سيڪشن؛    علميات

ڪتاب::جام جم

باب: --

صفحو : 12

جام جم

غلام محمد گرامي


 

هندن جي مسلمانن سان افسوسناڪ

هلت جا ڪي ٿورا مثال

 

هندوستان ۾

1- الهه آباد ميونسپالٽيءَ ۾، جڏهن مسلمانن کي اڳئين کان وڌيڪ، سندن اعداد مقرر ڪيل موجب جايون مليون، تڏهن ڪيترن هندن استعفائون ڏنيون ۽ ايڏو ته گوڙ ڪيائون جو خود حاڪم به تنگ ٿي ويا. ڪيترو کين سمجهايائون ته ان ۾ اوهان جو ڪهڙو نقصان آهي! رڳو مسلمانن کي ڪجهه فائدو ٿيو، ته ڇا ٿيو؟ ته به هرگز نه مڙيا، سو نه مڙيا.

هاڻي وري هيءَ حرڪت شروع ڪئي اٿن، ته جڏهن ڪا جاءِ، ميمبريءَ جي خالي ٿي ٿئي، ته اتي جهٽ ڪو نه ڪو گڻڪ هندو اميدوار ٿو بيهي ته متان مسلمان اها جاءِ کڻي وڃي. پوءِ ويچاري مسلمان جي ان سان ڇا دال ڳرندي؟ سو اها جاءِ کٽي ڪو وقت رهي وري استعفا ڏئي ٿو وڃي؛ وري ڪو ٻي جاءِ خالي ٿيڻ تي مسلمان ٿو سنڀري ته بعضي استعفا  وارا وري اميدوار ٿا بيهن، جنهن تي اتي جي ڊپٽي ڪمشنر ريمارڪ ڪيو ته استعفا ڏيندڙ، وري ميمبر نه ٿا ٿي سگهن! ڪو ته انهن معزز ماڻهن کي پنهنجي ڪيريڪٽر جو لحاظ رکڻ گهرجي.

غرض ته الهه آباد جي ميونسپالٽيءَ ۾ اهڙو ته هندو ڀائرن مسلمانن کي تنگ ڪيو آهي، جو ڇا چئجي؟ پوءِ ڪهڙي منهن سان ٿا چون ته اسين مسلمانن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ قرباني ڪنداسين: سو بيشڪ مسلمانن کي قرباني ڪيو اٿن ۽ قربانين تي کين لٽيو اٿن.

2 – ڪانپور جي پريڊ گرائونڊ تي هندن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اتي مسلمان، هرگز جنازي جي نماز نه پڙهن.

3 – بيائو ضلعي اجمير ۾، هي حڪم جاري ڪرايو اٿن ته مسلمان عقيقه يا قرباني ڪرڻ لاءِ ٻڪريون نه پائين.

4 – جبلپور جي هڪ مسجد اڳيان، زور مَس ڪري، تراويحن جي وقت باجا ۽ ڌمچر شروع ڪيائون. چوڻ سان به نه مڙيا، نيٺ اتي مسلمانن تراويحون پڙهڻ ڇڏي ڏنيون!

5 – بنگال ۾ شب رات جي جلوس جي رخصت، مسلمانن کي نه ملي، جو اتي هندو صاحب سپرنٽينڊنٽ هو.

6 – بنگال جي ڪونسل ۾ سرسنها، جمع جي نماز جي مخالفت ڪئي، جو اهو بل ناپاس ٿيو.

7 – گڏيل صوبي ۾، پيران ڪلير شريف ڏي، سڙڪ ٺاهڻ لاءِ هندن مخالفت ڪئي. اها رٿ بحال ٿي، جتي هزارن ماڻهن جي آمدرفت آهي.

8 – خود بنگال سرڪار جي سخت تاڪيد هوندي، هندن مسلمانن کي ڪلارڪيءَ جون جايون ڏيڻ نه گهريون، جو نيٺ سرڪار لاچار ٿي زوري ڪارروائي ڪئي.

9 – جي هندو ميمبر، مسلمانن جي مشترڪ ووٽن سان ڪونسان ۾ ويا، تن ڪڏهن به مسلمانن جي فائدي ۾ نه ڳالهايو!

10 – چندوسيءَ شهر ۾ هندن، لٺين جي زور سان، محفل ميلاد بند ڪرائي.

11 – بواسي يا ڪو ٻيو شهر، مون کي ياد نه ٿو اچي، اتي مسجد جي اