سيڪشن: علميات

ڪتاب: خوابن جي تشريح

باب:

صفحو:6 

( 7 )

خوابن جا نظريا ۽ انهن جو ڪم

THEORIES OF DREAMING AND ITS FUNCTIONS

خوابن بابت ڪو به بحث مباحثو، جيڪو پنهنجي مشاهدي ۾ آيل خاصيتن جي ممڪن حد تائين، ڪنهن خاص نڪتي نظر جي حوالي سان تشريح ڪري سگهي، ۽ ساڳئي وقت اها خوابن ذريعي والاريل صورتحال جي منطقي طور نهايت وسيع دائري ۾ وضاحت ڪري سگهي، ان کي ”خوابن جو نظريو“ سڏڻ بلڪل واجب آهي. ڪيتريون ئي نظرياتي کوجنائون ٿيون آهن پر اهي هڪٻئي سان شامل راءِ نه آهن، اهي ضرورت مطابق، خواب جي ڪا هڪڙي يا ڪجهه ٻيون خاصيتون چونڊي، انهن جي وضاحتن ۽ نسبتن کي پنهنجي عروج جو نڪتو ڪري کڻندا آهن. پنهنجي ڳالهه کي ممڪن بنائڻ لاءِ ضروري نه آهي ته ڪنهن نظريي تحت، خواب جي عمل مان قياس آرائيءَ يا نتيجي لاءِ انومان ڪڍيو وڃي (ڀلي ته اهو افاديت پسند هجي توڙي ڪو ٻيو). ان جي باوجود اسان ۾ اڃان تائين اها عادت موجود آهي ته اسان قدرتي مظهرن، علامتن ۽ مقصدن سان واسطو رکندڙ (Teleological) وضاحتن ڏانهن نهاريندا آهيون. اسان گهڻي ڀاڱي انهن نظرين کي مڃيندا آهيون، جيڪي خوابن جي عملي خوبي يا لياقت بيان ڪرڻ لاءِ خاص اصولن جا پابند هوندا آهن.

اسان اڳ ۾ به ڪيترن ئي قائم ڪيل راين کان واقف ٿي آيا آهيون، جن کي ٿورو يا گهڻو، هڪ اصطلاحي صورت ۾ ”خوابن جا نظريا“ سڏي سگهون ٿا. آڳاٽن، تاريخ جي قديم دور يا ماضيءَ جي يادگار نشانن ۽ طريقن تي يقين ڪرڻ جي اها حالت آهي ته ان حوالي سان عام چوڻي آهي ته ”خواب، خدائن جي پار کان، انساني عملن جي رهبريءَ جي لاءِ موڪليل هوندا آهن،“ خوابن لاءِ بس، اهو ئي مڪمل نظريو هو، جنهن جي تحت، جنهن ۾ ڄاڻ جي جيتري اهليت هئي ان، انهن کي معلومات پئي ڏني.

جيئن ته خواب اڃان تائين تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ تحت کوجنا جو خاص مقصد رهيو آهي، جنهن سلسلي ۾ ڪيترا ئي غور طلب نظريا ترقي ڪري آيا آهن، جن ۾ خود اهي به شامل آهن، جيڪي اڃان تائين اڻپورا آهن.

بنا ڪنهن جامع ۽ نمايان ڳڻپ ۾ ايندڙ ڪوشش وٺڻ جي، اسان خوابن جي نظرين کي، انهن جي بنيادي يا موجود، پر هڪدم نظر نه ايندڙ مفروضي، عقيدي يا گمان مطابق، خوابن جي نفسياتي سرگرمين جي فطرت ۽ انهن جي نتيجي جي ڪري هڪ ڪچي خاڪي تحت، ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا.

(i)

ڪجهه اهڙا نظريا آهن، ”ڊيلبوايوف“ (ص: 221) مطابق، ته خوابن ۾ سموري نفسياتي سرگرمي مسلسل رهندي آهي. هو سمجهن ٿا ته دماغ سمهي نه ٿو ۽ سندس سرشتو صحيح سلامت هوندو آهي: پر جڏهن هو ننڊ جي حالت ۾ هوندو آهي ته گهٽ يا ڪمزور ٿي ويندو آهي، خواب جيون جي دنيا يقينن، جاڳ جيون کان مختلف هوندي آهي، سندس عام قسم جا ڪم ننڊ دوران نتيجا به مختلف برآمد ڪندا آهن. انهن نظرين جي حوالي سان سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آيا اهي ان لائق هوندا آهن جو خوابن ۽ جاڳ وارن خيالن جي وچ ۾ تفاوت کي، ننڊ واري حالت ۾ ئي حاصل ڪري وٺجي!

ان کان علاوه اهو به ممڪن نه آهي ته اهي خوابن لاءِ ڪنهن عملي صلاحيت متعلق مشوري ڏيڻ جي قابل هجن: اهي ڪو به سبب نه ٻڌائيندا آهن ته اسان ”خواب“ ڇو آهيون!

آخر ذهن جي عملي سرشتي جي جوڙجڪ يا ترتيب ايتري منجهائيندڙ ڇو آهي؟ جڏهن ته هو پنهنجي عمل کي مسلسل جاري رکي ٿو، ۽ انهن حالتن ۾ به جڏهن بي ترتيب نظر ايندو آهي تڏهن به پنهنجي عملي تسلسل کي قائم رکي ٿو. ماڻهو خواب ڏسڻ واري حالت بجاءِ، رڳو ستل هجي يا جيڪڏهن مونجهاري يا پريشانيءَ ۾ مبتلا ترغيب مداخلت ڪري ۽ ماڻهو جاڳي پوي ته ڏسبو ته اهو رڳو ڪو مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو يا ڪنهن مقصد لاءِ سمجهو تي ڪرڻ جو ردعمل ضرور هوندو، پر ان کان علاوه خواب ڏسڻ لاءِ ڪو ٽيون متبادل نه هوندو آهي.

(ii)

اهڙا نظريا به آهن، جيڪي اٽلو، پهريان کان فرض ڪري ورتل آهن ته خواب، نفسياتي سرگرميءَ متعلق، ڪاوڙ يا بيزاريءَ وارو  اشارو ڏيندا آهن، ڳنڍڻ ۾ ڍرائي ڪندا آهن ۽ اصل مواد تائين رسائيءَ حاصل ڪرڻ ۾ بلڪل محتاج هوندا آهن. اهي نظريا، دماغي وصفن جي سمهي پوڻ جي تعلق کي ظاهر ڪرڻ جي تجويز ضرور ڏين ٿا، پر انهن جي ڏنل مشورن ۾ گهڻو فرق آهي. مثال طور جيئن ”ڊيلبوايوف“ چيو آهي. انهن نظرين مطابق ننڊ جو، ذهن تي وسيع ۽ دور رس اثر رسوخ رهندو آهي: اها ٻاهرين دنيا کان ڪٽجي وڃڻ جي باوجود، رڳو ذهن ۾ ئي هموار رهندي آهي: ڪنهن حد تائين، ذهني سرشتي ۾ اها پنهنجي رستي تي هلائڻ لاءِ زور ڀريندي آهي، ۽ استعمال نه ڪرڻ جي صورت ۾ وقتي طور تي ٻاهر اڇلائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن مان نفسياتي علاج جي دائري منجهان ڪا تشبيهه ڏئي سگهان ٿو ته مان ائين چوندس ته پهرين ٽولي جي نظرين مطابق، خوابن جي جوڙجڪ وسوسن يا ماليخوليا (Paranoia) جي طرز تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ٻئي ٽولي انهن کي ذهني ڪمزوريءَ يا مونجهاري وارين حالتن سان ڀيٽيو آهي.

هڪ نظريو اهو به آهي، جنهن مطابق ”سپنو“ رڳو ذهني سرگرميءَ جي سونهن سڳنڌ آهي، جيڪا خوابن ۾ انهن احساسن کي ڳولهي ٿي، جيڪي ننڊ جي ڪري مفلوج يا معذور ٿي وڃن ٿا، ۽ اها ڳالهه، طب تي لکندڙن ۽ تجربي، مشاهدي يا مطالعي ذريعي ٿيندڙ کوجنا جي دنيا ۾ عام طور تي افسانوي يا بيڪار ليکي وڃي ٿي، ان حد تائين جو ڪا عام دلچسپيءَ جي ڳالهه به خوابن جي تشريح مان خارج ٿي سگهي ٿي، جنهن کي ”رائج نَظريو“ چئي سگهجي ٿو. اهو به ڏٺو ويو آهي ته سپنن جي تشريح جي سلسلي ۾ ڪيڏي نه آسانيءَ سان ۽ انتهائي ڪريل انداز سان رستي روڪ ڪئي وئي آهي، انهن سان شامل اختلافن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ به نهايت مشڪل آهي.ان حوالي سان خواب ڄڻ، هڪ جزوي يا اڻ پوري جاڳ جو نتيجو آهي. ”هوريان هوريان ٿي نسرڻ، جزوي يا اڻپورو هجڻ ۽ ساڳئي وقت تي انتهائي غير رواجي طرح سان جاڳڻ جو نتيجو آهي.“ (خوابن جي متعلق ”هربارٽ“ (Herbart. 1892, 307) جي تبصري جو حوالو). اهڙيءَ ريت اهو نظريو، مڪمل طور تي جاڳ واري حالت جي اوج تي هجڻ سبب، خوابن ۾ ذهني عمل جي اهليت ۾ ڦير گهير يا لاهه چاڙهه جي سلسلي کي سمجهڻ جي خيال کان، اوجاڳي وارين انهن حالتن جي وڌي ويل سلسلي ۾ ڪم اچي سگهي ٿو، جيڪي نااهليت مان رڙهي اچي ڪنهن خاص موقعي تي پنهنجي بيهودگيءَ يا واهياتپڻي ذريعي، ويندي ڏاهپ واري عملي صلاحيت جي مڪمل ڌيان ڏيڻ تائين، ظاهر ٿين ٿيون.

جن اها کوجنا ڪئي آهي ته اهي علم بدن (Phisiology) جي اصطلاحن جي صورت ۾ ان بيان سان انصاف ڪري نه سگهندا يا اهي جن جا اهڙن اصطلاحن ۾ ڏنل بيان، گهڻي قدر تجربي، مشاهدي ۽ مطالعاتي کوجنا جي حوالي سان نظر اچن ٿا، اهي بهرحال ڳولهي سگهن ٿا ته ”بنز“ (صفحو 43) جي ڏنل دليلن مان کين ڪهڙي ڳالهه ڪارائتي ملي سگهي ٿي: ”ساڻائي، سُستي، ننڊاکڙائپ يا بي حسيءَ (Torpor) جي ”ان حالت“ جي پڄاڻي صبح جي پهرين عرصي ۾ ٿئي ٿي، پر رڳو درجي به درجي. ٿڪ يا ٿڪاوٽ جا پيداوري ذريعا، جيڪي ميڄالي جي گودي (Albumen) ۾ گڏ ٿين ٿا، سي آهستي آهستي گهٽجڻ لڳن ٿا. انهن مان ڪيترائي، رت جي نه رڪجندڙ وهڪري سبب تحليل ٿي وڃن ٿا يا غور ويچار لاءِ بيڪار ثابت ٿي خارج ٿي وڃن ٿا. ۽ علحده جزن جا مجموعن هتان ۽ هتان اچي جاڳ ۾ داخل ٿين ٿا، حالانڪ سُستيءَ واري حالت به انهن سمورن جزن ۾ موجود رهي ٿي. انهن تحليل يا خارج ٿيندڙ مجموئن جو علحدگيءَ وارو عمل، ذهن جي ٻين حصن ذريعي اڻ جاچيل طريقي سان، ان وقت اسان جي جُهڙاليل شعور ۾ ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪو ڳانڍاپي جو عملي انتظام هلائي ٿو. ان سبب جي ڪري جيڪي عڪس پيدا ٿين ٿا، اهي تمام ويجهي ماضيءَ جي احساساتي مواد سان مطابقت رکن ٿا، ۽ پنهنجي اصلي ۽ ڇڙواڳيءَ واري نموني، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهن ٿا. ذهن جا ڪيترائي آزاد جيوگهرڙا مسلسل وڌندا رهن ٿا ۽ خوابن جي هڪ قسم جي بيهوشيءَ واري ننڊ سبب، ساڻن مطابقت گهٽجي وڃي ٿي.“

