڪ انگريزي لفظ (hearsy) مان آيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”افواهه يا ڪوڙ بدوڙ“. اهو گذريل ڏينهن جي ڪارگذاريءَ دوران استعمال ٿيل لفظ منهنجي خواب ۾ شامل ٿيو هو جيڪو ڪنهن ڳالهه جي اختلاف ۾ مون چيو هو:

ڪنهن ماهوار رسالي (Fliegende Blatter) ۾ مون هڪ ننڍي قد واري ڄامڙي جي بهتان بازيءَ متعلق شعر پڙهيو هو، جنهن جو عنوان هو: ”هن چيو، چيو هن.“ جيڪڏهن ”فليس“ (Fliess) جي نالي ۾ (ing) جو وڌاءَ ڪنداسين ته اهو لفظ  “Flissingen” ٿيندو ۽ “Vlissingen” نالي سان اسان جي ترسڻ واري اها جاءِ هئي، جتي مان پنهنجي ڀاءُ سان سامونڊي سفر ڪري ويو هوس، جڏهن هو انگلينڊ مان گهمڻ آيو هو. اهڙيءَ ريت “Vlissingen” جي حوالي سان انگريزي نالو “Flushing” ٿو ٿئي جنهن جهڙو لفظ “blushing” (لڄي ٿيڻ يا شرمسار ٿيڻ) ٿو ٿئي، ۽ ان لفظ مون کي منهنجو مريض ياد ڏياري ڇڏيو، ۽ گڏوگڏ ”بيچ ٽريو“ جو اعصابي مرضن متعلق مضمون به پڙهيو هو، جن جي ڪري مون ۾ ڪاوڙ ۽ چڙ پيدا ٿي پئي هئي.

V

ٻئي ڀيري مون جيڪو خواب ڏٺو اهو ٻن جدا جدا حصن تي مشتمل آهي، پهريون حصو هڪ لفظ ”آٽو ڊڊاسڪر“ (Autodidasker) هيو، جيڪو مون کي ياد آيو ته اهو نهايت زندگيءَ سان ڀرپور هو. ٻيو ٽڪرو هڪ ننڍي ۽ بي ضرر تصور جو ٻيهر سرجڻ هو، جيڪو مون ڪجهه ڏينهن اڳ سوچيو هو. اهو خيال ان ڳالهه جو نتيجو هو جو مون ”پروفيسر اين“ کي ٻيهر ڏٺو هو ته مون کي اهو ضرور چوڻ کپندو هو ته: ”ان مريض جي حالت، جنهن جي لاءِ تازو مون توهان سان صلاح ڪئي هئي، اهو حقيقت ۾ رڳو اعصابي پريشانيءَ ۾ مبتلا آهي، جنهن جي لاءِ توهان کي شڪ هو.“

اهڙيءَ ريت لفظن جي نئين جوڙجڪ تحت لفظ Autodidasker ٻن ڪيفيتن ۾ مطمئن ڪندڙ هو، هڪ ته ان مرڪب معنيٰ جي نمائندگي پئي ڪئي ۽ ٻيو ته ان جي معنيٰ ان ارادي سان جڙيل هئي، جنهن متعلق مون، ”ڊاڪٽر اين“ جي درستگيءَ لاءِ جاڳيل حالت ۾ ٻيهر سوچيو هو.

لفظ Autodidasker کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو: Autor  يعني Author (ليکڪ) ۽ Autodidaskt (پاڻ سکيو) ۽ ”لاسڪر“(Lasker) جرمنيءَ جي سماجي جمهوري تحريڪ جي باني: ”فريڊيننڊ  لاسالي“  (Ferdinand Lassale) جو نالو آهي، جيڪو ”بريسلو“ ۾ 1825 ۾ ڄائو ۽ 1864 ۾ گذاري ويو. ساڳئي نالي سان ٻيو هو ”ايڊورڊ لاسڪر“ (Eduard Lasker-1829-1884) جيڪو ”بريسلو“ جي ڀرسان واري شهر ”جاروشن“ (Jarotschin) جو هو ۽ جرمنيءَ جي قومي آزاد پارٽيءَ جي بانين منجهان هو ۽ ٻئي يهودي نسل جا هئا.

