سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:17 

(4)

نمائندگيءَ ۽ مقصد تي غور ويچار

CONSIDERATION OF REPRESENT ABILITY

اسان هن وقت تائين انهن سبب کي ڳولهڻ ۾ مصروف هئاسين، جن جي ذريعي خواب، خوابي خيالن جي تعلق کي پيش ڪن ٿا. ان کوجنا دوران اسان بهرحال ”ڦيرڦار جي عام فطري عمل“ جي موضوع کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا به ڇهيو، جيڪو خوابي خيالن جي مواد کي خواب جي جوڙجڪ جي مقصد تحت برداشت ڪري ٿو، اسان اهو به سکيو ته مواد، ان تعلق جي تمام وڏي مقدار ۽ گنجائش کي اگهاڙو ڪري ٿو ڇڏي، ۽ دٻاءَ ۽ سوڙهه ڏانهن روانو ڪري ٿو ڇڏي.جڏهن ته ساڳئي وقت ان جي جزن منجهان شدت جو گم ٿي وڃڻ يا هڪ جو ٻيءَ جاءِ تي رسي وڃڻ، نئين قاعدي مطابق تبديل ٿيل نفسياتي مواد جي کڄي اچڻ جو عمل به بحث هيٺ آندوسين. هيل تائين اسان جنهن گم ٿي وڃڻ واري عمل تي غور ٿي ڪيو، اهو پنهنجو ڪو ويجهو ۽ لاڳاپيل رستو وٺي، ڪنهن ٻئي خاص خيال ڏانهن مڙي وڃي ٿو ۽ اهو پنهنجي مقصد ۽ گهرج مطابق اختصار کي آساني پيدا ڪري ڏئي ٿو، ۽ انهن جي وچ ۾ ٻن جزن جي بجاءِ خواب ۾ هڪ گڏيل عنصر پنهنجو رستو ڳولهي وٺي ٿو.

وڃائجي وڃڻ/ گم ٿي وڃڻ يا هڪ جاءِ جي بجاءِ ٻي هنڌ هلي وڃڻ جي ٻئي قسم متعلق اسان اڃان بحث شروع نه ڪيو آهي. تجزيو اسان کي اهو ٿو ٻڌائي ته ان جي ٻي نوعيت ۽ خاصيت به موجود هوندي آهي ۽ جيڪا پاڻ کي واسطيدار خيالن جي مجموعي زباني تاثرات جي تبديليءَ جي ذريعي اظهاريندي آهي. انهن ٻنهي معاملن ۾ وڃائجي وڃڻ يا هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ ٿڙي وڃڻ جو عمل پنهنجي لاڳاپن جي سنگهر سان سلهاڙيل هوندو آهي. پر اهڙي قسم جو عمل ڪيترين ئي نفسياتي دائرن ذريعي ظاهر ٿي سگهي ٿو، ۽ وڃائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ هڪ معاملي جو هڪ جزو ٻئي عنصر جي جاءِ والاري سگهي ٿو، پر ٻئي معاملي ۾ هڪ جزو زباني تاثر جي طريقي سان ٻئي عنصر جي ذريعي جاءِ بدلائي سگهي ٿو.

هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ هلي وڃڻ جو اهو ٻيو قسم جيڪو خواب جي سٽاءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو، ان کي نه رڳو ڪا وڏي نظرياتي دلچسپي هوندي آهي، پر هڪ خاص سوچ، ڳڻپ ۽ نهايت عمدي طريقي سان بيهودگيءَ کي واضع ڪندو آهي، جن ۾ خواب لڪل حالت ۾ هوندا آهن. خوابي خيالن ۾ هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ رخ اختيار ڪري وڃڻ جو نتيجو، تصويري ۽ تڪميلي تبادلي لاءِ گهڻو ڪري رنگن کانسواءِ ۽ گڏوچڙ ٿيل يا منجهيل علامتن جي مجموعي ذريعي نڪرندو آهي. فائدي ۽ مقصد جي حوالي سان اهي تبديليون اکين ڏانهن ٽپي اينديون آهن. خواب جي حوالي سان ڪنهن به شيءِ جي تصوير جڙندي آهي، ته اها شيءِ نماندگيءَ لاءِ پيش ٿيڻ جي قابل هوندي آهي: اها ان واقعي جي مطابق متعارف ٿي سگهندي آهي، جنهن ۾ گڏوچڙ ٿيل تاثرات، خواب ۾ پيش ٿيندڙ مشڪلاتن جي ساڳئي قسم سان تعلق رکندا آهن، جيئن اخبار ۾ ڪو سياسي مضمون، پڙهندڙن کي مختلف وضاحتن کان آگاهه ڪندو آهي، تيئن ئي، پر رڳو ذميداريءَ جي حوالي سان ئي نه! پر ڇنڊڇاڻ ۽ اختصار جي دلچسپيءَ سبب به پيش ڪيل هوندو آهي، ته جيئن ان تبديليءَ منجهان فائدو حاصل ٿي سگهي.

گهڻي وقت کان استعمال نه ٿيل خوابي خيال، (تصور يا سوچون) منجهيل صورت ۾ اڀري ايندا آهن، پر جڏهن هڪ ڀيرو اهي تصويري ٻوليءَ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ته خواب جي ڪم کي جنهن قسم جون نشاندهيون ۽ تضاد درڪار هوندا آهن، ڀلي ته اهي اتي اڳ ۾ موجود نه به هجن، پر پوءِ به اهي انهن کي تخليق ڪري، انهن منجهان هڪ نئين تاثراتي تصويري ٻولي جوڙي، سمجهڻ ۾ پهرين کان وڌيڪ آساني پيدا ڪندڙ ۽ خواب سان ڳنڍيل مواد جي سنڀار جو سبب بڻجندا آهن. ڇاڪاڻ ته هر زبان ۾ پنهنجا مضبوط اصطلاح موجود هوندا آهن، جيڪي ان جي تاريخي ارتقا جو نچوڙ هوندا آهن ۽ اهي نظرياتي تعلق کان وڌيڪ انساني واسطن ۾ رچيل ۽ مشهور هوندا آهن ۽ ان کي ائين به سمجهائي سگهجي ٿو ته خواب جي جوڙجڪ جي دوران ثانوي عمل جو جيڪو سٺو حصو ڪم ڪري ٿو، اهو وکريل خوابي خيالن کي گهٽائڻ لاءِ، ماڻهوءَ جي انفرادي خيالن لاءِ انهن رستن کي ڳولهي، انهن مناسب ۽ موزون زباني تبديلين سان گڏگڏ هلندي، انهن کي جامع ۽ ممڪن هڪجهڙائيءَ واري تاثر ۾ تبديل ڪري ٿو.

ڪو به هڪڙو خيال، جنهن جو تاثر ڪن ٻين سببن جي ڪري پيدا ٿيل هوندو آهي ته اهو چونڊڻ ۽ طئي ڪرڻ واري انداز سان ڪنهن ٻئي ممڪن تاثر جي جوڙجڪ سان ملائي ڇڏيندو آهي، ائين جيئن شاعري جي معاملي ۾ ٿيندو آهي ته جيڪڏهن شعر ڪنهن بحر وزن ۾ لکبو آهي ته ان جي ٻي مصرع ٻن شرطن تي ٻڌل هوندي آهي: يعني ان جو بيان يا مفهوم واضع ٿيندو هجي، ۽ ان جو اسلوب! طرب يا لئي تي مشتمل هجي.

ساڳئي نموني ڪجهه مثال اهڙا به ملن ٿا جن ۾ بيانيه تبديليءَ جو تاثر خواب جي اختصار ۾ مدد ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته لفظن جي ورتاءَ سبب سڌيءَ طرح به مدد ڪندو آهي، انهن جي منجهيل يا ٻٽين معنائن منجهان خوابي خيالن جا ٻيا به ڪيترائي تاثر پيدا ٿيندا آهن. ان طريقي سان ذهانت ۽ ظرافت واري سموري صلاحيت جي ماتحت خطو، خواب جي ڪم جي حوالي هوندو آهي. خوابن جي جوڙجڪ ۾ لفظن جي ڪردار ادا ڪرڻ واري عمل تي حيرت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻين به ڪيترن ئي خيالن کي ڳنڍيندڙ ۽ رد ڪندڙ هوندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اهي ”مقدر واري مونجهاري“ سان وابستا هجن يا اعصابي اڻ چٽائيءَ سان ڳنڍيل هجن، جيڪي خوف واري حالت ۽ سوچ فڪر جي غلبي جو بنياد بڻجندا آهن.

اهو ڏسڻ آسان آهي ته خوابي خيالن جو بگاڙ پڻ تاثر کي غائب ڪرڻ منجهان ڪيئن فائدو وٺندو آهي. جيڪڏهن هڪ مبهم لفظ! ڪن به ٻن مبهم لفظن جي بدران استعمال ٿيندو آهي ته ان جو نتيجو ”ڀنڀلائڻ يا اصل ڳالهه کان ڦيرائڻ“ نڪرندو آهي. ان حوالي سان جيڪڏهن اسان جي روزاني سنجيدگيءَ وارن خيالن جو اظهار يا رويو تصويرن ذريعي بدلجڻ لڳندو آهي ته اسان جي سمجهه ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته خواب اسان کي اهو ڪو نه ٻڌائيندو آهي ته ان جا جزا واقعي تشريح ڪرڻ جهڙا آهن يا اهي ڪي تصويري خيال آهن، يا اهي سڌو سنئون خوابي خيالن سان ڳنڍيل آهن، يا ڪنهن ثانوي خيال جي ذريعي ڪنهن مثال يا اصطلاح کي ٽنبيو ويو آهي. هر ڪنهن خوابي جزي جي تشريح گهڻو ڪري شڪ ۾ مبتلا ڪندڙ هوندي آهي، مثال طور:

الف: اسان يا ته ان جي تشريح متضاد جذبن جيان، منفي يا مثبت خيال سان ڪندا آهيون.

ٻ: يا ته اسان ان جي تشريح/ تعبير يادن/ يادگيرين جيان تاريخي تناظر ۾ ڪندا آهيون.

ٻ: يا ته اسان انهن جي تشريح علامتن جي ذريعي ڪندا آهيون.

ڀ: يا وري ان جي لفظن جي آڌار تي تشريح ڪندا آهيون.

مان هتي هڪ اهڙو خواب بيان ڪريان ٿو، جنهن جو غور ڪرڻ وارو حصو منجهيل خيال منجهان تصويرن ۾ تبديل ٿئي ٿو:

هي خواب منهنجي هڪ واقف عورت جو آهي، جنهن ڏٺو ته:

”هو منظوم ڊرامي ڏسڻ لاءِ ويٺل هئي، اتي ”وئگنر“ جو منظوم ڊرامو پيش ٿيڻ وارو هو، جيڪو صبح جي اٽڪل اٺين وڳي ختم ٿيڻو هو، هال ۾ ميزون رکيل هيون، جن تي ويٺل ماڻهو ڪجهه کائڻ پيئڻ ۾ مصروف هئا، هن جو سَوٽ جيڪو تازو شاديءَ واري رسم تحت ٻاهران آنند ماس (Honeymoon) ڪري موٽيو هو، پنهنجي نوجوان زال سان هڪ ميز تي ويٺل هو، جن جي ڀرسان هڪ سهڻو امير ماڻهو ويٺل هو، ۽ سندس سوٽ جي زال به اهڙي ئي امير پئي لڳي. هال جي وچ ۾ هڪ وڏو پيلپائو لڳل هو، جنهن جي چوگرد ڪجهه ڏاڪا هئا ۽ مٿي هڪ چبوترو ٺهيل هو، مٿي موسيقيءَ جون هدايتون ڏيندڙ بيٺو هو، جنهن جي شڪل ”هنس رچر“ سان پئي ملي. هو ان چبوتري جي اردگرد گهميو پئي، ۽ اتان ئي موسيقيءَ جو هدايتون پئي ڏنائين. ۽ سندس سازنده هيٺ پيلپائي جي ڀرسان ويٺل هئا، هوءَ پاڻ به پنهنجي هڪ واقف ساهيڙيءَ سان ڪنهن ننڍي گئلري ۾ ويٺل هئي. سندس ننڍي ڀيڻ ناگواريءَ وچان چاهيو پئي ته پنهنجو هٿ اڀو ڪري ڪٿان ڪو ٽانڊو کڻي سندس هٿ تي رکي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته اهو ڊرامو گهڻو ڊگهو ٿي ويو هو.“

خواب ۾ جيئن ته رڳو هڪڙي ئي واقعي جي عڪسبندي ٿيل آهي، پر ان جي ڪنهن ٻئي رخ ۾ نهارڻ سان معلوم ٿيندو ته اهو بلڪل بي معنيٰ لڳندو، مثال طور ”هال جي وچ ۾ هڪ پيلپائو..... مٿانهينءَ تان بيهي موسيقار جو پنهنجي سازندن کي هدايتون ڏيڻ، ڀيڻ جو سندس هٿ تي ٽانڊي رکڻ جي خواهش.....“

۽ اهو ئي سبب هو جو مون ڄاڻي ٻجهي سندس خواب جي تشريح ڪرڻ کان لنوايو پئي، پر جيئن ته مون کي خواب ڏسندڙ جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ به خبر هئي، ان ڪري مان هن جي خواب جي ڪجهه حصن جي تشريح آسانيءَ سان ڪري ٿي سگهيس. مان ڄاڻان ٿو ته هن کي سازدن سان نهايت گهڻي همدردي هئي، ڇاڪاڻ ته ننڍي هوندي سندس مائٽن کيس ان شوق ۾ وڌڻ کان روڪيو هو، ان حوالي سان ”پيلپائو“ هڪ استعاري جي طور تي هال ۾ ٺهيل بالڪونين جي وچ ۾ بيٺل آهي، جنهن ۾ هن ”هنس“ نالي شخص کي باقي سمورن سازندن کان مٿانهينءَ تي ڏسڻ ٿي چاهيو. پيلپائو ان سموري تصوير جو هڪ مرڪزي نڪتو هو، جنهن جي هيٺين حصي جي جوڙجڪ ان ماڻهوءَ جي وڏپڻي کي ظاهر ڪري رهي هئي، مٿيون چبوترو جنهن ۾ موسيقار جو ڪنهن قيديءَ وانگر يا پڃري ۾ قيد جانور وانگر چوڌاري ڦرڻ، ۽ ان جي نالي مان نااميديءَ جو تصور ٿي اڀريو (ڄڻ اهو موسيقار نه پر گدڙ هجي)، بهرحال اهو سڀڪجهه  هن جي تقدير جي نمائدگي ڪري رهيو هو. ان ۾ ٻه خيال گڏجي هڪ لفظ ”چريائپ جي ٿنڀ“ جهڙي اکر کي ظاهر ڪري رهيا آهن. هن خواب، پيشڪش جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو هو ان جي ٻئي ۽ بگاڙي پيش ڪيل ڳجهي قفل کي کولڻ لاءِ اسان کي اها ئي ڪنجي استعمال ڪرڻي پوندي، جيئن ”ڪوئلي“ منجهان لڪل محبت جي نشاندهي ٿئي ٿي.(1) هوءَ پاڻ ۽ سندس ساهيڙي اڃان تائين غيرشادي شدهه هيون، (ڊرامو گهڻو ڊگهو ٿي ويو هو= ويٺي ويٺي بيزار ٿيڻ لڳيون هيون)، سندس ننڍي ڀيڻ به ڪٿي ڪنهن لڪل محبت ۾ گرفتار هئي، ۽ ان کي به پنهنجي شاديءَ ۾ تاخير جو احساس هو. پر اسان ڏٺو ته خواب پاڻ اهو ٻڌائي نه سگهيو آهي ته اها دير ڪيتري عرصي جي آهي.