خوابن جو اهو دليل ڄڻ ته مڪمل نه ٿو لڳي، ان ۾ شڪ نه آهي ته اڻپوري يا جزوي جاڳ واري حالت، هرهڪ عضويات جي جديد ماهر ۽ فلسفين جي لکڻين ۾ لکيل ملي ٿي. ان جي گهڻي وڌيڪ تفصيلي وضاحت ”مائوري“ (صفحو 6) ڏني آهي. اها گهڻو ڪري ائين ظاهر ٿئي ٿي، جيئن ليکڪ تصور ڪيو آهي ته ننڊ يا جاڳ واري حالت ٿي سگهي ٿو ته هڪ عضوياتي تشريح جي دائري مان، ٻيءَ عضوياتي تشريح جي خاص دائري ۾ منتقل ٿي وڃي، جيڪو خاص طور جسماني عملن سان سلهاڙيل رهي ٿو. مان هتي رڳو اهو چوڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن اڌ ننڊ اڌ جاڳ جو نظريو بلڪل درست به آهي، تڏهن به ان تي کليل دل سان ۽ تفصيلي بحث جي گنجائش اڃان آهي.

حقيقت ۾ ان دليل، خوابن کي ڪنهن ڪم جي ذميداري سونپڻ جي ڪا راهه ئي نه ڇڏي آهي. منطقي نتيجو، جيڪو خواب جي حالتن مطابق ئي پوئواري ڪري ٿو، جنهن جي مطلب، اهميت يا خاصيت متعلق درست سمجهاڻي ”بنز“ (صفحو 35) ڏني آهي ته: ”مشاهدي ۾ آيل هر هڪ حقيقت اسان تي، ان نتيجي تي پهچڻ لاءِ دٻاءَ وجهي ٿي ته خواب يقينن طبعي، يا جسماني جيو گهرڙن جي خوبين بيان ڪرڻ جي عملي مظاهري جيان ٿي سگهن ٿا، جيڪي بهرحال هر معاملي ۾ يا ڪيترن ئي معاملن ۾ مرض جي حوالي سان وابستا هوندا آهن......

خوابن لاءِ ”طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جو“ (Somatic) اصطلاح، جنهن کي ”بنز“ پاڻ آڏي لکت جي (Italic) انداز سان ڪم آندو آهي، جيڪو گهڻ رخي ورتاءَ کي ظاهر ڪري ٿو. پهرين مقام تي ان جو اشارو ڪنايو، خوابن جي علت شناسي، عارضي جي سببن متعلق آهي، جيڪو ”بنز“ لاءِ خاص اعتبار جوڳو نظر ٿو اچي، جڏهن هو زهر جي (Toxic) ڪيميائي ترڪيبي جوهر جي استعمال جي ذريعي خوابن جي تجرباتي پيداوار جو مطالعو ڪري رهيو هو. اهڙي قسم جا نظريا، جيستائين طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جي سببن کي ممڪن بنائڻ لاءِ، خوابن جي معاملن کي چورڻ يا ڀڙڪائڻ جي رجحان کي محدود ڪرڻ ۾ ملوث آهن. اهي اهڙن دليلن جي حوالي سان، انهن کي کڻي انتهاپسند ماڻن ماپن ۾ ٽنبڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اسان هڪ ڀيرو پاڻ، سمورين ترغيبن کانسواءِ، ننڊ ۾ غلطان ٿيڻ لڳندا آهيون ته اسان کي خواب ڏسڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي نه ئي اسان صبح تائين ڪو اهڙو موقعو پيدا ڪري سگهون ٿا. جڏهن ڪنهن تازي ترغيبي تاثر جي ذريعي، جاڳڻ جو عمل آهستي آهستي ڪري وجود ۾ اچڻ لڳي ٿو ته ٿي سگهي ٿو اها ترغيب خواب جي ڏيک، يا نظر ايندڙ واقعي ۾ اولڙو ڪندي هجي.... اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي، بهرحال اسان کي پنهنجي ننڊ ۽ آرام کي، هر قسم جي ترغيب کان بلڪل آزاد ڪرڻ گهرجي: جيڪي سمهڻ واري تي، جيون جي جيوڙن جيان، هر پاسي کان ٽڪرائبيون يا بيجا مداخلت ڪرڻ لڳنديون آهن، جن جي باري “ ”ميفسٽو فيليس“  (Mephistopheles) به انهن جي اندران ۽ ٻاهران توڙي، سندن جسم جي حصن مان پڻ، مداخلت ڪرڻ بابت شڪايت ڪئي آهي،(1)،  جيڪي جاڳ جيون دوران ٿورو به ڌيان ڇڪائڻ جهڙيون نه هونديون آهن.

اهڙيءَ ريت ننڊ ڦِٽي ويندي آهي؛ پهريائين دماغ جي هڪ ڪنڊ، جاڳ ڏانهن پاسو بدلائيندي آهي، جنهن کانپوءِ ٻي. اهڙيءَ ريت دماغ جون عملي صلاحيتون، پنهنجي جاڳيل حصي سان گڏ، تمام مختصر چرپر لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مٺڙي مٺڙي ننڊ جي آغوش ۾ هليون وينديون آهن. خواب ان قسم جي رخني جو رد عمل هوندا آهن، جيڪي ترغيبن جي ذريعي ايندا آهن، هڪ ردعمل طور، اتفاقي طور جيڪو اڪثر اجايو هوندو آهي.

پر خواب يعني، ننڊ پيل شخص جي خيالن جو خلاصو، جيڪو به ٻڌايو ۽ ظاهر ڪيو ويو آهي، اهو بهرحال دماغ جي ئي عمل جي باري ۾ آهي، جڏهن ته طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جي عمل جو مطلب اڃا ٻيو آهي. ان ريت ظاهر ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته خواب، نفسياتي عمل جي طور تي ڪنهن درجي يا رتبي ڏيڻ جي قابل ئي نه هوندا آهن. خوابن کي گهڻو ڪري، ”ماڻهوءَ جي انهن ڏهن آڱرين سان ڀيٽيو ويندو آهي جيڪي موسيقيءَ کان واقف نه هونديون آهن، پر پيانو جي پردن تي پيون هلنديون آهن.“ ”اسٽرومپيل“ (صفحو 84) جي اها ڀيٽ، به رڳو هڪ اهڙي راءِ آهي ته اها سدائين تجربي، مشاهدي يا مطالعي جي نمائندگيءَ جي صورت ۾ خواب کي قائم ڪندي آهي. ان راءِ مطابق ته لڳي ٿو ته خواب سڄو جو سڄو، ڪنهن تجزيي يا تعبير ڪرڻ جي قابل ئي نه هوندو آهي. پوءِ سوال ته اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪنهن موسيقار جون اهي ڏهه آڱريون، ڪا ڌن ڪيئن ٿيون خلقي سگهن؟

خود ٿورو دور، ماضيءَ ۾ ان جزوي يا اڻ پوري (Partial) جاڳ جي نظرياتي تنقيد جي ڪا گهٽتائي ڪا نه هئي. اهڙيءَ ريت ”برداخ“ (صفحو: 508) لکي ٿو ته: ”جڏهن اهو چيو وڃي ٿو ته سپنا، ڪي اڻپوري جاڳ آهن، جنهن جي پهرين مقام تي نه رڳو ننڊ ۾ پر جاڳ ۾ به ڪا روشني نه ٿي پوي، ۽ ٻئي مقام تي اهي ان کان وڌيڪ نه ٿا چون ته ڪجهه دماغي قوتون خوابن ۾ متحرڪ هونديون آهن، جڏهن ته ٻيون آرامي هونديون آهن، پر ان قسم جي ڦير گهير يا تبديلي سموري حياتي پئي ظاهر ٿيندي آهي.“

اهو رائج نظريو، جنهن کي خوابن بابت، طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جو عمل سڏي سگهجي، ان جي انتهائي دلچسپ ۽ بنيادي دعويٰ، ”روبرٽ“ پاران پهريون ڀيرو اڳتي آندي وئي آهي، جيڪا واقعي دلڪش آهي، جيڪا هيل تائين، خوابن جي افادي مقصدن لاءِ ڪنهن عملي تجويز جي قابل آهي. ”روبرٽ“ اصل ۾ ان کي، ٻن حقيقتن جي مشاهدي تحت پنهنجي نظريي جو بنيادي ڪم سمجهي کنيو آهي، جنهن کي اسان خوابن جي مواد ي جاچ پڙتال واري حصي ۾ غور ڪري آيا آهيون، ڄڻ ته اسان مسلسل، روزمره جي احساسن ۽ تاثرن جا ڪي خسيس خواب ڏسندا آهيون يا ته پنهنجي روزمره زندگيءَ جون ڪي اهم دلچسپيون، سپنن ۾ ڪڏهن ڪڏهن کڻي ايندا آهيون. ”روبرٽ“  (صفحو: 10) دعويٰ ڪري ٿو ته اها عالمگير حيثيت رکندڙ حقيقت آهي ته جن شين لاءِ اسان نهايت مجموعي طور تي سوچيندا آهيون، خوابن کي اڀاريندڙ اهي نه هونديون آهن، پر رڳو اهي شيون، جيڪي اسان جي دماغ ۾ اڻپوري انداز ۾ هونديون آهن يا اهي احساس، جن کي اسان هلندي هلندي رڳو ڇهندا ۽ نظرانداز ڪندا ويندا آهيون: ”خوابن جي تشريح ڪرڻ ناممڪن ان ڪري سمجهي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي گذريل ڏينهن جي روئداد يا ڪارگذاريءَ جي حواسي احساسن کان متاثر ٿيل هوندا آهن، جيڪي خواب ڏسندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ناڪام ٿيل هوندا آهن.“ (صفحو: 19 ۽ 20). اهڙيءَ ريت اها حالت جيڪا تعين ڪرڻ يا رخ ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿي، توڙي ڪو تاثر، عڪس يا نشان، پنهنجو رستو خواب ۾ ڳولهي وٺي يا وري ان جي تاثر يا عڪس تي عملي طريقي سان ڪيل ڪم ۾ رخنو وجهي وٺي، يا ته اهو تاثر، عڪس يا نشان ئي بنهه غير اهم هجي، جنهن تي ايترو مٿو کپايو وڃي. ”روبرٽ“ خوابن کي (صفحو: 9) ان ريت بيان ڪيو آهي ته: ”خواب جي طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جي نيڪال يا خارج ٿيڻ جو عمل ائين آهي، جيئن اسان ذهني ردعمل ذريعي آگاهه ٿيندا آهيون.“ خواب، خيالن جي نيڪال يا خارج ٿيڻ جو عمل آهي، جيڪي ڄمڻ کان وٺي منتقل ٿيندا رهن ٿا. ”ڪو شخص وقت سان گڏ هلندي، ذهني طور خارج ڪري ڇڏڻ جي نتيجي ۾ خوابن لاءِ پيدا ٿيل اهليت يا حيثيت کان نراس ٿيل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ويچار، جن مان ڪو فائدو نه ورتل هجي ۽ مٿان وري احساس به اڇا ترا هجن ته اهي سڀئي تمام وڏي اڻ پوري ڍير جي نموني يا جهجهي مقدار ۾، سندس ذهن ۾ اچي گڏ ٿين ٿا ۽ اهي پنهنجي جمع ٿي ويل ڍير جي ڪيترن ئي ويچارن يا خيالن کي گهٽي مارڻ لاءِ پابند هوندا آهن، جيڪي سندس سموري ياداشت ۾ مڪمل طور تي جذب ٿي سگهن ٿا.“ (صفحو: 10). خواب، ذهن تي وڌيڪ بار کي هلڪو ڪرڻ لاءِ، بدن جي جِهلي دار بناوت جيڪا جسم جي نهري مادي کي رڳو هڪ رخ ۾ وهائي يا نلي وغيرهه کي کولي ۽ بند ڪري، ان جو بچاءَ ڪندڙ هوندو آهي. انهن ۾ ڇٽائڻ يا ٺيڪ ڪرڻ ۽ خرابي دور ڪرڻ جي قوت هوندي آهي، (صفحو: 32)

