سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:16 

خوابي خيالن ۾ معاملن يا واقعن جي فطري ترتيب جي خلاف ٻي مخصوص هڪ جهڙائي ان درجي بندي ذريعي ايندي آهي، جيڪا ٿي سگهي ٿو ته برعڪس، ابتڙ يا برخلاف (Contrariwise) هجي، يا وري بلڪل رد ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي رخ ۾ وڃڻ جيان خواب ۾ پنهنجو رستو ڳولهي ورتو هجي، ائين جيئن عام طور تي اسان جي مذاق ڪرڻ جو اندازو هوندو آهي.

بلڪل رد ڪرڻ يا ڪو ٻيو رخ پاڻ ئي خواب جي مواد ۾ بيان ٿيل نه هوندو آهي، پر ان مواد جي ذريعي کڻندو آهي، جنهن جي، ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ موجودگي پڌري هوندي آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري، ڪنهن پوئين خيال جي پسگردائيءَ ۾ اڳي ئي جَڙيل يا وجود ۾ آيل هوندو آهي، ۽ ٻيو رخ اختيار ڪري وٺندو آهي.

”مٿي ۽ هيٺ“ وارن دلچسپ خوابن ۾، مٿي چڙهڻ وارا خواب، خوابي خيالن منجهان ساڳئي نموني جهڙي ٻي شيءِ ٺاهي ان جي ابتڙ هجڻ جي نمائندگي ڪندا آهن. اها ڳالهه ”ڊائوڊيٽ“ جي ”سئفو“ جي تعارفي منظر ۾ آيل آهي ته: ”خواب ۾ پهرين مٿي چڙهڻ مشڪل هيو، پر پوءِ آسان ٿي ويو.“ جڏهن ته ”ڊائوڊيٽ“ جي منظرنگاريءَ ۾ پهرين مٿي چڙهڻ آسان هو پر پوءِ جيئن پوءِ تيئن مشڪل ٿيندو ٿي ويو.

”گهڻو مٿي“، ۽ ”گهڻو هيٺ“ واري خواب ۾ خواب ڏسندڙ جو پنهنجي ڀاءُ وارو رشتو! ان ٻئي رخ ۾ مڙي وڃڻ جي نمائندگي ڪري ٿو. اهو ٻئي رخ ۾ وڃڻ جي موجودگي ۽ ترتيب جي ابتڙ وارو مواد، خوابي خيالن ۾ موجود ٻن حصن جي وچ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اسان کي اهو خواب ڏسندڙ جي ننڍپڻ جي تصور ۾ نظر اچي ٿو، ۽ جيڪو سندس ٿڃ ڌارائيندڙ دائيءَ جي حوالي سان آيل آهي، ۽ جيڪو ناول ۾ آيل واقعي جي ابتڙ آهي، جڏهن ته ان ۾ نائڪ پنهنجي مالڪياڻيءَ کي کنيو آهي. ساڳيءَ ريت منهنجي خواب ۾ به اهو حملو هو، جيئن گوئٽي ان نوجوان تي حملو ڪيو ۽ جيئن منهنجي دوست ”فليس“ تي ڪنهن اڻڄاتل شخص تحريري حملو ڪيو هو. خيال، جيڪو خوابي خيالن ۾ ڦري تڪراري ٿي وڃي ٿو، اهو ان خيال جي ترديد آهي جنهن کي گوئٽي ڄڻ ڪنهن ديواني يا سودائيءَ لاءِ استعمال ڪيو آهي.

”رڳو پوئتي موٽايم“ خواب چيو، (موجود پر هڪدم نظر نه ايندڙ معنيٰ)، پر الائي ته ڇو توکي پنهنجو ڪتاب سمجهه ۾ نه ٿو اچي، اهو تون آهين! (او تنقيدنگار) تون ته ذهني طور تي ته ڪو نٻل شخص آهين، ڪو ليکڪ ته ناهين!“

گڏوگڏ مان اهو به سوچيان ٿو ته اهي سمورا خواب جيڪي ڳالهين، معاملن ۽ واقعن کي ڪنهن ٻئي پاسي ڦيرائي يا موڙي ٿا ڇڏين، اصل ۾ ان ماڻهوءَ جي پسمنظر ۾ خيالن جو اهڙو حقارت جهڙو عمل يا دليل موجود هوندو آهي جنهن جو اولڙو ڦيرائي گهيرائي خواب جي تصوير ڪشي ڪندو آهي.(1) جيئن ”سئفو“ جي خواب ۾ خواب ڏسندڙ جو پنهنجي ڀاءُ واري رشتي جي پاسي مُڙي يا ڦري وڃڻ آهي، بهرحال اهڙين ڳالهين جو مشاهدو ڪرڻ غير معمولي ڳالهه آهي، ته ڪيئن نه هم جنس پرستيءَ (Homosexuality) جي من اڇل ڳجهي طريقي سان خوابن ۾ پيش ٿئي ٿي.

