سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:4 

(ب)

اندروني/ داخلي جذبات اڀاريندڙ احساس

INTERNAL (Subjective) SENSORY EXCITATIONS

ڪجهه اختلافن جي باوجود، اهو مڃڻو پوندو ته ماضي، ننڊ دوران، خارجي دماغي جوش واريون حواسي حالتون، (Objective Sensory Excitations) رهجي ويل تضاد کي خواب ۾ اڀارڻ جو ڪم ڪنديون آهن، ۽ جيڪڏهن اهڙي ترغيب، پنهنجي فطرت ۽ لاڳيتي ٿيڻ واري حالت (Frequency) منجهان نظر اچڻ لڳي ته اهڙي هر خوابي تخيل جي تشريح ناڪافي ٿيندي. خوابن جي ٻين بنيادن/ ماخذن جي کوجنا جي سلسلي ۾ هڪجهڙي ڪاروائيءَ تي يقينن اسان جي همت افزائي ٿيندي. مان چئي نه ٿو سگهان ته خيال يا منصوبو پهريون ڀيرو غير متوقع طور تي ڇهڻ وارن حواسن (Sense organs) جون اندروني (داخلي) دماغي جوش واريون حالتون، (Internal (Subjective) Excitations) ٻاهرين حواسي ترغيب جي لڳولڳ، گڏ ٿيل خيالن مان ڪڏهن ٿو حاصل ڪري! ائين آهي به، بهرحال معاملو ائين ئي ٿيو آهي“، ٿوري ڪي گهڻي صاف گوئي، خواب جي ”سببن جي علم“ يا ”علت شناسي“ (Aetiology) جي سمورن تازن بحثن ۾ ”نهايت ضروري حصو پڻ ڪردار ادا ڪري ٿي، مان مڃان ٿو“ وونٽ (صفحو: 657) لکي ٿو: ”تخيل يا تصور جي پيداوار ۾: آوازن جي ڇهاءَ ذريعي جيڪي داخلي تصويرون ظاهر ٿين ٿيون، جاڳ واري حالت ۾ اسان انهن کان پوريءَ طرح واقف هوندا آهيون، جيئن ڪنهن روشنيءَ وارا بي ڊولا علائقا، جيڪي اسان کي تڏهن نظر ايندا آهن، جڏهن اسان جي ڏسڻ واري حد ۾ اونداهين هوندي آهي. مثال طور گهنٽيءَ جو وڄڻ، ڪنن ۾ ڀون ڀون جو آواز اچڻ وغيره. ان سموري عمل ۾ وڏي اهميت خاص طور اک جي اندرين پردي جي داخلي جوش/ تحرڪ واري حالت کي آهي. اها اهميت ان ڪري آهي ته جيئن خوابن جي غير معمولي رجحانن کي تفصيلي طور بيان ڪيو وڃي، ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ اهي ماڻهو يا شيون، جن جو عمل يا جذبا ڌيان ڇڪائين يا سامهون اچن، انهن کي ساڳئي يا هوبهو صورت ۾ اکين جي آڏو ڪنهن جادوءَ ذريعي حاضر (Conjore Up) ڪيو وڃي. اسان پنهنجي اڳيان بيشمار پکي پکڻ، پوپٽ يا مکيون يا رنگبرنگ موتي ۽ گل وغيره ڏسندا آهيون. هتي هن نظر ايندڙ اونداهين حصي ۾ هي روشن دز (Luminous dust) ڪيڏي نه عجب ۾ وجهندڙ صورت اختيار ڪندي آهي ۽ سندس ڪيترائي ئي داغ يا نشان (Specks) جيڪي انهن جي خاص جزن يا عنصرن تي ٻڌل هوندا آهن، خواب ۾ ساڳئي ئي تعداد ۾ هڪ الڳ تاثر، خيال، يا خاڪن جي صورت ۾ شامل ٿيندا آهن، ۽ پنهنجي هلچل جي حوالي سان اهي متحرڪ شين يا ماڻهن سان مطابقت رکندا آهن. ان ۾ به شڪ نه آهي ته خواب جي وسيلي، تمام وڏيون خواهشون يا رغبتون، هر قسم جي جانورن ۽ پکين جي شڪل ۾ نظر اينديون آهن. جيڪي تمام گهڻين ۽ ڀانت ڀانت جي صورتن جي ڪري انهن ٻاهرين يا خارجي روشن تصورن ۽ خيالن سان، آسانيءَ سان ٺهڪي اينديون آهن.

خوابي تصويرن جي بنيادن/ ماخذن جي صورت ۾، داخلي طور جوش پيدا ڪندڙ حواسن جي واضع خاصيت اها آهي ته اهي خارجي حواسن جي ٻاهرين واقعن متعلق، انهن جا محتاج نه هوندا آهن، جنهن لاءِ ڪو ائين به چئي سگهي ٿو ته جڏهن جڏهن به کين ڪنهن قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ تيار هوندا آهن، پر اهي ان وقت خارجي حواسي ترغيب جي ڀيٽ ۾ ناموافق حالتن ۾ هوندا آهن ته جيڪو خواب کي چورڻ يا ڀڙڪائڻ (Instigating) جو ڪردار ادا ڪندو آهي، اهو پڪ سان موجود به آهي يا ان جي پڪ واضع ئي نه آهي، جيئن اهو مشاهدي ۽ تجربي جي ڪري خارجي ترغيب سان لاڳاپيل آهي. خوابن کي چورڻ لاءِ داخلي حواسن جي جوشيلي طاقت جي فائدي ۾ وڏي ۽ اهم شاهدي، گهري ننڊ کان اڳ ۾ گهيرٽن دوران ”پورن“ (Hypnagogic hallucinations) متعلق ته ”ذهن ۾ ڪهڙي ڪهڙي معلومات جمع ٿيل آهي“، مهيا ڪري ڏيڻ آهي، يا ”جوهانز ميولر“ (Johannes muller. 1826) جي ڏنل اصطلاح ”تصوراتي نظري مظهر“ (Imaginative visual Phenomena) کي استعمال ڪجي. اهي تخيل لڳاتار ڏاڍا چٽا، زندگيءَ سان ڀرپور، چمڪندڙ، مضبوط ۽ جلدي بدلجندڙ هوندا آهن، جيڪي ظاهر ٿيڻ ۾ تمام گهڻا لائق لاڙو رکندڙ ۽ تيز فهم هوندا آهن، گهڻن ماڻهن ۾ گهري ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ به اها شيءِ، ڪنهن عادت جيان موجود هوندي آهي جو اکيون پٽڻ کان پوءِ به ڪيتري دير تائين سندن اکين آڏو اهو سٽاءُ، جٽاءُ ڪري بيٺل هوندو آهي. ”مائوري“ ان کي تمام وڏي اهميت سان موضوع بنايو آهي ۽ ان جي اڻٿڪ کوجنا تي ڪم ڪيو آهي ۽ ان کي به نڀايو آهي، جهڙيءَ ريت هن کان اڳ ۾ ”ميولر“ (صفحو: 49) انهن جي لاڳاپي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خوابي تصورن جي شناخت متعلق ڪيو آهي. انهن کي پيش ڪرڻ جي صورت ۾: ”مائوري“ (ص: 59) چوي ٿو ته ”ذهني غير متحرڪپڻي يا خاموش هجڻ وارين ڪجهه حالتن ۾، ڌيان جي ڇڪجڻ واري عادت ۾ رعايت يا نرمي ضروري آهي. بهرحال ٻيو ڪجهه نه ته به ان قسم جي ٿڪائيندڙ حالت ۾ ڦاسڻ لاءِ اهو ڪافي آهي، جو کيس گهري ننڊ کان اڳ ۾ گهيرٽن دوران پور پچائڻ واري ضروري رغبت يا ڪشش مهيا هجي. ان کان پوءِ شايد هو ٻيهر جاڳي پوي ۽ عمل جو تسلسل (Process) ايسيتائين ڪيترا ئي ڀيرا پيو ورجائجي، جيسيتائين هو باقاعدي ننڊ ۾ الوٽ نه ٿو ٿي وڃي. “

”مائوري“ کوج لڳائي آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن وڏي وقفي کان پوءِ ٻيهر نه جاڳيو آهي ته هو پنهنجي سپني ۾ انهن ساڳين ئي تصورن کي ڳولهڻ جي قابل هوندو آهي، جيڪي ننڊ کان اڳ پور پچائڻ دوران، هن پنهنجي نيڻ ۾ سانڍيا هئا. اڳتي (ص: 134) لکي ٿو ته: هڪ ڀيري هي معاملو ڪيترن ئي کل ڏياريندڙ، بگڙيل شڪيلن ۽ عجب قسم جي وارن (Coiffurs)، وارن ماڻهن جي ڪري پيش آيو هو، جيڪي کيس تمام وڏي ضد وچان ۽ شدت سان سَتائي رهيا هئا، پوءِ سمهڻ دوران انهن کي خواب ۾ ياد ڪيائين، ۽ وري کيس جاڳڻ کان پوءِ به نظر آيا. هڪ ٻئي وقت تي، جڏهن هن کي بک لڳي هئي، سوچيائين ته ٿورو قرض کڻي ڪجهه کائي وٺان، ان حوالي سان کيس گهيرٽ ۾ تصور ٺهي آيو ته هن جي اڳيان ٿالهي پئي آهي ۽ هٿ ۾ چمچو آهي، جنهن جي مدد سان هو ٿالهيءَ مان کاڌو کائي ٿو. ساڳئيءَ ريت هن خواب ۾ ڏٺو ته هو هوٽل ۾ ڪنهن ڊگهي ميز تي ويٺو آهي ۽ مختلف ميزن تي ويٺل ماڻهن جي،چمچن سان کاڌي کائڻ جو آواز ٻڌي رهيو آهي. وري ٻئي ڀيري جڏهن هو سمهڻ ويو هو ته ان وقت سندس اکين ۾ خارش ۽ سور پئي ٿيو. تڏهن سوداءَ دوران، کيس خوردبينيءَ ذريعي ڏسڻ جهڙيون، ننڍڙيون نشانيون نظر آيون هيون، ان عجب جهڙي تحرير کي سمجهڻ لاءِ هڪ هڪ حرف ڪري پڙهڻ ۾ به کيس ڏاڍي مشڪل پيش پئي آئي. هو ننڊ ڪري ڪلاڪ کان پوءِ اٿيو ته خواب کي ياد ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ هن هڪ کليل ڪتاب ڏٺو هو، جيڪو تمام ننڍڙي ٽائيپ ۾ ڇپيل هو، جنهن کي پڙهڻ ۾ کيس مشڪل پيش اچي رهي هئي.