اصل ۾ مون پنهنجي زال کي آسٽريا جي مشهور ليکڪ جي جي ڊيوڊ (J.J. David) جا ڪيترا ئي ڪتاب وٺي ڏنا هئا، جيڪو منهنجي ڀاءُ جو دوست هو، جنهن لاءِ مون ٻڌو هو ته هو به ان شهر جو آهي جتي اسان ڄاوا هئاسين. هڪ ڏينهن شام جو هوءَ نهايت گرمجوشيءَ سان چوڻ لڳي ته: ”مون ڊيوڊ جي ڪتاب ۾ هڪ دردناڪ ڪهاڻي پڙهي ته ڪيئن نه هڪ ذهين ماڻهو خراب ٿي ويو.“

اسان جي پاڻ ۾ هلندڙ گفتگو اسان جي پنهنجي ٻارن جي خوبين متعلق ڳالهين ۾ تبديل ٿي ويون، اهو ڏسڻ لاءِ ته هن ٻارن جي تربيت جي سلسلي ۾ ان ڪتاب منجهان ڪهڙو اثر ورتو آهي، پوءِ مون هن کي تسلي ڏني ته: ”انهن کي ڪو خطرو لاحق نه آهي، زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينهن لنگهي پار پوندا.“ ائين چئي مون پنهنجي زال کي وري به دلجاءِ ڏني.

هاڻي مان ان ”پروفيسر اين جي، ٻڌائڻ واري تصور متعلق وضاحت ٿو ڪريان ته جنهن مريض کي اسان ٻنهي پئي چڪاسيو، اهو رڳو اعصابي مرض ۾ مبتلا هو. ٿورو اڳ، منهنجي ڪم واري سال جي آخر ۾ مون هڪ ٻئي مريض جو علاج شروع ڪيو هو، ڪي عضوياتي اندروني بيماري ۽ شايد ڪرنگهي جي خرابيءَ متعلق به کيس ٻڌايو ويو هو پر پڪ ڪانه پئي ٿي، آزمائشي چڪاس دوران ته اها اعصابي بيماري پئي ثابت ٿي، ۽ جيڪڏهن مريض پنهنجي جنسي طاقت جو انڪار نه ڪري ها ته جيڪر مان منجهس اعصابي مرض کي سڃاڻي به نه سگهان ها! مون ان پريشانيءَ سبب پنهنجي ٻين ماهرن کان مدد وٺڻ لاءِ هٿ پير هنيو، ڇاڪاڻ ته معتبر ماهرن اڳيان مان ڪنڌ جهڪائڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻائيندو آهيان.

هن منهنجي شڪ واري ڳالهه ٻڌي، مون کي چيو ته: ”اهي به پنهنجي راءِ ۾ درست آهن، ۽ مريض کي تون ڀلي انهن جي علاج هيٺ ڏئي ڇڏ، اهو اعصابي عارضو ئي آهي.“

اصل ۾ اعصابي عارضي جي سببن متعلق هُن منهنجي خيالن تي ڪا راءِ نه پئي ڏني، ان ڪري مون به ڪو دليل ڏيڻ نه ٿي چاهيو، پر مون پنهنجي شڪ واري معاملي کي مخفي رکڻ نه ٿي چاهيو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون مريض کي اطلاع ڪرايو ته مان هن لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهيس ان ڪري کيس ڪنهن ٻئي سان مشورو ڪري وٺي. منهنجي ڳالهه ٻڌي هو مون کان معافي وٺڻ لڳو ۽ شرمندگيءَ وچان ٻڌايائين ته هو جنسي علت کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن اهو عمل ڪندو رهيو هو، اهو ئي سبب هو جو مون منجهس اعصابي مرض جي هجڻ کي قبول نه ٿي ڪيو، پوءِ مون سوچيو ته هن کي چوان ته تون درست آهين مان غلط هيس.

اهو هو مختصر خاڪو، جنهن جي حوالي سان مون اهو خواب ڏٺو هو. پر منهنجي غلط هجڻ جي ڳالهه خواب ۾ ڪٿي هئي؟ مان غلط ٿي سگهيس ٿي، پوءِ به اها ڪهڙي خواهش هئي جا مون ڪئي هئي؟ ها البت مان پنهنجي خوف ۾ غلط هوس يا ائين چئجي ته مان پنهنجي زال کي چاهيو پئي ۽ ان جو ئي خوف مون پنهنجي خوابي خيالن ۾ اختيار ڪيو هو.

اهو موضوع، جنهن تي درست يا غلط جا سوال پئي گهميا، اهو خوابي خيالن سان حقيقي طور تي وابستا هجڻ سبب مٽجي نه سگهيو هو. اهو عورت سان رابطي جي ذريعي عضوياتي ۽ عملي نقصان جيان ئي تبديلي پيدا ڪندڙ هو، خاص طور تي جنسي عمل جي ڪري ماڻهو (Tabetic) يعني ڏٻرو، ڪمزو، ۽ سڪل ڪاٺيءَ جهڙو ٿي ويندو آهي ۽ منجهس ريڙهه جي هڏيءَ جو مرض جيڪو آتشڪ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري شديد درد ۽ هٿن ۾ ريشو ۽ هلڻ ۾ ٿاٻڙجڻ به پيدا ٿيندو آهي، ۽ آخرڪار فالج لاحق ٿي پوندو آهي. ٿي سگهي ٿو ”لاسالي“ جو موت به اهڙي ڪارڻ ٿيو هجي.(1) پوءِ ”ڊاڪٽر اين“ جڏهن پنهنجو رايو ڏنو ۽ ائين اسان جو بحث نيٺ پڄاڻيءَ تي پهتو، پر هو وري شخصي موضوع جي پاسي لڙي ويو، چوڻ لڳو:

”اوهان کي هن وقت تائين ڪيترا ٻار ٿيا آهن؟“

مون چيو: ”ڇهه“،

هن مڃتا واري انداز سان شڪل ٺاهي وري پڇيو: ”ڇوڪرا يا ڇوڪريون؟“

مون چيو: ”ٽي ۽ ٽي، جيڪي منهنجو فخر ۽ خزانو آهن.“

”هاڻي تنهنجي سنڀالڻ تي دارومدار آهي، ڇوڪريون ته گهڻي قدر محفوظ آهن، پر عمر سان گڏ وڏي ٿيندڙ ٻارن کي بعد ۾ ڏکيائي ڏسڻي ٿي پوي.“

مون احتجاج ڪيو ته منهنجو پنهنجي ٻارن سان نهايت سٺو سلوڪ آهي، خاص طور تي بيمارين جي تشخيصي ڄاڻ جي حوالي سان، مان پنهنجي ڇوڪرن لاءِ وڌيڪ محتاط رهندو آهيان.

بهرحال انهن ٻنهي تاثرن پاڻ ۾ ملي هڪڙي صورت اختيار ڪئي، جنهن اعصابي بيمارين واري ڳڻتيءَ کي خواب ۾ ڪهاڻيءَ جي صورت ڏني.

vi

”هن اڄوڪي صبح جو“(1) خواب ۽ جاڳ جي وچ ۾ مون کي اختصار جي هڪ تمام سٺي مثال جي آگهي ٿي. خواب جي اڻ پوري حصي ۾ جهجهي مقدار ۾ آيل خيالن جي حوالي سان مان انهن کي ياد به وڏي مشڪل سان ٿي ڪري سگهيس، جنهن کي مان ائين ئي مختصر طريقي سان بيان ٿو ڪريان، جيئن اهو نظر آيو هو. مون جيڪو اکر ڏٺو جيتوڻيڪ اهو اڌ لکيل هو ۽ اڌ چپيل هو، ۽ اکر هو: ”ايرزي فليچ“ (Erzefilisch) ان لفظ ڪنهن جملي جي حصي کي پئي جوڙيو پر اهو جملو منهنجي شعوري يادگيريءَ مان ترڪي ويوآهي ۽ مون کي ياد نه ٿو اچي ته اهو ڪهڙي خيال کان منهنجي ذهن مان نڪري ويو آهي: ”شايد اهو جنسي رغبت تي اثرانداز ٿيندو هجي!“ ۽ ان ئي وقت مون کي لڳو ته ان لفظ ۾ هڪ حرف “e” جو واڌارو هئڻ کپي ها، يعني Erziefilisch جنهن جي معنيٰ ”تعليم يافته“ آهي، جنهن جي سلسلي ۾ مان شڪ ۾ هوس ته ان ٻي “e” جي جاءِ تي حرف “i” نه هجي ها .