جيستائين خواب جي ان سموري ڪهاڻيءَ جو تعلق آهي ته اسان ان جو عنوان ”پنهنجو ڪردار نڀائڻ“ رکي سگهون ٿا. اسان جي هن ”لڪل محبت“ جي متعلق تشريح ۾، خواب ڏسندڙ جو اهو ”سوٽ“ به مددگار ثابت ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي زال سان هڪ بالڪونيءَ ۾ ويٺل آهي، جيڪو ”پيار جي اظهار“ جي علامت آهي، ان حوالي سان خواب ظاهر ۽ لڪل پيار جي متضاد جذبن کي پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ خواب ڏسندڙ جي محبت جي اندروني گرميءَ ۽ شادي شده سوٽ جي زال جي ٿڌائيءَ ڏانهن اشارو نظر اچي ٿو.

ان قسم جو بحث اسان کي خواب جي ٽئين عنصر جي کوج ۾ مدد ڪري ٿو، جنهن جي وسيلي خواب جي متن ۾ خوابي خيالن واري، بدل سدل جو حصو شامل ٿئي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري سمجهه ۾ نه ايندو آهي، ان کي: ”خاص طور انهيءَ نفسياتي/ ذهني مواد جي پيشڪش تي غور ڪرڻ چئجي ٿو“، جنهن کي خواب استعمال ۾ آڻي ٿو، جنهن جو گهڻو حصو تصويري عڪس تي ٻڌل هوندو آهي، ۽ ”خوابي خيالن“ سان جيڪي مختلف، ماتحت خيال اهميت سان ڳنڍيل هوندا آهن، اهي به ان تصويري عڪسبنديءَ کي اهميت ڏيندا آهن، ان ڪري خواب جو ڪم! انهن اڻ ڌرين واسطن سان ٻيهر سلهاڙجي وڃڻ کي ڪنهن نئين زباني ترڪيب ذريعي نه گهٽائيندو آهي. خيالن جي متن جو، ڪنهن ٻئي سانچي يا وهڪري ۾ آڻڻ وارو طريقو به ساڳئي وقت اختصار کان ڪم وٺندو آهي ۽ تعلقات به پيدا ڪندو آهي. اهي هونئن پاڻمرادو ڪنهن ٻئي خيال سان گڏجي تيستائين پيش نه ٿي سگهندا آهن، جيستائين اهو ٻيو خيال اڳ ۾ ئي پنهنجي اصلوڪي صورت مان تبديل ٿيل نه هوندو، جيڪي پاڻ ڪنهن نه ڪنهن دڳ تي ملندا رهندا آهن.

”هربرٽ سلبرر“ (Herbert Silberer-1909) خوابن جي حوالي سان خيالن جي تصويري عڪس ۾ تبديل ٿيڻ جي مشاهدي کي سڌو سنئون سمجهڻ لاءِ هڪ سٺو رستو ٻڌايو آهي، هن ”خوابي ڪم جي الڳ ٿلڳ ٿي وڃڻ“ واري هڪ عنصر جو اڀياس ڪيو آهي. جڏهن به ڪو شخص ڪنهن پريشانيءَ ۾ مبتلا هوندو ۽ ستل به هوندو، ۽ هو پاڻ کي ڪنهن ڏاهپ واري شرط سان قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، تڏهن سندس اهي شدت وارا ”خيال“ هن کان الڳ ٿيندا ويندا آهن، تڏهن اهي ڪنهن جامع تصوير ۾ ظاهر ٿيندا آهن، جنهن کي هو پنهنجي خيالن جي نعم البدل طور شناخت ڪندو آهي. سلبرر (Silberer) جو ان نعم البدل کي ”خود علامتي“ (Auto- Symbolic) جهڙو ڪو درست يا مناسب اصطلاح نه ڏنو آهي.

مان هتي سلبرر جي اڀياس مان ڪجهه مثال پيش ڪريان ٿو:

مثال پهريون: مان سمجهان ٿو ته مان مضمون جي ڪنهن اڻ سڌي جملي کي ٻيهر ٿو لکان.

علامت: مان ڏسان ٿو ته مان ڪاٺيءَ جي هڪ ٽڪري مان ڪجهه ٺاهڻ ٿو چاهيان.

مثال ٻيو؛ مان مافوق الفطرت معاملن جي اڀياس لاءِ هڪ ڪتاب پنهنجي گهر ۾ آڻيان ٿو، ان منجهان منهنجو اهو مطلب آهي ته مان شعور جي مٿانهين ۽ ان جي لڪل تهن کي وجود جي اڀياس لاءِ تحقيق ڪريان.

علامت: مان هڪ ڊگهي چاقوءَ سان ڪيڪ کي ڪاٽي سلائيس ٺاهيان ٿو.

تشريح: چاقوءَ سان منهنجي عمل جو مطلب آهي: ”پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهڻ“ جيڪو ان عمل جي حوالي سان ثابت ٿئي ٿو. هاڻي اچو ته اوهان کي ان جي علامتن بابت ٻڌايان: عام طور تي مان مانيءَ سان گڏ ڪيڪ به ڪاٽي رکندو آهيان ۽ پاڻ سان گڏ ويٺل ماڻهن کي به کارائيندو آهيان. ڊگهو چاقو ”احتياط“ کي ظاهر ڪري ٿو، ڪيڪ کي ڪاٽي ان جا ”ڳترا ٺاهڻ“ مشڪل معاملن کي صفائيءَ سان حل ڪرڻ جي علامت ٿين ٿا، ۽ ان ڪيڪ ۾ چاقو به نهايت احتياط سان استعمال ٿئي ٿو. ان جو هڪ مطلب اهو به آهي ته ”مان اصل ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ پنهنجو ڪم نهايت احتياط ۽ آهستگيءَ سان ڪندو آهيان.“

پر انهن کان سواءِ هن تصوير ۾ ڪجهه ٻيون علامتون به موجود آهن: مثال طور ”ڪيڪ“ پاڻ مختلف ”تهه واري شيءِ“ جي علامت آهي، جنهن جي مٿان چاقو وجهي، ان جا ڳترا ڪرڻ لاءِ اڳتي پوئتي ڪري هلائي ڪاٽي ٿو. اهي تهه ”شعور ۽ خيالن“ جا تهه آهن.

مثال ٽيون: مان پنهنجي خيالن جي وهڪري ۾ اصل ڳالهه جا ڌاڳا وڃائي ويٺس. مان انهن کي ڳولهڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪريان ٿو، پر لڳي ٿو ته مون کان شروعاتي نڪتو ڪٿي رهجي ويو آهي.

علامت: پريس جي ڪمپازيٽر جو حرفن کي گڏ ڪري ڪمپوز ڪرڻ وقت ان جي ڪمپوز ڪيل آخري سٽ ڪري پئي آهي.

پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جي ذهني زندگيءَ ۾ جيڪي حوالا، قول، مذاحيه لطيفا يا گيت شامل ٿي ويندا آهن، اهي به ”خوابي خيالن“ ۾ عام جام پيا ڦرندا گهرندا آهن، ائين جيئن مختلف سبزين سا ڀريل ڪي گاڏيون هونديون آهن، جهڙيءَ ريت اهي مختلف سبزيون جهڙوڪ گوبي ۽ گوگڙن جون ڀاڄيون انسان جي صحت کانسواءِ ٻين خواهشن جو پورائو نه ڪري سگهنديون آهن، تيئن اهي قول، حوالا، گيت يا لطيفا به ماڻهوءَ جي خوابي مزاج ۾ شامل ٿيندا رهندا آهن.

اسان جڏهن غور ڪنداسين ته اسان ان حقيقت تائين جلد رسي وينداسي ته خواب ”نعم البدل“ جي طور تي اصلوڪي صورت کي پيش نه ڪندا آهن.

(5)

خوابن ۾ علامتن ذريعي اظهار:

REPRESENTATION BY SYMBOLS IN DREAMS

 

گذريل حصي ۾ سوانحي خوابن جي تشريح دوران اسان کي ٻيون به گهڻيون نشانيون هٿ آيون ته ماڻهوءَ ۾ علامتن جي موجودگي شروع کان وٺي ئي ٿئي ٿي، پر رڳو وقت جي گذرڻ ۽ مشاهدي ۽ تجربي جي سبب ان جي شدت ۾ گهٽتائي يا واڌ پيدا ٿئي ٿي، ۽ جيئن ته مان ڪجهه وقت تائين ولهيلم اسٽيڪل (Wilhelim Stekel-1911) جي اثر هيٺ رهيو هوس، جنهن ڪري مان هن جي ئي ڳالهه تي گهڻو انحصار ڪندو رهيو آهيان، پر هن نفسياتي تجزيي متعلق ڪنهن نفعي پهچائڻ بجاءِ نقصان ئي رسايو آهي، هن علامتن جون ڪيترين ئي اڻ وسهندڙ معنائون لکيون آهن. مان اسٽيڪل جي خدمتن جو منحرف نه آهيان پر  جيڪڏهن هو انهن تي نظرثاني ڪري ته بهتر، ڇاڪاڻ ته هن جي تشريح مڃڻ جهڙي آهي ئي ڪا نه، جنهن لاءِ هن  اهو طريقو اختيار ڪيو آهي، جيڪو تجربي طور ناڪام ثابت ٿيو آهي. هو ”علامتن جي تشريح بشارتن جي ذريعي ڪري ٿو.“ بهرحال هن جي ان ”خاص تحفي“ لاءِ مان سندس تهه دل سان شڪر گذار آهيان، پر اهو تحفو عام طور تي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اهو تنقيد کان بالاتر ٿي ٿو وڃي ۽ ان جي نتيجن ڳولهڻ ۾ نهايت دشواري پيدا ٿئي ٿي.

نفسياتي تجزيي جي تجربي ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ اسان جو ڌيان ان پاسي به ڇڪايو آهي ته اهي مريض جيڪي علامتن کي سڌيءَ طرح سمجهڻ جي لائق هوندا آهن، اهي ان قسم جي علامتن تي پريشان ٿي ويندا آهن خاص طور تي اهي سخت ذهني هيڻائپ يا ديوانگيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ هڪ اهڙو وقت به ايندو آهي جو هر خواب ڏسندڙ جي باري ۾ اهڙين علامتن کي قبول ڪيو ويندو آهي ۽ ائين انهن ۾ شڪ، بدگماني يا ڌڪو هڻڻ جو لاڙو پيدا ٿي ويندو آهي. پوءِ اسان جڏهن خوابن ۾ جنسي رجحانن متعلق پيش ٿيندڙ علامتن سان گهڻا مانوس ٿي ويندا آهيون ته اهو سوال اسان کي پابند ڪري ڇڏيندو آهي ته ڪيتريون ئي علامتون، اکرن کي ڏنگين ڦڏين لڪيرن ذريعي لکڻ (Grammalogues) واري مختصر نويسي (Sort hand) جيان مسلسل، ساڳي ئي معنيٰ ۾ پيش نه ٿينديون آهن. ان سلسلي ۾ شايد اسان کي خوابي رمز وارن پيغامن جي، اصل حالت ۾ اتارڻ واري اصول کي پڙهڻ لاءِ هڪ ٻيو ڪتاب لکڻو پوندو. ان نڪتي متعلق اسان ائين چئي سگهون ٿا ته: ”اهڙو علامتي سرشتو خوابن لاءِ ڪو نيارو نه آهي پر ان جي اصل خاصيت، تصور ڪري وٺڻ يا لاشعور جي تمثيل ڪرڻ آهي. جيئن اهڙي خاصيت جو اظهار گهڻو ڪري ماڻهو لوڪ گيتن، لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، ديوين، ديوتائن، زباني اصطلاحن، استعارن، سياڻپ يا تازين پراڻين مذاحيه ڳالهين ذريعي ڪندو آهي، تيئن خواب وري ان کان وڌيڪ خاصيت رکندو آهي.