سوداءَ دوران اکرن جا آواز، مثال طور نالا وغيره، غنودگيءَ يا نيم خوابيءَ دوران به ساڳيءَ ريت ظاهر ٿيندا آهن، جيئن تخيلاتي تصويرون نظر اينديون آهن ۽ اهي خوابن ۾ به ورجائجي سگهن ٿيون، ائين جيئن استاد بنيادي موسيقيءَ جو اعلان ڪندي تمهيد ٻڌندو آهي، جيڪو اوپيرا ۾ گونجندو رهندو آهي ۽ پوءِ موسيقي وڄڻ لڳندي آهي.

نيم خوابيءَ دوران سوداءَ متعلق، ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾ مشاهدو ڪندڙ ”جي ٽرمبل لاڊ“ (G. Trumbll Ladd. 1892) به ”ميولر“ ۽ ”مائوري“ جيان، ساڳيو ئي رستو اختيار ڪيو آهي. ٿوري عملي ڪم بعد هو، پاڻ ئي گهري ننڊ مان هڪدم اکين کولڻ کانسواءِ ئي، ٻن يا پنجن منٽن کانپوءِ، آهستگيءَ سان جاڳڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اهڙيءَ ريت هن کي اکين جي پردي جي ذريعي ڏسڻ مان پيدا ٿيندڙ شعوري تجربن (Retinal Sansetions) جي ڪيفيت جي ڀيٽ ڪرڻ جو موقعو پئي مليو، اهي سمورا خوابي خاڪا ان ئي وقت گم پئي ٿي ويا جيڪي سندس يادگيريءَ ۾ جٽاءُ ڪري بيٺل هئا. هن پڌرو ڪيو ته هر ڪنهن معاملي ۾ اهو بلڪل ممڪن آهي ته نفسياتي تبديليءَ جي ڪري اکين جي پردي يا ميڄالي جي ٻاهرين تهه تي، خارجي تحرڪ يا ترغيب کانسواءِ ٿيندڙ روشنيءَ جو تصويري احساس (Idioretinal)، روشنيءَ جو رستو مهيا ڪري ڏئي. اهڙيءَ صورت ۾ روشن ٽٻڪن (Luminous Points) ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ اندروني تعلق کي شناخت ڪري سگهجي ٿو، جهڙيءَ ريت ڪنهن خاڪي جو ٻاهريون لڪيرون يا تصويرن جا نقش، ذهني طور ۽ حواسن جي مدد سان سپني ۾ سڃاتا پئي ويا، مثال طور اکين جي پردي ۾ روشن ٽٻڪن جو انتظام، هڪ جيترين لڪيرن ذريعي خواب سان مطابقت رکندڙ هو، جن کي هن ڏٺو ٿي، اهي نهايت صاف طريقي هن جي سامهون ڦهلجي ويا هئا. جن مان ڪن ڇپيل لڪيرن کي هو پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. يا هو پنهنجا لفظ استعمال ڪري رهيو هو: ”صاف ڇپيل صفحو، جيڪو مان پنهنجي خواب ۾ پڙهان پيو، ڌنڌلو ٿي ويو، ۽ بدلجي اهو منهنجي جاڳيل/ شعوري حالت جي ان اصل ڇپيل صفحي جي حصي جيان نظر اچڻ لڳو، جڏهن ڪاغذ جي بيضوي سوراخ مان نهاريم ته ان جي فرق کي سڃاڻڻ لاءِ اهو موقعي جي مناسبت سان نظر ايندڙ ڇپيل اکر کان به گهڻو دور نظر آيو ۽ اهو به ڌنڌلو ئي هو.“

”لاڊ“ ان خيال جو آهي (حالانڪ هو ميڄالي جي مرڪزي جزن جي ذريعي، حقيقت کي منطقي طور ڪردار ادا ڪرڻ متعلق اصل کان گهٽ اندازو نه ٿو لڳائي) ته اکين جي پردي جي، اندروني خلين (Intra- oclular) جي جوش واري حالت جي ذريعي مواد يا متن مهيا ڪري ڏيڻ کانسواءِ رڳو هڪ تصويري خواب جو نظر اچڻ به مشڪل آهي. هيءَ ڳالهه خاص انهن خوابن سان لاڳو آهي جيڪي ننڊ جي گهري ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ايندا آهن، ۽ ماڻهو اونداهين ڪمري ۾ ستل هوندو آهي، جڏهن ته خوابن لاءِ تحريڪ يا جوش جو ذريعو، صبح جو جاڳڻ کان ٿورو اڳ، ٻاهرين سج اڀرڻ واري قدرتي روشني هوندي آهي، جيڪا ڪمري جي وٿين مان ڇڻي اکين تي پوندي آهي.

اکين جي پردي يا ميڄالي جي ٻاهرين تهه تي، خارجي تحريڪ يا ترغيب کانسواءِ ٿيندڙ روشنيءَ جو تصويري احساس ڏيندڙ روشنيءَ جو جوشيلو صفاتي ڪردار؛ مستقل طور تي تبديل ٿيندڙ ۽ لڏ پلاڻ واري مسلسل چرپر، تخيل ۽ تصور جي بلڪل هوبهو ۽ مطابقت رکندڙ تصويرون اسان کي اسان جي خوابن جي ذريعي ڏيکاريندو آهي.

ڪو به شخص جيڪو ”لاڊ“ جي انهن مشاهدن جي اهميت سان وابستا هجي، اهو خوابن ۾ داخلي ترغيب جي انهن بنيادن ذريعي، سندس ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار نه ڪندو، جيئن ته اسان ڄاتو آهي ته نظري خاڪا، اسان جي خوابن جي اهم جزن کي تشڪيل ڏين ٿا. ٻين حواسن کان ٿيندڙ مدد، انهن جي ٻڌڻ کانسواءِ، ٿوري ٿوري دير کانپوءِ ٿيندڙ ۽ گهٽ اهميت واري هوندي آهي.

 

(ٻ)

جسماني جيو گهرڙن جي اندروني ترغيب

INTERNAL ORGANIC SOMATIC STIMULI

 

هيل تائين اسان خوابن جي بنيادن کي، ٻاهر جي بجاءِ عضون جي اندروني چرپر (Organsim) ذريعي پئي ڏٺوسين. اسان کي پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ضرور ويهارڻي پوندي ته گهڻو ڪري اسان جا سمورا عضوا، اسان کي ورلي يا مشڪل سان پنهنجي ڪم جي متعلق خبر ڏيندا آهن، سو به تڏهن جڏهن اهي صحتمند هوندا آهن يا ان معاملي جا مکيه بنياد يا ڪارڻ جڏهن، احساسن، شعوري تجربن يا تصور کي ايذاءُ رسائيندا آهن، يا جڏهن اسان انهن کي پنهنجي اندروني جذبات جي حالت ۾ يا بيماريءَ دوران بيان ڪندا آهيون.

اهي احساس، ايذاءُ رسائيندڙ ترغيبون، شعوري تجربا يا تصور، حواسن سان هر صورت ۾ هڪجهڙو ورتاءُ ڪندا آهن، اهي اسان وٽ ٻاهران پهچندا آهن. عمر جا تجربا به پنهنجو اولڙو ڪندا آهن. ان جو مثال هن ريت آهي، جنهن موضوع متعلق ”اسٽرومپيل“ (صفحو: 107) جو خيال آهي ته:

”دماغ؛ جاڳ جي بنسبت ننڊ دوران، طبعي يا جسماني (Somatic) واقعن جو تمام اونهو ۽ وسيع حواسي شعور (Consciousness) حاصل ڪري ٿو. ان حاصلات تي ننڊ، جاڳ جي انهن ڪيفيتن جو احسان مڃي، جسم جي انهن حصن ۽ جسم ۾ آيل تبديليءَ جي ترغيبي ارڪانن کان متاثر ٿيندي آهي، جيڪي جڏهن جاڳ واري حالت ۾ هونديون آهن ته ان وقت ماڻهوءَ کي ان ڳالهه جو احساس نه هوندو آهي.“

گهڻو اڳ ارسطو  جهڙي ليکڪ مڃيو آهي ته: ”اهو ممڪن آهي ته جاڳ واري حالت دوران ڪنهن شيءِ جي ڌيان ۾ اچڻ کان اڳ، بيماريءَ جون ابتدائي صورتون به ماڻهوءَ کي خوابن جي سٽاءَ ۾ گهيري سگهن ٿيون، جيڪي خوابن جي ذريعي، جزن، علامتن يا نشانين تي پوندڙ اثرن کي وڌائي پيش ڪرڻ جون پابند هونديون آهن.“

طب تي لکندڙ پڻ، جيڪي خوابن جي پيغمبراڻي قوت کي مڃڻ کان گهڻو دور آهن، سي به بيمارين جي پيش آگاهي، چتاءُ يا اڳواٽ خبردار ڪرڻ (Premonitor) جي صورت ۾ ان پيغمبراڻي خاصيت جا مخالف نه آهن. ]ڏسو ”سائمن“ (ص: 31) ۽ ٻين ڪيترن هاڻوڪن ليکڪن کي[،(1). مرض کي سڃاڻڻ واري خوابن جي قوت جي واقعن جون شاهديون هاڻوڪي وقتن ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي نظر ٿيون اچن. اهڙيءَ ريت ”تيسي“ (Tissie. 1898,62)، ”آرٽيگس“ (Artigues. 1884,43) ٽيتالهه سالن جي هڪ پوڙهي عورت جي قصي جو حوالو ڏنو آهي، جيئن ته ان جي صحت بلڪل سٺي هئي، پر ٿورن سالن کان ڳڻتيءَ جي خوابن جي ڪري پيڙا (Torment) ۾ مبتلا هئي. هن پنهنجي علاج لاءِ تفتيش به ڪرائي ته کيس معلوم ٿيو ته هوءَ دل جي مرض ۾ ابتدائي درجي تي پهتل آهي، جنهن جي ڪري هوءَ آخرڪار مري وئي هئي.