اتفاق سان پنهنجي سامهون واري ڪنهن شيءِ کي پوئتي موٽائي يا ڦيرائي پيش ڪرڻ، خواب جي ڪم جي ذريعي نهايت فائديمند ۽ مددگار هوندو آهي، ان ڪري ڪو به شخص پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ ايندڙ موڙ کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو موڙ ئي خوابي خيالن ۾ پلجندڙ خواهشن واري ڪنهن تاثر جي حوالي سان، ان جي پورائي لاءِ اولين خدمت سرانجام ڏئي ٿو. ان طريقي سان خود آپي (Ego) جي ردعمل کي، پنهنجي يادگيرين جي اختلافي، اڻ وڻندڙ ۽ اڻپورن حصن لاءِ اظهار جو رستو ملي ٿو، ۽ اهو پوئتي موٽائڻ يا ڦيرائڻ جو عمل ئي ان مواد جي ڇنڊڇاڻ جي استعمال ۾ خاص طور تي مددگار ثابت ٿئي ٿو، جيڪي تمام گهڻي تعداد ۾ بگڙيل ۽ بي ترتيب صورت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ آتو هوندو آهي، ان حوالي سان هي ان کي مثبت انداز سان معذور ڪرڻ جي سگهه رکندو آهي. ته جيئن خواب سمجهه ۾ اچي سگهي.

ان حوالي سان جيڪڏهن خواب! ضد وچان ان جي معنيٰ ڳولهڻ کان انڪار ڪندو آهي ته اهو خواب جي مسودي کي پڌرو ڪندڙ مخصوص ڀاڱن کي ڦيرائڻ جي ۽ اثر کي ڏسڻ لاءِ سدائين ڪارائتو ڪم ڪندو آهي، جنهن کانپوءِ سموري صورتحال هڪدم صاف ٿي ويندي آهي.

اصل موضوع واري مواد کي ڦيرائڻ کان علاوه، تاريخوار ڦيرائڻ يا موٽائڻ کي ڪڏهن به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. اها خواب جي بگڙجي ويل معاملي کي سلجهائڻ جي نهايت عام قسم جي ترڪيب آهي جو پيش ڪرڻ لاءِ ان کي هموار ڪري، واقعي يا خيالن جي وهڪري جي نتيجي کي خواب جي شروع ۾ ئي لاڀائتو نچوڙ پيش ڪري ۽ ان کي ان جاءِ تي رکي، جتي نچوڙ جو بنياد هجي، يا انهن ڪارڻن تائين رسي، جيڪي ان واقعي جي اڳواڻي يا رهنمائي ڪندڙ آهن. هيجان، بي چيني، عضوياتي بگاڙ، نفسياتي حالت، چريائپ، بي قابو جذبي يا احساس، زناني جنسي بيماري (Hysteria) جي حملي جي صورت ۾ به ان جي معنيٰ کي مشاهدي ڪندڙن کان ڳجهو رکڻ لاءِ تاريخوار انداز سان ڦيرائڻ يا موٽائڻ جو استعمال ٿيندو آهي. مثال طور زناني بيماريءَ ۾ مبتلا ڇوڪري، پنهنجي پهرين حملي ۾ ڪجهه رومانوي فطرت جي شين کي چاهيندي آهي، اهڙي قسم جو پيار جيڪو سندس لاشعور جي تصور ۾ ويٺل هوندو آهي: ”جيئن پهرين ڀيري سبربن ريلوي اسٽيشن تي ڪنهن شخص ساڻس پيار جي ڪاروائي ڪئي هئي. کيس تصور اچي ٿو ته ان شخص ڪيئن نه بيباڪيءَ سان سندس پيرن جي تعريف ڪندي دل گهيري ورتي هئي، ۽ جڏهن هن ڪو ڪتاب پئي پڙهيو ته ڪيتري نه وڻندڙ آواز سان کيس مخاطب ڪيو هو، ۽ پوءِ ڪيئن هوءَ ان جي پيار ۾ ڪڙجي وئي هئي ۽ پيار جي پينگهه تي لڏي هئي.“ هن جي ان بيماريءَ جو حملو سندس ان پيار واري منظر سان شروع ٿيندو جيڪو سندس جسم کي آخري مرحلي لاءِ اوچتي جهٽڪي سان ڇڪي وٺندو، سندس چپ ائين چرڻ لڳندا جيئن ڪنهن کي مٺيون ڏيندي هجي، ۽ سندس ٻانهن جي چرپر مان لڳندو ته ڄڻ پيار منجهان ڪنهن کي ڀاڪر ڀريندي هجي. پوءِ هوءَ تڪڙو تڪڙو ٻئي ڪمري ۾ هلي ويندي، اچي ڪرسيءَ تي ويهندي، پنهنجي هيٺين ڌڙ تي پيل ڪپڙي کي مٿي ڪندي ته جيئن کيس پنهنجا پير ڏيکاري، بهانو بڻائي ڪتاب کڻي ويهي پڙهندي، ۽ مون سان ڳالهائڻ لڳندي.“ اهو هو هن جو جواب جيڪو هن مون کي ڏنو هو. ان حوالي سان ”آرٽميڊورس“  (Artemidorrus) چيو هو ته: ”خوابن ۾ نظر آيل تصوراتي تصويرن جي تشريح ڪرڻ لاءِ يقينن ان جي ابتدا کان پڄاڻيءَ تائين پيرا کڻڻ گهرجن، پر ڪڏهن ڪڏهن پڄاڻيءَ کان ابتدا تائين به تشريحي پوئواري ڪرڻ گهرجي:

ڪتاب پهريون، حصو يارهون، ترجمو: ڪرائوس 1881ع، ص: 20[.