جيڪڏهن اسان خوابن جي علامتن جي درست نشاندهي ڪري وٺون ته جيڪر خوابن جي تشريح اسان کي حدن کان ٽپائي، فضا ۽ فلڪ کي به سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي ۽ علامتن جي نظريي سان ڳنڍيل ڪيترائي نه حل ٿيندڙ مسئلا به حل ڪري سگهجن ٿا. اسان پاڻ تي اڻ سڌيءَ طرح وضاحت ڪندڙ علامتن جي ٻيهر نشاندهي ڪرڻ تي پابندي وڌي آهي، پر اهي سڀني قسمن جون نشانيون، ان تصوير جي چٽي نظريي کي ٻين اڻ سڌيءَ طرح ٿيندڙ تشريحن ۾ پاڻ اڙائڻ کان روڪين ٿيون.

اڄڪلهه جيڪي به شيون علامتن سان سلهاڙيل آهن اهي پنهنجي نظريي ۾ قديم تاريخي واقعن ۽ ٻوليءَ جي سڃاڻپ/ واقفيت سان ڳنڍيل آهن، جن جو واسطو پويان ڇڏيل يادگار آثارن، تحفن، نوادرات، فڪر ۽ تعليم سان آهي ۽ اهي انهن پراڻين ئي نشانين ذريعي ظاهر ٿين ٿيون. ان حوالي سان اسان ان جو مشاهدو ڪري سگهنداسين ته ڪيترن ئي معاملن ۾ عام قسم جون علامتون، ٻوليءَ جي عام واهپي ذريعي ڪيئن نه وڌنديون ويجهنديون رهن ٿيون، جنهن جو ذڪر ”سلبرر“ به ڪيو آهي ته: ”ڪيتريون ئي علامتون ايتريون ئي پراڻيون آهن، جيتري اها ٻولي، توڙي جو ٻيون ٻوليون تمام گهڻيون پراڻيون به هونديون آهن. اهي علامتون ”ڳجهن خيالن“ جي اصل حالت کي لڪائڻ لاءِ پيش ٿينديون آهن، جن منجهان ڪيتريون علامتون، عام عادتن جيان ساڳيءَ ئي شيءِ سان سلهاڙجي اظهار ڪنديون آهن. ان جي باوجود خوابن ۾ نفسي/ ذهني، نج يا اهم پيوندي روپ وساريل/ ڇڏي ڏنل نه هوندو آهي، جنهن کي خواب علامتي انداز ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ  پنهنجي اصلي معنيٰ ۾ پيش ڪندو آهي، جڏهن ته ڪن ٻين موقعن تي خواب ڏسندڙ جون ذاتي يادگيريون، نفسي/ جنسي علامتون هر قسم جي شين کي قوت بخشينديون آهن، جيڪي عام طور تي اثرانداز نه ٿينديون آهن.

جيڪڏهن خواب ڏسندڙ وٽ علامتي انتخاب جو وڏو تعداد موجود آهي ته خواب سندس ذاتي خيالن، موضوع ۽ مواد جي حوالي سان ۽ سندس ئي خواهش مطابق چونڊ ڪندو آهي، جنهن کي ان جي ذاتي انفرادي قبوليت چئي سگهون ٿا.

”هيولاڪ“ (Havelock Ellis- 1911,109) مڃي ٿو ته: ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جا خواب علامتن سان ٽمٽار هوندا آهن، ان ڪري اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته خوابن ۾ علامتن جي موجودگي، نه رڳو تشريح ۾ مدد ڪندي آهي پر وڌيڪ مشڪلات به پيدا ڪندي آهي. ان کي سمجهڻ يا ان جي تشريح جي طريقي جو هڪ اصول ته اهو آهي ته علامتي عنصرن جي تشريح ڪرڻ لاءِ خواب ڏسندڙ پنهنجي ذاتي تعلق ۾ اسان لاءِ ڪنهن مشڪل ۾ وجهڻ جو ڪم نه ڪري، ڇاڪاڻ ته سندس ڳالهين کي لڪائڻ سبب خواب متعلق تجرباتي/ تنقيدي فيصلي ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي.

اهڙن موضوعن جي اصل لياقت يا پابندين جو مثال هن ريت به آهي ته ”هڪ بادشاهه ۽ هڪ راڻي“، جيڪي اصل ۾ خواب ڏسندڙ جي ”والد ۽ والده“ جي نمائندگي ڪندا آهن، ۽ شهزادو يا شهزادي“ خواب ڏسندڙ جي ”پنهنجي راڻي هجڻ يا راڻي هجڻ“ جي تشريح ڪندڙ علامتون آهن. ساڳيءَ ريت شين جي صورت ۾ ڪاٺي، وڻ جون ٽاريون يا ڇٽيون (Umbrellas) مرداڻي عضوي جي علامت ٿين ٿيون، اهڙيءَ ريت ڊگهو، تيز هٿيار، چاقو، خنجر پڻ ساڳي نمائندگي ڪندڙ علامتون آهن. نهيرڻ (Nail- File) به نَهن کي اڳيان پويان يا هيٺ مٿي گسائڻ واري به مرداڻي عضوي سان وابستا ممڪن صورت بڻجي ٿي. ”پيتيون، صندوقون، ڪٻاٽ يا انهن جا خالي خانا“، ”ڳڀ“ (Uterus) جي نمائندگي ڪندڙ ٿين ٿا، ساڳيءَ ريت خال واريون شيون، هر قسم جا ٿانءَ، ٻيڙيون پڻ ساڳي نمائندگي ڪندڙ علامتون ٿين ٿيون. ٽيبل يا مانيءَ واري ميز يا بورڊ عورت جي علامت آهن. خود سمهڻ وارو ڪمرو به زال جي علامت ۾ پيش ٿيندو آهي.

خوابن ۾ ”ڪمرا“ گهڻو ڪري عورت جي علامت ٿين ٿا، جنهن جي تشريح ڪندي اهو ڏسڻو پوندو آهي ته اهو ڪمرو کليل هو يا بند هو. ان حوالي سان ڪمرن مان گذرڻ جي علامت جسم فروش عورتن جي رهائش سان وابستا ٿئي ٿي، ٻي معنيٰ ۾ ڪمرن ۾ گهمڻ جي علامت، شاديءَ جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿي. دِڪيون، ڏاڪا يا ڏاڪڻ يا ان تي چڙهڻ ۽ ان تان لهڻ، جنسي عمل جي نشاندهي ڪندڙ ٿين ٿا. لسيون ديوارون، جن تان خواب ڏسندڙ لهي پنهنجي گهر اچي ٿو، ته اها علامت سندس ڪنهن گهڻي پريشانيءَ کي ظاهر ڪري ٿي. نيڪ ٽاءِ، تصوير ۾ زميني منظر جنهن ۾ پليون يا ٽُڪيل پهاڙيون نظر اينديون هجن ته اهي به مرد جي عضوي جي علامت ۾ ظاهر ٿين ٿا.

ڪجهه عدد علامتون ”اسٽيڪل“ به ٻڌايون آهن پر اهي اڃان تائين چٽيءَ طرح تصديق نه ٿي سگهيون آهن. هُن ”علامتن جي تشريح“ جي مجموعي ۾ جيڪي علامتون ڏنيون آهن، انهن منجهان خاص طور تي ”موت جي علامتن“ متعلق لکيل حصي تي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ اسٽيڪل جي لکت ۾ ڪمي ئي ان ئي ڳالهه جي آهي ته هن جي شڪن شبهن تي ٻڌل تحقيق تي تنقيد ڪا نه ٿي آهي.

اسٽيڪل وٽ خوابن ۾ ”ساڄي“ ۽ ”کاٻي“ جو مطلب ”اخلاقي قدرن جو نظام“ آهي. ”ساڄي“ جو مطلب سدائين مثبت پاسو ليکيو ويندو آهي ۽ ”کاٻي“ کي ”جرم يا ڏوه“ سان وابستا ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ”کاٻو پاسو“ ”هم جنس پرستيءَ“، مائٽن سان زنا جو رحجان، محرم مرد ۽ عورت جي پاڻ ۾ بدڪاري“ ۽ گمراهه ڪندڙ جنسي خيالن جي به نمائندگي ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت ”ساڄو پاسو“ ”شادي“، ”وصل“ يا خواب ڏسندڙ جي ذهنيت مطابق ”زنا خوريءَ“ جي علامت ٿي سگهي ٿو.

اسٽيڪل مطابق: ”خواب ۾ نظر ايندڙ مائٽ گهڻو ڪري مرداڻن جسماني عضون جي علامت هوندا آهن.“ پر مان انهن کي رڳو پٽن، ڌيئرن ۽ جوان ڀينرن ڀائرن متعلق علامتن جي تصديق ڪريان ٿو. ظاهر آهي ته هر ڪنهن جا انفرادي معاملا ۽ مشاهدا يا تجربا ٿين ٿا، ان حوالي سان مان سمجهان ٿو ته اسٽيڪل جو ڪم بنيادي طور هڪ اهم ڪوشش ضرور آهي پر منهنجي تجربي ۾ اسٽيڪل جي نتيجي ڪڍڻ واري راءِ اصل حقيقت ۾ مونجهارو پيدا ڪندڙ آهي. ۽ اها به حقيقت آهي ته ننڍپڻ ۾ ٻار جي ذهن ۾ جنسي رجحان ان سطح جو نه ٿيندو آهي، جيترو جوان مرد جو، ان ڪري نوجوان ماڻهوءَ جي خواب ۾ ان جي ننڍپڻ جو تجربو لاشعوري تصور جيان پيدا ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهو تصور کيس ڪنهن ٻئي رخ ڏانهن گِهلي وڃي.

هاڻي مان هتي خوابن ۾ استعمال ٿيندڙ علامتن متعلق ڪي مثال شامل ڪندس، ان خيال کان ته اهي علامتون تشريح لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي ناممڪن انداز سان اظهار ڪن ٿيون ۽ اهي مختلف معاملن ۾ ڪيئن نه اجهل نموني ۾ مداخلت ڪن ٿيون.

(6)

ڪجهه مثالي خواب

TYPICAL DREAMS

(پهريون)

ٽوپلو ماڻهوءَ جي علامت ۾

 

هي هڪ ان عورت جو خواب آهي جيڪا انبوه ۾ وڃڻ ۽ کليل ميدان يا ويڪرين جاين کان ڊپ جي عارضي (Agoraphobia) ۾ مبتلا هئي:

”مان سياري جي موسم ۾ هڪ گهٽيءَ ۾ گهمان پئي، مون کي مٿي تي هڪ خاص شڪل وارو ٽوپلو پيل هو، ان جو وچون حصو مٿي مُڙيل هو، ۽ ان جا پاسا هيٺ ڪريل هئا.“ (چوندي هوءَ گهٻرائجي وئي) ان جو هڪ پاسو ٻئي کان هيٺ هو، پوءِ مون کي ٿوري خوشي محسوس ٿي، ۽ اعتماد بحال ٿيڻ لڳو، پوءِ مان نوجوان آفيسرن جي ٽولي وٽان لنگهيس، مون کي لڳو ته اهي مون کي ڪوبه نقصان رسائي نه سگهندا.“

هن خواب ۾ ”ٽوپلي“ جي تعلق سان ڪابه نشاني ظاهر نه ٿي ٿئي، پر مان چوان ٿو ته ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو ”ٽوپلو“ مرداڻو عضوو آهي، اهو يقينن عجيب ٿو لڳي! ان ڪري مبادا اهو مرد ئي هجي، ڇاڪاڻ ته اوهان ”مڙس ڳولهڻ“ واري محاوري مان سمجهي سگهو ٿا ته ”عورت مرد جي ڇانوَ ۾ هوندي آهي.“ ان حوالي سان منهنجو چوڻ اهو آهي ته جنهن عورت کي اهڙي مضبوط مرد جو سهارو حاصل آهي ته ان کي ڪنهن به نوجوان آفيسرن جي ٽولي کان ڊڄڻ نه گهرجي، ۽ هن جو ”گهٽيءَ ۾ اڪيلو گهمڻ“ سندس ”بدڪاريءَ کان بچڻ جي تصور“ کي ظاهر ڪري ٿو.

(ٻيون)

انبوه ۾ وڃڻ،

کليل ميدان يا ويڪري جاءِ ۾ وڃڻ جي ڊپ (Agoraphobia) ۾ مبتلا عورت جو خواب:

”هن جي والده سندس ننڍي ڌيءَ کي ڪٿي اماڻي ڇڏيو هو، ان ڪري هوءَ پاڻ ئي وڃڻ لڳي، پوءِ هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ ريل ۾ پئي وئي ته هن پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي ريل سان گڏ ڊوڙندي ڏٺو ته هن به ساڻس گڏ ڊوڙڻ لاءِ پاڻ کي پابند سمجهيو، پوءِ هن سندس هڏا ٽڙڪندي ٻڌا (جنهن هن ۾ مونجهارو پيدا ڪري ورتو پر هن کي ڊپ نه پئي ٿيو)، پوءِ هن ريل جي دٻي مان ٻاهر نهاريو ته ڪٿي هن جا حصا پويان ته رهجي نه ويا آهن، پوءِ هن پنهنجي ماءُ کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو ته جيئن سندس ننڍي ڌيءَ ساڻن گڏ هلي.“

هن خواب جي تشريح ڪرڻ ايتري سولي ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪيترن ئي خوابن جا حصا جڙندا ٿا هلن، جن کي سمجهڻ لاءِ انهن سمورن خوابن کي ساڻ کڻي هلڻو پوندو. هتي علامتن جي جوڙجڪ کي سمجهڻ نهايت مشڪل ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته مريضه جي پهرين ڳالهه سندس ان تاريخي سفر وارو تصور پيش ڪري ٿي، جيڪو هن اعصابي مرض جي سلسلي ۾ پنهنجي سنڀاليندڙ سان گڏ سلهه جي اسپتال کان واپسيءَ دوران سفر ڪيو هو، اهڙي وقت اهو چوڻ ضروري نه آهي ته هن پنهنجي دل ۾ پيار محسوس ڪيو هو، هن جي ماءُ کيس پري ڪري ڇڏيو هو، ۽ هن جو ڊاڪٽر ريلوي اسٽيشن تي ساڻس اچي مليو هو ۽ کيس مرض مان ڇوٽڪاري جي خوشيءَ وچان گلدستي جو تحفو ڏنو هو، هن کي ان وقت ڏکيائي به محسوس پئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان موقعي تي سندس ماءُ به موجود هئي. ان حوالي سان هن جي ماءُ سندس محبت ۾ رخنو وجهندڙ لڳي رهي هئي، ۽ هن جي ماءُ سندس ننڍپڻ ۾ ئي اهڙو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن حوالي سان هن پويان پئي نهاريو ته ڪٿي پويان ته ڪجهه رهجي نه ويو آهي!

هن خواب جي مُهاڙي پڪ سان هن جي ننڍي ڌيءَ متعلق معاملن تي سوچڻ جي پاسي رخ ڪري ٿي، جيڪا ساڻس گڏ ڊوڙي ٿي ۽ پاڻ کي لائق بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر سندس تعلق کيس ڪنهن ٻئي پاسي لاڙي رهيو آهي، هن کي ياد ٿو اچي ته هڪ ڀيري اتفاق سان پنهنجي پيءُ کي غسلخاني ۾  پٺئين پاسي کان اگهاڙو ڏٺو هو. هن جو ڌيءَ متعلق ”ننڍي“ لفظ استعمال ڪرڻ جو سبب به اهو هو جو سندس ڌيءَ اڃان چئن سالن جي آهي. هن جي ماءُ ان ننڍي ڌيءَ کي پري موڪليو هو ته جيئن پاڻ ڪنهن سان اڪيلائي ۾ ملي سگهي. هن جي ”گهٽين ۾ اڪيلي سر گهمڻ“ واري تصور ۾ نه ڪو مرد آهي نه ئي ڪو جنسي تعلق. ۽ هوءَ جنسي تعلق کي پسند نه ٿي ڪري، بس رڳو ننڍپڻ ۾ پنهنجي ماءُ جي ساڙ سبب پريشان رهندي هئي، جنهن ڪري هن جي رغبت پنهنجي پيءُ جي پاسي هئي.

(ٽيون)

هڪ نوجوان جو خواب،

جنهن جو پنهنجي پيءُ سان ذهني لاڙو نه هو.

”هو پنهنجي پيءُ سان گڏ پسار ڪندو پئي ويو، ته کيس پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ نظر آئي، هن کي ان تي اچرج لڳو ته سندس پيءُ چيو ان ۾  حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، پوءِ هو هڪ ويڪري اڱڻ ۾ پهتا، جنهن تي جست جو هڪ ڊگهو تهه چڙهيل هو، هن جي پيءُ چاهيو ته هو ان جو ڪو ڊگهو حصو ڇڪي لاهي وٺي، پر اڳ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارجانءِ ته توکي ڪو ڏسي ته ڪو نه ٿو! هن کيس چيو ته: جيڪڏهن هو رڳو ڪنهن پورهيت کي چوندو ته اهو هڪدم لاهي وٺندو. اتي هڪڙي ڏاڪڻ سرنگهه وانگر ان اڱڻ کان هيٺ پئي وئي، ۽ ان جو ٿنڀو چمڙي جهڙي ڪنهن نرم مواد منجهان ٺهيل هو. ٿنڀي جي پڇڙيءَ تي هڪ وڏو دڪو ٺهيل هو ۽ ان کانپوءِ وري هڪ ٻيو ٿنڀو هو.“

تشريح:

خواب ڏسندڙ ان قسم جي مريضن منجهان هو جنهن جو علاج دوائن وسيلي فائديمند ڪو نه پئي نظر آيو، ۽ ڪجهه نڪتن تي هن جو خيال هو ته انهن جي وضاحت نه ٿيڻ گهرجي، پر آخرڪار هن اسان جي ڳالهه کي قبول ڪيو. هن پنهنجي خواب کي هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ملائڻ کانسواءِ ئي ٻڌائي ورتو. هن جي پيءُ خواب ۾ کانئس پڇيو هو ته اهو سڀڪجهه ڇاهي؟ انهن مرداڻن عضون جو ٻيو ڪهڙو ڪم آهي؟ پر خواب ڏسندڙ ان جي ابتڙ ڏٺو، جيڪو هن جي خوابي خيال يا خواهش جيان اڀري آيو هو. ديوار تي چڙهيل جست جي چادر پهرين ڀيري ڪنهن علامت جيان ڦهليل نه هئي، پر اها سندس پيءُ جي ڪاروباري جاءِ جي ديوار تي چڙهيل چادر هئي. دورانديشيءَ جي حوالي سان مان ان جست کي ڪنهن ٻئي مواد سان ڳنڍيان ٿو، جنهن سان اصل ۾ سندس پيءُ جو ئي واسطو آهي، ان حوالي سان مان سندس خواب جي لفظن ۾ ڪا تبديلي نه ٿو آڻيان.

خواب ڏسندڙ پنهنجي پيءُ جي ڪاروبار ۾ داخل ٿيو هو، جتي هن کي سندس فرم جي ڪمن ۽ ناڻي جي ورهاست تي سخت اعتراض هو، نتيجي طور (جيڪڏهن تون ڪنهن پورهيت کي چوندين ته) هن سمجهيو ٿي ته هو گراهڪن کي دوکو ڏئي رهيو آهي. ”ڇڪي لاهڻ“ سندس پيءُ جي ڪاروبار ۾ بي ايمانيءَ جي خيال کي ظاهر ڪري ٿو. خواب ڏسندڙ پاڻ به هڪ ٻي وضاحت ڏني، جنهن سندس ”مشت زنيءَ“ جي معاملي کي ظاهر پئي ڪيو.(1)

 (چوٿون)

هڪ اڻپڙهيل عورت جو خواب

جنهن جو مڙس سپاهي هو.

”ڪو شخص گهر جو دروازو ڀڃي اندر آيو ته مان ڊڄي ويس، ۽ سپاهيءَ کي سڏ ڪيم، پر هو شايد ڪليسا ڏانهن هليو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترا ئي ڏاڪا آهن، ٻه کن دڪان آهن، ڪليسا جي پويان ٽڪري آهي، جنهن تي ڪاٺيءَ جو هڪ ڳورو بنڊ پيل آهي. سپاهيءَ مٿي تي مضبوط قسم جو ٽوپ پاتو آهي، ڪلهن تي پتل جا ڪالر ۽ سيني تي انعامن وارا ٻلا لڳل اٿس، هن کي ڀوري رنگ جي ڏاڙهي آهي. ٽڪريءَ جي ٻنهي پاسن تي گهاٽو گهاٽو گاهه آهي، پوءِ اها ٽڪري ڦري ڪاٺيءَ جي ٿي وڃي ٿي.(1)

 

(پنجون)

ٻارن جي خصي (Castration) هجڻ جا خواب:

الف: ”هڪ ٻار ٽن سالن ۽ پنجن مهينن جو، جنهن کي پنهنجي پيءُ جي جنگ تان موٽڻ ناپسند هو، هڪ ڀيري صبح جو سجاڳ ٿيو ته نهايت پريشان ۽ ڏاڍو جذباتي هو ۽ هر هر ائين پئي چيائين ته: ”بابا پنهنجو سِرُ ٿالهيءَ ۾ ڇو نه رکي ويو آهي.....؟ ڪالهه رات ته هن پنهنجو سِرُ ٿالهيءَ ۾ رکيو هو.“

ٻ: هڪ شاگرد جيڪو اعصابي طور بي خياليءَ جي غلبي ۾ مبتلا رهندو هو، جنهن کي سندس ڇهن سالن جي ڄمار ۾ مسلسل هن قسم جا خواب ڏسڻ ۾ پئي آيا: ”هو حجام جي دڪان تي وڃي ٿو، ۽ پنهنجا وار ڪترائي ٿو. هڪ ڊگهي ۽ تيز نگاهن واري عورت وٽس اچي ٿي ۽ سندس سِرُ ڪاٽي ٿي ڇڏي، هن ان عورت کي سڃاتو، ته اها سندس ماءُ هئي.“

 

(ڇهون)

پيشاب جي متعلق علامتون:

هتي اٺ عدد تصويرون ڏنل آهن، جن جو عنوان آهي: ”فرينچ نرس جو خواب“ پر ڏٺو وڃي ته انهن ۾ آخري هڪ تصوير اهڙي آهي جنهن ۾ نرس، ٻار جي روئڻ تي جاڳيل نظر اچي ٿي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته باقي ست تصويرون، خواب جي مرحلن جي نمائندگي ڪري رهيون آهن.

پهرين تصوير ٻار جي اندروني انهيءَ اڀار جي اظهار کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن سندس نرس کي آخرڪار ننڊ مان اٿڻ تي مجبور ڪيو آهي. ٻار پنهنجي ضرورت کان پوريءَ طرح واقف آهي، جنهن لاءِ هن کيس مدد ڪرڻ لاءِ ٿي چيو. پر خواب ۾ نرس کيس ڪمري ۾ سمهڻ بجاءِ ٻاهر گهمڻ لاءِ وٺي وڃي ٿي.

ٻي تصوير ۾ نرس کيس هڪ گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ وٺي آئي آهي، جتي هو پيشاب ڪري ٿو، ان ڪري هاڻي هوءَ کيس سمهارڻ لاءِ وٺي وڃي سگهي ٿي، پر منجهس اندر ۾ اٿيل جوش اڃان به موجود آهي، البت سندس جوش اڃان وڌڻ لڳو آهي. ننڍڙو ٻار ڏسي ٿو ته سندس نرس ڏانهس ٿورو به ڌيان نه ٿي ڏئي ته وڏيون وڏيون رڙيون ڪرڻ ٿو لڳي ۽ رڙيون ڪندي نرس کي مدد ڪرڻ لاءِ احساس ڏيارڻ ٿو چاهي. پر هن وٽ ننڊ مان اٿڻ جو ڪو به جواز ڪونهي، ان ڪري ستل ئي رهي ٿي.

ٽين تصوير ۾ ساڳئي وقت خواب انهيءَ اڀريل جوش جو ترجمو، مختلف رخن تي ٻڌل علامتن ذريعي ڪرڻ لڳي ٿو. ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو ٻار جي پيشاب واري عمل جي حوالي سان ڦهلجڻ لڳي ٿو.

چوٿين تصوير ۾ اهو پاڻي ايترو ته جهجهو ٿي ويل ڏيکاريل آهي جو پري کان ان ۾ ٻيڙي ترندي نظر اچي ٿي.

پنجين تصوير ۾ اڪيلي سر هلائڻ واري ٻِيڙِي وڏَي ٻيڙَي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.

ڇهين تصوير ۾ اهو وڏو ٻيڙو سفري ٻيڙي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

۽ ستين تصوير ۾ اهو سفري ٻيڙو وڏي جهاز ۾ تبديل ٿيل نظر اچي ٿو.

۽ نيٺ مصور وڏي ذهانت سان ننڊ ۾ غلطان نرس جي نٺرپائيءَ کي منظر جي صورت ۾ آندو آهي، ته پيشاب ڪرڻ لاءِ اٿڻ جي ڪوشش کي خواب ڪهڙي طريقي سان پيش ٿو ڪري. (1)

 

(ستون)

ڏاڪڻ جو خواب(2)

”مان پنهنجي بلاڪ واري فليٽ جي ڏاڪڻ تان لهان پيو، ان ننڍڙي ڇوڪريءَ جي پويان (جنهن مون سان ڪجهه ڪيو هو) ته وڃي کيس ڪا سزا ڏيان. ڏاڪڻ ۾ اوچتو هڪ ڏاڪي تي ڪجهه نظر آيو (شايد ڪا نوجوان عورت هئي) ان ننڍي ڇوڪريءَ کي منهنجي لاءِ روڪي بيهاريو، مون به ڇوڪريءَ کي جهلي ورتو، پر مون کي ياد ناهي ته مون کيس ڪو ڌڪ هنيو، پر اوچتو مون پاڻ کي ڏاڪڻ جي وچ ۾ ئي ڪنهن ٻار سان سنجوڳ ڪندي ڏٺو، ڄڻ مان هوا ۾ بيٺل هوس. پوءِ مون کي پنهنجي کاٻي پاسي ٻه ننڍيون تصويرون نظر آيون، ان تصوير تي مصور جي بجاءِ منهنجي دستخط ٿيل هئي، مون اتي پنهنجي نالي جو پهريون حصو ڏٺو، ائين پئي لڳو ڄڻ منهنجي جنم ڏينهن جو تحفو هجي، پوءِ مون انهن ٻنهي تصويرن جي اڳيان ڪاغذ جو هڪ پرزو چنبڙيل ڏٺو، شايد ان تي ائين لکيل هو ته: ”سستيون تصويرون ائين ئي ٽنگيل هونديون آهن“ پوءِ مون کي لڳو ته مان بستري تان هيٺ زمين تي ڪري پيو آهيان، تڏهن مان جاڳي پيس ۽ پنهنجي ڪپڙن ۾ آلاڻ محسوس ڪيم.“

تشريح: خواب ڏسڻ کان اڳ واري شام جو خواب ڏسندڙ ڪتابن جي دڪان تي ويو هو، جتي هن اهڙي ئي قسم جون ٻه تصويرون به ڏٺيون هيون، جيڪي کيس خواب ۾ نظر آيون هيون، هو انهن ننڍين تصويرن جي گهڻو ويجهو به ويو هو، ڇاڪاڻ ته اهي هن کي ڏاڍيون وڻيون پئي، هن انهن تصويرن تي مصور جو نالو به ڏٺو پر اهو ڪنهن اڻڄاتل مصور جو نالو هو. ان ئي شام جو هو پنهنجي دوستن وٽ ويو هو، جتي هن جمهوريه چيڪ (Bohemain) جي رهندڙ نوڪرياڻيءَ جو قصو ٻڌو هو، جنهن وڏي فخر سان ٻٽاڪون پئي هنيون ته هن پنهنجو ناجائز ٻار انهن ڏاڪڻين تي ڄڻيو آهي. ان ڳالهه خواب ڏسندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڇا ان نوڪرياڻيءَ وٽ ڪنهن مرد سان ميلاپ ڪرڻ لاءِ ڪا جاءِ ڪا نه هئي! ۽ ٿي سگهي ٿو تي انهيءَ ڏاڪڻ تي ئي هن سنجوڳ ڪيو هجي! خواب ڏسندڙ کي اهو هڪ مذاق پئي لڳو، ان ڪري خواب کيس ان مذاق جو مزو چکايو.