اسان ”روبرٽ“ کي سمجهڻ ۾ يقينن غلطي ڪنداسين، جيڪڏهن اسان کانئس اهو پڇون ته اهو ڪيئن ٿو عمل ۾ اچي ته ذهن، خوابن ۾ خيالن جي آڇ يا نماءَ جي ذريعي ڪيئن ٿو جان ڇڏائي سگهي! خوابي مواد جي انهن ٻنهي عنصرن مان ”روبرٽ“ ڪهڙو نه چٽو نتيجو ڪڍيو آهي ته ”خواب، ڪنهن هڪ يا ٻيءَ معنيٰ ۾، بيڪار قسم جي تاثرن جو نيڪال، طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جي طريقي وانگر، ننڊ دوران ڪندو آهي ۽ اها خوابي حالت ڪا خاص قسم جو نفسياتي عمل نه هوندو آهي، پر اسان کي ان جي نيڪال يا خارج ٿيڻ جو رڳو اطلاع ملندو آهي. ان کان علاوه رڳو نيڪال يا خارج ٿيڻ ئي هڪڙو واقعو نه هوندو آهي، جيڪو رات جو ذهن ۾ ظاهر ٿيندو آهي. “

”روبرٽ“ پنهنجي تحرير ۾ اها ڳالهه به شامل ڪئي آهي ته ان جي باوجود گذريل ڏينهن دوران پيدا ٿيل صلاحن مشورن تي پڻ غور ويچار ٿيندو آهي ۽ ”جيتري قدر به هضم نه ٿيل خيال خارج ٿي نه سگهندا آهن ۽ خيالن جي دائري واري مجموعي ڌاڳي ۾ هڪ ٻئي سان ٻڌل هوندا آهن، اهي تصور کان اڌارا ورتل هوندا آهن، اهڙيءَ ريت ياداشت ۾ نقصان نه ”رسائيندڙ تصوراتي صورت“ جيان داخل ڪندا آهن.“ (صفحو: 23).

پر ”روبرٽ“ جو نظريو، خواب جي ڪارڻن جي فطري تخميني سبب رائج نظريي جو قطر يا دائري جي لحاظ کان (Diametrically) مخالف آهي. هاڻوڪن نظرين مطابق، خواب تيسيتائين نظر نه ٿو اچي سگهي جيسيتائين دماغ، اندروني توڙي ٻاهرين ترغيبن جي ذريعي پنهنجي پوري حالت ۾ جاڳيل نه هجي. پر ”روبرٽ“ جو دليل، خواب ڏسڻ لاءِ پاڻمرادو، دماغ ۾ هڪ جوش اڀاريندڙ آهن. ان جي حقيقت جي مدنظر، حد کان وڌيڪ ڀريل هجڻ جي باوجود آرام ۽ سڪون جي طلب ڪندڙ آهن، ۽ هو اهو نتيجو بلڪل منطقي انداز سان ٿو ڪڍي ته سبب يا ڪارڻ، طبعي يا جسماني جيوَ گهرڙن جي چرپر جي صورت ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ خواب جي پڪي ارادي جي ڪري، ان جي ماتحتيءَ وارو ڪردار ادا ڪندا آهن، ۽ انهن ڪارڻن جي ڪري دماغ ۾، خوابن کي مشتعل ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن، جن ۾ خوابن کي جوڙڻ جو، شعوري جاڳ پاران آيل ٿورو به مواد موجود نه هوندو آهي. هن انهيءَ خاصيت کي به قبول ڪيو آهي ته ذهني تخيلاتي عڪس، دماغ جي وسعت کانسواءِ به خوابن ۾ اڀرندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اهي تنتي سرشتي جي ترغيب جو نتيجو هجن. (صفحو 48). ڪجهه به هجي، بهرحال ”روبرٽ“ خوابن جو مڪمل طور طبعي يا جسماني جيوَ گهرڙن جي چرپر تي انحصار قبول نه ڪيو آهي، توڙي جو هن جي راءِ آهي ته ”خواب نفسياتي عملي تسلسل“ نه آهن، خوابن وٽ جاڳ واري حالت دوران پيدا ٿيل نفسياتي عملي تسلسل ۾ ڪا جاءِ مقرر ٿيل نه آهي، اهي رڳو طبعي يا جسماني چرپر جو عملي تسلسل هوندا آهن، جيڪي هر رات، انهيءَ ميڪانيڪي سرشتي ذريعي ظاهر ٿيندا آهن، جن جو تعلق دماغي سرگرميءَ سان هوندو آهي، ۽ جن جي ذمي تنتي سرشتي جي وڌندڙ مونجهارن يا پريشانين کان بچائڻ آهي، يا ذهن ۾ گڏ ٿي ويل ڪچري کي ڪنهن گند صاف ڪرڻ واري (Scavenger) جيان، تشبيهن ۽ استعارن کي تبديل ڪرڻ آهي،(1).

هڪ ٻئي ليکڪ ”ايوس ڊيلاگي“ (Yves Delage) پنهنجي نظريي جو بنياد، خواب جي ساڳئي ئي خدوخال تي رکيو آهي، جيئن هن مواد جي انتخاب ۾ پڌرو ڪيو آهي؛ ۽ اهو ان رستي جي سمجهاڻيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ آهي، جنهن ۾ سندس خيال مطابق ساڳين شين جي معمولي فرق يا ڦير گهير، ٻين ۽ بلڪل مختلف کنيل شين جي، نتيجن اخذ ڪرڻ ۾ سندس رهنمائي ڪئي.

(صفحو: 41) اسان کي ٻڌائي ٿو ته:

”ڪنهن شخص جي فوتيءَ واري موقعي تي هن پنهنجي ئي هڪ شخص تي تجربو ڪيو، ۽ ان حقيقت کي ڳولهي ورتو ته اسان انهن معاملن متعلق خواب نه ڏسندا آهيون، جيڪي ڏينهن دوران اسان جي خيالن کي والاري، وڪوڙي وٺن ٿا، يا تيسيتائين نه جيسيتائين ڏينهن واري وقت جي ڪن ٻين واسطيدار ڳالهين کي جاءِ ڏيڻ نه شروع ڪن. ٻين ماڻهن تي ڪيل سندس کوجنائن، ان حقيقت جي سچي هئڻ جي پڪ ڏياري.

”ڊيلاگي“ ان قسم جي دلچسپ مشاهدي جي رمز هٿ ڪرڻ لاءِ اهي اپاءَ ورتا ته ٿي سگهي ٿو ته هڪ نوجوان شادي شده جوڙي جي خوابن جو مطالعو سندس کوجنا جي درست هئڻ کي ثابت ڪري: ”جيڪڏهن اهي ٻئي، پيار جي انتها تي رسيل آهن ته اهي شاديءَ کان اڳ ۾ يا آنند ماس (Honeymoon) دوران، هڪ ٻئي جي لاءِ ڪو خواب نه ٿا ڏسي سگهن، ۽ جيڪڏهن کين جنسي، عاشقاڻو يا نفساني احساساتي(Erotic) خواب اچي ٿو ته اهي ان ۾ سرد مهريءَ وچان بي وفائي ڪندي ڏسي سگهن ٿا، يا ڪنهن مڪروهه شخص سان لاپرواهيءَ جو ورتاءُ ڪري سگهن ٿا.“ (ف-س).

ڇا پوءِ! اسان ان جو خواب ڏسنداسين؟

”ڊيلاگيءَ“ ته مواد جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي ته اسان جي خوابن ۾ مناسب يا هموار ٽڪرا يا ٽوڙيل حصا گذاريل ڏينهن جي بچت سچت ۽ اوائلي وقتن جيان ظاهر ٿين ٿا. هر شيءَ جيڪا اسان جي خوابن ۾ ظاهر ٿئي ٿي، اهي پڻ، جن ڏانهن اسان جو پهريون لاڙو يا جهڪاءُ هوندو آهي، جن کي اسان پنهنجي خواب جيون جي تخليق ڀائيندا آهيون، اسان جڏهن ان کي نهايت ويجهڙائيءَ سان جاچيندا آهيون ته بلڪل اڻڄاتل ٻيهر پيداواري منظر (اڳ ڪيل تجربي جي مواد) جيان نظر ايندي آهي، جنهن کي ”لاشعوري ياداشت“ چئجي ٿو. پر ان تمثيلي انداز ۾ نظر آيل مواد جي قبضي ۾ ڪي عام خاصيتون به هونديون آهن: اها ”لاشعوري ياداشت“ نقشن، نشانن يا تاثرن مان وجود ۾ اچي ٿي، اهڙا نقش يا تاثر گهڻو ڪري اسان جي احساسن تي، اسان جي ذهانت کان به وڌيڪ قوت سان اثرانداز ٿيندا آهن، يا جن جي داخل ٿيندي ئي اسان جو ڌيان ڇڪجي ويندو آهي. گهٽ درجي جي شعور سبب ۽ ساڳئي وقت تمام گهڻن طاقتور نقشن يا تاثرن کي وري ڪنهن ٻئي خواب ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي.

هتي اسان ڏسنداسين ته ”روبرٽ“ پاران ترتيب ڏنل انهن ساڳين، ٻنهي نقشن يا تاثرن جي درجي بنديءَ لاءِ ڪيل دعويٰ منجهان، اسان لاءِ ڪهڙي ڳالهه اهم آهي: انفرادي ۽ روزمرهه جي خسيس تاثرن واري يا اهي جن سان ”ڊيلاگيءَ“ جو تعلق نه آهي، جيڪي  حالتن کي هڪ ٻئي رخ ۾ موڙي ٿيون ڇڏين، هن ان کي به ان  ڪري کنيو آهي ڇاڪاڻ ته اهي نقش يا تاثر، انهن سان ڪار وهنوار جي معاملن ۾ نه ساٿ نه ٿا ڏين، جو اهي پاڻ به خوابن جي پيداوار جي قابل آهن، پر انڪري نه ته اهي ڪي خسيس ۽ معمولي قسم جا آهن. ڪنهن حد تائين اهو سچ آهي ته روزمرهه جا خسيس ۽ معمولي تاثر به مڪمل طور تي وهنوار نه ٿا رکن؛ تازن تاثرن جي فطري صورت ۾ انهن جو مثال ائين آهي، جيئن ”مونجهاري سبب ڀريل تمام تڪڙيون ٻرانگهون.“ (ف-س). جيڪي ننڊ دوران ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿيون. اهي طاقتور تاثر يا نشان، جيڪي مٿن غور ڪرڻ جي عملي چڪاس سان گڏبا آهن، يا جيڪي ڄاڻي ٻجهي، جوش ۽ جذبي تي قابو رکڻ تحت، تاثرن جي بجاءِ خوابن ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي ڪردار ادا ڪرڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي تاثر يا نشان ڪمزور هوندا آهن يا انهن تي ڌيان ڏنل نه هوندو آهي. نفسياتي قوت جيڪا ڪنهن لاڙي، جذبي يا سوچ کي روڪيندڙ ذهني عمل جي صورت ۾ ڏينهن جي دوران جمع ٿيندي آهي، اها رات جو خوابن لاءِ، دٻايل، لڪايل يا ذهن مان ڪڍي ڇڏيل مقصد واسطي اندر ۾ موجود نيت متعلق پيدا ٿيل دٻاءُ بڻجي پوندي آهي. دٻايل، لڪايل يا ذهن مان ڪڍي ڇڏيل نفسياتي مواد خوابن ۾ سوجهرو ڪرڻ لڳندو آهي. (ساڳيو مصنف ص:43). (ف.س-(1)).

بدقسمتيءَ سان هن نڪتي تي ”ڊيلاگي“ پنهنجي ئي خيالن جي قافلي ۾ مداخلت ڪئي آهي، هو ڪنهن به آزاد نفسياتي سرگرميءَ جي سلسلي ۾ خوابن جي خوبي يا لياقت بيان ڪرڻ لاءِ تمام ننڍڙو حصو پتي ٿو شامل ڪري، ۽ اهڙيءَ ريت هو پنهنجي نظريي کي ”ذهن جي جزوي، اڌوري ۽ اڻ پوري جاڳ جي رائج نظريي“ جي قطار ۾ آڻي ٿو بيهاري: ”مختصر ته خواب، بي مقصد، بي راهه ۽ رولاڪ خيالن جي پيداوار آهن، پاڻ کي يادن ۾ تبديل ڪري، اهو ڳنڍاپو ٿو جوڙي، جيڪو پنهنجي راهه تي گهڻو ديرپا ۽ شدت سان موجود رهي ٿو ۽ پنهنجي واٽ ۽ وهڪري ۾ مداخلت به ڪري ٿو ۽ ٻنڌڻ جي اخلاقي پابنديءَ يا ضمانت ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو، جيڪا ڪڏهن ڪمزور، ڍلي مبهم ۽ غير يقيني هوندي آهي ته ڪڏهن طاقتور ۽ تمام ويجهي هوندي آهي. دماغ جي سرگرميءَ مطابق، ان وقت ننڊ جي ذريعي ننڍي يا وڏي حد، گنجائش،مقدار يا درجي سبب منسوخ ڪيل يا ختم ڪيل هوندي آهي (ف-س).

(iii)

ٽئين ماهر ٽولي جي نظرين کي اسان ان جاءِ تي رکنداسين، جيڪي خوابيده ذهن جي انهن مخصوص ”نفسياتي سرگرمين“ جي اهليت ۽ جهڪاءَ کي ٻاهر آڻڻ لاءِ انهن حوالن سان منسوب ڪندا آهن، جيڪي وڏي تعداد ۾ يا سڀئي، جاڳ جيون ۾ بلڪل نااهل هونديون آهن. انهن شعبن کي تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ، سدائين افاديت پسند عملي صلاحيت خواب پيش ڪندي آهي. نفسيات تي ويجهن ليکڪن جي طرفان، خوابن لاءِ جوڙيل ڪيترائي تخمينا، هن ڀاڱي ۾ اچن ٿا. بهرحال مون لاءِ ”برداخ“ (صفحو: 512) جي ڪجهه سٽن جو حوالو ڏيڻ ڪافي ٿيندو.

”خواب ڏسڻ.“

هو لکي ٿو: ”ذهن جي هڪ فطري سرگرمي آهي، جيڪا انفرادي خوبيون يا گڻن جي قوت تائين محدود نه هوندي آهي، ان ۾ ذاتي شعور جي ڪري به خلل نه پوندو آهي ۽ جيڪا شخصي عزم يا ارادي جي ذريعي به ڪي هدايتون حاصل نه ڪندي آهي، پر اها حواسي مرڪزن جي آزادگيءَ سان عمل ڪندڙ ڦڙتي هوندي آهي.“

ذهن جي اها پڌرائي، پنهنجين قوتن جي آزاد استعمال جي سلسلي ۾ ”برداخ“ چٽي ريت قبول ڪيو آهي، ۽ باقي بچيل صورتحال، جنهن ۾ دماغ تازو توانو رهي ٿو ۽ ڏينهن جي ڪم ڪار لاءِ نئين سگهه کي گڏ ڪري ٿو، جنهن ۾، حقيقت اها آهي ته هو ان کي هڪ قسم جي موڪل واري ڏينهن جو مزو ماڻي ٿو. اهڙيءَ ريت ”برداخ“ (ص: 514) اهڙن ته وڻندڙ لفظن ۾ ان ثابتيءَ سان حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ شاعر ۽ ناول نگار خوابن جي اثر يا ان جي شاهي اختيار جي ساراهه ڪندا آهن: ”سپنا، زندگيءَ جي يڪسانيت جي خلاف ڍال آهن؛ اهي تخيل کي بندشن کان آزاد ڪري ٿا ڇڏين، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اهي روزمرهه جي سمورين تصويرن جي وجود کي مونجاري ۾ به مبتلا ڪندا هجن، ۽ نوجوان ماڻهن جي نه رڪجندڙ شدت ۾ ٻار جي فرحت ڏيندڙ راند وانگر رڪاوٽ پيدا ڪندا هجن. سپنن ڏسڻ بنا اسان پڪ سان تمام جلدي پوڙها ٿيڻ لڳندا آهيون؛ ان ڪري اسان کي انهيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي، ائين نه ته اهو ڪو مٿين سطح تي عطا ڪيل تحفو آهي پر هڪ انمول وندر، ورونهن آهي جيڪا جسم کي تازو توانو بنائيندي آهي. هڪ سنگتي جيان اسان جي زيارتن کان قبر تائين جي سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ هوندو آهي. (”هينرخ وان آفٽر ڊين جين“ حصو پهريون، باب پهريون، Heinrich von Ofterdingen 1802,Part,1, Chap.I .

خواب جو زندگيءَ ڏانهن موٽڻ ۽ ٻيهر چاق چڱو ڀلو ڪرڻ واري عمل کي ڪجهه وڌيڪ سٺي انداز ۾ ”پرڪنجي“ (Purkinje. 1846,456) بيان ڪيو آهي. اهي عملي ڪم خاص طور تي پيداوري سگهه رکندڙ خوابن جي لاءِ ادا ٿيندا آهن، اهي تخيلاتي صلاحيت لاءِ هڪ آساني پيدا ڪندڙ هوندا آهن، ۽ انهن جو ڏينهن جي معاملن سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. دماغ، جاڳ جيون جي انهن مونجهارن يا پريشانين کي اينگهائڻ جي خواهش نه رکندو آهي؛ هو انهن لاءِ آرام جي تلاش ڪندو آهي، ۽ انهن مان حاصل به ڪندو آهي. هو لڳڀڳ سمورين حالتن کي جاڳ جي برخلاف پيش ڪندو آهي، افسوس کي راحت ۾ تبديل ڪندو آهي، اميدن ۽ خوشيءَ مان وايون بتال ڪندڙ تصويرن ذريعي، ڌڪار کي پيار ۽ دوستيءَ جي ذريعي، ڊپ کي همٿ ۽ دورانديشيءَ جي ذريعي، سزا ڏيڻ يا کائڻ واري حالت، قائل ٿيڻ، مضبوط عقيدي يا ويساهه، ثابت قدمي يا وفاداريءَ ذريعي شڪ شبهن جي شدت کي گهٽائڻ ۽ ٺلهيون اميدن، خواهشن جي پورائي ذريعي. ڪيترا ئي روحاني زخم، جيڪي ڏينهن دوران شدت سان ٻيهر اکلي پوندا آهن، ننڊ ذريعي اهي زخم ڇٽي ويندا آهن، ننڊ کين پناهه ڏيندي آهي ۽ ڪنهن تازي زخم جي خلاف ڍال بڻجي بيهندي آهي. وقت جو مرهم بڻجڻ به وقتي طور ان تي ئي منحصر هوندو آهي.“

اسان سڀني کي اهو احساس آهي ته ننڊ، ذهني سرگرميءَ تي هڪ خوشگوار ۽ فائديمند اثر وجهندي آهي، ۽ ذهن، ڪنهن گهڻگهري جي اڻ چٽي ڪم ڪار کي رد ڪرڻ جي اجازت به پاڻ ڏيندو آهي، ان جي عقيدن تي ڌاڙو هڻندو آهي، اهڙي قسم جا خواب- خيال، هڪ اهڙو رستو هوندا آهن، جنهن ۾ ننڊ، فائدن جي ونڊڻ وراهڻ جو ڪم ڪندي آهي.

خوابن کي، ذهن جي خاص سرگرمي ثابت ڪرڻ جي تمام گهڻي اصلوڪي ۽ دوررس ڪوشش ۾ اها وضاحت ڪئي وئي آهي ته آزاديءَ سان ڦهلاءَ رڳو ننڊ جي حالت دوران ٿيندو آهي، جنهن جي پڪ 1861ع ڌاري ”شيرنر“ ڏني هئي، سندس ڪتاب ڀڙڪيدار ۽ اونچائيءَ تي اڏاڻل طرز تي لکيل آهي ۽ پنهنجي موضوع لاءِ گهڻو ڪري نشي واري مستي، سرشاري، جوش ۽ ولولي کان متاثر آهي، جيڪو هر ان ماڻهوءَ کي رد ڪرڻ تي ڪاربند آهي، جيڪو ساڻس شامل راءِ نه ٿو ٿي سگهي. سندس متن جي تجزيي متعلق، هن رستي ۾ اهڙي ته مشڪلات پيدا ڪئي آهي جو اسان معروف فيلسوف ”والڪيلٽ“ پاران ”شيرنر“ جي چٽائيءَ ۽ مختصر اظهار واري نظريي ڏانهن، وڏي آرام سان موٽي سگهون ٿا. چوي ٿو: ”اهي مطلب يا معنيٰ جا تجويز ڪيل ترورا، عارفانه وجداني احساسن جي انبار مان جڳمڳ ڪندڙ روشنيءَ جيان اڳتي هلن ٿا. اهي عظمت، عقيدت، جلوي ۽ جوت سان ڀريل بادل هوندا آهن پر اهي ڪنهن فيلسوف جي رستي تي روشني ڪري نه سگهندا آهن.“ والڪيلٽ“ (صفحو: 29) جو چوڻ آهي ته ”شيرنر“ جي تحريرن کي خود سندس شاگردن ئي سمجهيو ۽ پرکيو هو.