چند ٻين واقعن ۾ سچ پچ ته رڳو اهڙي حالت ۾ خواب جي مطلب تائين پهچڻ ممڪن ٿيندو آهي، جڏهن هو پنهنجي زندگيءَ جي ٻين ۽ مختلف واسطن متعلق مواد مهيا ڪندو آهي. مثال طور: وهم گمان وارن خيالن جي غلبي وارو هڪ اعصابي مريض، جنهن جي هڪ خواب جي پويان ننڍي هوندي کان ”مرڻ جي خواهش“ واري يادگيري لڪل هئي، جيڪا سڌي سنئين پنهنجي پيءُ لاءِ هئي، جنهن کان هو سدائين خائف رهندو هو.

هتي سندس خواب کي پيش ڪريان ٿو:

”گهر دير سان اچڻ تي سندس پيءُ کيس دٻڙاٽ ڪڍيو.“

عبارت: جنهن منجهان خواب ظاهر ٿيو، ان ۾ نفسياتي تجزيي وارو علاج هو، پر خواب ڏسندڙ جي حقيقي تعلق منجهان ظاهر ۽ سندس چوڻ جي انداز مان معلوم ٿي ٿيو ته هو پنهنجي پيءُ سان اصل ۾ ان ڳالهه تي ڪاوڙيل هو ته سندس پيءُ سدائين گهڻو سوير گهر ايندو هو، (يعني جلد ئي)، ان حوالي سان هو سوچيندو هو ته جيڪر سندس پيءُ گهر ئي نه اچي ته بهتر! ۽ اها ساڳئي ڳالهه آهي جيڪا سندس پيءُ جي مرڻ جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿي.

هو جڏهن ننڍو ٻار هو ته سندس پيءُ جي وقتي غيرحاضري ٿيندي هئي ته هو ته پاڻ کي مجرم سمجهڻ لڳندو هو ۽ ان شرمندگيءَ وچان ڪنهن سان جنسي اڳرائي جو ارتڪاب ڪري وٺندو هو ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي سزا مقرر ڪندي خود ڪلامي ڪندو هو ته: ترس پٽ، پيءُ کي موٽڻ ڏي، اچي ته ڏس تنهنجي ڪيئن ٿو خبر وٺي.“

اسان جيڪڏهن خواب جي مواد ۽ خوابي خيالن جي وچ واري تعلق جي مطالعي ڏانهن راغب ٿينداسين ته اسان کي خبر پوندي ته خواب پڻ اسان کي، اسان جي ڏورانهين سوچن ۽ غور طلب ڳالهين جا نڪتا ۽ منصوبا ٻڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا ته ڪهڙا فرضي ڪردار ۽ انهن جون خوبيون، ڪهڙي طريقي سان پيش ڪن ٿا، ۽ انهن جي پويان لڪل خيالن جي نشاندهي ڪهڙيءَ ريت ڪن ٿا.

اسان گهڻو ڪري هڪڙي تاثر کي بيان ڪندا آهيون، جنهن جو ڌيان ڇڪائيندڙ ردعمل، مبهم يا منتشر طريقي سان، ۽ هڪ آرماڙ ٻيڙي جيان، جيڪو هڪ ڪمان هيٺ ڪيترائي جنگي سامونڊي جهازن، ٽرڪن وغيره جو هڪڙي ضابطي هيٺ مجموعي وانگر خواب ۾ ڦڙتيءَ سان ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن ته اسان محسوس ڪندا آهيو ته جيڪي خوابي منظر وڌيڪ واضع هوندا آهن، اهي ئي سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ لائق هوندا آهن، ۽ ائين به ناهي ته خواب جا عنصر جيڪي ننڊ دوران حقيقي تاثر (تنتي سرشتي جي اڀار) منجهان حاصل ڪيل هوندا آهن ته اهي چٽي ۽ زندگيءَ سان ڀرپور يادگيرين مان اڀري، ٻين عنصرن جي ذريعي فرق ڪرڻ يا ورهائي پيش ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪندا آهن ۽ نتيجي آڻيندڙ حقيقي حالت جو ڪو به عنصر خوابي منظرن جي شدت کي اهميت نه ڏيندو آهي.