گذريل ڏينهن جي ان تجربي کانسواءِ به ڏسجي ته هو پنهنجي فليٽ ۾ سالن کان رهندو پئي آيو پر کيڏڻ لاءِ گهڻو ڪري اها ڏاڪڻ ئي استعمال ڪندو هو، ۽ ڏاڪڻ تان ڏاڍي تيزيءَ سان به لهندو هو (ڄڻ اڏامندو هجي)، ڀر وارن فليٽن جي ڏاڪن تي هن ڪڏهن ڇوڪرن کي اهڙيون حرڪتون ڪندي به ڏٺو هو جنهن جي ڪري خواب  سندس ان تصور کي ورجايو هو.

 

 

خواب ۾ جنسي جوش وارو اظهار سندس ننڍپڻ جي ضدي ۽ اذيت پسند طبيعت جي ڪري ٿيو آهي، جو منجهس مخالف جسمن سان پيار جي ڇڪ (ننڍپڻ واري جنسي/ فطري جبلت) جو محرڪ اڃان به موجود آهي. تصويرن متعلق منهنجو اهو چوڻ آهي ته اهي عورتن جي علامت آهن: ننڍي تصوير: ننڍي عمر جي ڇوڪري ۽ وڏي تصوير: وڏي يا جوان عورت آهي. ۽ اها ڳالهه به واضع آهي ته ”سستيون تصويرون“ (ائين ئي ٽنگيل هونديون آهن) ”عورتن ڏانهن راغب هئڻ جي علامت ظاهر ڪن ٿيون. ننڍي تصوير تي مصور جي بجاءِ پنهنجو نالو ڏسڻ ۽ اهو محسوس ڪرڻ ته اها تصوير کيس جنم ڏينهن جي تحفي طور ملي آهي، ته اهو سندس مائٽاڻي مونجهاري کي واضع ڪري ٿو، جيئن هن بوهمين جي نوڪرياڻيءَ واري ڳالهه: ”ڏاڪڻ تي ڄڻيو هو“ ٻڌي هئي.

”جاڳڻ کانپوءِ ڪپڙن ۾ آلاڻ کي محسوس ڪرڻ“ سندس ننڍپڻ واري مشت زنيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو اصل کي ڏسي ان جهڙي عمل ذريعي ئي لذت (Prototype Pleasure) حاصل ڪرڻ جهڙي صورت آهي.

 (اٺون)

جزوي طور ترميم ٿيل خواب:

منهنجو هڪ مريض آهي، جنهن پنهنجي اعصابي ضابطي سبب پاڻ تي جنسي لذت کان پاسي رهڻ جو قسم کاڌو آهي، هن جا سڀئي تصور (لاشعوري طور) پنهنجي ماءُ تي مرڪوز آهن. هن کي گهڻو ڪري پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ ڏاڪڻ تي مٿي چڙهڻ وارا خواب نظر ايندا آهن. هڪ ڀيري مون کيس مشتزنيءَ جي عمل کان روڪڻ وارو اشارو ڪندي چيو هو ته: ”اهو عمل ايترو نقصانڪار نه آهي پر پنهنجي جوش ۽ جذبي کي قابو رکڻ واري پابنديءَ سان پنهنجي اندر پاڻ سان ڏاڍ ڪرڻ جي عمل مان لطف ته پوءِ به وٺين ٿو.“

منهنجي ان سمجهاڻيءَ کانپوءِ کيس خواب آيو:

”هن جي پيانو سيکاريندڙ استاد کيس پيانو وڄائڻ کان منع ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن پياني جي ڄاٻين تي هٿ ڦيرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ ڪيترين ئي راڳڻين جو به رياض ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو.“

هن خواب متعلق مان اهو ٿو چوان ته پياني جون چاٻيون به ”ڏاڪن“ جي مثل آهن، ۽ سمورو پيانو به پوري ڏاڪڻ جيان آهي، جيڪو درجي بدر جي ٻئي سپتڪ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

اوهان ڏسندا ته هن خواب ۾ هن جا ڪيترائي خيال موجود آهن، جيڪي سندس جنسي حقيقتن ۽ خواهشن جي نمائندگي ڪن ٿا.

(نائون)

حقيقت جو احساس ۽ تسلسل جي نمائندگي:

پنجٽيهن سالن جي هڪڙي شخص هڪ خواب ٻڌايو، جنهن ۾ هن پنهنجي چئن سالن جي ڄمار واري يادگيريءَ کي نهايت چٽيءَ ريت ڏٺو هو: (هو ٽن سالن جو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو هو، انڪري هڪ وڪيل سندس پرگهور لهندو هو) ان وڪيل هڪ ڏينهن ٻه وڏيون ناسپاتيون آنديون هيون، جن مان هڪ هن کي کائڻ لاءِ ڏني هئائين، ۽ ٻي ان ئي ڪمري جي ڇڪي ۾ رکي ڇڏي هئائين.“ (هو خواب منجهان ان شوق ۾ جاڳيو هو ته اٿي اها ٻي ناسپاتي به کائي، جنهن لاءِ هن ماءُ کي اها ٻيءَ ناسپاتي ڏيڻ لاءِ چيو، جيڪا اڃا به ڇڪي ۾ ئي رکي هئي، تنهن تي ماڻس کلي ويٺي هئي.)

تشريح: وڪيل هڪ جهونو ۽ نهايت کلمک ماڻهو هو، ۽ خواب ڏسندڙ کي اڃان تائين ياد هو، ته ان هڪ ڏينهن ٻه وڏيون ناسپاتيون آنديون هيون، ۽ اهو ڇڪو به اڃان اتي ئي ٽنگيل هو، جيڪو هن خواب ۾ ڏٺو هو. هن جي خواب ۾ ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو هو، حالانڪ ان وقت سندس ماءُ کيس پنهنجو خواب ٻڌايو هو ته: ”ٻه ڪبوتر سندس ڀرسان ويٺا هئا، مان هنن کي اڏارڻ چاهيان ٿي ته اهي اڏامي وڃڻ جي وائي ئي نه ٿا وارين.“

خواب ڏسندڙ جي رشتن جي ناڪامي، علامتي ردوبدل جي ذريعي سندس خواب جي تشريح ڪرڻ لاءِ اسان کي آساني پيدا ڪري ٿي ڏئي. ٻه وڏيون ناسپاتيون، سندس ماءُ جا ٿڻ آهن، جن مان کيس غذا ملندي هئي، ۽ اها حقيقت هئي ته هو جڏهن به جاڳندو هو ته سندس ماءُ کيس کير ڌائڻ لاءِ ٿڻ ڏئي ڇڏيندي هئي. ۽ خواب ڏسندڙ جي خيالن ۾ اڃان تائين ماءُ جي ٿڻن سان لڳي پنهنجي اندر جي اساٽ  لاهڻ جو خيال موجود  آهي.

(ڏهون)

عام ماڻهوءَ جي خوابن ۾ علامتي نظريي جو سوال

نفسياتي تشريح ڪندڙن جي طرفان هميشه هڪ اعتراض واريو ويندو آهي، جنهن تي آخرڪار ”هيولاڪ ايلس“ اهو جواز ڏئي آواز اٿاريو ته خوابي علامت گهڻو ڪري اعصابي/ ذهني پيدوار جي ذريعي ظاهر ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڪنهن عقل ۽ فضيلت ۾ هڪ ڪري ماڻهوءَ مان ظاهر نه ٿي ٿي سگهي، پر تحليل نفسيءَ جي تحقيق ان جو ڪو بنياد ڳولهي نه سگهي آهي، پر  رڳو عام رواجي ۽ اعصابي مونجهارن واري زندگيءَ جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪندڙ پيمانا پيش ڪيل آهن، جڏهن ته حقيقت ۾ خوابن جي تشريح مطابق، دٻايل خيال يا اعصابي مونجهارا عام رواجي توڙي صحتمند ماڻهوءَ ۾ هڪ جيترو اثر ڪندڙ ٿين ٿا، ۽ انهن ٻنهي قسمن جي ماڻهن جي اثراندازيءَ جي نشاندهي، ”علامتن جي جوڙجڪ“ ذريعي ڪري سگهجي ٿي. ڪنهن تندرست ماڻهوءَ جا سَنوان سادا خواب به حقيقت ۾ نهايت سادي مواد تي ٻڌل هوندا آهن، ۽ اعصابي مونجهارن ۾ مبتلا ماڻهن جي علامتي جوڙجڪ کان گهڻو وڌيڪ، ڪرداري خصلتون رکندڙ ۽ آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ علامتن تي ٻڌل هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي فڪري ڇنڊڇاڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل هوندا آهن، جڏهن ته اعصابي مونجهارن واري شخص جي خوابن جي بگڙيل علامتن کي سمجهڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ ٿورو ڏکيو ڪم هوندو آهي.

انهيءَ جي مثال ۾ مان هڪ ڇوڪريءَ جو خواب پيش ٿو ڪريان، جيڪا اعصابي مونجهاري ۾ مبتلا نه آهي پر هوءَ هڪ محتاط طبيعت واري ڏاهي ڇوڪري آهي. هن سان گفتگو دوران مون کي خبر پئي ته هوءَ ڪٿي مڱيل هئي پر ڪجهه مسئلن جي ڪري هن جي شاديءَ ۾ رنڊڪ پئجي وئي هئي، جيڪا آخرڪار ملتوي ئي ٿي وئي هئي:

”مان جنم ڏينهن جي خوشيءَ ۾ ميز جي وچ تي گل سجايان ٿي.“

هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن ٻڌايو ته: هن اهو خواب نهايت خوشيءَ جي احساس سان پنهنجي ان گهر ۾ ڏٺو هو، جنهن ۾ هاڻي هوءَ نه رهندي آهي.

هي هڪ مشهور علامت آهي، جنهن ۾ ڪنهن به لوڻ مرچ ملائڻ کانسواءِ ۽ ممڪن طريقي سان ان جو ترجمو ڪري سگهجي ٿو: اهو خواب هن جي شاديءَ جي خواهش جو تاثر ظاهر ڪري ٿو، ميز! جنهن جي وچ تي هوءَ گل سجائي ٿي، اها ميز هوءَ پاڻ آهي. مون هن کي ٻڌايو ته ”ميز جو وچ“ هڪ غير رواجي علامت آهي، جنهن کي هن قبول ڪيو، پر مون هن کان وڌيڪ ڪو ٻيو سوال نه ڪيو، ۽ احتياط ڪندي سندس خوابي علامتن جي تعلق جي مطلب بيان ڪرڻ کان لنوائي ڇڏيو، پر مون کانئس ايترو ضرور پڇيو ته: ”هن کي پنهنجي خواب جي ٻين حصن سان وابستا معاملن تي ڪجهه ڳالهائڻو آهي ته ضرور ڳالهائي،“

پر هن پنهنجي ماٺيڻي طبيعت جي ڪري ڪجهه به نه چيو.

پر مون جڏهن ”گلن“ متعلق پڇيو ته چوڻ لڳي: ”اهي مهانگا گل هئا، شايد ئي ڪو انهن کي خريد ڪري سگهي، انهن کي خريدڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏيڻو پوندو آهي.... اهي اسان جي واديءَ ۾ ڦٽندڙ نيلوفر جا گل هئا، هلڪا واڱڻائي، گلابي يا شايد اهي گلنار هئا.“

مون سندس گفتگو مان لفظن ”نيلوفر ۽ گلنار“ جي حوالي سان اندازو لڳايو ته هن جي خواب ۾ گلن جو نظر اچڻ ”پاڪدامنيءَ“ جي علامت آهي. جيستائين ”واديءَ“ جو تعلق آهي ته اهو عورت جي عضوي جي علامت سان ئي وابستا آهي ۽ ”مهانگا گل“ سندس پارسائيءَ جي نشاندهي ڪري رهيا هئا. ”انهن کي خريدڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏيڻو پوندو آهي.“ سندس زال ۽ ماءُ بڻجڻ جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. ”جنم ڏينهن“ جي معنيٰ به سندس ”ٻار کي ڄڻڻ جي خواهش“ متعلق آهي. ”سجايان ٿي....“ سندس ٻاراڻي راند وانگر ظاهر ٿئي ٿي.

اصل ۾ خواب ڏسندڙ ڇوڪري پنهنجي شرميلي طبيعت سبب پنهنجي جنسي رجحان تي پابندي مڙهي آهي، جنهن ڪري منجهس جنسي ڪمي پيدا ٿي پئي آهي، جنهن کي هوءَ جاڳيل حالت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ان ڪري خواب کيس ان ڪميءَ کان آگاهه ڪيو آهي. هوءَ ”پاڻ کي“ هڪ ”ميز“ وانگر ڏسي ٿي، ”ميز جو وچ“ سندس ڪنواري هجڻ کي ظاهر ڪري ٿو. هن جي خواب مان ڪو اجايو يا فالتو ڳانڍاپو نظر نه ٿو اچي.

بعد ۾ خواب ڏسندڙ ڇوڪريءَ خواب ۾ واڌاري واري صورتحال کان آگاهه ڪيو:

”مان سائي رنگ جي گهنجن واري کڙڪندڙ ڪاغذ ۾ گلن کي سجايان ٿي.“

ٻڌائيندي چوڻ لڳي: ”اهي نفيس ڪاغذ آهن..... گلن جي وچ ۾ ٿوري وٿي نظر اچي ٿي، ڪاغذ بخمل وانگر نرم ٿو لڳي.