اختصار متعلق اهو ذهانت وارو مثال ٻئي حرف جي وڌائڻ سان اُچار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ اکر تي زور ڏيڻو پوي ٿو، اهو جيڪڏهن ze آهي ته انگريزي زبان سان اهو ”تسَي tsay اُچاربو، جنهن جي تي جو حرف جزم سان پڙهبو، اهڙيءَ ريت اهو جيڪڏهن zi آهي ته ان کي ”تسِي“ tsee اچاربو، ان ڪري ٻيو لفظ پهرين کان وڌيڪ ويجهو آهي.

ان حوالي سان اکر “Syphilis” (پرميل، سوزاڪ) به منهنجي آڏو ظاهر ٿيو هو، ۽ مان جڏهن اڃا اڌوگابري ننڊ ۾ هوس ته ان جو تجزيو پئي ڪيو، مان ان کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته مون کي ننڊ اچي وئي ۽ مان خواب جي دنيا ۾ هليو ويس، حالانڪ منهنجو پنهنجو ذاتي توڙي پيشي جي لحاظ کان ان سان واسطو نه پيو هو. مان خواب واري ان بيهودي لفظ (Erzefilisch) تي سوچڻ لڳس ته مون ته پنهنجي ملازم عورت کي اهو ٻيو لفظ Erziefilisch چيو هو، جنهن مون کان عورتن جي جسم فروشيءَ جي مسلئن متعلق ٿوري معلومات گهري هئي ۽ مون هن کي ”هيس“ (Hesse) جو ڪتاب ڏنو هو، جنهن ۾ جسم فروشيءَ متعلق جذباتي زندگيءَ جو اثرانگيز ذڪر ٿيل هو. ان کان سواءِ به مان هن کي جسم فروشيءَ جي خراب نتيجن متعلق آگاهه ڪندو رهيس، ۽ مون هڪدم محسوس ڪيو ته لفظ “Syphilis” (پرميل، سوزاڪ) ڪنهن ادبي لحاظ سان نه پر جنسي لاڳاپن جي صورت ۾ ”زهر“ جي طور تي اظهاريل هو.

هاڻي جڏهن خواب جي لفظ کي جملي ۾ استعمال ٿو ڪريان ته اهو هن ريت ٿو ٿئي ته: ”منهنجي گفتگو پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي زندگيءَ ۾ جذباتي حملن کان بچڻ لاءِ آگاهيءَ جي ارادي سان ڪيل هئي.“ پر جيئن ته مون کي اهو به ڊپ هو ته ڪٿي اهڙيون ڳالهيون هن جي لاءِ ”زهر“ جو اثر رکندڙ نه ثابت ٿين.

خوابن ۾ لفظي يا زباني بي ترتيبي: انهن ئي نشانين جهڙي لڳندي آهي، جيڪي وسوسن يا ماليخوليا ۾ نظر اينديون آهن، پر اهي زناني جنسي عارضي ۽ وهم ۽ گمان جي غلبي ۾ به نظر اينديون آهن. ٻار جڏهن شرارت ۽ مذاق مستيءَ وچان هٿ ٺوڪيا لفظ استعمال ڪندا آهن يا پنهنجي ڳالهه مڃائڻ يا سهمت ٿيڻ دوران جملن ۾ لفظن جي ترتيب واري انداز دوران به ڪڏهن ڪڏهن اهي درست لفظ ڳالهائي وٺندا آهن ۽ ائين ڪي نوان نوان لفظ به ايجاد ڪري وٺندا آهن، ساڳيءَ ريت خوابن ۽ نفسي اوڻائيءَ يا خلل جو عام طريقو به اهو هوندو آهي.

بي معنيٰ يا بيهودن لفظن جو تجزيو خوابن جي ڪم ۾ خاص طور تي نهايت توريل ڪڇيل نموني ۽ اختصار جي ڪنهن ڪامياب ڪارنامي جيان ظاهر ٿيندو آهي.

پڙهندڙن کي گهرجي ته واقعن جي ننڍي تعداد منجهان نتيجو نه ڪڍن، پر مون جنهن قسم جو مواد پيش ڪيو آهي، اهو هڪ ته اڻلڀ آهي ٻيو ته مون مشاهدي جي سمورين ممڪن ڳالهين کي پيش ڪيو آهي. جڏهن ته مون ڏٺو آهي ته ماڻهو ان جي ابتڙ سوچيندا آهن. پر حقيقت اها آهي ته خوابن جي تشريح نفسياتي تجزيي واري طريقي تي منحصر آهي. ايتري قدر جو تمام ننڍي تعداد وارا واقعا به مشاهدي ۽ جمع ڪيل خيالن سان سلهاڙيل هوندا آهن.