ان کان سواءِ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن خواب جي خاص منظرن جي حسي شدت (زندگيءَ سان ڀرپور ۽ چٽي)، خوابي خيالن جي نفسي/ جنسي شدت جي ڀاڱن سان ڳنڍيل هجي، جيڪا انهن سان لهه وچڙ ۾ ايندي هجي. بعد ۾ نفسي/ جنسي شدت، نفسي/ جنسي مقدار سان مطابقت رکندي هجي: يعني گهڻي توانائيءَ يا سگهه وارا ڀاڱا پڻ اهم هجن، (اهي جيڪي، خوابي خيالن جي مرڪزي نڪتي مان ايندا آهن). اسان ڄاڻون ٿا ۽ اهو سچ به آهي ته اهي هوبهو اهڙا ئي ڀاڱا هوندا آهن جيڪي ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان، پر ڪنهن اصول تحت خواب جي متن ۾ پنهنجو رستو نه ٺاهيندا آهن. پر اهو اندازو به خوابن جي تقابلي مطالعي ذريعي مايوس ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو به ان مواد جي مطالعي جي حوالي سان، جيڪو جتان هلي اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو به ڏٺو ويو آهي ته هڪڙي حصي جي عنصرن جي شدت جو، ٻئي حصي جي شدت سان تعلق نه هوندو آهي: حقيقت اها آهي ته اها مڪمل طور تي هڪ نئين قاعدي مطابق، سمورن نفسي/ذهني ۽ جسماني خاصيتن جي تبديل شده قيمت (Transvaluation) آهي، جيڪا خوابي خيالن ۽ خواب جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ والاري ٿي. سڌو سنئون ورتل يا اخذ ڪيل جيڪا به شيءِ خوابي خيالن ۾ مٿڀرو ۽ نمايان جاءِ والاري ٿي اها پڻ خواب جي انهن چند عارضي عنصرن ۾ هوبهو انداز ۾ دريافت ڪري سگهجي ٿي، جن کي ڪجهه وڌيڪ سگهارن منظرن جي ذريعي گهڻو ڪري پنهنجي پاڇي ۾ ڍڪي ڇڏيندي آهي، ۽ تمام گهڻي شدت، خواب جي انهن عنصرن جي ذريعي ظاهر ٿيندي آهي، جن جي جوڙجڪ تي ڇنڊڇاڻ ۽ غور ويچار جو وڏو وقت صرف ٿي چڪو هوندو آهي. اسان ان کي ائين قبول ڪري سگهون ٿا ته اهو آخرڪار تعين ڪيل واقعي يا شيءِ جو ممڪن نچوڙ (خواهش جي پورائيءَ سان وابستا) هڪ واحد ترڪيب يا جوڙجڪ ذريعي واضع ڪري سگهي ٿو.

مان خواب جي گهڻي يا گهٽ شدت جي سببن يا مخصوص عنصرن جي چٽائي متعلق جنهن مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان ته: اهو ڪنهن اهڙي مسئلي سان وچڙيل نه آهي، جيڪو خوابن جي سموري مختلف چٽائيءَ يا خوابن جي حصن سان سلهاڙيل هجي، گذريل وقت جي معاملي ۾ ”چٽائي“، مبهم ۽ غير يقيني انداز سان ظاهر ٿيندي آهي، پر تازن يا ويجهڙائيءَ ۾ پيش آيل معاملن ۾ اها مونجهاري ذريعي اظهار ڪندي آهي. ان جي باوجود ان ۾ شڪ نه ٿو ڪري سگهجي ته خاصيتن جو وڌڻ ۽ گهٽجڻ ٻن، متوازن اصولن تي هلندو آهي.

الف ڀاڱي وارو خواب اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ لڳندو آهي، جيڪو سدائين جذباتي شدت ۾ آخر تائين تاڻيل عنصرن تي مشتمل هوندو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي گهٽ شدت وارن عنصرن تي مشتمل هوندو آهي.

چند معاملن ۾ اسان کي حيرت به ٿيندي آهي ته خواب ذريعي ملندڙ چٽائيءَ جي منتشر تاثر جو خواب جي سٽاءَ سان ڪو تعلق نه هوندو آهي، پر اهي بهرحال خوابي خيالن مان اڀري ايندا آهن ۽ ان جو ڍانچو جوڙيندا آهن. اهڙو منهنجو به هڪڙو خواب هو جنهن مون کي جاڳڻ کان پوءِ جهنجهوڙي ڇڏيو، واقعي نهايت بي عيب ۽ نهايت چٽي ۽ خاص انداز سان جڙيل هو. مان ٿورو جاڳيل ۽ ٿورو گهيرٽن ۾ هوس ته مون سوچيو ته خوابن جي هڪ نئين ترتيب يا درجي بندي ڪريان، جيڪا ڇنڊڇاڻ يا اختصار ڪرڻ جي موضوع کانسواءِ هجي ۽ جنهن جو نالو رکان: ”ننڊ دوران تصور.“ پوءِ مون ان تي وڌيڪ کوجنا ڪئي ته اهو ثابت ٿيو ته خوابن دوران اهڙي نادر هجڻ واري حالت، ساڳين اوڻائين ۽ خالن (Gaps) کي ٻين جيان ئي جوڙجڪ جو حصو بڻائيندي آهي، ان جي ڪري مون ”ننڊ دوران تصور“ متعلق درجي بندي ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو.

مون تشريح بابت ڪم ڪندي هڪ ڀيرو ان مريضه جي خواب متعلق به سوچيو هو، جيڪو پهرين ته هن مون کي ٻڌائڻ نه ٿي چاهيو، ’ڇاڪاڻ ته اهو نهايت منتشر، گندو ۽ ذهني مونجهارن وارو هو.‘

گهڻي ڊيگهه ڪرڻ ۽ مٿس زوربار وجهڻ کانپوءِ به هن اهو ڪو نه ٿي مڃيو ته هوءَ پنهنجي ان خواب تي يقين رکي ٿي. بهرحال هن ٻڌايو ته: ”سندس خواب ۾ تمام گهڻا ماڻهو ٿا نظر اچن، ان ۾ هوءَ پاڻ، سندس مڙس ۽ پيءُ به موجود هوندا آهن. پر هن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته الائي اهو مڙس سندس پيءُ هو يا..... اهو سندس پيءُ ئي هو..... ۽ اها ڳالهه کيس سمجهه ۾ ڪا نه ٿي آئي.“