”سائو رنگ“ هن جي ”اميد“ جي علامت آهي، ۽ هوءَ ڪنهن مرد جي تصور ۾ پاڻ کي سينگارڻ ٿي چاهي. سندس خواب اهو به ظاهر ڪري ٿو ته هن کي پنهنجي عضون سان به گهڻو پيار آهي، پاڻ کي جنم ڏينهن جي تيارين وانگر سينگارڻ ٿي چاهي، پر هن جي شرميلي هجڻ سبب، هن پنهنجي جنسي خواهشن جي اڀار کي دٻائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري منجهس جنسي گهٽتائي پيدا ٿي پئي آهي.

مان سمجهان ٿو ته اسان ٿلهي ليکي انهن خوابن کي ٻن درجن ۾ تقسيم ڪرڻ جو جواز پيش ڪري چڪا آهيون، هڪڙا اهي آهن: جن جو مطلب سدائين ساڳيو هوندو آهي ۽ ٻيا اهي: جن جِي مَتن سان مشابهت هوندي آهي، جن جي تشريح ۾ به ڪا خاص مٽ سٽ يا ڦير گهير نه هوندي آهي. پهرين درجي جي خوابن جو مثال مان باب پنجين: ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ جي حصي ڀ: ۾ ”امتحاني خوابن“ جي عنوان هيٺ ڏئي آيو آهيان.

”ريل جي ڇٽي وڃڻ“ وارا خواب به ”امتحاني خوابن“ وانگر ساڳيو اثر ڇڏيندڙ هوندا آهن، جن جي وضاحت ٻڌائي ٿي ته اسان ان سلسلي ۾ درست ڪم ڪيو آهي. اِهي اُهي خواب آهن جيڪي ننڊ ۾ محسوس ٿيندڙ ڪنهن ٻئي قسم جي پريشاني/ اڻ تڻ، کي دلاسو ڏيندڙ هوندا آهن، مثال طور ”مرڻ جي ڊپ“ وغيره لاءِ تسلي ڏيندڙ هوندا آهن، جن ۾ ڪنهن سفر تي ”رواني ٿيڻ“ واري علامت به ”مرڻ“ متعلق عام ۽ مستند هوندي آهي، پر اهي خواب اهو دلاسو ڏيندا آهن ته ”ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي، فڪر نه ڪر تون روانو نه ٿيندين، يعني مرندين نه! ڳڻتي نه ڪر، اهو ڪنهن ٻئي ڀيري ايندو.“

اصل ۾ انهن ٻنهي قسمن جي خوابن کي سمجهڻ ٿورو مشڪل ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته ”پريشاني يا ڳڻتي“ خود ”دلاسي ۽ آٿت“ جي احساس سان ڳنڍيل آهي. ساڳيءَ طرح مون ”ڏند جي ڪرڻ“ ۽ ”اڏامڻ“ جي خوابن متعلق به تجزيو ڪيو آهي، ۽ اتفاق سان ٻنهي قسمن جا خواب هڪ ئي شخص ڏٺا هئا، جيڪو جنس پرستيءَ جي عادت ۾ ڦاٿل هو.

”مثالي خوابن“ جي ٻئي قسم ۾ اهي خواب شامل آهن، جيڪي گهڻو ڪري ”اڏامڻ“، ”هوا ۾ هلڻ“، ”ڪِرڻ“ ”ترڻ“ بابت آهن. هتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آخر اهڙي قسم جي خوابن جو ڪهڙو مطلب آهي؟ پر اها به حقيقت آهي ته اهڙن سوالن جو عام رواجي جواب ڏيڻ به ناممڪن آهي. بهرحال اسان ائين ٻڌو آهي ته واقعن ۽ موقعن جي حوالي سان انهن جو مطلب به مختلف ٿئي ٿو، ۽ اهو به محسوسات جو ڪچو يا بي اعتبار مواد آهي، جيڪو سندس ئي فڪري/ ذهني وسيلن منجهان پيدا ٿئي ٿو.

تحليل نفسيءَ جي ذريعي مليل معلومات مون کي انهن ڳالهه تي پابند ڪري ٿي ته اهڙن خوابن جو ڪو قطعي يا فيصلائتو حل بيان ڪريان، ۽ خود ٻاراڻي عمر جي تاثراتي نشانين کي ٻيهر پيش ڪريان، جيڪي انهن جي راندين، حرڪتن سان جُڙيل آهن، جيڪي ٻارن جون حد کان وڌيڪ دلپسند مشغوليون آهن. مان نه ٿو سمجهان ته دنيا ۾ ڪو اهڙو چاچو به موجود هوندو جنهن پنهنجي ٻارن کي ٻانهن کان يا پيرن کان جهلي ڦيريون نه پارايون هونديون، يا پنهنجي پيرن تي ويهاري، هيٺ مٿي ڪري، جهولايو نه هوندو، پٺيءَ تي چاڙهي گهمايو نه هوندو يا پنهنجي ڄنگهن ۾ وڪوڙي ڦاسايو نه هوندو، بستري تي اڇلايو نه هوندو. ٻار اهڙن تجربن مان ڪڏهن نه ٿڪبا آهن ۽ قلابزيون کارائڻ لاءِ وري وري پيا چوندا آهن. اهڙين مشغولين ۾ ٻار ڊڄندا به آهن، ته خوشيءَ کان رڙيون به ڪندا آهن، ڪجهه سالن کان پوءِ ٻار انهن کي پنهنجي خوابن ۾ به ورجائيندا آهن، پر خوابن ۾ اهي هٿ نڪري ويندا آهن، جيڪي کين کيڏائيندا، ٽپا ڏياريندا ۽ هوا ۾ اڇلائيندا هئا، خوابن ۾ هو بنا سهاري جي اڏرندا ۽ ترندا آهن. وري جيڪڏهن هو ڪنهن سرڪس ۾ ڪنهن بازيگر کي بازيون ڏيکاريندي ڏسندا آهن ته سندن يادون موٽي اينديون آهن. ڇوڪرن ۾ ڇتپڻ يا بي قابو جذبن (Hysterical) جو حملو به ڪڏهن ڪڏهن اهڙي قسم جي مهارت حاصل ڪرڻ وارن ڪرتبن سبب ٿيندو آهي ۽ کيڏڻ ڪڏڻ سبب کين جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي، اها منجهن جنسي/ نفسي اڀار جو به سبب بڻجندي آهي، ۽ اهي راحت پيدا ڪندڙ احساس انهن تجربن سان ڳنڍجي منجهن ڳڻتيءَ ۽ پريشانيءَ ۾ به تبديل ٿي ويندا آهن ۽ مائرون ڄاڻين ٿيون ته انهن ٽپڻ ڪڏڻ جي پڄاڻي رسڻ، جهيڙي ۽ روئڻ تي ٿيندي آهي.

هاڻي مون وٽ ڪاوڙ يا احساسن کي اڀارڻ واري ان نظريي کي رد ڪرڻ لاءِ سٺو ميدان آهي ته: ”ننڊ دوران ڪنهن شيءِ جي ڇهاءَ واري احساس، يا ڦڦڙن جي حرڪت سان پيدا ٿيندڙ احساس سبب اسان اڏامڻ ۽ ڪِرڻ جا خواب ڏسندا آهيون.“ منهنجو خيال آهي ته اهڙا احساس پاڻمرادو انهن يادگيرين جي حصي طور ٻيهر پيش ٿيندا آهن، جن کي خواب پاڻ پويان وڃي کڻي ايندو آهي، جنهن کي اسان ائين چئي سگهون ٿا ته اهي ”خواب جي متن“ جو حصو هوندا آهن، ذريعو يا وسيلو نه هوندا آهن.

کيڏڻ ڪڏڻ يا ٻين حرڪتن جي اثرن تي مشتمل ساڳئي قسم جو مواد پوءِ ساڳئي قسم جي ڪارڻ ذريعي اڳيان ايندو آهي، جيڪو خوابي خيالن جي هر ممڪن نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي. اڏامڻ يا هوا تي هلڻ (خوشيءَ جي اصول) کي مختلف تشريحن جي ضرورت آهي، جيڪا هر ڪنهن جي انفرادي خاصيتن ذريعي ڏسبي آهي، جڏهن ته ٻين لاءِ اهي مثالي خوابن جي ذمري ۾ ايندا آهن.

منهنجي هڪ مريضه عورت ٻڌايو ته:

”مان گهٽيءَ ۾ تمام مٿانهين تي پئي اڏاميس، ڌرتيءَ تي پير ئي نه پئي لڳو.“

هن جي اڏامڻ وارو خواب زمين تان ”پير“ کڻڻ ۽ پنهنجي ”مٿي“ کي هوا جي اونچائيءَ ڏانهن ڪرڻ ذريعي سندس ٻن خواهشن جو پورائو ڪري ٿو.

هڪ ٻي عورت جي ”اڏامڻ جي خواب“ منجهان مون کي سندس پکيءَ جيان اڏامڻ جي خواهشن پئي نظر آئي. ڪنهن عورت خواب ۾ پاڻ کي فرشتي جيان آسمانن جو سئر ڪندي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته هوءَ ڏينهن جو فرشتي جيان اڏامي ڪا نه ٿي سگهي! اڏامڻ جو احساس ماڻهوءَ ۾ گهڻو ڪري پکين جي هوا ۾ اڏرڻ واري مشاهدي منجهان به ٿئي ٿو.

ويانا جي ڊاڪٽر پال (Dr. Paul Federn of Vienna) هڪ وڻندڙ نظريو پيش ڪيو آهي ته: ”اڏامڻ وارن خوابن جو گهڻو تعداد، عضوياتي اڀار جي خوابن سان منسلڪ آهي. اهڙي غير معمولي حقيقت مورلي وولڊ (Mourly Vold) جهڙي خوابن متعلق سنجيده ذهن رکندڙ محقق به ڪئي آهي، هو وري هر قسم جي تشريح کان دل ڦيرڻ واريون ڳالهيون ٿو ڪري پر اڏامڻ ۽ هوا ۾ ترڻ وارن خوابن متعلق هو عضوياتي اڀار (Erotic) واري تشريح کي ئي مڃي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته عضوياتي اڀار ئي هوا ۾ ترڻ وارن خوابن جو سگهارو محرڪ آهي، جيڪو بدن ۾ اڀرندڙ لهرن جي قوت کي محسوس ڪري ٿو ۽ خواب سان شامل ٿي، ”اڀار ۽ نيڪال“ جو سبب بڻجي ٿو.

خوابن ۾ ”پاڻ کي هيٺ ڪِرندي ڏسڻ“ هڪ ٻئي رخ کان ڳڻتيءَ جي خصلتن سبب به ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن تشريح ڪرڻ خاص عورتن جي سلسلي ۾ گهڻي مشڪل نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هيٺان پَوَڻ جي علامتي استعمال ۾ جهڪاءَ جو پيڪر هوندي آهي.

اهي ماڻهو جيڪي گهڻو ڪري ترڻ جا خواب ڏسندا آهن، ۽ ان جي ڇهاءَ ۽ لهرن مان وڏو مزو وٺندا آهن، انهن مان گهڻا ”هنڌ مٽڻا“ (Bed- Wetters) به هوندا آهن.

”باهه“ جي متعلق تشريح دوران اسان ڏٺو ته ٻار گهڻو ڪري باهه سان به راند ڪندا آهن، پر جيئن مائٽ کين باهه سان کيڏڻ کان منع ڪندا آهن تيئن کين هنڌ ۾ مٽڻ واري عارضي تي به ناراض ٿيندا آهن ۽ ان جو ڪو علاج ڳولهيندا آهن.

مثالي خوابن جي سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترا خواب آهن جيڪي هتي شامل ڪري سگهجن ٿا، مثال طور: ”سوڙهين گهٽين مان گذرڻ“ ”گهر جي سمورن ڪمرن ۾ گهمڻ“، ”چورن کان ڊڄڻ“ (خاص طور اهي ماڻهو جيڪي سمهڻ کان اڳ چوريءَ جي ڊپ سبب احتياطي تدبيرون ڪندا آهن)، ڏاندن يا گهوڙن سميت، جهنگلي جانورن کي ريجهائڻ“، چاقوءَ، ڇُريءَ يا خنجر سان ڊيڄارڻ“. پوين ٻن قسمن جا خواب گهڻو ڪري ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ماڻهن کي نظر ايندا آهن.

اسان ڪيترن ئي خوابن متعلق ساک سان چئون ٿا ته جيڪڏهن انهن جي تشريح احتياط سان ڪئي وڃي ته اهي گهڻو ڪري ”ٻه طرفي جنسي رويي“ (Bisexual) وارا ثابت ٿيندا، يا جيڪڏهن تشريح جي وڌاءَ کي مڃبو ته گهڻا خواب ”هم جنس پرستيءَ“ جا ثابت ٿيندا. مان ته ائين به چوندس ته سمورن خوابن جي جنسي/ نفسي تشريح ڪرڻ گهرجي ته جيئن خوابي علامتن کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿئي، ڇاڪاڻ ته مان اڳي به ڪٿي لکي آيو آهيان ته“  ”انتهائي معصوميت وارا خواب به ”عضوياتي اڀار جي خواهش“ جي ڪري ظاهر ٿين ٿا، البت مان اهو به مڃان ته ڪيترا خواب مختلف سببن جي ڪري به نظر ايندا آهن.“

خوابن ۾ جنسي رغبت جي لڪل صورت ان ريت به نظر ايندي آهي، جيئن هن خواب ۾ آهي:

”مان ٻن ننڍين جاين جي ٿورو پويان بيٺو آهيان، هڪ ننڍي گهر جو دروازو بند آهي، منهنجي زال مون کي سوڙهي گهٽيءَ مان مٿي گهر ڏانهن وٺي اچي ٿي ۽ بند دروازي کي ڌڪو ڏئي کولي ٿي، ۽ مان ترڪي آسانيءَ سان اندر هليو ٿو وڃان.“

جيڪڏهن ڪنهن کي تشريح ڪرڻ جو ٿورو به تجربو هوندو ته هو ان ”سوڙهي گهٽيءَ“ ۽ بند ٿيل دروازي کي کولڻ“ جو مطلب آسانيءَ سان سمجهي سگهندو ته اهي ”جنسي علامتون“ ئي آهن.