بيهودن زباني لفظن تي مشتمل، ان قسم جا خواب: “Svingnum elvi” ڊاڪٽر ”وان ڪارپنسڪا“ (Dr. von Karpinska-1914) پيش ڪيا آهن، جنهن ڪجهه اهڙا اهم خواب به ڏنا آهن جن ۾ ڄاڻايو اٿس ته جيڪي لفظ خوابن ۾ ظاهر ٿين ٿا اهي پنهنجي ليکي بي معنيٰ نه هوندا آهن پر انهن جي اصلي معنيٰ غائب ٿيل هوندي آهي ۽ ڪن ٻين معنائن سان ڳنڍجي ويندا آهن، جيڪي ”بي معنيٰ واري ساڳي ئي طريقي سان واسطو رکندڙ هوندا آهن.

جيئن هڪ ڏهن سالن جي ٻار جو “Category” جو خواب آهي، ته ان جي خواب جي حوالي سان مطلب آهي: ”زنانو عضوو“ ۽ “Categorate” جو مطلب لڳڀڳ ”پيشاب ڪرڻ“ آهي.

جيڪڏهن خواب ۾ ڪو استعمال ٿيندڙ جملو ظاهر ٿئي ٿو ۽ اهو خيالن جي فرق کي واضع ڪري ٿو ته ان جو چٽو اصول اهو آهي ته اهو ڳالهايل لفظ خوابي مواد جي يادگيرين ۾ محفوظ آهي، ۽ اتان ئي آيو آهي. ساڳيءَ ريت تقرير جو مواد به يا ته گهٽائڻ کانسواءِ ئي ذهن ۾ رهجي ويو آهي يا ڪنهن ٻئي گم ٿيل تقرير مان اخذ ٿي آيو آهي. خوابن ۾ تقرير به گهڻو ڪري ڪن ٻين گڏ ٿيل تقريرن سان رلجي ويندي آهي، ان جو مواد ساڳيو ئي هوندو آهي پر ممڪن آهي ته اصلوڪي تقرير مان ڪيتريون ئي معنائون ڪڍندڙ هجن.

گهڻي پراڻي ڳالهه نه آهي جو مون هڪ نوجوان جي معاملي ۾ هڪ اميد قائم ڪئي هئي، جيڪو جڏهن هو پنهنجي اعليٰ قسم جي ڏاهپ جي قوت کي استعمال ڪندو هو ته خيالن جي غلبي ۾ مبتلا ٿي ويندو هو. ان جي خواب ۾ ڳالهائڻ وارا اهي لفظ ايندا هئا، جيڪي هن پاڻ ڪڏهن نه لکيا هئا نه ڳالهايا هئا، اهي هن جي خيالن جي غلبي جي ڪا بگڙيل صورت ۾ نه هوندا هئا، پر هو جاڳندو هو ته هو پنهنجي شعوري ڪوشش سان انهن کي ترتيب ڏئي استعمال ڪندو هو.(1)


(1)  مٿي ڏنل تحرير جي ان نمايان ٽڪري جو اهو جملو فرائيڊ جي 1909ع واري ايڊيشن آيل آهي، بعد ۾ 1925ع واري ايڊيشن تائين ان کي الڳ ڪيو ويو هو. جنهن کي وري 1914 ڌاري باب ڇهين: خواب جو عمل، جي حصي پنجين: خوابن ۾ علامتن ذريعي اظهار: (ڪجهه مثالي خواب) ۾ آندو ويو، 1930ع واري ايڊيشن ۾ ٻيهر شامل ڪيو ويو.

(2)  هي ٽڪرو 1925ع ۾ شامل ڪيو ويو هو: تجزياتي تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته ٻار جي خوشيءَ ۾ بازيگر جي ڪرتب واري خوشي، عضوياتي مزي يا فرحت جو سبب به بڻجي ٿي ۽ اها فرحت هڪ يادگار ذهني تصوير جيان، لاشعوري طور انهن جي جنسي سنجوڳ جو سبب به بڻجي ٿي، ڀلي ته اها انسانن يا حيوانن جي وچ ۾ ڇو نه هجي.