مان جڏهن ان جي تشريح ڪرڻ ويٺس ته پهرين اهو خواب سندس واسطيدارن سان ملڻ جلڻ تائين محدود ٿي لڳو، جيڪو بنا شڪ جي هڪ ملازم ڇوڪريءَ جي ڪهاڻيءَ سان لاڳاپيل هو، ۽ سندس پيٽ ۾ ٻار به هو پر هن کي پورو يقين نه هو ته ’سندس (ٻار جو) اصل پيءُ ڪير آهي؟‘

هن خواب جي ذريعي پڻ ”چٽائي نه هجڻ“ جو اظهار ان مواد جو حصو آهي، جنهن خواب کي چوريو يا ڀڙڪايو آهي، ۽ ان مواد جو حصو ئي خواب جي صورت ۾ پيش ٿيو هو: اها يا ته خواب جي جوڙجڪ آهي يا ان ڳالهه جو گهاڙيٽو آهي جنهن ڳالهه تي خواب ڏسندڙ عورت سدائين حيران پريشان رهندي هئي، انهيءَ معاملي کي خواب لڪائي پيش ڪيو هو.

هڪ شخص خواب ٻڌايو ته هڪ نڪتي تي: ’خواب صفا ڌوپجي ويو.‘ هي سندس ننڍپڻ دوران ٻڌل جملو هو، جيڪو ڪنهن هن ريت چيو هو: ’اسان جا سڀ خواب ڌوپجي ويا.‘

هڪ نوجوان هڪ چٽو خواب ڏٺو، جنهن ۾ کيس ننڍپڻ جي يادن جا اهي سڀ تصور نظر آيا، جيڪي هن سالن کان سانڍي رکيا هئا. هن ڏٺو ته: ”اها اونهاري جي هڪ شام هئي ۽ هو هڪ مقامي هوٽل ۾ آيو هو، ۽ هن کان پنهنجي ڪمري جو نمبر وسري ويو هو ۽ ڀل ۾ هڪ اهڙي ڪمري ۾ گهڙي ويو جتي هڪ وڏڙي عمر جي عورت ۽ ان جون ٻه ڌيئرون پنهنجا ڪپڙا بدلائي رهيون هيون، شايد اهي سمهڻ پئي ويون. پوءِ هو اتان هليو ويو.“

”هن خواب ۾ ڪجهه خال آهن، ڪجهه رهيل آهي.“

”اتي هڪ ماڻهو موجود هو، جنهن مون کي ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ مان ساڻس جهيڙڻ لڳس.“ هن چيو.

اصل ۾ هن پنهنجي ننڍپڻ واري دلي مراد ۽ طبيعت جي لاڙي واري تصور کي ياد ڪرڻ جي ٺلهي ڪوشش پئي ڪئي. ۽ خواب ان کي اشاري ڪنايي سان چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن خواب ۾ جيڪو مبهم حصو آهي، اهو هن جي طبيعت جي سچائيءَ کي لڪائي رهيو آهي. هن جي خواب جي حوالي سان سندس زندگيءَ جو ”خال“ (Gap) اهو هو جيڪو هن ٻن عورتن کي ڪپڙا بدلائيندي ۽ سمهڻ لاءِ بستري تي ويندي ڏٺو. اصل ۾ هن جي ذهن جي ڪنڊ ۾ اها ڳالهه لڪل هئي، جو ننڍي هوندي عورتن جي هيٺين ڌڙ جي اوگهڙ کي ڏسڻ جو رحجان منجهس تمام گهڻو هوندو هو.

هڪ ٻئي خواب ڏسندڙ شخص جي مشابهت رکندڙ يادگيري هن ريت هئي ته: ”مان فرولين سان گڏ واڪ گارٽن ريسٽورانٽ ۾ ويس..... (ان وچ ۾ ڪنهن اڻ چٽي ڳالهه رخنو وڌو) پوءِ مون پاڻ کي هڪ فحاشيءَ جي اڏي (Brothel) ۾ ڏٺو، جتي مون ٻه يا ٽي عورتون ڏٺيون، جن مان هڪڙي پنهنجي سنهي چوليءَ ۽ ڪڇي ۾ هئي.“

تجزيو: فرولين سندس پهرين صاحب جي ڌيءَ هئي، بقول هن جي ته اها سندس ڀيڻ جهڙي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو هو، پر هڪ ڀيري گفتگو دوران ڪي اهڙيون ڳالهيون به نڪتيون جن مان لڳو ٿي ته اسان ٻئي ڄڻا پنهنجي جنسي معاملن کان واقف آهيون، پوءِ هڪ ڀيري مون کيس چيو ته: ”مان مرد آهيان ۽ تون عورت آهين.“ اهو به هڪ ڀيري جڏهن ريسٽورانٽ ۾ سندس ڀيڻويي جي ڀيڻ سان ويٺي پئي ڳالهايو. ان ڇوڪريءَ سندس گفتگو منجهان ڪو خاص مطلب نه ڪڍيو. ٻئي ڀيري ان ئي ريسٽورانٽ ۾ اٽڪل ٽن چئن عورتن سان جڏهن گڏ ويو هو. انهن عورتن ۾ هڪ سندس ڀيڻ هئي، هڪ سالي ۽ سندس ڀيڻويي جي ڀيڻ به شامل هئي، جنهن جو هن ذڪر ٿي ڪيو. اهي سڀئي هن کان بيپرواهه هيون، پر اهي ٽئي عورتون سندس ڀينرن جيان ئي هيون.