مثالي خوابن جي ذمري ۾ مان هتي ”ارنيسٽ جونز“ (Ernest Jones) جي مضمون منجهان هڪ ”ڄمڻ جو خواب“ ٿو پيش ڪريان:

”هوءَ سمنڊ جي ڪناري بيٺي آهي ۽ هڪ ننڍڙي ٻار ڏانهن نهاري رهي آهي، جيڪو کيس پنهنجو ٿو لڳي، ٻار پاڻيءَ ۾ بيٺو آهي ۽ هوءَ ان کي تيستائين ڏسندي ٿي رهي جيستائين پاڻي سندس ڳچيءَ تائين اچي پهچي ٿو. ان وقت منظر ماڻهن سان ڀريل هوٽل ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. سندس مڙس کيس ڇڏي وڃي ٿو، ۽ هوءَ هڪ ”اجنبي مرد سان گفتگو ڪرڻ لڳي ٿي.“

هن خواب ۾ ”سندس مڙس جو ڇڏي وڃڻ ۽ ڪنهن اجنبيءَ سان گفتگو ڪرڻ“ مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته ان عورت جو ڪنهن غير مرد سان تعلق آهي. خواب جو پهريون حصو ”ٻار جي ڄڻڻ“ جي تصور تي ٻڌل آهي. ڏند ڪٿائن جيان خوابن ۾ به ٻار جي سرجنا ”ٻچيدانيءَ جي پاڻياٺ“ ۾ ٿئي ٿي، جنهن کي اها عورت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ بيٺل ڏسي ٿي ۽ نهارڻ مان سندس اها خواهش ظاهر ٿئي ٿي ته هوءَ ان کي ان پاڻيءَ مان ڪڍڻ ٿي چاهي، هن کي کڻي صاف سٿرو ڪري، پنهنجي گهر ۾ رکڻ ٿي چاهي.

”بچاءَ“ جي حوالي سان ايندڙ خواب به عورت کي ٻار جي ڄمڻ جي سلسلي ۾ نظر ايندا آهن.

پيشاب ڪرڻ جي تحرڪ متعلق خوابي علامتون شروع کان وٺي ئي شناخت ٿيل آهن. ”بقراط“ (Hippocrates) جو رايو آهي ته: ”پهاڙ ۽ ”پاڻيءَ جو وهڪرو“ مثاني جي خرابيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.“

هيولاڪ (Havelock Ellis- 1911-164) ۽ شيرنر (Scherner- 1861-189) جو خيال آهي ته ”پيشاب ڪرڻ جو تحرڪ“ گهڻو ڪري ساڳئي وقت جنسي رجحان وارن خوابن جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي.“

”مثاني متعلق خوابن جون علامتون“ جيئن پنهنجي مشهور جنسي علامتن جيان ظاهر ٿينديون آهن تيئن ٻالڪپڻي جي حوالي سان به ساڳيون ئي جڙنديون آهن، مثال طور: ”پاڻي“ = پيشاب (مني)، ”ٻيڙي“ = ٻچيداني، پيتي، (پيشاب ڪرڻ)، ”ترڻ = مثاني جو ڀرجي وڃڻ، ”برسات“ = پيشاب ڪرڻ.

(7)

ڪجهه مثال:

SOME EXAMPLES

خوابن ۾ ڳڻپ ۽ گفتگو

CALCULATIONS AND SPEECHES IN DREAMS

 

خوابن تي انتهائي وڏي حڪومت ڪندڙ هن چوٿين عنصر جي متعلق بيان ڪرڻ کان اڳ، مان پڙهندڙن کي صلاح ڏيندس ته اهي منهنجي گڏ ڪيل مثالن جو مطالعو ضرور ڪن، جن جي تحقيق جي سلسلي ۾ مون وڏا ڪشالا ڪيا آهن، جيڪڏهن انهن کي نظرانداز ڪبو ته خوابن جي تشريح جو روح ئي ختم ٿي ويندو.

هاڻي مان اوهان کي ڪجهه مثالن ۽ واقعن جي ذريعي خوابن جي پيش ٿيڻ جا نيارا ۽ غير معمولي طريقا ٻڌائيندس:

هڪ عورت خواب ڏٺو ته:

”نوڪرياڻي، ڏاڪڻ تي چڙهيل هئي، ۽ جيئن ئي هن دري صاف ڪرڻ شروع ڪئي ته هڪ ڀولو ۽ هڪ بگهڙ مٿس چڙهائي ڪري آيو ته هن انهن کي هڪل ڪري مون ڏانهن اماڻي ڇڏيو، پر ڀولو ٽپو ڏئي مٿس چڙهي ويٺو، اهو ڏاڍو ڪراهت وارو ۽ بڇان ڏياريندڙ هو.“

هن خواب نهايت سادي صورت ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آهي، هن ۾ گفتگو جي هڪ تصوير آهي جيڪا مڪمل طور تي لفظ: ”ڀولي“ ۽ جانورن جي نالن کي عام طريقي سان گار گند واري لهجي ۾ پيش ڪري ٿو، ۽ خواب ۾ پيش ٿيل صورتحال جو مطلب گهٽ وڌ اهو ئي آهي: يعني هڪل، هوڪرو  يا گارگند.

خوابن جي ان موجوده سلسلي ۾ خواب جي ڪم جا ٻيا سادا مثال هن ريت آهن، ان جو هڪ ٻيو خواب، جنهن به ساڳيو انداز اختيار ڪيل آهي:

”هڪڙي عورت وٽ هڪ ٻار آهي جنهن جي مٿي واري حصي ۾ واضع طور تي کَٻ پيل آهي، هن (خواب ڏسندڙ عورت) ٻڌو ته ٻار ڳڀ ۾ وڌڻ لڳو آهي، ڊاڪٽر چوي ٿو ته هن جي مٿي کي، دٻاءَ ذريعي سٺي شڪل ڏئي سگهجي ٿي، پر ان سان هن جو ميڄالو ڦسي پوندو. خواب ڏسندڙ عورت سمجهي ٿي ته اهو ٻار ڄڻ هوءَ پاڻ ئي آهي ۽ هن سان ائين ڪبو ته کيس ڪو مقصان نه رسندو.“

هي خواب ”ٻارن مٿان تاثر“ بابت تجريدي نظريي جي هڪ چيڙهالي پيشڪش تي ٻڌل آهي، جنهن جي تشريح تڏهن ممڪن ٿي سگهي هئي، جڏهن هوءَ مون وٽ علاج لاءِ آئي هئي.

هن واقعي ۾ خواب جي ڪم، ٿوري فرق وارو طريقو اختيار ڪيو آهي:

”ٻاهرين فضا نهايت خوفناڪ هئي، اتي هڪ گندو ۽ ڌڪار جوڳو هوٽل هيو، ڪمري جي ڀتين مان پاڻي پئي سميو، بستري تي وڇايل چادرون به صفا گنديون هيون.“ (خواب جو ٻيو حصو هن مون کي پوءِ ٻڌايو هو.)

هن خواب جو مطلب آهي: ”اجايو/ فالتو“ (Superfluous). هي مجرد خيال (Abstract Idea) جيڪو خوابي خيالن ۾ موجود هو، اهو پهرين سٽ ۾ رخ بدلائي ”اجايو/ فالتو“ (Superfluous) منجهان، ”ڇلڪڻ“ (Overflow) جي صورت اختيار ڪري ويو، يا اهو ”مٿان وهڻ“ يا پاڻياٺ“ بڻجي ويو، جيڪو ڪمري جي ڀتين مان سِمندڙ پاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. بستري جي چادر به گندي هئي ته ان حوالي سان به هر شيءِ ۾ گندگيءَ جي ڇلڪڻ جو خيال پيش ٿئي ٿو.

اسان کي ان ڳالهه تي عجب کائڻ نه گهرجي ته خوابن ۾ پيش ٿيندڙ مقصد جي حل جي صورت ۾ لفظن جي صورتخطي، انهن جي آوازي صورت کان گهٽ اهم ٿئي ٿي، خاص طور تي اسان کي لوڪ گيتن ۽ ٻاراڻن بيتن جي آوازي شڪلين کي پنهنجي ذهن ۾ رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ٻار يا ڳوٺاڻا ماڻهو الف ب واري صورتخطيءَ کان واقف نه هوندا آهن، اهي رڳو آوازن جي سهاري اهي لفظ اچاريندا آهن.

”رئنڪ“ هڪ خواب لکيو آهي ته:

”هڪ عورت خواب ۾ هڪ ٻنيءَ مان هلندي، مڪئيءَ جا ڪيترا سنگ ڪاٽيا. سندس جوانيءَ واري دور جو سندس هڪ دوست هن جي ويجهو اچي ٿو، پر هو ڪوشش ڪري هن سان ملڻ کان لنوائي ٿي.“

هن خواب جي تشريح اهو ٻڌائي ٿي ته هي خواب ”چميءَ“ سان وابستا آهي، هڪ عزت/ اعزاز واري مِٺيءَ (Honourable Kiss) سان، ۽ جيئن ته اناج جي سنگ ڪاٽڻ متعلق جرمني ٻوليءَ ۾ لفظ: “Ahren” اچي ٿو، تيئن Kuss in Ehren جو مطلب به اها عزت واري مِٺي ٿئي ٿو، جنهن لاءِ جرمني ٻوليءَ ۾ هڪ پهاڪو به مشهور آهي ته: ”ڪو به ان عزت واري چُمي کان انڪار نه ڪري سگهندو آهي.“

ان حوالي سان خواب ڏسندڙ عورت پهرين چمي انهن مڪئيءَ جي سنگن کي ڏني آهي، جيڪي هن ٻنيءَ مان گذرندي ڪاٽيا هئا، يعني ”پٽيا“ نه پر ”ڪاٽيا“ هئا، ۽ ”مڪئي جي سنگ کي چمي ڏيڻ“ خواب ڏسندڙ جي لڪل جنسي خيالن کي ظاهر ڪري ٿو.

ٻئي طرف، ٻين معاملن ۾ ٻوليءَ جي صوتي ارتقا خوابن جي شين يا ڳالهين کي آساني بڻائي ڇڏيندي آهي. هر ٻوليءَ کي لفظن جي تصويري ٻولي به ٿيندي آهي، جنهن جي ذريعي درست قسم جي نشاندهي ڪري سگهبي آهي،  پر اڄڪلهه اها بي رنگ ۽ تجريدي خيالن ذريعي استعمال ٿي رهي آهي، ۽ خواب انهن سمورن لفظن کي انهن جي قدامت سان سڃاڻڻ ۽ شناخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جدت کي سمجهڻ ۽ ان کي پيش ڪرڻ لاءِ کيس ٿورو پوئتي وڃڻو پوندو آهي. مثال طور هڪ ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ جو خواب ڏٺو آهي، هڪ پيتيءَ جي صورت ۾، جنهن جي تشريح اها ٿئي ٿي اصل ۾ ”ڪٻاٽ“ سان تبديل ٿيل آهي، جيڪو جرمني ٻوليءَ ۾ جدت جي حوالي سان ”رڪاوٽ“ يا ”پابندي“ جي صورت ۾ استعمال ٿئي ٿي، جنهن جو مطلب ٿيو ته سندس ڀاءُ ساڻس ملڻ لاءِ پاڻ تي پابندي مڙهي آهي.

هڪ ٻئي شخص خواب ڏٺو ته: ”هو هٿن پيرن سان بانبڙا پائيندي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو آهي، جتي هن غير معمولي ۽ نهايت وسيع نظارو ڏٺو. هتي هي شخص پاڻ کي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ سڃاڻي ٿو، جيڪو هڪ اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ مشرقي معاملات سان لهه وچڙ ۾ هوندو هو.“

هڪ ٻئي شخص خواب ڏٺو ته: ”هو هٿن پيرن سان بانبڙا پائيندي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو آهي، جتي هن غير معمولي ۽ نهايت وسيع نظارو ڏٺو. هتي هي شخص پاڻ کي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ سڃاڻي ٿو، جيڪو هڪ اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ مشرقي معاملات سان لهه وچڙ ۾ هوندو هو.“

”گاٽفرائيڊ ڪيلر“ (Gottfried Keller) جي ناول ”گريني هينرخ (Der Griine Henrich) جي چوٿين باب جي ڇهين حصي ۾ هڪ خواب به ملندڙ جلندڙ آهي، ”جنهن ۾ هڪ ڳڻائتو چِڻگي گهوڙو جَوَن جي عمدي پوک ۾ چَري ڦِري رهيو هو، ان جو هر هڪ سنگ ذائقي ۾ بادام جهڙو نهايت مٺو هو، ۽ ڪشمش.. جهڙي ڳاڙهي ريشم ۽ جهنگ واري (Pig) جي چمڙي سان ويڙهيل....“

ليکڪ (يا خواب ڏسندڙ) پنهنجي انهن خوابي تصويرن ذريعي، تشريح به پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته: ”گهوڙو پڪ ئي پڪ احساس جي ڪتڪتائي ڪندي سڏي رهيو آهي ته: ”جَوَ منهنجو ڇيد ٿا ڪن“ جنهن جو اصطلاحي مطلب آهي ته ”خوشحاليءَ مون کي نقصان ڏنو آهي.“

”هينزن (Henzen- 1890) لکيو آهي ته: گفتگو جي حوالي سان خواب: ذو معنيٰ (Puns) يعني ساڳئي اچار وارا لفظ استعمال ڪندو آهي جن جي مناسبت جي حوالي سان معنيٰ ٻي هوندي آهي، ۽ لفظن کي ڦيرائي پيش ڪرڻ، ۽ گهڻو ڪري پراڻين، ناروي جي باشندن جي جنگي داستانن ۽ بهادريءَ جي ڪارنامن جي ڊگهين ڪهاڻين جيان ڳالهيون ڪندو آهي، جنهن منجهان مس مس وڃي ڳولهي لهبو آهي ته خواب صاحب اصل معاملي کي اڻ چٽو نه رکيو آهي پر لفظن جي راند کيڏي آهي.