اندروني عضون جي بگاڙي يا بي ترتيبيءَ جو واضع اظهار، هر قسم جي خوابن کي چوريندڙ يا ڀڙڪائيندڙ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. ڦڦڙن ۽ دل جي بيمارين ۾ ڏٺو ويو آهي ته گهڻو ڪري ڳڻتيءَ جوڳا خواب نظر ايندا آهن. سچ پچ ته خوابي توانائيءَ جو اهو رخ ڪيترين ئي اختيارين ذريعي پس منظر ۾ جاءِ والاري ٿو. محض ان متن جي ڪري مان ادبي حوالا ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪريان: راڊيسٽاڪ (صفحو: 70)، ”اسپيٽا“ (Spitta. 1882.241)، ”مائوري“ (صفحو: 33)، ”سائمن“، ”تيسي“
 (صفحو: 60). ”تيسي“ پڻ ان خيال جو آهي ته جيڪو به عضوو اثر انداز ٿيندو آهي ته اهو، خواب جي متن کي، ان ئي نوعيت جا ڪرداري جذبا ڏيندو آهي. اهڙيءَ ريت دل جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جا خواب، عام طور تي مختصر ۽ خوف تي ختم ٿيندا آهن، جاڳڻ واري لمحي ۾، سندن  خواب جو متن گهڻو ڪري ۽ سدائين موت جي ڊيڄاريندڙ شڪل کي شامل ڪري ڇڏيندو آهي. ڦڦڙن جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن کي گهڻو ڪري ساهه منجهڻ/ گهٽجڻ، هجوم، ڪپهه، پشم ۽ ڇرڪ ڀري اٿي پوڻ/ اوٿاري
(Nightmare) جا خواب ايندا آهن، (اتفاق سان ان ڳالهه تي بحث ٿي سگهي ٿو، ته ”بورنر“ (Borner.1855) بعد ۾ پنهنجو منهن ڍڪي ان تي ساهه کڻڻ جو اوزار (Respiretory Apertures) لڳائي، تجربي جي دعوت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو). هاضمي جي خرابين (Digestive Disorders) جي خوابن جو سٽاءُ، کاڌي کائڻ جي عياشيءَ ۽ هاضمي تي مشتمل هوندو آهي. اهڙيءَ ريت ذهني آسودگي/ جنسيت جي اڀاريا جوش (Sexual Exitment) وارن خوابن جي سٽاءَ يا متن تي جيڪو اثر پوي ٿو، اهو هرڪو پنهنجي ۽ بنهه ذاتي تجربي جي آڌار تي ڪاٿو لڳائي سگهندو آهي. هو؛ اهو نظريو پيش ڪري ٿو ته خواب، عضوياتي ترغيب جي ذريعي ۽ انهن جي شديد قوت سان چورڻ يا ڀڙڪائڻ جو ڪم ڪندا آهن.

هن موضوع جي حوالي سان اها نشاندهي ڪنهن به نه ڪئي آهي، ته ”مائوري“ (صفحو: 451) ۽ ”ويگانت“ جهڙا ليکڪ به ادب ۾ موجود آهن جن، خوابن تي، پنهنجي شخصي بيمارين سبب پوندڙ اثرن جي حوالي سان خواب جي مسئلن تي رهبري ۽ اڳواڻي ڪئي آهي. توڙي جو اهي حقيقتون مڃيل ۽ شڪ کان مٿانهيون آهن، خوابن جي بنيادن يا ڪارڻن جي مطالعي لاءِ انهن جي اهميت ايتري گهڻي به نه آهي، جيتري ماڻهو انهن ۾ اميدون رکندا آهن. خواب هڪ متو، مظهر، اصول، قدرتي ڏيک، يا ڪو به مشاهدي ۾ ايندڙ واقعو (Phenomena) هوندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري صحتمند ماڻهن وٽ ظاهر ٿيندو آهي، ممڪن آهي ته هر ڪنهن وٽ اظهاربو هجي ۽ ممڪن آهي ته هر رات به نماع ڪندو هجي ۽ اها ڳالهه به پڌري آهي ته اڻٽر حالتن ۾ عضوياتي بيماريون ڳڻپ ۾ نه اينديون آهن. ۽ اسان جو خاص قسم جي خوابن جي اصليت سان ڪو واسطو نه آهي، پر ان جي بنياد/ ذريعي يا ڪارڻ سان آهي، جيڪو عام ماڻهوءَ جي خوابن کي ڀڙڪائڻ جو سبب بڻبو آهي.

اسان کي هڪ قدم اڳتي کڻڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن اسان وسيع پيماني تي خواب جي انهن ذريعن تائين پهچي سگهون، جنهن سان اسان ڪنهن حد تائين لاڳاپيل آهيون. ته ڪو شخص سچ پچ ڏسي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڪڏهن خشڪيءَ تي نه ڊوڙيو آهي. جيڪڏهن اهو ثابت ڪيو وڃي ته جسم جو اندريون حصو، جڏهن ڪنهن بيماريءَ جي حالت ۾ هوندو آهي ته خوابن جي ترغيب جو بنياد بڻجندو آهي، ۽ جيڪڏهن اهو قبول ڪريون ته ننڊ دوران دماغ، ٻاهرين دنيا کان پاسيرو هوندو آهي، ۽ وڌيڪ ڌيان، جسم جي اندروني حصن تي ڏيڻ جي قابل هوندو آهي، تنهن کانپوءِ اهو نهايت سچو ۽ ايماندار نظر ايندو آهي، اهو سمجهائڻ لاءِ ته جوش يا اڀار جو سبب، سمهيل ذهن تائين پهچي. اندروني عضون کي ان کان اڳ بيمار ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. جوش يا جذبا، بهرحال ڪيئن به ڪري، خوابي خاڪن ۾ بدلجي ويندا آهن. جيتوڻيڪ اسان جاڳيل هوندا آهيون ته اسان عام طور تي جسم جي اندرين عضون جي احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت (Coenaesthesia) کان باشعور هوندا آهيون، پر رڳو اسان جي غير يقيني مزاج واري خاصيت سبب، طب جي راءِ مطابق ان احساس ڏانهن، جسم جو سمورو عضوياتي سرشتو، پنهنجو حصو ڳنڍيندو آهي. بهرحال رات جو اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته اها ساڳيو ئي احساس وڌي، اثرانداز ٿيندڙ هڪ ڀرپور قوت بڻجي پوندو آهي ۽ پنهنجن مختلف ڀاڱن ذريعي عمل ڪرڻ لڳندو آهي، نتيجي ۾ هو تمام گهڻو مضبوط ٿي ويندو آهي ۽ ساڳئي وقت سپني جي نظري نقشن کي چورڻ/ ڀڙڪائڻ جو عام ذريعو بڻجندو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ رڳو رهجي وڃي ٿو انهن قاعدن جي کوج لڳائڻ جو ڪم، جن جي مطابق عضوياتي ترغيب، خوابي خاڪن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.

اسان هينئر خوابن جي اصلوڪي هجڻ جي نظريي تائين پهتا آهيون، جنهن کي سموري طبي ماهرن اهميت ڏني آهي. مبهم هئڻ جي ڪيفيت، جنهن ۾ اسان جي وجود (Being) جو مرڪز (جنهن کي ”تيسي“ (صفحو: 62) جرمن زبان ۾ ”موئي اسپلينڪنڪ (Moi Splenchnique) سڏيو آهي) اسان جي علمي ڄاڻ کان لڪيل آهي ۽ مبهم هئڻ جي ڪيفيت (Obscurity) ۽ خوابن جي آغاز جي اوسي پاسي، حساب ڪتاب جو کاتو به پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو آهي، پر اهو ٻنهي جي وچ ۾ تعلق پيدا نه ڪندو آهي. سوچ جي لڪير، جنهن جو تعلق، خوابن کي جوڙيندڙ جي حيثيت ۾، بي مزي يا نالي ماتر عضوياتي احساس (Vegetative Organic Sensation) سان آهي، علاج ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ ان ۾ هڪ خاص ۽ اضافي ڪشش موجود هوندي آهي، جيسيتائين خوابن ۽ ذهني بيمارين لاءِ عارضي جي سببن جو نظريو يا ”علت شناسي“ (Aetiology) کيس اجازت نه ٿو ڏئي ۽ سندس سوچون عام طور تي جسم جي اندرين عضون جي احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت جي تبديلين ۽ اندرين عضون منجهان اڀرندڙ ترغيب سان سلهاڙيل هجڻ: ته اهو ئي ذهني انتشار واري نفسي مرض (Psychoses) جي بنياد کي هٿ ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي ذميداري کڻي سگهي ٿو.

اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه آهي، طبعي يا جسماني جيو گهڙن جو (Somatic) اڀاريندڙ عملي نظريو، هڪ کان وڌيڪ خودمختيار ڪارڻن کي ڳولهي وٺي.

دليل جي دري، 1851ع ڌاري معروف فيسلوف ”شوپنهار“ (1862 Schopenhauer. 1249) کولي آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ليکڪن تي اعتراض هو. ڪائنات متعلق اسان جي تصوير، هن جي راءِ ۾ اسان جي ادراڪ ذريعي آئي آهي، اهو تاثر ڏيندي ته ان تي ٻاهريون ٽڪراءَ ٿيو آهي ۽ ان کي وقت، وڇوٽي، حادثن ۽ سببن جي صورتن ۾ وري جوڙيو ويو آهي. ڏينهن جي وقت ۾ اسان جي عضون جي اندروني چرپر مان آيل ترغيب، موافق خودڪار تنتي سرشتي مان پيدا ٿيندي آهي ۽ اسان جي مزاج يا ڪيفيت (Mood) تي محسوس نه ڪرائيندڙ انداز ۾ مشق ڪندي رهندي آهي. پر رات جو جڏهن اسان ڏينهن واري متاثر ڪندڙ ان گوڙ گهمسان کان پري هوندا آهيون، جيڪو پاڻ منجهان پيدا ٿيندو آهي يا ڌيان ڇڪائڻ جي قابل هوندو آهي. رات جو ڄڻ ته ان  ڪتاب جي چڻ ڀڻ ٻڌي سگهندا آهيون، جيڪو ڏينهن جي آوازن سان ڀريل هوندو آهي، پر ادراڪ انهن ترغيبن تي مختلف انداز ۾ رد عمل ڪيئن ڏيندو آهي! جڏهن ته پنهنجي خاص عمل ذريعي انهن کي ٻاهر کڻي ايندو آهي؟

ترغيب پنهنجي موافقت واري قاعدي تحت پاڻ کي، ٻيهر انهن سانچن ۾ سمائڻ جو ڪم ڪندي آهي، جيڪي وقت ۽ وڇوٽيءَ کي والارينديون آهن ۽ حادثن جي قانون جي پوئواري ڪنديون آهن، اهڙيءَ ريت خواب اڀري ايندا آهن. ”شوپنهار“، ”شيرنر“ ۽ جنهن کانپوءِ ”والڪيلٽ“ لاڳيتو سنجيده ڪوششون ورتيون، بعد ۾ کوجنا جي ذريعي جسماني ترغيب ۽ خوابي خاڪن جي وچ ۾ تعلق متعلق وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا، پر مان انهن ڪوششن متعلق غور ڪرڻ تيستائين ملتوي ٿو ڪريان، جيسيتائين اسان خوابن جي مختلف نظرين جي ورتاءَ واري حصي تائين نه ٿا پهچون.