”شيرنر“ انهن منجهان نه هو، جن جو عقيدو هو ته ذهن جون وسعتون، خواب جيون ۾ مسلسل طور تي گهٽيل يا سسيل نه ٿيون رهن. ”والڪيلٽ“ جي لفظن (صفحو: 30) ۾ هو خود ظاهر ڪري ٿو ته ” آپي“ (Ego) جي خطري يا گهٻراهٽ جو اظهار، ميکه مرڪزي حيثيت ڪيئن ٿو رکي! سندس بي اختيار قوت، خوابن ۾ پنهنجي تنتي نظام کان محروم ڪيئن ٿي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي، اختيارين جي اها ورڇ، ڄاڻڻ ۽ سمجهه جي عملي صلاحيت: احساس، ارادي ۽ تمثيل جي مفهوم کي مشروط ۽ محدود ڪيئن ٿي ڪري ۽ ڪهڙيءَ ريت اهي باقي بچيل نفسياتي عملي طريقا، حقيقي ذهني ڪردار ادا ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا، پر پنهنجي جوڙجڪ يا ترتيب کان وڌيڪ نه. پر ڀيٽ ڪرڻ يا فرق ڪرڻ جي صورت ۾، ذهني سرگرمي، جيڪا ٿي سگهي ٿو ”تخيل“ جي طور تي بيان ٿيندي هجي، اها سبب يا ڪارڻ جي دٻاءَ کان آزاد ۽ ڪنهن به شدت کان پاسو ڪندي، هڪ لامحدود خودمختياريءَ جي حالت ۾ ٽپي پوندي آهي. جيتوڻيڪ خوابي تخيل، پنهنجي عمارت جي تعمير لاءِ سجاڳيءَ وارين، تازين يادن کي استعمال ۾ آڻيندو آهي. پوءِ به اهي ذهني وسعتون کين، جاڳ جيون جي تمام پرانهين هڪجهڙائي رکندڙ تصويري بناوٽن ذريعي اٿارينديون آهن، وابستگيءَ سبب، خوابن ۾ اهي پاڻ ئي ظاهر ٿينديون آهن، نه رڳو ٻيهر تخليق لاءِ پر ”تخليقي قوتن“ لاءِ پڻ. (ساڳيو ڪتاب صفحو 31). انهن جون خاصيتون، عارضي طور تي، جيڪي نيارا ۽ نج عنصر خوابن ڏانهن آڻينديون آهن، اهي ان ڳالهه جي اهميت کي ظاهر ڪنديون آهن ته حد کان وڌيڪ ڇڙواڳ (Immoderate)، مبالغي سان بيان ڪيل (Exaggrate) ۽ خوفناڪ (Monstrous) عنصر ڪهڙا آهن. پر ساڳئي وقت تي خيالن جي رڪاوٽن جي ترتيب يا درجي بنديءَ کان به آزاد هوندا آهن. جيڪي لچڪ، چستيءَ ۽ گهڻين صلاحيتن وارن ڳڻن مان، فائدو وٺندا آهن.

نرم ۽ نازڪ جذبن جا پاڇا، شديد جذبا رکندڙ ۽ انهن جو اظهار ڪندڙ انتهائي جذباتي احساسن سان نهايت تيز فهم انداز ۾ اثر پذير ٿيندا آهن. ۽ اسان جي اندروني زندگيءَ منجهان، تصويري طور تي ٻاهرين ۽ پيوندي روپ ۾ ٺهه پهه ضم ڪري وٺندا آهن. سپنن ۾ ”تصور يا تخيل“، بنا ڪنهن نظرياتي قوت جي، خيالن يا احساسن کي واضع صورت ڏيندڙ عمل هوندو آهي. اهو انهن جذبن جي خدمت بجا آڻيندي، اها تصوير ڪشي ڪندو آهي، جنهن کي تصويري عمل چئي سگهجي ٿو، ۽ ان جي شدت کي گهٽائڻ جو تيسيتائين ڪو تصور موجود نه هوندو آهي، جيسيتائين خيالن ۽ احساسن کي واضح آوازن ۽ لفظن ۾ ادا ڪرڻ جو عمل (Speech)، تصويري بناوٽ کي ان کي ڀرپور قوت سان مڪمل ڪري استعمال جي قابل نه بنائيندو آهي. اهڙيءَ ريت، بهرحال اهو چٽي اظهار بجاءِ، ڇڊو، ڌنڌلو، اڻ گهڙيو، اڍنگو، بي ڊولو، ٿڙيل ۽ منجهيل ٿي سگهي ٿو. ان جي خيالن ۽ احساسن کي واضع آوازن ۽ لفظن ۾ ادا ڪرڻ جي عملي چٽائي، خاص ڪري ان حقيقت کي پيش ڪرڻ جي مونجهاري ۾ مبتلا هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مقصد جي نمائندگيءَ لاءِ، کيس درست تصوراتي صورت پيش ڪرڻ پسند نه هوندو آهي ۽ هو چند ٻاهرين، غير ضروري يا بنهه اڻ لاڳاپيل تصوراتي شڪلين کي اهميت ڏيندو آهي، جيڪي رڳو خاص ان مقصد جي انهيءَ اهميت سبب ڀوڳنا جو سفر ڪنديون آهن، جيڪي نمائندگيءَ جي پورائي لاءِ ووڙينديون آهن ۽ هتي ئي اسان کي تصور جي ”علامتي سرگرمي“ نظر آئي آهي....

ساڳئي ڪتاب جي صفحي 32 تي، هڪ ٻيو اهم نڪتو هي آيل آهي ته خوابي تصور، شين جي ڪڏهن به خاڪي يا تصوير ذريعي مڪمل تشريح نه ڪندو آهي، پر رڳو مٿاڇري انداز ۾، سو به رڳو مروج اڻ گهڙيل يا ناهموار طريقي سان خاڪو ڇڪيندو آهي. ان سبب سندس مصوري متاثر ٿيل خاڪن جيان نظر ايندي آهي، اها مصوري اتي ئي ڊاٻو ڪري نه ويهندي آهي، پر رڳو ڪنهن مقصد جي نمائندگيءَ ۾ اها اندروني ضرورت تحت، ”خوابي آپي“ کي ڪنهن وڏي يا ننڍي گنجائش جي ذريعي، مقصد سان ملوث ڪندي آهي، ۽ اهڙيءَ ريت هڪڙو واقعو پيش ٿيڻ لڳندو آهي. مثال طور ڪنهن تصويري ترغيب جي اثر سبب، ڪو خواب اچي ٿو ته اهو، گهٽيءَ ۾ پيل سون جي سڪن جي صورت ۾ نمائندگي ڪري سگهي ٿو: خواب ڏسندڙ وڏي سرهائيءَ سان انهن کي کڻي وڃڻ لڳندو. (ساڳيو ڪتاب صفحو 33).

اهو مواد جنهن سان خواب جو تصور، پنهنجي فني صورت ۾ اصولي طور تي مڪمل ٿيل هوندو آهي، ”شيرنر“ مطابق اهو ”عضوياتي- جسماني“ جيو گهرڙن جي انهن ترغيبن پاران مهيا ڪيل هوندو آهي، جيڪو ڏينهن دوران اڻ چٽو، جهڪو يا مبهم هوندو آهي. اهڙيءَ ريت ”شيرنر“ امتيازي طور تي نهايت حيرت انگيز قياس آرائي ڪئي آهي، ۽ لڳڀڳ ”وونٽ“ ۽ عضون جي ٻين ماهرن جو نظريو حد کان وڌيڪ سنجيده آهي، جن کي ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته علم بدن جي دليلن مطابق اهي، پنهنجي پنهنجي نظريي جي بنيادن ۽ خوابن جي اڀاريندڙ عنصر، ان حوالي سان الڳ الڳ ٽڪرن ۾ تقسيم ٿيل ٿنڀا آهن. بهرحال جسماني جيو گهرڙن جي اندروني ترغيب جو ردعمل، ترغيب جي رٿا يا مقصد واسطي، چند خيالن جي اڀارڻ يا چورڻ سان، ٿڪجي پوندا آهن يا نيڪال ٿي ويندا آهن، اهي خيال، ڪنهن لاڳاپيل طريقي سان ٻين کي اڀاريندا آهن، ۽ خوابن ۾ نفسياتي واقعا هن نڪتي تي اچي، اختيار ڪيل واٽ ذريعي، پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي نظر ايندا آهن. ”شيرنر“ مطابق، ٻئي طرف جسماني جيو گهرڙن جي ترغيب، ذهن کي ان مواد سان گڏ وڌيڪ ڪجهه به مهيا نه ڪندي آهي، جيڪو تصور جي مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهي. خوابن جي جوڙجڪ رڳو ابتدا ڪندي آهي، ”شيرنر“ جون نظرون ان نڪتي تي رسن ٿيون، جتي ٻين ليکڪ جي حوالي سان ان جي پڄاڻي ٿئي ٿي.

”خواب جو تصور ڪرڻ جو عمل“، جسماني جيوگهرڙن جي ترغيب لاءِ ڇا نه ٿو ڪري سگهي، ظاهر آهي، اهو ان جي ڪارآمد مقصد جي خدمت سرانجام ڏيڻ لاءِ ئي ته ڪري ٿو، اهو انهن سان تصويرن ۽ عضوياتي ڪارڻن لاءِ ئي عمل ڪري ٿو، جن منجهان، خواب جي ترغيب جو معاملو، روپ ڏيڻ واري علامتي نظريي تحت اڀري ٿو. ”شيرنر“ ان راءِ جو آهي، جيتوڻيڪ ”والڪيلٽ“  (صفحو: 37) ٻين ليکڪن سندس پوئواري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ته خوابي تصور کي، عضوياتي اندروني چرپر جي مجموعي نمائندگي ڪرڻ لاءِ رڳو هڪڙو ئي پسنديده ۽ خاص رستو آهي، ڄڻ اهو ڪنهن گهر جيان هجي. خوش قسمتيءَ سان، بهرحال اهو، نمائندگيءَ جي ان هڪڙي طريقي تي پابندي مڙهيندي نظر نه ٿو اچي. ٻئي پاسي گهرن جي پوري قطار کي، هڪڙي عضوي جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. مثال طور گهرن جي تمام ڊگهي قطار واري گهٽي، هاضمي جي نظام طرفان ترغيبي نمائندگي ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ ريت وري ٿي سگهي ٿو ته گهر جا الڳ حصا، جسم جي علحده حصن واري جاءِ والارين. اهڙيءَ ريت مٿي جي سور جو ڪارڻ، خواب ۾ ڪمري جي ڇت جو اندريون حصو بڇان ڏياريندڙ، ڏيڏر مهانڊي ڪوريئڙي سان ڍڪيل صورت ۾ نمائندگي ڪري سگهي ٿو. (ساڳيو ڪتاب صفحو 33).

”گهر“ جي ان علامت کي هڪ طرف رکي، چند مختلف قسم جي شين کي جسم جي انهن حصن جي نمائندگيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪي خواب کي تحرڪ يا جوش لاءِ اڀارڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. اهڙيءَ ريت ڦڦڙن جو سهڪو، بٺي، آوي يا آتشدان جي ڏنڀ جي علامت اظهار ذريعي نمائندگي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي شعلي جي ڀڙڪڻ جو آواز، سندس ساهه کڻڻ جهڙو نڪرندو آهي: ”دل“ وري خالي پيتين يا ٽوڪرين جي صورت ۾ پيش ٿي سگهي ٿي، ”مثانو“ ڪنهن ”گول“ جي شڪل ۾، ٿيلهي جهڙين شين ذريعي يا عام طور تي خالي يا کوکلين شين ذريعي پيش ٿئي ٿو. خواب جيڪڏهن ڪنهن مرد ۾ جنسي عضوي جي ترغيبي اڀار سبب جڙيو آهي ته ان صورت ۾ خواب ڏسندڙ، گهٽيءَ ۾ وڄندڙ سازن مان ڪلارنيٽ جي ساز جو مٿيون حصو ڏسي ٿو، يا حقي جي نڙ جو سرو، يا وري نرم ۽ گهاٽي بج وارو مفلر ڏسي ٿو. هتي ڪلارنيٽ ۽ نڙ جو  سرو، ذري گهٽ مرداڻي عضوي جي نمائندگي ڪري ٿو، جڏهن ته نرم ۽ گهاٽي بج وارو مفلر، جنسي عضوي جي وارن جي علامتي صورت آهي. عورتن جي جنسي خواب جي معاملي ۾ چَڏن جي وچ ۾ سوڙهو لنگهه، گهرن جي چوڌاري سوڙهي ڏيوڍيءَ جي صورت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت فرج جي علامت، پيادل هلڻ وارو اهو نرم، ترڪڻو ۽ سوڙهو لنگهه ٿي سگهي ٿو، جيڪو اڱڻ جي ٻئي پاسي ويندو هجي، جنهن تان خواب ڏسندڙ گذرندو هجي، خاص طور تي ڪو شخص شايد خط کڻندو هجي.“ (ساڳيو ڪتاب صفحو 34).

ان ڳالهه کي خاص ۽ وڏي اهميت آهي ته جسماني جيو گهرڙن جي تحرڪ يا جوش جي اڀارڻ تي خوابن جو اختتام، ان ريت ٿيندو آهي ته خوابي تخيل، پنهنجي ٻهروپ کي پاسي تي اڇلائي ڇڏيندو آهي، ۽ اهي جيئن موجود هئا، تيئن ئي واسطيدار عضوي ذريعي، لڪل شين يا ان جي ڪم کي نهايت چٽي نموني پڌرو ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت ”ڏند جي تڪليف“ سان ڏٺل خواب جي عام طور تي پڄاڻيءَ کي، خواب ڏسندڙ پنهنجي وات مان ڏند کي ڪڍڻ واري تصويري عمل ذريعي ڏسندو.“ (ساڳيو ڪتاب صفحو 35).

ٿي سگهي ٿو ته خوابن جو عڪسي عمل، ڪنهن عضوي جي تڪليف يا جوش جي حالت ۾ سڌو سنئون ڌيان نه ڇڪائيندو هجي، اهو ان عضوي ۾ تت، حصي يا مادي تي مشتمل ساڳئي ئي درجي جو علامتي عمل ٿي سگهي ٿو. ان رستي هڪ خواب، هاضمي جي تڪليف، خواب ڏسندڙ کي گپ واريءَ گهٽين مان گذرڻ ذريعي رهنمائي ڪري سگهي ٿي، يا ڪنهن کي پيشابن جي تڪليف هجي ته ان کي گج (Foam) جي وهڪري جو منظر نظر اچي سگهي ٿو، يا ائين به ٿيندو آهي ته تڪليف خود به فطري جذباتي ردعمل کي پيدا ڪندي آهي يا علامتي نمائندگي ڪرڻ، خود ان مقصد جي ضرورت هجي. يا خواب جو آپو، علامتن جي پنهنجي دنيا سان هڪ مضبوط تعلق سبب داخل ٿيندو هجي؛ مثال طور، تڪليف ڏيندڙ ترغيب جي معاملي ۾ خواب ڏسندڙ ڇتن ڪُتن يا خونخوار قسم جي ڏاندن کان بچڻ جي ڪوشش دوران مايوسيءَ ۾ گهيريل نظر اچي سگهي ٿو، ۽ ڪنهن عورت کي، پنهنجي خواب ۾ ڪنهن اگهاڙي مرد پاران جنسي رغبت پيدا ڪرڻ جو منظر نظر اچي سگهي ٿو. (ساڳيو ڪتاب صفحو 35). ڌن دولت حاصل ڪرڻ ۾ مصروف رهڻ واري معاملي کان بنهه هٽي ڏسبو ته تصور جي علامتي سرگرمي، هر خواب ۾ سدائين هڪ مرڪزي قوت وانگر جاري رهندي آهي. (ساڳيو ڪتاب صفحو 36). تصور جي ان فطرت ۾ مڪمل طور تي اثر انداز ٿيڻ، داخل ٿيڻ يا گهرائيءَ سان سمجهڻ، جي ذميداري ۽ ڏاهپ جي خيالن جي طريقي لاءِ مقرر جاءِ جي ڳولها ڪرڻ بابت ”والڪيلٽ“ جي ڪيل ڪوششن کي هن ئي ڪتاب جي صفحن ۾ آندو ويو آهي، پر جيتوڻيڪ اهي نهايت چڱيءَ طرح ۽ محسوس ڪندي لکيا ويا آهن، ان هوندي به انهن ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ گهڻي قدر مشڪل آهن، جن جي ابتدائي تعليم کين، فلسفي جي تصوراتي يا احساساتي ساخت، يا تنتي نظام جي ان حصي جي همدرداڻي صلاحيت (Sympathetic) کي، جيڪا اضافي تنتي نظام سان گڏجڻ سبب خودڪار تنتي نظام تحت ڪم ڪندي آهي، سمجهڻ لاءِ تيار نه ڪيو آهي.

ان کانسواءِ ٻيو ڪو به افاديت وارو ڪم ”شيرنر“ جي ”علامتي رمز وسيلي پيدا ٿيندڙ تصور“ سان وابستا نه آهي. دماغ، ماڻهوءَ جي ننڊ ۾ تحرڪ يا ترغيب سان گڏ عمل ڪري ٿو، جيڪو مٿس بي جا مداخلت ڪري ٿو. ماڻهو گهڻو ڪري شڪجي، ڌڪو هڻڻ لڳندا آهن ته اهو ساڻن شرارت پيو ڪري. پر مان اهو چئي سگهان ٿو ته ”شيرنر“ جي ڏسيل خوابن جي نظريي متعلق ڪيل منهنجي تفصيلي اڀياس، ڪنهن افادي مقصد جو پورائو ڪيو آهي! مان سمجهان ٿو ته لڳاتار ان جي خيال يا ريچڪ تي ٻڌل قطعي خاصيت ۽ تحقيق جي سمورن اصولن کي نه مڃڻ، صاف ظاهر آهي. ڪنهن سوال جي موٽ ڏيڻ واري حوالي سان، مان غرور، هٺ ڌرميءَ جي خلاف پنهنجو احتجاج ذهن نشين ڪرائڻ ٿو چاهيان، جيڪو ”شيرنر“ جي اڻ جاچيل نظريي کي رد ڪري ٿو.

هن، ماڻهوءَ متعلق، خوابن جي علامتن ۽ نشانين تي مشتمل پنهنجو نڪتي نظر جوڙيو آهي، جنهن تي تمام گهڻي ڌيان سان غور ڪيو ويو آهي ۽ سندس، ذهن جي مبهم شين جي تحقيق کي انتهائي عظيم شخصي تحفو سمجهي قبول ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ هو ان موضوع جي اڳواڻي ڪري ٿو ته انسان ذات جي حوالي سان هزارين سالن کان اهو هڪ اسرار يا ڳجهارت جيان هلندو اچي ٿو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، پر ان ۾ اهم هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ۽ ان جو انومان، اشارن يا مفهوم جي ڪيتري اهميت ٿو رکي! جنهن موضوع کان نٽايو ٿو وڃي اهو اصل ۾ مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي  مان حاصل ڪيل ڄاڻ (Science) تي مشتمل آهي. ان کانسواءِ ان جي معنائن، قدر، اهميت يا خاصيت جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوشش جي انڪار (خاص طور تي مشهور احساسن جي سڌي سنئين مخالفت)، جي حوالي سان ان جي قبوليت به تمام مختصر آهي. ۽ آخرڪار نهايت ايمانداريءَ سان چئجي ٿو ته خوابن جي حيرت انگيز ۽ پراسرار هجڻ کي بيان ڪرڻ کان لنوائڻ به آسان نه آهي، ۽ ڳوڙهي ڦرڙيءَ يا لڦ جا جيو گهرڙا به حيرت انگيز ٿي سگهن ٿا. ”بنز“ جهڙي سنجيده تمام صحيح تحقيق ڪندڙ جو جيڪو حوالو مان اڳ ۾ ڏئي آيو آهيان، ۽ جيڪو اهو رستو بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ جاڳ جو اڀرڻ، مغز يا ميڄالي جي تهن مان ننڊ جي جيو گهرڙن جي وڏي مقدار کي چورائي ٿو، اهو پڻ گهٽ حيرت انگيز ۽ گهٽ مشڪل نه آهي. جنهن کانپوءِ تجزين لاءِ ورتل خود ”شيرنر“ جون ڪوششون، اميد ته اهي، اهو ظاهر ڪرڻ جي قابل ٿي وينديون ته گذري ويل دور جي معاملن پويان حقيقت جو هڪ عنصر موجود ضرور آهي، حالانڪ ان کي رڳو حواسن جي مدد سان سڃاڻڻ به غير يقيني انداز سان پرکڻ آهي ۽ جنهن ۾ آفاقيت يا عالمگيريت جي ان خوبي يا لياقت بيان ڪرڻ جي گهٽتائي آهي، جيڪا خوابن جي نظريي جي خاصيت بيان ڪري سگهي. ساڳئي وقت تي، ”شيرنر“ جي نظريي ۽ طب جي وچ ۾ تضاد، اسان کي انهن انتهائن جي وچ ۾ فرق ڏيکارين ٿيون، جيڪي اڄوڪين حالتن ۾ خواب جيون جي وضاحتن کي ڪڏهن هڪ پاسي ته ڪڏهن ٻئي پاسي لڏڻ واري شڪ ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن(1). 

( 8 )

خوابن ۽ ذهني بيمارين جو پاڻ ۾ تعلق

RELATIONS BETWEEN DREAMS AND MENTAL DISEASES.

 

اسان جڏهن خوابن جي، ذهني بدنظميءَ سان تعلق  متعلق ڳالهائيندا آهيون ته اسان ٽن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندا آهيون:

(1)     عارضي جا سبب ۽ طبي تعلق. تڏهن، جڏهن خواب ذهني/ نفسياتي انتشار واري (Psychotic) حالت جي نمائندگي ڪري، يا ان کي پيش ڪري، يا ان کي پٺيءَ پويان ڦٽو ڪري ڇڏيو هجي.

(2)    ذهني بيماريءَ جي انهن معاملن ۾ ترميم، جن ۾ خواب جيون موضوع هجي.

(3)           خوابن ۽ ذهني انتشار واري نفسي مرض(Psychoses) جي وچ ۾ فطري يا پيدائشي لاڳاپا. مٽن مائٽن جي وچ ۾ هڪ جهڙائيءَ جا ارڪان.

منطقي طور حقيقت بيان ڪندڙ ٻن ماهر ٽولن جي وچ ۾ اهي لاتعداد لاڳاپا، ابتدائي دور ۾ طب تي لکندڙن لاءِ نهايت دلچسپ موضوع رهيو آهي، ۽ اڄڪلهه وري ٻيهر ساڳئي دلچسپيءَ جو سبب بڻيو آهي، جيئن ان موضوع تي ”اسپيٽا“ (صفحو 196 ۽ 319)، ”راڊيسٽاڪ“ (ص: 217)، ”مائوري“ (ص: 124) ۽ ”تيسي“ (ص: 77) جي تيار ڪيل ڪتابن جي فهرستن (Bibliographies) ۾ ڄاڻايل آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ”سانتي ڊي سئنڪتس“ (Sante de Sanctis) جو ڌيان به ان پاسي ويو آهي،(1)

مان جيڪڏهن انهيءَ اهم سوال کي وڌيڪ نه ڇيڙيان ته به منهنجي مضمون جي مقصد لاءِ اهي ئي ڪافي آهن. طبي ۽ عارضي جي سببن يا علت شناسيءَ جي حوالي سان، خوابن ۽ ذهني انتشار واري نفسي مرض(Psychoses) جي وچ ۾ لاڳاپن لاءِ چند مشاهدي ۾ آيل مثال ڏئي سگهجن ٿا. ”هونبيوم“ (Hohnbaum. 1830,124)، ”ڪروس“ (صفحو: 619) جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”وهم يا وسوسي ۾ مبتلا ڪندڙ چريائپ جي اوچتو ظاهر ٿيڻ جي ابتدا گهڻو ڪري ڳڻتي يا خوف پيدا ڪندڙ خوابن جي اچڻ سان ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته غلبو پيدا ڪندڙ خيال ئي خواب سان ڳنڍيل هوندو آهي. ”سانتي ڊي سئنڪتس“ به وسوسي يا ماليخوليا (Paranoia) جي معاملن ۾ ساڳين ئي مشاهدن کي اڳيان آندو آهي، ۽ ثابت ڪيو آهي ته ڪجهه معاملن ۾ خوب، چريائپ (Insanity) جو، بلڪل درست ۽ طئي ڪيل سبب هوندو آهي، (ف-س).