ڇٽيءَ ڇماهيءَ هو فحاشيءَ جي اڏي تي به ويندو هو، شايد ٻه يا ٽي ڀيرا.

سندس خواب جو تجزيو ان جي ”وچ واري رخني تي“ ٻڌل آهي ۽ اهو ساڳيو معاملو آهي ته هو به ڇوڪراڻي عمر دوران منجهس ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڀيڻ جي اوگهڙ ڏسڻ جو تجسس هوندو هو، جيڪا کانئس ننڍي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سندس شعوري يادگيري خواب جي پردي تي تري آئي هئي.

انهن سڀني خوابن جو مواد، جيڪو ساڳئي رات دوران ظاهر ٿئي ٿو، اهو ان سموري ساڳئي مواد جي حصي واري شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو: انهن جي پيش ٿيڻ جي حقيقت اها آهي ته اهي ڪيترن ئي ڀاڱن ۽ بابن ۾ ورهائجي ويندا آهن، جن جو ڪيترو ئي تعداد خوابي خيالن جي لڪل مواد ۾ جوش اڀاريندڙ معلومات جو حصو بڻجي ويندا آهن. خوابن جي تشريح جي سلسلي ۾ا هي ڪيترن ئي مکيه حصن تي ٻڌل هوندا آهن، يا عام طور تي ساڳئي رات دوران نظر ايندڙ خوابن لاءِ اهو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي ته علحده يا ساڳئي جاءِ والاريندڙ ان قسم جي خوابن جو مطلب به ساڳيو ئي هوندو آهي، البت ٿي سگهي ٿو ته ساڳئي جذبي يا خيال ۽ مختلف مواد ۽ تاثر ذريعي پيش ٿيندا هجن. جيڪڏهن ائين هوندو ته پهرين اهي هم نسبتي خواب گهڻو ڪري بگڙيل/ مبهم ۽ ڊپ ۾ ويڙهيل نظر ايندا آهن، جهڙيءَ ريت ڪاميابي ماڻيندڙ خيال، گهڻو ڪري اعتماد وارا ۽ نيارا هوندا آهن.

بائيبل ۾ ڪڻڪ جي سنگن ۽ ڏٻرين ڍڳين متعلق فرعون جا خواب، جنهن جي تشريح حضرت يوسف عليھ السلام ڪئي هئي، اهي به ان قسم جا خواب هئا. يهودين جي قديم تاريخي ٻئي ڪتاب جي پنجين حصي ۾ حضرت يوسف عليھ السلام جي تفصيلي تشريح ڏنل آهي جيڪا پوءِ اها بائيبل ۾ آندي وئي. پنهنجو پهريون خواب بيان ڪندي بادشاهه چيو ته: ”جڏهن مون خواب ۾ اهو منظر ڏٺو ته ننڊ مان جاڳي پيس، ۽ مونجهاري ۾ پئجي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته هي مون ڪهڙي قسم جو منظر ڏٺو آهي، اهو سوچي سمهڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪرڻ لڳس، ۽ وري مون هڪ ٻيو خواب ڏٺو، اڳوڻي کان وڌيڪ وڻندڙ..... پر ان مون کي ڊيڄاري ۽ پرشان ڪري ڇڏيو.“

بادشاهه جا خواب ٻڌڻ کانپوءِ حضرت يوسف عليھ السلام وراڻيو ته: ”اهو خواب، بادشاهه سلامت! جيتوڻيڪ انهن خوابن جو سٽاءُ، جوڙجڪ جي ٻن طريقن تي مشتمل آهي پر اهي ٻئي هڪ جهڙي واقعي جي نشاندهي ڪن ٿا.“ (ترجمو ونسٽن 1874ع حصو پهريون صفحو 127).

جونگ (Jung, 1910) ”افوهن جي نفسيات“ متعلق اڀياس ۾ لکيو آهي ته هڪ اسڪولي ڇوڪريءَ، پنهنجي اسڪولي ساهيڙيءَ جي ڳالهين مان اخذ ٿيل، جنسي عاشقاڻا احساس، خواب جي صورت ۾ تقسيم ٿي ويا هئا.

خوابن ۾ اعصابي طور جوش اڀاريندڙ واسطن ذريعي پيش ٿيڻ واري نياري يا اهم طريقي متعلق ”شيرنر“
 (Scherner. 1861) وٽان ڪافي ڄاڻ سڃاڻ ملي ٿي، جنهن کي هو خاص قانون ٿو سڏي، جڏهن ته مشاهدو ڪندڙ ماڻهو ان واقعي کي عام انداز (قانون) تحت ٿو ڏسي.

”اوٽورئنڪ“ (Otto Rank, 1910) شيرنر جي ان ”قانون“ جي تمام گهڻي شد مد سان تصديق ڪئي آهي. هڪ ڇوڪريءَ کيس پنهنجو هڪ خواب ٻڌايو، جيڪو هن ان ساڳئي رات ۾ ئي، ٻن الڳ الڳ خوابن تي ٻڌل ڏٺو هو، ۽ جن جي وچ ۾ هڪ وقفو به هو، ۽ سندس ٻئي خواب جو اختتام جنسي ميلاپ جي پڄاڻيءَ (Orgasm) تي ٿيو. انهن ٻنهي خوابن جو مواد اسان لاءِ پاڻ ئي مددگار ثابت ٿو ٿئي ته پهريون خواب به سندس ٻئي خواب وانگر ڊپ تي آڌاريل آهي، ۽ ان جنسي ميلاپ جي پڄاڻيءَ ٻئي خواب جي ڪري ئي سندس پهريون خواب مڪمل طور تي تشريحي مدد ڪري ٿو. رئنڪ به ان حوالي سان خوابن ۾ ”جنسي ميلاپ جي پڄاڻيءَ ۽ نيڪال“ ۽ ان جي گهڻي تعداد ۾ اچڻ جي نظريي جون خاص خاص نشانيون ڄاڻايون آهن.

ڪڏهن ڪڏهن! خواب ۾ ان ساڳئي صورتحال ۽ جوڙجڪ جو جٽاءُ ڪري بيهڻ، يا ان ۾ رڪاوٽ اچي وڃڻ متعلق، ڪڏهن ڪڏهن هن قسم جي لفظن ذريعي اظهار ٿيندو آهي: ”پر پوءِ! اهو ائين هيو، ساڳئي وقت، اها ڪا ٻي جاءِ هئي، ۽ اتي ڪجهه هن قسم جو ڪم پئي ٿيو.“ ٿوري وقفي کانپوءِ خواب جو مرڪزي سڳو وري ڳنڍجي وڃي ٿو ۽ پوءِ اوچتو خواب جي مواد منجهان هڪ اختيار هيٺ فقرو يا مخصوص دستاويز اچي منجهس رڪاوٽ وجهي ٿو، خاص طور ڊاهه ڊوهه ڪندڙ يا هٿ چراند ڪندڙ خيال.

ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل جو احساس، جيڪو عام طور تي خوابن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، ۽ ڳڻتيءَ ۽ پريشانيءَ جي تمام گهڻي ويجهڙائپ رکي ٿو ته ان جو ڪهڙو مقصد آهي؟

ڪو شخص اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر پاڻ کي ان جاءِ تي ڄميل محسوس ڪري ٿو، يا ڪو شخص ڪنهن شيءِ تائين پهچڻ چاهي ٿو ته پر ڪيترين ئي مشڪل ڳالهين ذريعي رنڊجي رڪجي ٿو پوي. ريل گاڏي پنهنجي جاءِ تان رواني ٿيڻ واري آهي، پر هو ان تائين پهچي نه ٿو سگهي. ڪو شخص پنهنجي بيعزتيءَ سبب ڪنهن جو هٿ جهلڻ ٿو چاهي، پر پاڻ کي بي همٿ ٿو ڀانئي، ان قسم جا مثال اسان اڳ ۾ باب پنجين: ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“، جي حصي چوٿين: ”مثالي يا خاص قسم جا خواب.“ ۽ باب ڇهين: ”خواب جو عمل“، جي حصي پهرين: ”اختصار ڪرڻ يا گهٽائڻ جو عمل“ ۾ ڏئي آيا آهيون، پر اڃان ان جي تشريح متعلق ڪا سنجيده ڪوشش ڪا نه ورتي آهي. ان جو هڪ آسان ۽ اڻپوري جواب ۾ هي به چئي سگهجي ٿو ته اها! ننڊ ۾ ان يا اهڙي خواهش کي منتقل ڪندڙ اڀار يا اڌرنگ (Paralysis) جي حرڪت پيدا ڪندڙ ترغيب آهي، جنهن جي صلاحيت، احساس يا تاثر کان اسان واقف هوندا آهيون. پر اهو به چئي سگهجي ٿو ته ان صورت ۾ لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل جي انهن تحريڪن کي خوابن ۾ مستقل طور تي ڇو نه ٿا ڏسون؟ ۽ اهي انهن احساسن متعلق مثال ڏيڻ جا ذميدار ڇو ٿا ٿي بيهن! جيتوڻيڪ ڪو شخص ننڊ دوران، ڪنهن به وقت ان کي سڏي يا حاضر ڪري سگهي ٿو! ڪنهن خاص ڳالهه جي نمائندگيءَ جي سلسلي ۾ مدد/ خدمت يا ڪا سهوليت پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ان وقت اڀاري سگهي ٿو، جڏهن خوابي خيال کي ان طريقي سان جي پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي؟

رڪاوٽ پيدا ڪندڙ جذبو ائين ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي، ۽ نه ئي احساس جي طور تي خواب ۾ هر وقت ظاهر ٿيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن خواب جي مواد جي هڪ سادي حصي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.

ٻين خوابن ۾، جن ۾ روڪيل جذبي منجهان ڪا به چرپر ظاهر نه ٿيندي آهي، ۽ نه ئي ڪنهن واقعي يا حالت جي صورت ۾ ته انهيءَ لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني احساس جي چرپر ساڳئي تضاد کي، ڪجهه وڌيڪ ۽ زورائتي تاثر سان ظاهر ڪندي آهي ۽ پنهنجي ارادي جو اظهار ڪندي آهي، جيڪو ان ارادي يا نيت جي خلاف آڏو ٿي بيهندو آهي، اهڙيءَ ريت روڪيل جذبي جي احساساتي چرپر ”ارادي يا خواهش جي تضاد“ جي نمائندگي ڪندي آهي.