مشهور ماهر نفسيات ”ڪروس“ (Krauss.1859.255)، پنهنجي مستقل ۽ غيرمعمولي کوجنا جي ذريعي، خوابن جي بلڪل هوبهو، بدحواسيءَ يا عارضي ڀڃ ڊاهه (Deliria) يا شايد اهو سوداءُ هجي، توڙي مغالطي يا وسوسي (Delusion) جي هڪ جهڙن جزن جي بنيادن کي ڳولهي ورتو. مطلب ته عضوياتي (Organically) طور تي طئي ٿيل احساسن جي کوج لڳائي. جسم جي ڪنهن اندرين حصي جي ان چرپر متعلق سوچڻ، ورلي ئي ممڪن آهي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته خواب يا مغالطي/ وسوسي جو ابتدائي نڪتو نه به هجي. عضوياتي طور تي طئي ٿيل احساس، ٻن درجن ۾ ورهائي سگهجن ٿا:

1.         اهي، جيڪي عام مزاج کي جوڙين ٿا. يعني جسم جي اندرين عضون جي احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت (Coenaesthesia).

2.        عضوياتي بي سرور ۽ بي مزي زندگيءَ واري مرڪزي نظام ۾ فطري، ذاتي يا جبلي (Immanent) طور خاص يا مقرر ٿيل احساس.  

        انهن کي پنجن درجي ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

1.         مشڪن يا پٺن وارو (Muscular)

2.        ساهه کڻڻ وارو (Respiratory)

3.        پيٽ يا معدي وارو (Gastric)

4.        جنسي عمل وارو (Sexual)

5.        ٻاهريان، بيروني يا خارجي احساس (Peripheral Sensations)

”ڪروس“ جو ويچار آهي ته ان عمل سان، جنهن جي ذريعي خواب جا منظر پيدا ٿيندا آهن، اهو طبعي يا جسماني ترغيب جي بنياد تي عملي پوئواري ڪندو آهي. ”احساس“، ڪنهن لاڳاپي جي قانون تحت اڀري، ويجهي يا هم نسبتي (Cognate) تصوير، خاڪي يا نقش کي طلب ڪندو آهي. اهو عضوياتي ساخت جي ان تصور سان ڳنڍيل هوندو آهي، جنهن تي بهرحال شعور، غير رواجي طرح سان ردعمل ڏيندو آهي. ان سلسلي ۾ هو احساس تي ڌيان نه ڏيندو آهي، پر هو انهن تصورن سان ساٿ ڏيڻ واري سموري معاملي جي رهنمائي ڪندو آهي، جيڪي واضع ڪنديون آهن ته سچين حقيقتن کي ان حد تائين تڪراري يا غلطفهمي پيدا ڪندڙ انداز سان ڇو ٿو بيان ڪيو وڃي. (صفحو: 233 ۽ اڳتي). ان عمل کي بيان ڪندي ”ڪروس“ ان کي هڪڙو خاص اصطلاح ڏيندي لکيو آهي ته: ”جيئن کاڌو ۽ شراب پنهنجي ظاهري شڪل برقرار رکندي، جسم ۽ رت ۾ بدلجي (Trans Substantiation) ويندا آهن تيئن ”احساس“ خواب جي تصويرن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.“ (ساڳيو ڪتاب صفحو: 246).

اڄڪلهه سپنن جي سرجڻ تي عضوياتي، جسماني ترغيب جو اثر گهڻو ڪري عالمي سطح تي قبول ڪيو ويو آهي پر انهن قانونن يا اصولن جا سوال، جيڪي انهن جي وچ ۾ لاڳاپن جو انتظام هلائن ٿا، تن متعلق جواب مختلف طريقن سان ۽ سي به گهڻو ڪري اڻ چٽي ۽ مبهم بيانن ذريعي ڏنا ويا آهن. عضوياتي، جسماني ترغيب جي بنيادي نظريي مطابق، خوابن جي تجزيي يا تعبير کي خوابن جي سٽاءَ يا مواد مان عضوياتي، جسماني ترغيب جي اصل سبب کي تلاش ڪرڻ ۾ تمام مخصوص قسم جي مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ جيڪڏهن تجزيي لاءِ مقرر ڪيل ”شيرنر“ جي اصولن کي قبول نه ڪبو ته نهايت مشڪل ۾ وجهندڙ حقيقت سان منهن ڏيڻو پوندو ته رڳو اها ئي شيءَ آهي جيڪا عضوياتي، جسماني ترغيب جي وجود کي خواب جي سٽاءَ يا مواد جي بلڪل هوبهو ظاهر ڪري ٿي.

هونئن به قبوليت يا هم آهنگيءَ جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي، بهرحال گڏيل طور تي سپنن جي مختلف جوڙجڪ يا گهاڙيٽي جي تجزيي کي مثالي، نمائندگي ڪندڙ يا مخصوص (Typical) انداز سان بيان ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي تمام گهڻن ماڻهن ۾ ۽ نهايت هڪ جهڙي مواد يا متن وارا ڏٺا ويا آهن، مثال طور اهي، ”مٿانهينءَ کان هيٺ ڪرڻ (Falling from height) ڏند جو ڪرڻ (Teath falling out) اڏرڻ (Flying) اگهاڙي ٿيڻ سبب لڄي ٿيڻ (Embarrassment at being naked) يا ناڪافي طور تي ڍڪيل يا گهٽ پهريل ڪپڙن (Insufficiently clad) جا خواب آهن. هي آخري خواب، سمهڻ واري جي حواسن وسيلي ساڃاهڻ سان واسطو رکي ٿو ته ننڊ دوران سندس چادر لهي وئي هئي ۽ هو، هوا ۾ هجڻ جي عمل مان گذري رهيو هو. ڏند جي ڪرڻ جي خواب کي ”ڏند جي ئي جوش يا سور“ سان لاڳو ڪيو ويو آهي، پر اها ڳالهه ضروري طور تي لاڳو نه ٿي ڪري سگهجي ته ڏند جو سور، مرض جي (Pathological) حوالي سان هجي. ”اسٽرومپيل“ (صفحو: 119) مطابق ”اڏرڻ جو سپنو“ اهو تصور آهي، جيڪو ذهن جي ذريعي، تحرڪ جي ساڀيا جيان بلڪل موزون ۽ مناسب نموني ان تصور ۾ سمائجي ٿو وڃي جيڪو ڦڦڙن جي تهن تي انهن وقتن تي اڀرڻ سان پيدا ٿيندو آهي، جڏهن چمڙيءَ سان ڇهڻ جا (Cutaneous) حواس، ڳچيءَ کان پيٽ تائين واري حصي ۾ ڦاسڻ/ ڀرجي وڃڻ جو احساس پيدا ڪندا آهن. اهي پوءِ جون حالتون آهن جيڪي ان احساس جي اڳواڻي ڪنديون آهن جيڪي هوا ۾ اڏرڻ يا پاڻيءَ ۾ ترڻ جي خيالن سان وابستا هوندا آهن.

”مٿانهينءَ کان هيٺ ڪرڻ“ جي خوابن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته اهي ٻانهن جو لڙڪي پوڻ يا مڙي ويل گوڏي جي اوچتي پکڙجي وڃڻ سبب، خاص ان وقت جڏهن ڇهڻ جي حواس جو زور/ دٻاءُ، شروعات ڪري ڇڏي ۽ جاڳائڻ جي عمل ۾ دير هجي. اها چرپر تيسيتائين، ڇهاءَ جهڙا (Tactile) احساس پيدا ڪندي آهي، جيستائين هڪ ڀيرو ٻيهر جاڳ ٿئي ۽ ننڊ واري حالت مان جاڳڻ واري حالت ۾ وڃڻ جو عمل، مٿانهينءَ کان هيٺ ڪري پوڻ واري خواب ذريعي، جسماني صلاحيت جي نهايت چٽي نمائندگي ڪندو آهي. (ساڳئي ڪتاب جي صفحي 118 تي).

وضاحتن متعلق ورتل انهن ڪوششن جون ظاهري ڪمزوريون، جيئن به آهن، بهرحال اعتبار جوڳيون آهن ۽ ان حقيقت تي مبني آهن ته ڪنهن به ٻي شاهديءَ کانسواءِ انهن ڪامياب دليل مقرر ڪيا آهن، ته عضوياتي احساسن جو هي يا هو مجموعو، ذهني دريافت يا ادراڪ ۾ داخل ٿئي ٿو يا گم ٿي وڃي ٿو، تيستائين نکٽ نِسري اچن ٿا، جيڪي خواب جي تفصيل بيان ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. مان ڪنهن ٻئي موقعي تي مثالي يا نمائنده خوابن جي سوال ۽ ان جي بنياد تي موٽي ايندس.

”سائمن“ (صفحو: 34) انتظام هلائيندڙ طريقن جي انهن چند اصولن جي نتيجي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جن ۾ عضوياتي ترغيب، ساڳي ئي قسم جي سپنن جي سنگهر جي ڀيٽ ذريعي، حاصل ٿيل خوابن جي تعين ڪري ٿي. هن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن عضوياتي سرشتو، جيڪو جذبن جي اظهار ۾ رواجي يا دستوري نموني ڪردار ادا ڪري ٿو ته ننڊ دوران اهو ڪنهن ٻاهرين (Extraneous) سبب جي ڪري، دماغي جوش واري حالت مان آيل هوندو آهي، جيڪو عام طور تي جذبن ذريعي ئي پيدا ٿيندو آهي، جنهن کانپوءِ خواب اڀري ايندو آهي، جيڪو وابستا جذبن جي مخصوص ڪيل نظري تصويرن تي مشتمل هوندو آهي.

ٻيو اصول اهو ڄاڻايو آهي ته ننڊ دوران جيڪڏهن ڪو عضوو، جذبات يا پريشاني ۽ بي آراميءَ سبب، تحرڪ جي حالت ۾ هوندو آهي ته خواب ان ڪم سان لاڳاپيل عمل جون نظري تصويرون پيش ڪري، واسطيدار عضوي جي ذريعي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو آهي.