اهو پاڻ هڪ اهم ڪم آهي ته خوابن جي پيش ٿيڻ يا خوابن ۾ خيالن جي نمائندگيءَ جي انهن طريقن کي گڏ ڪجي، ۽ ڪنهن اصول تحت انهن جي درجي بندي ڪجي. ڇاڪاڻ ته پيش ٿيڻ جي ڪجهه طريقن جي تشريح ڪجهه اهڙي آهي جو اهي ڄڻ ڪي ”مذاق“ هجن، ۽ اهو به چيو ويندو آهي ته خواب ڏسندڙ جي مدد کانسواءِ خوابن کي سمجهي نه ٿو سگهجي.

1.      هڪ شخص خواب ڏٺو ته: ”هو ڪنهن کان سندس نالو پيو پڇي، پر هو ان لاءِ سوچي ڪو نه پيو.“

اوهان ڏسو ته خواب ڏسندڙ پاڻ ئي پيو وضاحت ڪري ته هو ڪنهن جو نالو به پڇي پيو ۽ سوچي به ڪو نه پيو. وري مٿان سوال ٿو ڪري ته ”ان جو مطلب ڪهڙو آهي، ۽ حيرت وچان چوي ٿو ته ”هن ڪڏهن اهڙي قسم جو خواب نه لڌو آهي.“ (1911).

2 . هڪ بيمار عورت مون کي هڪ خواب ٻڌايو: ”جنهن ۾ سڀئي ماڻهو خاص طور تي ڊگها هئا.“ ان جو مطلب ته: هوءَ ان جاءِ تي وئي هئي، جنهن کي خواب سندس ننڍپڻ جي ڪنهن واقعي سان ڳنڍيو آهي. ائين ٿيندو آهي ته ”عمر ۾ وڏي ٿي وڃڻ وارا ماڻهو ڊگها لڳندا آهن.“ هوءَ پاڻ ته پنهنجي خواب جي مسودي ۾ موجود نه آهي، پر جيئن ته ڏسي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته هوءَ رڳو تصويري طور موجود نه آهي، پر جيئن ته ڏسي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته هوءَ رڳو تصويري طور موجود نه آهي. خواب جي حقيقت اسان کي سندس ننڍپڻ جو حوالو ڏئي ٿي. جنهن کي ڪنهن ٻئي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. جنهن جو ترجمو اهو ٿي سگهي ٿو ته اهو: ”وقت وڇوٽيءَ ۾ تبديل ٿي ويل آهي.“

هن خواب جي ڪردارن ۽ منظر ۾ وڏو فاصلو آهي، جنهن جي ڊگهي رستي جي پڇاڙيءَ تائين يا ڪنهن شڪ وارن شيشن منجهان، بهرحال هوءَ ڪنهن ڊرامي جي غلط پڄاڻيءَ ڏسي رهي آهي (1911ع).

3. هڪ شخص جيڪو پنهنجي مصروف زندگيءَ ۾ تجريدي انداز وارو ماڻهو هو، ٿيندو ائين هو ته سندس مجموعي خيال کي پيش ڪرڻ لاءِ جملي ۾ اهي لفظ نه هوندا هئا پر پوءِ به ان مان سندس مڪمل خيال جو اظهار ٿيندو هو. هو نهايت ذهين، حاضر جواب هو. هڪ ڀيري خواب ڏٺائين ته: ”هو هڪ ريلوي اسٽيشن تي آيو آهي، ريل به اجهو اچڻ واري هئي، پوءِ ڇا ٿيو جو پليٽفارم پوئتي ريل ڏانهن وڃڻ لڳو. ريل تيستائين بيٺي رهي.“

پوئتي ٿيڻ واري ان بگڙيل صورت اصل ۾ ڇا پئي ڪرڻ چاهيو! اسان جي تشريح مطابق خواب ڏسندڙ جاڳ ۾: اصل ۾ هڪ تصويرن وارو ڪتاب ڏٺو هو، جنهن ۾ هڪ شخص اونڌو ٿيل هو ۽ پنهنجي هٿن سان رستي تي هليو پئي (1911).

4. ڪنهن ٻئي وقت تي ان ساڳئي شخص مون کي هڪ مختصر خواب ٻڌايو جيڪو تصويري ڳجهارت جي انداز سان گذريل وقتن جي يادگيريءَ تي ٻڌل هو. هن ڏٺو ته: ”هن جي چاچي کيس ڪار ۾ ويهي چمي ڏني.“

خواب ڏسندي ئي هو مون وٽ تجزيي لاءِ ڊوڙندوآيو، پر مان ان متعلق ڪو اندازو به لڳائي نه سگهيس، منهنجو خيال آهي ته اهو ”خود لذتيءَ“ متعلق هو. (1911ع).

5. هڪ شخص خواب ڏٺو ته: ”هو ڪنهن عورت کي بستري جي پويان ڇڪي رهيو آهي.“ ان جو مطلب آهي ته هن، ان کي اهميت پئي ڏني (1911ع).

6.هڪ شخص سپنو ڏٺو ته: ”هو هڪ آفيسر ٿي ويو آهي ۽ بادشاهه سان مهاڏو اٽڪائي ويٺو آهي.“ ان جو مطلب آهي ته هو پنهنجي پيءُ جي مخالفت ۾ مصروف آهي (1914ع).

7. هڪ شخص خواب ڏٺو ته: ”هو ڪنهن شخص جو ٽٽل هڏو جوڙي رهيو آهي.“ هن خواب جي تشريح اهو ٻڌائي ٿي ته ”ٽٽل هڏي“ جوڙڻ جو خيال، ٽٽل شاديءَ سان لاڳاپيل آهي (1914ع).

8. خواب ۾ ڏينهن جو وقت گهڻو ڪري خواب ڏسندڙ جي ٻالڪپڻي واري عمر کي ظاهر ڪندو آهي. ائين هڪ شخص کي خواب ۾: ”صبح جا سوا پنج“ نظر آيا“، جنهن جو مطلب عمر جا پنج سال ۽ ٽي مهينا آهي، ٿي سگهي ٿو اها عمر خواب ڏسندڙ جي ان وقت هجي، جڏهن کيس ننڍو ڀاءُ ڄائو هجي (1914ع).

9. هتي عمر جي نشاندهي ڪندڙ هڪ ٻيو طريقو به ڏجي ٿو، هڪ عورت خواب ڏٺو ته: ”هوءَ ٻن ننڍين ڇوڪرين سان گڏ گهمي رهي آهي، جن جي عمرين ۾ پندرهن مهينن جو فرق مختلف هو.“

هوءَ پنهنجي خاندان يا واسطيدارن متعلق ياد ڪرڻ جي قابل نه هئي، پر هن کي پنهنجي ننڍپڻ دوران ٻه ڀيرا سخت ڌڪ لڳڻ وارا واقعا ياد هئا، هڪڙو ڀيرو جڏهن هوءَ ساڍن ٽن سالن جي هئي ۽ ٻيو ڀيرو هوءَ چئن سالن نوَن مهينن جي هئي. (پندرهن مهينن جو فرق) (1914ع).

10. ان ۾ ٿورو به عجب نه آهي ته جيڪو شخص نفسياتي تجزيي وارو علاج ڪرائيندو هجي ته ان کي اميدن وارا ڪيترائي خيال ۽ علاج مان فائدي وارو تاثر ڏيندڙ خواب اچي سگهن ٿا. اهڙو ماڻهو خواب ۾ پاڻ کي موٽر ڪار ۾ سفر ڪندي ڏسي سگهي ٿو. جاڳندي جيڪي خيال سندس من ۾ اڀرن ٿا اهي خوابن ۾ به اچي سگهن ٿا. (1919ع).

11. هتي مان ”وي ٽاسڪ (V. Tausk) جي مضمون مان ڪجهه مثال پيش ڪريان ٿو، جيڪي خوابن ۾ ڪپڙن ۽ رنگن بابت آهن:

الف: ”ٻارن سنڀالڻ واري هڪ نوڪرياڻيءَ پاڻ کي وڏي چمڪ دمڪ واري لباس ۾ ڏٺو، جيڪو سندس ٻنڊڻن وٽ ڏاڍو سوڙهو هو.“ ان خواب جي معنيٰ سندس لفظ چمڪ دمڪ (Luster) منجها ظاهر ٿئي ٿي ته اها ”پُر لذت“ (Lustful) خيال واري عورت هئي.

ب: ڪنهن شخص ڏٺو ته ”هڪ ڇوڪريءَ رستي تي سفيد روشنيءَ ۾ تڙ پئي ڪيو، جنهن کي رڳو سفيد انگي پيل هئي.“ خواب ڏسندڙ جو هڪ ”سفيد“ (Miss White) نالي واري ڇوڪريءَ سان محبت هئي.

ٻ: فرائو (Frau) نالي هڪ شخص خواب ۾ ”ويانا جي اسي سالن جي پوڙهي اداڪاره ”بلي سيل“ (Blesel) ڏٺي، جيڪا صوفي تي ويٺي هئي ۽ کيس حفاظتي پوشاڪ پهريل هئي، هن ٽيبل ۽ ڪرسين تي ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا، هن پنهنجي هٿ ۾ خنجر جهليو هو ۽ پوءِ وڃي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسڻ لڳي، ۽ هٿ وڌائي ان کي پنهنجو دشمن سمجهي مٿس خنجر سان وار ڪرڻ لڳي.“

هن خواب جي تشريح ڪندي معلوم ٿيو ته اهو خواب ڏسندڙ وڏي عرصي کان ”مثاني جي عارضي“ (Blase) ۾ مبتلا هو. اداڪاره بلي سيل صوفي تي پنهنجي ”تجزيي ڪرڻ“ لاءِ ويٺي هئي، هن جڏهن پاڻ کي ڏسي/ سمجهي ورتو ته آئيني جي اڳيان وڃي هن کي لڳو ته هوءَ ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا هجڻ بجاءِ اڃان تندرست ۽ دلپذير ٿي لڳي.

12. خواب ۾ وڏي ڪاميابي:

”هڪ شخص خواب ڏٺو ته ”هو پيٽ واري مائي آهي ۽ بستري تي ستل آهي، هن ان صورتحال کي ڏاڍو بيهودو سمجهيو، هن سڏ ڪيو: ”مان پاڻ آهيان يا مان اها مائي آهيان... ۽ ائين سندس وات مان لفظ نڪتو: ”ڀڳل پٿر.“

تجزيي دوران، دماغ تي زور ڏيندي ٻڌايائين ته اها ”نرس“ هئي، پوءِ هن جملو پوري ڪندي چيو ته: ”بستري جي پويان هڪ نقشو ٽنگيل هو، جنهن جي آخري پڇڙيءَ تي هڪ ڪاٺيءَ جي پٽي چنبڙيل هئي، پوءِ مون اها پٽي لاٿي ۽ ان کي جهلي مون چيو، هاڻي ان جو اختتام ٿيو، مون ان کي وچ مان نه ڀڳو پر اهو ٻه ٽڪر ٿي پيو، پوءِ مون ويم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مدد لاءِ سڏ ڪيو.“

هن بنا ڪنهن مدد جي خواب ٻڌائيندي، خواب ڏسندڙ ڄڻ پاڻ ئي تشريح به ڪري ڇڏي، ”پٽي لاٿي“، يعني هن پنهنجي آرام وارين حالتن کان فرار پئي چاهيو، پنهنجي عورتاڻي رويي جي خلاف علاج ڪرڻ ٿي چاهيو، ڪاٺيءَ جي پٽي متعلق خيال هن ريت بگڙيل نظر آيو جو علاج ۾ ڊيگهه ئي هن کي بيزار پئي ڪيو. اصل ۾ هو نامرد هو ۽ زنانين ادائن ۾ ڦاٿل هو.


(1)  جرمني ٻوليءَ ۾ ڪوئلي متعلق هڪ پهاڪو مشهور آهي ته: ”نه باهه نه ڪوئلو (اڱر) ڪنهن لڪل محبت کان وڌيڪ نه ٻرندو آهي، جنهن جي ٻاڦ کي به ڪو محسوس نه ڪري سگهندو آهي. ”نهائينءَ کان نينهن سک منهنجا سپرين (شاهه) (سنڌ جي آڳاٽن وقتن ۾ محبوب سان رات جي اونداهيءَ ۾ ملڻ لاءِ پيار ڪندڙ عورت ”ڪوئلو“ موڪليندي هئي.(ب.م)

 (1)   هي خواب 1911ع دوران وڌيڪ وضاحت سان پيش ڪيل آهي، هي خواب گهڻي عام سطح جي سوانحي وضاحتن تي ٻڌل نه آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي جنسي رغبتن جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ عمارتون، علائقا ۽ زميني ڏيک، انساني عضون جي علامتن ۾ پيش ٿيل آهن.

(1)  ڪليسا، ڏاڪا، دڪا، ٽڪري، ڪاٺيءَ جو بنڊ، ٽوپ، پتل جا ڪالر، انعامي ٻلا، گهاٽو گاهه وغيره انسان جي جنسي عضون جون علامتون آهن.

(1)  تصويرون انگريزي ايڊيشن جي صفحي 487 تي ڏنل آهي.

(2)  اوٽو رئنڪ جو بيان ڪيل ۽ تشريح ڪيل، جيڪو شايد شايع نه ٿيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org