(1)  هن باب پنجين: ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ جي حصي ٽئين: ”خوابن ۾ جسماني جيوگهرڙن جو بنياد“ 1909ع کان 1911ع تائين وارين ايڊيشنن ۾ ”ٻين قسم جي مثالي خوابن“ واري باب ۾ آيل آهي، پر 1914ع کان هن کي ڇهين باب: ”خواب جو عمل“ جي حصي پنجين: خوابن ۾ علامتن ذريعي اظهار: ”ڪجهه مثالي خواب“ ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي.

(1)  هي حاشيو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي: خوابن ۾ اختصار جي عمل متعلق ڪيترن ليکڪن تجويزون ڏنيون آهن. ”ڊو پريل“ (Du Prel, 1885,85) جو هڪ ٽڪرو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”اها پڪي ڳالهه آهي ته اختصار جو عمل، خواب جي گڏيل تجويزن جو عمل آهي.“

(1)  (Uhland Wanderlieder,8, Einkehr’s Apple Tree)

(1)  ممڪن آهي ته فرائيڊ ان کوجنا جو حوالو ڏنو هجي، جنهن ۾ مٿس ٻارن جي صدمن، يا مٿن ٿيندڙ تشدد متعلق واقعن کي، اعصابي مريضن جي تشخيص دوران واضع ٿيا هئا.

(1)  سندس خواب کي ڀڙڪائڻ وارو اهو پيانو وارو استاد ئي هيو.

(2)  هن نڪتي تي اهو واضع ڪرڻ ضروري آهي ته ان قسم جو ڪتاب ڇوڪرين لاءِ زهر جهڙو هو ۽ منهنجي مريضه جڏهن جو ان هئي ته اهو ڪتاب پڻ ڪتابن ۾ لڪائي ڇڏيو هئائين.

(1)  ڏسو باب چوٿون: ”خوابن ۾ تاثر جو بگڙجي وڃڻ“

(1)  شهنشاه فرانسس جوزف جي عظمت جو يادگار ڏينهن، جيڪو 1898ع ۾ ملهايو ويو هو.

(2)  جاڳيل حالت ۾ ان قسم جو تجزيو ۽ هڪ کان وڌيڪ اکر لکڻ يا ادا ڪرڻ جو ترڪيبي اسلوب به حقيقت ۾ اسان جي مذاق، تفريح ۽ طنز جي ڪيترن ئي معاملن ۾ حصو وٺندو آهي، تمام گٿو يا سنجيده انداز خواب ڏسندڙ جي پنهنجي پنهنجي ذهني سطح تي مدار رکي ٿو. جاڳيل حالت لاءِ ته مان اهو به چوندو آهيان ته ”جيڪڏهن منهنجا خواب کل جهڙا آهن“ ته اهي منهنجي ئي ڀاڱي جا نه آهن، پر اهي خاص طور تي نفسياتي/ ذهني صورتحال تي انحصار ڪندڙ هوندا آهن، ۽ اهي ئي خواب کي سٽاءُ ڏيڻ ۾ مدد ڪندا آهن، جن ۾ کل ڀوڳ وارا لطيفا، ۽ مذاق ۾ ڪيل ڳالهيون به نهايت پنهنجائپ واري نوع سان وابستا ٿي وينديون آهن، ۽ منهنجي پڙهندڙن کي، منهنجي ان ڳالهه سان سمهت ٿيڻو پوندو ته منهنجا پنهنجا خواب به مون کي مذاق، تفريح ۽ ٻٽي معنيٰ سان ڀرپور نظر ايندا آهن.

(1)  ”ايڊورڊ لاسڪر“ (Eduard Lasker-1829-1884) ٽيبيٽڪ (Tabetic) جي عارضي سبب گذاري ويو هو، ۽ عورت جي ميلاپ سبب پرميل، بادفرنگ، آتشڪ يا سوزاڪ جي مرض (Syphilis) ۾ مبتلا ٿي ويو هو.

(1)  هيءَ چوڻي ”مارسينو وسڪي“ (Marciowski) جي آهي.

(1)  هي حصو 1909ع ۾ شامل ڪيل آهي. اهو نوجوان فرائيڊ جي: ”اعصابي خيالن جي غلبي جي تاريخ“ (the ‘Rat Man’) ۾ موضوع رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org