اسان اهو اڳتي ڄاڻائينداسين ته خواهش کي منتقل ڪندڙ اڀار يا اڌرنگ (Paralysis) جي چرپر سراسري طور تي ننڊ سان گڏ شامل ٿيڻ، نفسياتي عمل جو هڪ طئي ڪيل اصول آهي. ڳڻتيءَ متعلق منهنجي وضاحت ذريعي اهو پڻ آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنهن روڪي ورتل جذبي يا ارادي جو مجموعي احساس، ڳڻتيءَ جي ايترو ويجهو ڇو آهي، جنهن جو واسطو گهڻو ڪري خواب سان رهي ٿو. ”ڳڻتي“ اصل ۾ لذت واري شديد جنسي خواهشن/ مخالف جسمن لاءِ پيار جو احساس يا ڇڪ پيدا ڪندڙ (Libidinal) من اڇل وارو لاڙو پيدا ڪندڙ هوندي آهي، جنهن جو اصل بنياد لاشعور (Unconscious) ۾ هوندو آهي ۽ ان کي روڪڻ وارو تحت شعور (Preconscious) هوندو آهي. اهڙيءَ ريت روڪاوٽ پيدا ڪندڙ احساس جڏهن خواب ۾ ڳڻتيءَ سان منسلڪ ٿي ويندو آهي ته اهو ارادي يا نيت جي عمل جو معاملو بڻجي پوندو آهي، جيڪو هڪ وقت تي جنسي فطري لذت واري کي اڀارڻ جي قابل ٿي ويندو آهي ۽ اهو ئي ان جنسي/ ذهني من اڇل جو سبب بڻجندو آهي.

مان اڳتي ڪٿي، ان جي معنيٰ ۽ ”ساڃاهه ۽ فتويٰ جي نفسياتي اهميت“ به بيان ڪندس، جيڪا گهڻو ڪري خوابن ۾ تبديل ٿي هڪ چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي: ”بهرحال اهو رڳو هڪ خواب هو.“

هتي مان ان جي پيش بندي ڪندي رڳو اهو چوندس ته اها خاص طور ڏٺل خواب کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ هڪ قسم جي ارادي جي کوٽ آهي، جنهن ۾ نهايت دلچسپ ۽ سڱيڻا يا ساڳيا مسئلا ظاهر ٿين ٿا، جن کي بيان ڪندي ڪيترو نئون مواد ۽ ان جون ڪيتريون ئي نيون معنائون ظاهر ٿين ٿيون، ڪي پيروليون بڻجي وڃن ٿيون ته خواب اندر خواب ۾ ڪي اسرار ظاهر ٿين ٿا، جنهن متعلق اسٽيڪل (ص (Stekel, 1909, 459  ساڳئي فڪري سوچ کي نهايت مڃڻ جهڙن مثالن ذريعي بيان ڪيو آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته خواب ۾ ڪهڙو خواب ڏٺو ويو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر ان جي مخصوص ڪميءَ منجهان، ان جي حقيقت کي ڳنڍڻ گهرجي، ۽ جاڳڻ کانپوءِ اهو جاچڻ گهرجي ته خواب جي اندر خواب ڪهڙيون خواهشون ڳولهي لڌيون آهن، جيڪي حقيقت ۾ ميسارجي ۽ تباهه ٿي ويون هيون. دليل لاءِ اهو هڪ محفوظ طريقو آهي، ڇاڪاڻ ته خواب ۾ لڌل خواب، حقيقت جي نمائندگي ڪندڙ ۽ سچين يادگيرين تي ٻڌل هوندو آهي، جڏهن ته خواب جو تسلسل، ان جي ابتڙ رڳو اهو پيش ڪندو آهي جنهن جي متعلق خواب ڏسندڙ جي پنهنجي خواهش هوندي آهي. اهڙيءَ ريت خواب اندر لڌل خوابن ۾ ڪجهه شامل ڪرڻ، انهن خواهشن جهڙو ئي هوندو آهي جن کي خواب اڻ ٿيڻين ڳالهين جيان بيان ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪڏهن خواب جي ڪم جي ذريعي، خواب ۾ ڪو خاص واقعو خواب جي صورت ۾ پاڻ شامل ٿئي ٿو ته اهو پنهنجي طاقتور ويساهه ۽ دعويٰ سان حقيقي واقعي جي تصديق ٿيل صورت ۾ هوندو آهي. خواب جو ڪم، خواب کي ٺاهڻ ۾ ڪجهه به ڪرڻ کان انڪاري (Repudiate) صورت ڏيندو آهي ۽ ائين ان کوجنا جي تصديق ٿيندي آهي ته خواب خواهشن جو پورائو ڪندڙ هوندا آهن.


(1)  جرمن ۾ ”پويان موٽائڻ ۽ پوئين طرف“ کي: غلط پاسي مڙي وڃڻ (Kehrscite) ٿا سڏين، جيڪو انگريزيءَ ۾ بيهودي قسم جي اصطلاح سان سلهاڙيل آهي: مٿين پاسي يعني: جانور جي چُتڙن کان مٿي، ۽ هيٺين پاسي يعني غلط پاسي ڦري وڃڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org