”مورلي وولڊ“ (Mourly Vold. 1896) ”خوابن جي پيداوار تي اثر“ جي هڪ مخصوص ميدان کي تجرباتي طور ثابت ڪيو، جيڪو طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جي (Somatic) اڀاريندڙ عملي نظريي جي دعويٰ تي ٻڌل هو. سندس تجربا سمهڻ واري جي ٻانهن، ٽنگن يا پيرن جي ڦري/ مڙي ويل حالت ۽ ان ڪيفيت يا صورت مان نڪرندڙ نتيجن وارن خوابن جي تجزيي تي ڪيل آهن، ان حالت ۾ هن جي دريافت هن ريت آهي:

1.      خواب ۾ جسماني عضون جهڙوڪ ٻانهن يا ٽنگن جي حالت يا ڪيفيت به لڳ ڀڳ ان ساڳيءَ ئي ڪيفيت سان واسطو رکي ٿي جهڙي حقيقت ۾ موجود آهي. اهڙيءَ ريت جڏهن اهي اصل ۾ ساڪن ٿي ويندا آهن ته اسان خواب ۾ به پنهنجي عضون کي ان سن ٿيل  يا بي حرڪت حالت ۾ ڏسندا آهيون.

2.     جيڪڏهن اسان خواب ۾ ڄنگهن يا ٻانهن کي چرندي پرندي ڏسندا آهيون ته اها به مختلف اندازن سان ٿيل اصل حالت واري چرپر سان واسطو رکي ٿي.

3.     خواب ڏسندڙ جي پنهنجي ڄنگهن ٻانهن جي ڪيفيت، ڪنهن ٻئي شخص جي ڄنگهن ٻانهن جي ڪيفيت بيان ڪندي به نظر اچي سگهي ٿي.

4.     ان قسم جي چرپر ٿي سگهي ٿو خواب ۾ رڪاوٽ يا رنڊڪ جي صورت ۾ پيش اچي.

5.     ڄنگهن يا ٻانهن جي اها حالت، ته ڪنهن جانور يا راڪاس جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿي، اهڙن معاملن ۾ سندن وچ ۾ ڪانه ڪا مشابهت به ڏٺي وئي آهي.

6.     خواب ۾ ٻانهن جي حالت ٿي سگهي ٿو، خواب ۾ انهن خيالن کي اڀاريندي هجي جن جو ٿورو ڪي گهڻو تعلق به ٻانهن سان ئي هجي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن آڱر جو تعلق آهي ته اسان انگن جو خواب ڏسندا آهيون.

مان اهڙي قسم جي دريافتن مان نتيجو اخذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ته جيڪڏهن خود طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جو اڀاريندڙ عملي نظريو ڪنهن به صورت ۾ ڪاميابيءَ ڏانهن نه ٿو وٺي وڃي ته ارادي يا عزم جي بلڪل چٽي، عدم موجودگيءَ ۾ اهو ڏسڻو آهي ته خواب جو نظري سٽاءُ ڇا ٿو پيش ڪرڻ پسند ڪري.(1)

 

( ڀ )

نفسياتي ترغيب جا بنياد/ ماخذ

PSYCHICAL SOURCES OF STIMULATION

 

اسان جڏهن خوابن جو جاڳ واري زندگيءَ سان واسطو ۽ خوابن جي مواد متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئاسين ته اسان ڏٺو ته خوابن جي موضوع سان وابستا پراڻا توڙي نوان شاگرد، ان يقين تي متفق آهن ته ماڻهو خوابن ۾ اهو ئي ڪجهه ڏسندا آهن، جيڪو ڏينهن دوران هنن ڪيو هوندو آهي يا ساڻن ٿي گذريو هوندو آهي، ۽ جاڳ دوران انهن جي دلچسپيءَ جي ڪهڙي ڳالهه هئي! اها ئي دلچسپي جاڳ مان کڄي ننڊ ۾ ايندي آهي. خواب ۽ جاڳ جي وچ واري واسطي ۾ ڪنهن به قسم جي ذهني بندش نه هوندي آهي، پر رهندو اسان کي خواب جا ڪجهه وڌيڪ ئي ذريعا مهيا ڪري ڏيندو آهي ۽ اهي اهڙا نه هوندا آهن جو ڪو انهن سان نفرت ڪري. سچ پچ ته خواب، ان دلچسپيءَ سان ڳانڍاپو پيدا ڪندو آهي، جيڪا ننڊ دوران سرجندي آهي. اها ترغيب جيڪا سمهڻ واري جي خيالن تي اثرانداز ٿيندي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اها خواب جي سمورين تصويرن جي اصليت کي آسانيءَ  سان بيان ڪري وٺي، پر اسان ان بابت مخالف دعوائون به ٻڌيون آهن، ڄڻ ته خواب سندس، ڏينهن جي دلچسپين تان هٿ کڻائيندو هجي ۽ جيئن ته اصول آهي ته اسان رڳو انهن شين متعلق خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهيون جيڪي ڏينهن دوران اسان جي خيالن کي متاثر ڪنديون آهن، جيڪي پوءِ جاڳ دوران ئي پنهنجي اصل شدت يا دلچسپي وڃائي چڪيون هونديون آهن. اهڙيءَ ريت اسان هر قدم تي پنهنجي خوابن جي دنيا جا تجزيا پيا ڪندا آهيون. ۽ محسوس به ڪندا آهيون ته پاڻ کي وضاحت ڏيڻ کانسواءِ اهڙي قسم جي ڳڻ ڀرين گفتن جي ذريعي نتيجو ڪڍڻ ناممڪن آهي، مثال طور ”لڳاتار“، ”اصول“ ۽ ”گهڻن معاملن ۾“ بنا ڪنهن منصوبا بنديءَ يا تياريءَ جي اميدن ۽ آسرن جي جواز کي قبول ڪري وٺندا آهيون.

جيڪڏهن اسان ان حقيقت کي مڃون ٿا ته جاڳيل دلچسپيون، ننڊ دوران، خوابن جي علت شناسي (Aetiology) پنهنجي اندروني ۽ بيروني ترغيب سان گڏ، ضرورت مطابق نيڪال ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اسان خواب جي هر هڪ عنصر جي بنياد يا آغاز کي ڪا نه ڪا مناسب ۽ اطمينان جوڳي صورت ڏئي قبول ڪري وٺندا آهيون ته: ”سپنن جي سرجڻ واري پيرولي سلي وٺبي“ ته ڪنهن خاص خواب جي جسماني ۽ طبعي جيو گهرڙن جي ترغيبي شراڪت واري وصف کي بيان ڪرڻ وارو معاملو وري به رهجي ويندو آهي. اصل ۾ خواب جي متعلق اڃان تائين ڪابه مڪمل وضاحت حاصل ٿي نه سگهي آهي ۽ جنهن به ان کي سلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهو رڳو ڪي حصا (عام طور تي گهڻي تعداد جا حصا) ئي ڳولهي سگهيو آهي، پر انهن جي اصليت يا ابتدا متعلق چوڻ لاءِ وٽس ڪجهه به نه آهي.

ڏينهن واريون دلچسپيون ته چٽيون ۽ پڌريون ٿين ٿيون پر خوابن جي بنياد يا ڪارڻن کي ڳولهڻ پهچ کان ايترو پري به نه هوندو آهي، جيئن غير مشروط اثباتي دعويٰ مان اميد رکي وڃي ٿي ته هرڪو پنهنجي روزاني ڪار وهنوار کي خوابن ۾ کڻي وڃي هلائي سگهي ٿو.

ٻي ڪنهن به طبعياتي يا نفسي ماخذن متعلق گهڻي معلومات ڪانه ٿي ملي، ان ڪري خوابن جي موضوع تي جيڪي به وضاحتون ادب ۾ ڏنل آهن، سي ”شيرنر“ جي ممڪن دعويٰ سان، اڳتي بيان ڪيون وينديون. جن تمام گهڻي خلا به ڇڏي آهي خاص ڪري تڏهن، جڏهن تصور واري انداز يا تمثيل (Ideational) متعلق ان جي آغاز جي باري ۾ سپرد ٿيل معاملمن تي اچجي ٿو، جيڪي خوابن جي تمام گهڻي ڪرداري خصوصيتن جي مواد جي جوڙجڪ ڪن ٿا. ان قسم جي پريشانيءَ واري صورتحال ۾ هن موضوع تي ليکڪن جي وڏي تعداد خوابن کي اڀاريندڙ طبعياتي عنصرن ذريعي ادا ڪيل ڪردار کي ممڪن حد تائين مختصر ڪري پيش ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن حقيقتن تائين رسڻ نهايت مشڪل ڪم آهي. اهو سچ آهي ته انهن خواب کي ٻن خاص درجن ۾ تقسيم ڪيو آهي، جيڪي هن ريت آهن:

1.             اهي خواب جيڪي اعصابي (Nervous) تحرڪ يا ترغيب جي سبب اچن ٿا“

2.           اهي خواب جيڪي تعلق يا رشتن جي سبب اچن ٿا.“

پوءِ انهن جا ماخذ امتيازي طور تي ان مواد يا موضوع کي ٻيهر پيش ڪن ٿا، جيڪي اڳ ۾ ئي تجربي هيٺ آيل هوندا آهن، ”وونٽ“ (صفحو: 657). ”جيتوڻيڪ اهي شڪ شبهي کان ڇوٽڪارو نه ٿا ڏئي سگهن،.“ ”توڙي جو ڪو به سپنو طبعي يا جسماني جيوگهرڙن جي اڀاريندڙ عمل کانسواءِ به جاءِ والاري سگهي ٿو،“ ”والڪيلٽ“ (صفحو: 127).

خاص طور رشتن ناتن سان واسطو رکندڙ خوابن کي بيان ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي. ”طبعي يا جسماني جيوگهرڙن جي اڀاريندڙ عمل پاران آيل، فطري ميل رکندڙ خوابن ۾ باضابطا، ڪنهن ٺوس انداز سان گهٻرائڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿي سگهي. رهندو هر خواب جو مرڪز ڪنهن ڍري انداز ۾ هڪ ٻئي سان تصور يا تمثيلي انداز جي عمل ۾ ڳنڍيل رهي ٿو، جنهن ۾ ڪو به خواب، ڪنهن سبب يا عقل فهم جي ضابطي هيٺ نه هوندو آهي، اهو هر ويجهڙائيءَ واري جي اهم، طبعي يا جسماني طور اڀاريندڙ عمل يا ذهني جوش اڀاريندڙ عمل سان سلهاڙيل هوندو آهي، ۽ سيربين (1)(Kaleidoscope)، جهڙا پنهنجا بدلجندڙ رنگ تياڳجي ويندا آهن، ان جاءِ تي پنهنجا منجهائيندڙ عڪس گڏوچڙ ٿي ويندا آهن.“

”وونٽ“ (ص: 7 ۽ 656) پڻ خوابن جي چورڻ يا اڀارڻ وارن جسماني يا نفسي جزن کي گهٽائي پيش ڪيو آهي. هن انڪشاف ڪيو آهي ته خالص وهمن ۽ سودائن (Hallucinations) جيان، انهن جزن ۾، خوابن جي خوش خيالن (Phantasms) جي متعلق ڪو به جواز نظر نه ٿو اچي. خوابن جا ڪيترائي نظري عڪس حقيقت ۾ ڇل يا تصور (Illusions) ئي هوندا آهن، جيڪي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ادراڪ جي تاثر مان اڀرندا آهن، جيڪي ننڊ دوران دستبردار ٿيل يا رڪيل نه هوندا آهن.