”سانتي ڊي سئنڪتس“ جو چوڻ آهي ته ذهني انتشار وارو نفسي مرض، خواب جي عمل ذريعي، زندگيءَ ۾ اوچتو حملو ڪري سگهي ٿو، جيڪو وهم ۽ وسوسي جي مواد کي روشنيءَ ۾ آڻي سگهي ٿو، يا اهو آهستگيءَ سان، ٻين خوابن جي سلسلي ذريعي اسري سگهي ٿو، جيڪو شڪ شبهي جي ٿوري گهڻي حالت تي وري به حاوي ٿي سگهي ٿو. خوابن جي مشاهدي ۾ آيل هڪ نهايت اهم خواب ذريعي هن، رحم جي روڳ (Hysterical) جي وچٿري حملي کي ڳولهي ورتو هو ۽ پوءِ ذهني دٻاءَ ۽ ڳڻتي پيدا ڪندڙ سوداءَ يا ماليخوليا (Melancholia) جي حالت ۾ به مشاهدو ڪيو هو. ”فيري“ (Fere.1886)  جو حوالو ڏيندي ”تيسي“ (صفحو: 78)هڪڙو خواب پيش ڪيو آهي، جيڪو رحم جي روڳ واري معذوريءَ جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيل آهي. اهڙن مثالن ۾ خواب، ذهني وڳوڙ  يا بدنظميءَ جي عارضي جي سببن يا علت شناسيءَ جيان نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو، پر اسان کي حقيقتن سان برابريءَ جي بنياد تي انصاف ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان ائين چئون ته ذهني انتشار پنهنجو پهريون اظهار خواب جيون ۾ ڪري ٿو ته اها خواب ۾ اولين دريافت چئبي. ٻين ڪجهه مثالن ۾ مرض جون نشانيون يا علامتون، خواب جيون ۾ شامل هونديون آهن، يا خواب جيون ۾ ذهني انتشار وارو نفسي مرض محدود هوندو آهي. اهڙيءَ ريت ”دماير“ (Thomayer. 1896) فڪر ڳڻتيءَ جي چند خوابن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جن لاءِ سندس خيال آهي ته اهي مرگهيءَ واري (Epilaptic) دوري سان مطابقت رکن ٿا. ”اليسن“ (Allison. 1868) جو حوالو ڏيندي راڊيسٽاڪ (صفحو: 225) بيان ڪري ٿو ته ”رات جو فعال ٿيڻ واري چريائپ (Nocturnal Insanity) جنهن ۾ مريض پاڻ کي ڏينهن جو بلڪل تندرست نظر ايندو آهي، پر رات جو مٿس چريائپ جو دورو پوندو رهندو آهي ۽ سودائن جو سلسلو سدائين ساڻس گڏ رهندو آهي. ”ڊي سئنڪتس“ (صفحو: 226) ۽ ”تيسي“ ساڳيا مشاهدا بيان ڪيا آهن (شراب واپرائيندڙ مريض به لڳڀڳ سوداءَ يا ماليخوليا جي مريض جهڙو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي زال تي بيوفائي جو ڏوهه مڙهيندو آهي). بعد ۾ 1898ع دوران تازن مثالن ذريعي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مرض جو فطري عمل، ڄڻ وهمي حدن جي بنياد تي ورتاءُ ڪري ٿو ۽ من اڇل (Impulse) جي سوچ جو غلبو، خوابن مان هلي اچي ٿو. ”گئسلين“ (Guislain. 1833) خواب جو هڪ مثال بيان ڪيو آهي جنهن ۾ ننڊ، ٿوري ٿوري دير کانپوءِ ٿيندڙ چريائپ جي ذريعي بدلجي ٿي.

ان ۾ ڪو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي ته خوابن جي نفسياتي عمل سان لڳو لڳ، هڪ ڏينهن طبي ماهرن کي پنهنجو ڌيان ”خوابن جي نفسياتي علاج جي طريقي“ ڏانهن ضرور ڏيڻو پوندو.

ذهني بيمارين مان صحتمند ٿي وڃڻ جي صورت ۾ گهڻو ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته جيتوڻيڪ ڏينهن دوران ڪم ڪار عام رواجي انداز سان هلندڙ هوندو آهي ته به خواب جيون، ذهني انتشار جي اثر هيٺ رهندو آهي. ”ڪروس“ (صفحو: 270) موجب، جارج پهرين ان حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪرايو هو. ”ميڪاريو“ (Macario. 1847) جو حوالو ڏيندي ”تيسي“ (صفحو: 89) اظهار ڪري ٿو ته ڪو ديوانگيءَ جو مريض، پوريءَ طرح صحتمند ٿيڻ جي هفتي کانپوءِ به سندس خوابن ۾ خيالن جي پرواز لاءِ، ڪيئن نه ساڳيو ئي موضوع اٽڪيل هوندو آهي، ۽ وڳوڙي جوش جذبا سندس پنهنجي بيماريءَ جون خاصيتون هونديون آهن.

خواب جيون ۾ ذهني انتشار واري پراڻي، يا موروثي نفسي مرض جي ترميمي حالتن جي ظاهر ٿيڻ متعلق هيل تائين تمام ٿورڙي تحقيق سامهون آئي آهي،(1) .

ٻئي پاسي، خواب ۽ ذهني بدنظميءَ جي وسعت ۽ گنجائش جي تعين ۽ قبوليت لاءِ تمام وڏي پيماني تي ڪيل وضاحتن کي ظاهر ڪندي، بنيادي خانداني لاڳاپي ڏانهن گهڻو عرصو اڳ ڌيان ڇڪايو ويو هو. ”مائوري“ (صفحو: 124) اسان کي ٻڌائي ٿو ته انهن تي پهريون تبصرو ”ڪابئنس“ (Cabanis. 1802) ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ”لي ليو“ (Lelut. 852) ”جي موريو“ (J. Moreau. 1855) ۽ خاص طور تي ”مئن ڊي بران“ (Maine de Biran. 1834. III) نالي فلسفي ڪيو هو. بيشڪ اهي تقابلي جائزا گذريل وقتن جا آهن پر اڃان تائين تازا آهن. راڊيسٽاڪ (صفحو: 217) انهن جا ڪيترائي حوالا، پنهنجي ڪتاب جي ان باب ۾ پيش ڪيا آهن، جنهن ۾ هن ”خواب ۽ چريائپ“ ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪندڙ تجزيو پيش ڪيو آهي.

1764ع ڌاري ”ڪانٽ“ ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”چريو شخص هڪ هلندي ڦرندي خواب ڏسندڙ هوندو آهي“

”ڪروس“ (صفحو: 270) دعويٰ ڪئي آهي ته ”چريائپ“ هڪ اهڙو خواب آهي جيڪو تڏهن نظر ايندو آهي جڏهن حواس سجاڳ هوندا آهن.“

”شوپنهار“ (حصو 1 صفحو: 246) خوابن کي مختصر چريائپ ۽ چريائپ کي ڊگهو خواب سڏي ٿو.“

”هيگن“ (Hegen. 1846.812) نشي جي غلطانيءَ (Delirium) کي خواب جيون جيان بيان ڪيو آهي، جيڪو ننڊ ۾ نه پر بيماريءَ ۾ هرکائڻ يا ريجهائڻ جو ڪارڻ بڻجندو آهي.“

”وونٽ“ (ص: 662) لکي ٿو ته: ”حقيقت اها آهي ته اسان پنهنجي خوابن ۾، پنهنجي سر ئي تجربو ڪري سگهون ٿا، گهڻو ڪري ”عجب جهڙيون.“ سموريون ڪيفيتون، هڪ ٻئي سان وڃي پاڳلن جي پناهه گاهن ۾ ملن ٿيون.

”اسپيٽا“ صفحو: 199) به گهڻي ڀاڱي ”مائوري“ واري طريقي جيان مڃڻ جهڙن انهن چند مختلف نڪتن کي شمار ۾ آندو آهي، جيڪي ڀيٽ ڪرڻ جي لاءِ بنيادن جو تعين ڪن ٿا، جهڙوڪ:

1.      پنهنجي وجود جي احساسن ۽ عملن کان باخبر هجڻ/ با شعور هجڻ، معطل ٿيل هوندو آهي يا بهرحال ذهني معذوريءَ جو شڪار ٿيل هوندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ منجهس عجب يا اچرج محسوس ڪرڻ جي معذوريءَ ۽ اخلاقي شعوري ڪوتاهيءَ سميت، حالتن جي فطري ڪيفيت تي نظر ڪرڻ يا انهن کي سمجهڻ جي ڪمي هوندي آهي.

2.     حواسن ذريعي سڃاڻڻ وارن عضون جي ادراڪي صلاحيت ۾ ڦير ڦار اچي ويندي آهي: خوابن جي حوالي سان به انهن ۾ سوس اچي ويندي آهي، پر اصول مطابق، چريائپ ۾ تمام گهڻي حد تائين وڌي ويندي آهي.

3.     خيالن جي گڏيل سلسلي يا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ويچارن جو اظهار، خاص طور تي تعلق جي اصولن ۽ ٻيهر سرجڻ جي عمل مطابق ٿيندو آهي. خيال اهڙيءَ ريت پاڻمرادي سلسلي ۾ جڙندا ويندا آهن ۽ اتي ويچارن يا خيالن جي وچ ۾ مناسب مقدار ۾ گهٽتائي جو اثر پيدا ٿي پوندو آهي، جن کي وڌاءُ ۽ غير حقيقي يا گمراهه ڪندڙ ڏيک يا تاثر چئي سگهجو ٿو. اهي سموريون ڳالهيون هيٺ ڏنل نڪتي جي اڳواڻي ڪن ٿيون.

4.     ڦير گهير جو عمل يا ڪجهه معاملن ۾ شخصيت جو تضاد ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪرداري خصلتن جو اظهار (محفوظ ٿيل ورتاءُ يا انتظام).

راڊيسٽاڪ (صفحو: 219) ڪجهه وڌيڪ خوبيون شامل ڪيون آهن.

ڪن به ٻن معاملن جي وچ ۾ مشابهت رکندڙ يا هڪ جهڙايون پيدا ڪندڙ مواد، ”وهمن ۽ غلط تصور جي گهڻائي، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارن حواسن جي دائري ۽ جسم جي اندرين عضوياتي احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت (Coenaesthesia) ۾ ظاهري ٿيندي آهي. جيئن خواب جي معاملي ۾ سنگهڻ ۽ چکڻ جا حواس به ڪي عنصر مهيا ڪندا آهن، تيئن ٻئي حواسي صلاحيتون تپ ۾ مبتلا مريضن توڙي خواب ڏسندڙ جي تمام آڳاٽي ماضيءَ مان اڀريل يادن ۾ عمل ڪنديون آهن: ننڊ پيل توڙي بيمار ماڻهو، انهن انهن شين کي ياد ڪندو آهي، جيڪي جاڳيل ۽ صحتمند ماڻهن کان وسري ويل هونديون آهن.“ خوابن ۽ ذهني انتشار واري نفسي مرض جي وچ ۾ مشابهت يا هڪ جهڙائي ان وقت رڳو ڀرپور نموني ساراهيل هوندي آهي، جڏهن اها معنيٰ يا ڀرپور احساس جي عملي تفصيل سان ۽ شڪل ذريعي ڏنل تاثر جي مخصوص انداز سان ڦهليل هوندي آهي.