”ويگانت“ (ص: 17) اهو ساڳيو ئي رايو اختيار ڪيو ۽ عام انداز ۾ ان کي لاڳو ٿيندڙ بڻايو آهي. هن سپنن جي سموري سٽاءَ متعلق دعويٰ ڪئي ته ”انهن جا ابتدائي سبب طبعي يا جسماني جيوگهرڙن جو اڀاريندڙ عمل آهي ۽ جيڪي رڳو بعد ۾ ٻيهر ظاهر ٿيڻ جي ناتي انهن سان سلهاڙجي وڃن ٿا.“ ”تيسي“ (ص: 183) پڻ جسماني يا طبعي ترغيبن جي ذريعن/ بنيادن کي ڪنهن حد ۾ رکڻ لاءِ ٿورو اڳڀرو ٿيو: ”ته مڪمل طور تي جسماني يا طبعي بنياد رکندڙ خواب، جو ڪوبه وجود نه آهي. ”خيال“ اسان جي ذهن ۾ ٻاهران ايندا آهن. (ف-س).

اهي ليکڪ جيڪي، ”وونٽ“ جهڙا معزز فيلسوف آهن، انهن وري وچين صورت اختيار ڪئي آهي ۽ نشاندهي ڪندي به پوئتي نه هٽيا آهن ته ڪيترن خوابن ۾ طبعي جيوگهرڙن جو اڀاريندڙ عمل ۽ عضوياتي طور هلچل پيدا ڪندڙ عمل (ڏينهن جي ڄاتل يا اڻ ڄاتل دلچسپين جيان) هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا آهن.“

اسان اڳتي ڏسنداسين ته سپني جي جوڙجڪ جو اسرار (Enigma) تحرڪ يا ترغيب جو جسماني ماخذ، نئين پڌرائيءَ ذريعي ڪيئن ٿو حل ڪري سگهجي. ساڳئي وقت خوابن جي جوڙجڪ ۾ ترغيب، جيڪا ذهني زندگيءَ مان نه ٿي اڀري، ان جي وت کان وڌيڪ ادا ڪيل ڪردار تي اسان کي ڪنهن به قسم جو اچرج نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي انهن جي کوج لڳائڻ يا تجرباتي تصديق ڪرڻ ڪو سولو ڪم آهي، پر خوابن جي پيدا ٿيڻ جو طبعي ترغيبي جائزو اڄ جي نفسياتي علاج جي طريقي ۾ ”خيال“ جي مروج لاڙي سان گڏ، بلڪل ساڳئي قطار ۾ بيٺل آهي.

اهو سچ آهي ته عضوياتي نظام تي ذهن جو غلبو، نهايت چٽي اعتماد سان بچاءُ ڪندو آهي، ان جي باوجود ڪا به شيءَ جيڪا ذهني زندگيءَ متعلق، ڪنهن به صورت ۾ بيان ڪري سگهڻ جهڙين خودمختيار عضوياتي تبديلين ڏانهن اشارو ڪري سگهي ٿي، نه ته به انهن جون وضاحتون، جديد نفسياتي علاج ڪندڙ ماهر کي هر حالت ۾ بي اختيار چتاءُ ڏئي سگهن ٿيون، جڏهن ته ان قسم جي شين جي مڃتا اسان کي اڻٽر نموني گذريل وقتن جي فڪري حڪمت عملي، ۽ ذهن کي مافوق الفطرت خيالن ڏانهن ڇڪي ويندي.نفسياتي طور علاج ڪندڙ جي ذهن جا شڪ شبها ۽ بي اعتباري ذهنن ۾ جاءِ والاريندي، ائين ئي جيئن اهي معاملا هدايت ڏيندڙن جي هٿ هيٺ هئا، ۽ هاڻي به اهي ان ڳالهه تي زور ٿا ڏين ته ”ماڻهوءَ جي ڪابه امنگ يا من اُڇل (Impuls) اهو باور نه ٿي ڪرائي سگهي ته ان ۾ سندس به ڪا مرضي آهي.“ سندن رويي مان رڳو اهو ٿو ظاهر ٿئي ته منجهن ڪيترو نه معمولي قسم جو اعتبار آهي، ته عضوياتي چرپر ۽ ذهني سوچن جي وچ ۾ رڳو اتفاقي ڳانڍاپو آهي. جڏهن ته خود کوجنا به اهو ظاهر ڪري ٿي ته ابتدائي طور تي مشاهدي ۾ ايندڙ واقعي متعلق اڀاريندڙ سبب، جسماني آهي، تفصيلي تحقيق ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن ايندڙ رستو ڳولهي وٺندي ۽ ذهني واردات جي لاءِ عضوياتي بنياد کي دريافت ڪري وٺندي، پر جيڪڏهن هن وقت جي ڳالهه آهي ته اسان ان کي في الحال ”ذهني لاحد“ ۾ ڏسي نه ٿا سگهون پر ان جي هجڻ کان انڪار جو به ڪو سبب ڪو نه آهي.(1)

 

( 4 )

جاڳڻ کانپوءِ سپنا وسري ڇو ويندا آهن؟

WHY DREAMS ARE FORGOTTEN AFTER WAKING

 

اها هڪ وڏي ۽ مثالي حقيقت آهي ته خواب، صبح ٿيڻ سان گم ٿي ويندا آهن. اهي يقينن ياد اچي به سگهن ٿا: عام طور تي جاڳڻ کانپوءِ اسان پنهنجي سپنن کي ساريندا آهيون ته خبر پوندي آهي، پر اسان کي گهڻو ڪري اهو به احساس ٿيندو آهي ته اسان کي خوابن جا رڳو ڪجهه حصا ئي ياد ايندا آهن، حالانڪ رات دواران اسان گهڻو ڪجهه ڏٺو هوندو آهي.

حواسن کي جائيتو ڪري، خواب کي ٻيهر ڪيئن ياد ڪجي؟ صبح ٿيڻ تائين به اسان جي ذهن ۾ بلڪل جيئرو جاڳندو موجود هوندو آهي! پر ڄڻ وڃايل هوندو آهي، بنا ڄاڻڻ جي ته سپني ۾ اسان ڇا ڏٺو آهي، بس رڳو هڪ مختصر مهڪ، سارو ڏينهن من کي معطر پئي ڪندي آهي. اسان گهڻو ڪري سمجهندا آهيون ته بس اسان ڪو سهانو سپنو ڏٺو آهي، ۽ ماڻهو گهڻو ڪري خوابي حقيقت جي وساريل امڪاني ڪارڻن سان اهڙي انداز سان سهمت ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته امڪاني صورت ۾ ڏٺل خواب ۾ اهڙي ڪا خرابي ڪا نه هوندي آهي، ته رات هن جيڪو خواب ڏٺو هو، ان جو ڪمال وري اهڙو جو صبح ٿيندي ئي کائنس وسري به ويو آهي! ۽ اهو به وسري ويو اٿس ته هن خواب ۾ ڇا ڏٺو آهي! اها حقيقت پڻ آهي ته هن بهرحال خواب ڏٺو هو. پر صبح سان کيس ڪجهه ياد نه هو.

ٻئي طرف ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته خواب ذهن ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي شدت سان محسوس ڪرائيندا آهن. اهڙو تجربو مون کي پنهنجي مريضن جي خوابن جو تجزيي دوران ٿيو، جيڪي انهن کي پنجويهن سالن ۽ ان کان اڳ جي عمر ۾ نظر آيا هئا، ان ڏس ۾ مان پنهنجو به هڪ اهڙو خواب ياد ڪري سگهان ٿو.... جيڪو مون اڄ کان ستٽيهه سال اڳ ڏٺو هو، جيڪو اڄ به منهنجي ذهن ۾ پنهنجي سموري تازگيءَ سان موجود آهي. اهي سڀئي غير معمولي خواب آهن، پر هڪدم ۽ چٽائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ به نه آهن.

خوابن جي ويساري متعلق تفصيلي چڱو خاصو مواد ”اسٽرومپيل“ (صفحو: 79) ڏنو آهي. اها ”اسٽرومپيل“ جي ڪيل کوجنا جي، نهايت صاف طور تي مشاهدي ۾ آيل ان دٻايل، پيڙا يا ذهني حالت جي صورت آهي، جيڪا انساني ورتاءَ تي سخت اثرانداز ٿيندي آهي، جنهن جو ڪو به هڪڙو سبب نه پر انهن لاءِ تمام گهڻا سبب ڄاڻايا ويا آهن.

پهرين ڳالهه ته اها آهي ته اهي سمورا سبب جيڪي جاڳ واري حالت ۾ ويساري جي اڳواڻي ڪن ٿا، ساڳيا اهي ئي خوابن جي لاءِ عملي صورت جا حامل ٿين ٿا. اسان جڏهن جاڳيل هوندا آهيون ته اڻ ڳڻ احساس ۽ ادراڪ ڀريون ڳالهيون سدائين وساري به ويهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان ان معاملي ۾ ڪافي ڪمزور آهيون يا ڇاڪاڻ ته انهن سان دماغي جوش جذبو اڀاريندڙ معاملا، نهايت معمولي يا هلڪي ڦلڪي انداز سان وابستا هوندا آهن، پر انهن مان ئي ڪيترا معاملا خوابي مظهر جو روپ ڌارڻ ڪندا آهن. حالانڪ اهي به وسري ويل ئي هوندا آهن، پر يادگيرين ۾ اهي ڪمزور حالت ۾ موجود رهجي ويندا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ وري نهايت مضبوط نظري خاڪا، يادن جي پسگردائيءَ کي گهيرو ڪري بيهندا آهن. پر شدت جو عنصر بهرحال، تعين ڪرڻ جي صورت ۾ ايترو پاڻ ڀرو نه هوندو آهي جو سپني جي سٽاءَ کي ياد ڪري سگهي. ”اسٽرومپيل“ (صفحو: 82) ٻين ليکڪن، مثال طور ”ڪاڪنس“ (Calkins,1893,312) جيان مڃي ٿو ته:

”اسان گهڻو ڪري خوابن ۾ ڏٺل منظر وساري ويهندا آهيون، جن کي زندگيءَ سان ڀرپور به سمجهندا آهيون، جيتوڻيڪ تمام گهڻو تعداد پاڇن جيان هوندو آهي، جنهن ۾ حواسي قوت جي گهٽتائي هوندي آهي، پر اسان جي يادگيرين جي خزاني ۾ بهرحال جمع ٿيل هوندو آهي. ان ڪري اسان جڏهن جاڳندا آهيون ته اهو واقعو آسانيءَ سان وسري ويندو آهي، جيڪو رڳو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو هو ۽ حالانڪه ڌيان ڏيڻ جهڙو به هو ته ڪهڙي ادراڪ جو ورجاءُ ٿيو هو. هاڻي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته ڪيترائي خوابي مظهر نهايت غير معمولي تجربي تي ٻڌل هوندا آهن.“(1)

اهڙي ڳالهه مندائتي مينهن جيان ٻيهر رونما ٿيندڙ گهڻن ئي خوابن جي سلسلي ۾ به ڏٺي وئي آهي.

۽ اها ئي ”حقيقت“ وڏي اهميت سان اسان جي خوابن جي ويساري ۾ حصو وٺندي آهي، جنهن جي وسارائڻ جو ”اهو مقصد“ به ڪنهن تمام گهڻي ڏورانهين اهميت سان ڳنڍيل هوندو آهي. جيڪڏهن احساس، منصوبا يا خيال وغيره پڄاڻيءَ تي پهچائڻ جي ڪنهن خاص درجي جي اثر پذيريءَ لاءِ ياداشت ۾ موجود هوندا آهن ته ضروري نه آهي ته اهي ائين ويڳاڻپ اختيار ڪن، پر لاڳاپيل سلسليوار يا ڪڙو ڪڙيءَ سان مليل واقعن (Concatenations) ۽ گروهه بنديءَ جي خاص رٿابنديءَ سان پيش ڪرڻ جو بندوبست ڪندا آهن. ”جيڪڏهن ڪنهن شعر جي هڪ ننڍڙي سٽ جي اکرن کي ورهائجي ۽ اهي سمورا اکر هڪ ٻئي سان رلمل ٿي وڃن ته انهن کي ياد رکڻ نهايت مشڪل آهي، پر جيڪڏهن اکر مناسب طريقي سان ان جي لاڳاپيل صنف ۾ ترتيب ڏنا وڃن ته هڪڙو اکر ٻئي اکر جو سهڪاري نظر ايندو، اهڙيءَ ريت سموري سٽ با معنيٰ ٿي پوندي ۽ نهايت آسانيءَ سان ياد به ٿي ويندي ۽ گهڻو عرصو ذهن ۾ به موجود رهندي. عام حالت ۾ مشڪل ۽ غير معمولي ڳالهه به ذهن ۾ موجود هوندي آهي پر اها ان تجزيي مطابق هوندي آهي ته ڪهڙي غير احساساتي آهي، ڪهڙي منجهيل ۽ ڪهڙي بي ترتيب   آهي.“
”اسٽرومپيل“ (صفحو: 83).

هاڻي ڏٺوسين ته ڪيترن ئي معاملن ۾ سپنن ۾ ذهانت ۽ ترتيب جي گهٽتائي هوندي آهي. اها جوڙجڪ جيڪا سپني جي سٽاءَ جو انتظام هلائيندي آهي، اها انهن لياقتن کان وانجهيل هوندي آهي، جيڪا انهن جي ياد رکڻ کي ممڪن بڻائيندي آهي، ۽ اهي ڳالهيون وسري وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته اصول آهي ته اهي ٿورو وقت پوءِ ۽ حصن جي صورت ۾ اينديون آهن.

”راڊيسٽاڪ“ (صفحو: 168) دعويٰ ڪري ٿو ته هن مشاهدو ڪيو آهي ته اهو هڪڙو انتهائي نرالو خواب هوندو آهي، جيڪو ڏاڍي سٺي نموني ياد اچي ويندو آهي، ۽ هو اهو به قبول ڪري ٿو ته اهو اصل معاملي سان مشڪل سان ئي ميل کائيندو آهي.

”اسٽرومپيل“ (صفحو: 82) جو ويساهه آهي ته جاڳ ۽ خواب جي درميان لاڳاپن مان ٻيا به ڪيترائي عنصر هلي اچن ٿا، جيڪي سپني جي وسري وڃڻ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. وسارڻ جي صورت ۾ سپنن جي ذميداري، جاڳيل شعوري حالت جي ذريعي رڳو هڪ ٻئي سان ملندڙ ان حقيقت جي چٽائي آهي، جنهن کي اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ته خواب، جاڳ- جيون جي يادگيرين مان، ان جي ترتيب مطابق مشڪل سان کڻندو آهي، پر رڳو انهن مان ان تفصيل جي چونڊ ڪندو آهي جيڪا ان نفسياتي عبارت مان ڇڪيل هوندي آهي، جيڪا جاڳيل حالت ۾ عام طور تي ياد هوندي آهي. اهڙيءَ ريت سپني جو سٽاءُ، ذهني قوت جي تسلسل جي رفاقت ۾ ڪا به جاءِ نه ڳولهي سگهندو آهي، جنهن سان ذهن ڀريل هوندو آهي. اتي ڪجهه به نه هوندو آهي جيڪو اسان کي ياد ڏيارڻ ۾ مدد ڪري سگهي. ”ان طريقي سان اهي خوابي گهاڙيٽا، جيئن هوندا آهن، تيئن ئي اسان جي ذهن جي تواني زمين تان کڄي بادلن وانگر، ذهن جي نفسي صلاحيتي خلا ۾ ترندا آهن، ۽ ساهه ذريعي کڄيل ڪنهن هلڪي جهلڪي سان وکري وکري ويندا آهن.“ ”اسٽرومپيل“ (صفحو: 87).

جاڳڻ بعد گهڻو ڪري حواسن جي شعوري دنيا، انهن کي اڳتي ڌڪي ڇڏيندي آهي، ۽ هڪدم پنهنجي پوري شدت سان ڄاڻ يا خيال تي قبضو ڪري وٺندي آهي، جيڪا چند خوابي تصويرن جو دفاع ڪري سگهندي آهي، ته جيئن اتي پڻ ساڳئي رخ ۾ هڪ ٻيو عنصر رکوالي ڪري سگهي. سپنا، نئين ڏينهن جي تاثر کان اڳ ۾ رستو ڏيندا آهن، ائين جيئن سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ستارن جو آب تاب جهڪو ٿي ويندو آهي.

بهرحال دماغ ۾ هڪ ٻي حقيقت پيدا ٿيندي آهي، جا سپنن جي ويساري جي اڳواڻي ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي خوابن جي باري ۾ دلچسپي گهٽ رکندا آهن. ڪو به، ڀلي ته اهو مشاهدي ۽ تجربي ذريعي کوجنا ڪندڙ ئي هجي، پنهنجي خوابن ڏانهن پورو ڌيان ڏيندو ته ٿورڙي ئي عرصي ۾ کيس هميشه کان ڪجهه وڌيڪ ئي سپنا اچڻ شروع ٿي ويندا، جنهن جو مطلب آهي ته هو بيشڪ پنهنجي سپنن کي نهايت آسانيءَ ۽ لاڳيتو ٿيڻ واري حالتن ذريعي ياد رکي سگهي ٿو.

ٻه ٻيا سبب: ته سپنا وسري ڇو ٿا وڃن؟ جنهن کي ”بينني“ (Benini.1898,155,6)، ”بوناٽيلي“ (Bonatelli.1880) جي حوالي سان جيئن ”اسٽرومپيل“ شامل ڪيا آهن، پيش ڪيو آهي ۽ انهن ئي مثالن کي اڳتي وڌايو آهي، جن جو ذڪر به اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي. جيڪي هن ريت آهن:

1.      ته جسم جي اندرين عضون جي احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت (Coenaesthesia) جي ڦيرگهير يا مٽ سٽ، هڪ ٻئي کي ساڳئي موٽ ڏيڻ جي صورت ۾ ننڊ لاءِ توڙي جاڳ لاءِ ٻيهر سرجنا ڪرڻ، (ٻنهي حالتن لاءِ) فائديمند نه هوندي آهي.

2.     ته سپنن ۾ تصورسازيءَ جي مواد جو مختلف انتظام، ترجمو نه ڪري سگهڻ جي صورت اختيار ڪندو آهي، جهڙيءَ ريت جاڳيل شعوري حالت ۾ ٿيندو آهي.

خوابن جي ويساري متعلق انهن سمورن دليلن جي پيش نظر، حقيقت اها آهي (جيئن ”اسٽرومپيل“ (صفحي 6 تي پاڻ زور ڏنو آهي) ته اهي ڪي غير معمولي قسم جا خواب هوندا آهن، جيڪي ذهن ۾ ويهجي ويندا آهن ۽ سدائين ياد رهندا آهن.

سپنن جي سانڀر واري خزاني تي حڪمراني ڪندڙ اصولن کي تسليم ڪرڻ جي موضوع متعلق ليکڪن جي وري وري ڪيل ڪوششن مان اهو اقرار ڪيل نظر اچي ٿو ته اسان پڻ چند مونجهارن ۽ واضح نه ٿي سگهندڙ صورتحال سان منهن ڏئي رهيا آهيون. ويجهڙائيءَ ۾ صحيح طور تي ۽ وڏي شدمد سان سپنن جي سانڀر جون ڪجهه خاصيتون ظاهر ڪيون ويون آهن، ”راڊيسٽاڪ“ (صفحو: 169) ۽ ”تيسي“ (صفحو: 148) جهڙن ليکڪن جو خيال آهي ته“ حقيقت ۾ خواب جڏهن صبح جو نظر ايندو آهي ته وسري ويندو آهي، ۽ اهو ساري ڏينهن جي هڻ پٽ دوران به ياد نه ايندو آهي، پر ان جو متن، جيتوڻيڪ وسريل هوندو آهي تڏهن به ڪنهن موقعي تي اهو دماغ ۾ اچي به ويندو آهي.

پر سپني جي سانڀر عام طور تي، ڪنهن اختلاف کي ضرور کوليندي آهي، جيڪا تنقيدي راءِ مطابق پنهنجي قدر کي گهٽائڻ جي لاءِ پابند هوندي آهي، هيل تائين خوابن جو ايترو وڏو تعداد، مجموعي طور تي گم ٿي ويل هوندو آهي، جنهن سبب اسان شڪ ۾ مبتلا ٿي سگهون ٿا ته ڪيتري قدر اسان جي ياداشت انهن لاءِ، پويان ڇا ڇڏيو آهي، ۽ اهو غلط ثابت نه ٿو ٿي سگهي.

سپنن جي ٻيهر سرجنا، انهن شبهن، ۽ واقعن جي هوبهو هجڻ واري حالت کي ”اسٽرومپيل“ (صفحو: 119) واضح ڪيو آهي ته: ”اهڙيءَ ريت اها ڳالهه آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي ته جاڳ واري شعوري حالت، خواب جي ياداشت ۾ غير ارادي طور تي هٿ چراند ڪندي هجي: اسان پاڻ ئي پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ دليل ڏيندا آهيون ته اسان خواب ۾ هر قسم جون شيون ڏسندا آهيون، جيڪي اصل خواب سان لاڳاپيل نه به هونديون آهن.“

”جيسن“ (صفحو: 547) هن نڪتي تي خاص زور ڏيندي لکيو آهي ته: ”ان کان علاوه ساڳئي اصول سان هلت رکندڙ ۽ منطقي طور تي ڳنڍيل خوابن جي کوجنا ۽ تجزيي ۾ ڪا مخصوص ۽ اثر انداز ٿيندڙ حالت، ذهن ۾ پيدا ضرور ٿيندي، جنهن کي، جيئن مون ڏٺو آهي ته هن وقت تائين ان تي تمام مختصر ڌيان ڏنو ويو آهي.  اهڙن معاملن ۾ سچ (Truth)، حقيقتن متعلق گهڻو ڪري ۽ سدائين اڻ چٽو يا مبهم رهندو آهي، ته جڏهن اسان اهڙي قسم جي خوابن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان ذري گهٽ ۽ هميشه غير ارادي طور تي ۽ حقيقت تي ڏيان ڏيڻ کانسواءِ ئي انهن خواب نظارن جا خال پيا ڀريندا آهيون، اهو به ڪڏهن ڪڏهن يا وري ڪڏهن به نه، ته  منطقي طور تي ڳنڍيل يا سمجهه ۾ ايندڙ خواب، حقيقت ۾ به سمجهه ۾ ايندڙ آهن يا؟ جيئن اسان کي پنهنجي يادن ۾ نظر ٿو اچي تيئن درست آهي.

سچ ۽ سونهن سان پيار ڪندڙ گهڻا ماڻهو به ڌيان ڏيڻ جهڙي سپني ۾ ڪجهه نه ڪجهه وڌاءَ يا ٺاهه ٺوهه ڪرڻ کانسواءِ ورلي ئي يادن سان وابستا سمجهڻ جي لائق هوندا آهن. انساني ذهن جو رجحان، هر ڳالهه کي ڪنهن نه ڪنهن سان ڳنڍيل ڏسندو آهي، ۽ اهو ايترو ته مضبوط هوندو آهي جو، ياداشت ۾ منطقي طور تي وابستا، هر قسم جي ڪمي ڪوتاهيءَ جو غير ارادي طور تي پورائو ڪري ڇڏيندو آهي. پر اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته اتي ڪو اڻ لاڳاپيل خواب موجود هجي.“

ڪجهه رايا ”ايگر“ (صفحو: 41) به جوڙيا آهن، ان ۾ شڪ نه آهي ته جيتوڻيڪ اهي، بلڪل آزاديءَ سان آيل آهن، اچو ته اوهان کي ان جي ٽڪري جو ترجمو پڙهايان:

”خوابن جي مشاهدي ڪرڻ لاءِ ڪي خاص قسم جون دشواريون آهن، اهڙن معاملن ۾ انهن سمورن مونجهارن کان بچڻ جي صورت اها آهي ته انهن کي بنا دير جي ڪاغذ تي لکي ڇڏجي ته اسان کي ڪهڙو تجربو ٿيو يا اسان ڪهڙو مشاهدو ڪيو، ٻيءَ صورت ۾ غفلت، لاپرواهيءَ يا ويسر جي ڪري، مڪمل نه ته به ڪو حصو ئي سهي، اوچتو اچي پڌاريندو آهي. مڪمل طور تي غفلت يا لاپرواهي ڪا وڏي خطرناڪ ڳالهه نه آهي، پر اڻپوري غفلت يا لاپرواهي، دوکو ڏيندڙ هوندي آهي. پر جيڪڏهن اسان ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته اسان ڪهڙي ڳالهه نه وساري آهي ته اسان ان قابل ٿي وينداسين جو اسان پنهنجي مشاهدي ۽ تخيل مان ان منطقي طور تي اڻ لاڳاپيل، الڳ ٿي ويل، اڻ پوري حصي جو يادن جي سجايل موڙيءَ ذريعي پورائو ڪري سگهنداسين.... اسان غير ارادي طور تي تخليقي فنڪار هوندا آهيون، ۽ سچي يا من گهڙت ڪهاڻي، جيڪڏهن وقت بوقت پئي ورجائبي ته اها ليکڪ جي پنهنجي اعتقادن تي پنهنجو پاڻ ڄمي ويندي ۽ هو ان جي پڄاڻي به نهايت وفاداريءَ سان پيش ڪندو، بلڪل جائز ۽ قائم دائم انداز سان، ڄڻ ڪا پڪي پختي حقيقت هجي. (ف-س).

اهڙا ساڳيا خيال ”اسپيٽا“ (صفحو: 338) به بيان ڪيا آهن. هو اهو يقين ڪندي نظر اچي ٿو ته اسان خواب کي ان وقت تائين ٻيهر سرجڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪريون، جيستائين اسان ان سان ٿوري ڍري طريقي سان ڳنڍيل عنصرن کي ڪو حڪم نه ٿا ڪريون: اسان شيون تبديل ڪندا آهيون، جيڪي فقط تسلسل جي صورت ۾ گڏ گڏ يا ملائي رکڻ لاءِ يا وقتي ڳانڍاپي لاءِ ته جيئن چئجي ته اسان منطقي ڳانڍاپي جو هڪ طريقو متعارف ڪرايو آهي جنهن جي خواب ۾ گهٽتائي هئي.“

هيل تائين رڳو اهو جاچيوسين ته اسان کي پنهنجي ياداشت جي جواز بابت خارجي يقين آهي، ۽ هيل تائين اهو خوابن لاءِ ميسر نه هو، جيڪي اسان جا پنهنجا شخصي تجربا ۽ جيڪي اسان وٽ اسان جي ياداشت جا واحد ذريعا موجود هئا، ان صورت ۾ اسان پنهنجي سپنن جي سارڻ کي ڪيتري اهميت ڏئي سگهيا آهيون؟“(1)


(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي: مرض کي سڃاڻڻ جي اهميت کي خوابن سان منسوب ڪرڻ کان هٽي ڪري (اها ڳالهه بقراط (Hippocrates)جي ڪيل ڪم ۾ ڄاڻايل آهي، ص: 59) آڳاٽي دور جي علم طب جي (Therapeutic) اهميت کي به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي. يونان ۾ خواب، غيب جو علم، اڳ ڪٿي يا رهنما اشارا (Orecals) هئا، اهي پنهنجي مريض جي صحتياب ٿيڻ تائين لڳاتار وٽن ويندا هئا. هڪ بيمار ماڻهوءَ کي، حسن ۽ جوانيءَ جي نمائندي/ سج جي ديوتا: اپولو (Apollo)۽ طبيبن جي نمائندي/ مرض مان ڇڏائيندڙ: ايسڪيولاپيس (Aesculapius) جي مندر ۾ داخل ڪندا هئا ۽ اتي مختلف مذهبي رسمون بجا آڻيندا هئا. لوبان ساڙي، سندس بدن کي مالش سان مطهر ڪري، گناهن کان پاڪ ڪندا هئا، پوءِ سرفرازي يا ڪامرانيءَ جي حالت ۾ دنبي يا گهيٽي جي قرباني ڪندا هئا، جنهن کانپوءِ هو گهري ننڊ ڪندو هو ۽ پنهنجي بيماريءَ جي باقي علاج ۽ تدارڪ متعلق خواب ڏسندو هو. جيڪي کيس ڪنهن فطري انداز ۾ يا وري علامتن ۽ تصويرن جي ذريعي نظر ايندا هئا، ۽ تعبير لاءِ اهي پادريءَ جي اڳيان بيان ڪيا ويندا هئا. يوناين ۾ علاج جي سلسلي وارن خوابن جي وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ”ليهمان“ (Lehmann. 1908.1.74)، ”بوشي ليڪ ليرڪ“ (Bouche leclercq. 1879-1882)، ”هرمن“ (Hermann. 1858.41.262 and 1882.38.356)، بوٽنگر“(Bottinger.1795.163) ”للائيڊ“(Lloyd.1877)
”ڊولنگر“
(Dollinger. 1857.130). خوابن جي علاج واري اهميت متعلق ”فرائيڊ“ 1917 جي ابتدا ۾ کوجنا ڪئي هئي (واليوم 11، ص: 230).

(1)  هي حصو 1914ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مذڪوره ليکڪ جا پنهنجي تجربن تي ٻه ڪتاب (1910 ۽ 1912) شايع ٿيل آهن، جن جو حوالو اڳتي باب پنجين ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ جي حصي ٽئين ”خوابن ۾ جسماني جيوگهرڙن جو بنياد“ ۾ ڏنل آهي.

(1)  رنگين شيشي جي ذرڙن واري ننڍي نلڪي، جنهن ۾ ٽڪنڊي انداز سان آئينا پيل هوندا آهن، جنهن جي ڦيرائڻ سان مختلف رنگين نقش ٺهندا آهن. (ب- م)

(1)  هن باب ۾ آيل موضوع تي ٻيهر باب پنجين ”خوابن جو مواد ۽ ماخذ“ جي حصي ٽئين خوابن ۾ جسماني جيوگهرڙن جو بنياد“ ۾ لکيو ويو آهي.

(1)  ”شابانيڪس“ (Chabaneix, 1897) جي مجموعي تان ورتل (ص: 278).

(1)  هن حصي ۾ اٿيل ان سوال کي اڳتي باب ستين ”خوابن جي عمل جو نفسياتي پهلو“ جي حصي پهرين ”خوابن جو وسري وڃڻ“ ۾ کنيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org