”هڪ شخص خوابن مان حاصل ڪيل ذهني ۽ جسماني پيڙا ڀوڳي رهيو آهي، ان کي آخر ڪهڙي حقيقت رد ڪري سگهي ٿي، ظاهر آهي، اها صحت ۽ خوشي ئي ٿي سگهي ٿي. ساڳيءَ ريت ذهني بيمارين ۾ خوشيءَ ۽ مسرت، ٺٺ ٺانگر، هاڪ، رتبي فوقيت ۽ مان واري خطاب ۽ مال متاع جون روشن تصويرون به ٿين ٿيون. جائداد جي ملڻ جي اميد ۽ خواهشن جو تصوراتي پورائو به ٿئي ٿو. ڪاٽي ڇڏڻ يا تباهي مچائڻ جو عمل، اصل ۾ چريائپ جي نفسياتي بنيادن لاءِ مڃڻ جهڙو ٿئي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري نشي جي غلطانيءَ جي مکيه سٽاءَ کي جوڙڻ جو ڪم ڪري ٿو.

هڪ عورت جو پيارو ٻار وڃائجي ويو، جنهن نشي جي غلطانيءَ دوران پنهنجي مامتا جو تمام وڏو مزو ماڻيو. هڪ مرد، جنهن جي رقم گم ٿي وئي هئي، جنهن تي هن پاڻ کي وڏي مان مرتبي وارو پئي ڀانيو. هڪ ڇوڪريءَ کي تڪراري احساسن ڏاڍو پئي ستايو ته هوءَ پيار جي نهايت نازڪ ڏور ۾ ڦاسي پئي آهي.

(راڊيسٽاڪ“ جو هي ٽڪرو اصل ۾ گريسنگر“ (Griesinger. 1845. 106) پاران تيار ڪيل، ان جي ذهانت واري مشاهدي جو مختصر جائزو آهي، جنهن نهايت چٽي نموني ڏيکاريو آهي ته خيال يا ويچار خوابن ۽ ذهني انتشار وارو نفسي مرض ۾، خواهشن جي پورائي جو عام خاصيتون هونديون آهن. منهنجي پنهنجي کوجنائن ئي مون کي سيکاريو آهي، ته خوابن ۽ ذهني انتشار واري نفسي مرض واري صورت ۾، ٻنهي جي حقيقت جو مدار نفسياتي نظريي تي آهي).

”خوابن جي نمايان خوبي ۽ چريائيءَ جو انحصار، پورالي شخص جي خيالن جي تسلسل ۽ فيصلي جي ڪمزوريءَ تي آهي.“ انهن ٻنهي حالتن ۾ (”راڊيسٽاڪ“ اڳتي لکي ٿو) ان موضوع متعلق، ذهني ڪارناما به اسان کي اندازي کان وڌيڪ ڪيل ملن ٿا، جيڪي ڪنهن سنجيده دليل لاءِ بنهه بيڪار نظر ٿا اچن؛ خوابن ۾ خيالن جي تکي ۽ تڪڙي سلسلي ۽ ذهني انتشار واري نفسي مرض دوران خيالن جي پرواز ۾ بلڪل هڪ جهڙائي آهي. ٻنهي ۾ وقت کي ساڃاهڻ جي مڪمل گهٽتائي هوندي آهي. خوابن ۾ شخصيت، ورهايل ٿي سگهي ٿي، مثال طور ان وقت جڏهن خواب ڏسندڙ جي پنهنجي علمي ڄاڻ ٻٽي شخصيت ۾ ورهايل هجي، ۽ تڏهن به جڏهن ٻاهريون، غير ضروري، بنهه اڻ لاڳاپيل آپو (Extraneous Ego) ڪنهن هڪ کي درست ڪرڻ لڳندو آهي. اهو شخصيت جي ورهاست سان هوبهو ٺهڪندڙ مخفف يا تحريري ٽڪرو هوندو آهي، جيڪو اسان جي ڄاڻ مطابق وهم، وسوسو يا ماليخوليا آهي؛ خواب ڏسندڙ پنهنجا خيال، ٻاهران ۽ بنهه اڻ لاڳاپيل آوازن ذريعي پڻ ٻڌندو آهي. توڙي مرض جي حوالي سان شديد قسم جو مغالطو پيدا ڪندڙ خيال به هلي چليءَ موجب شروعاتي حالت تي موٽي اچڻ جهڙا ئي هوندا آهن. اهو اتفاقي انداز سان نه ٿيندو آهي ته نشي جي غلطانيءَ مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ، مريض اهو چوي ته سندس بيماريءَ جو سمورو عرصو کين، ڪنهن اڻ وڻندڙ خواب جيان نظر نه آيو هو. سچ پچ ته اهي ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ٻڌائيندا آهن ته سندن بيماريءَ دوران، کين ورلي ئي ڪو اهو احساس ٿيندو هو ته اهي ڄڻ ڪنهن خواب ۾ ڦاسي پيا آهن. گهڻو ڪري ننڊ دوران، خواب ۾ اهڙا ئي معاملا نظر ايندا آهن.

بهرحال اها ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي ته ”راڊيسٽاڪ“ توڙي ٻين ڪيترن به اهو واضح ڪرڻ لاءِ پنهنجي دليلن جو تت ڏنو آهي ته چريائپ، مرض جي حوالي سان هڪ بي قاعدي يا ٿڙيل ڪل واري حالت آهي، جيڪا وقتي طور تي زور وٺائڻ يا تيز ڪرڻ ۽ وري وري ٿيڻ جي عمل طور، خوابن جي عام حالتن ۾ به ڏٺي وئي آهي، (ساڳيو ڪتاب ص: 28).

”ڪروس“ (صفحو: 270) ثابت ڪرڻ لاءِ ڳولهيو ته خوابن ۽ چريائپ جي وچ ۾ اڃان به وڌيڪ ويجها، ڪهڙا لاڳاپا ممڪن ٿي سگهن ٿا، جيڪي انهن ٻاهرين وضاحتن جي وچ ۾ هڪجهڙائيءَ کي بيان ڪري سگهن. اهو لاڳاپو هن عارضي جي سببن کي جاچڻ دوران ڏٺو هو، يا ائين چئجي ته  ڪنهن حد تائين هن سندن هڪدم جذبات ۾ اچڻ وارن ڪارڻن ۾ ڏٺو هو. هن جي چوڻ موجب ٻنهي جا بنيادي عنصر عام طور تي ساڳيا ئي هئا، جيئن اسان عضوياتي طور تي طئي ڪيل جوش جذبن ۽ انهن جذبن ۾ ڏسي آيا آهيون، جيڪي طبعي يا جسماني جيو گهرڙن جي ترغيب مان اچن ٿا. جسم جي اندرين عضوياتي احساسن جي تجربي مان لنگهڻ واري گڏيل صلاحيت (Coenaesthesia) ۾ اها عضون مان اڀار کائيندڙ شرڪت يا امداد تي ٻڌل هوندي آهي. ”مائوري“ (صفحو: 52) پاران ”پيسي“ (Peisse. 1857.2,21) جو ڏنل حوالو)

خوابن ۽ چريائپ جي وچ ۾ ناقابل ترديد هڪ جهڙائي، پنهنجي خاصيتن جا تفصيل، پکيڙيندي يا وسيع ڪندي آهي، جيڪا خوابن جي بيڪار ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ عمل جيان ۽ ذهن جي گهٽجي يا سسي ويل تاثر جيان خواب جيون جي طبي نظريي جي طاقتور جائداد مان هڪڙي آهي. جيتوڻيڪ اهو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ته ذهني بدنظميءَ جي لحاظ کان اسان، خوابن جي ڪا متبادل وضاحت ڳولهي سگهنداسين. انهن ويجهين حالتن جي بنيادي ڪارڻن کي سمجهڻ لاءِ، اسان جي غير مطمئن ڪندڙ علمي ڄاڻ جي خبر عام طور تي سڀني کي آهي. ان جي ابتڙ اها ڳالهه بلڪل سٺي آهي ته خوابن طرف اسان جي رويي ۾ تبديلي يا ترميم اچڻ گهرجي، حالانڪ، ذهني بدنظميءَ جي اندروني جوڙجڪ سبب اسان جا دليل ساڳئي وقت متاثر به ٿين ٿا ۽ جيئن ته اسان سپنن جي اسرار تي روشني وجهڻ لاءِ لاڳيتين عقلي ڪوششن ۾ مصروف ته آهيون ئي، تنهن هوندي به اسان کي ذهني انتشار واري نفسي مرض جي وضاحتن بابت اڳڀرو ٿي ڪم ڪرڻو پوندو،(1)


(1)  ”فائوسٽ“ (Faust) سان (حصي پهرين جي ٽئين ڏيک ۾) ابتدائي گفتگو ۾ ”ميفسٽو فيليس“ شدت سان شڪايت ڪري ٿو ته سندس نقصان ڏيندڙ ڪوششون، جيون جي هزارين تازن جيوڙن جي اوچتو ظاهر ٿيڻ سبب مستقل طور تي مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهن.“ فرائيڊ، حوالي طور سمورو حصو، باب ڇهين ۾ ”تهذيب ۽ ان جون بيزار ڪندڙ حالتن“ (Civilizatons and its Discontents) تي بحث دوران آندو آهي.

(1)  ”روبرٽ“ جي نظريي کي اڳتي به بحث هيٺ آندو ويو آهي. فرائيڊ، ”روبرٽ“ جي ”رحم جي روڳ جي مطالعي“ (براير ۽ فرائيڊ 1895) ۽ نظريي کي قبول ڪندي، خوابن جي پيداوار ۾ سندس ڏسيل انهن ٻنهي مکيه جزن کي بيان ڪيو آهي.

(1)  (ف.س-1) (حاشيو 1909 ۾ شامل ڪيل) اينا تولي فرانس (Anatole France) ”لي ليس روج (Le Lys rouge) ۾ بلڪل ساڳيو ويچار بيان ڪيو آهي: ”ته رات جو اسان جيڪي ڪجهه به ڏسندا آهيون، اهي، اهي يادگار، باقي بچيل، تڪليف ڏيندڙ ۽ بي چين ڪندڙ احساس هوندا آهن جن کي اسان گذاريل ڏينهن دوران نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون. هڪ خواب گهڻو ڪري انهن ئي احساسن سان وابستا هوندو آهي، جنهن کان اسان بڇان کائيندا آهيون يا جن کي اسان ندامت يا شرم، بدنامي يا بيعزتيءَ سبب تياڳي ڇڏيندا آهيون.“

(1)  ”شيرنر“ جي نظرين وڌيڪ بحث اڳتي ڪيل آهي.

(1)  هي ٽڪرو 1914ع ۾ شامل ڪيل آهي: ويجهڙائيءَ وارن ليکڪن ۾، جيڪي انهن لاڳاپن متعلق ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ۾ ”فيري“ (Fere. 1886)، ”اديلئر“ (Ideler. 1853)، ”لاسيگي“ (Lasegue. 1881)، ”پيخون“ (Pichon. 1896)، ”رجيس“ (Regis. 1894)، ”ويسپا“ (Vespa. 1897)، ”گيزلر“ (Giessler. 1888)، ڪازوسڪي“ (Kazowsky. 1901)، ”پاخنتوني“ (Pachantoni. 19109) وغيره شامل آهن.

(1)  ان سوال تي بعد ۾ 1922ع ڌاري، خود فرائيڊ جائزو ورتو هو، (ڏسو حصو ”2“)

(1)  خوابن ۽ ذهني انتشار واري نفسي مرض جي وچ ۾ تعلق تي ڪيل بحث، فرائيڊ جي ”نيون تعارفي تقريرون“ 1933ع جي تقرير نمبر 29 ۾ ڏسو ص: 5- 44، 2)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org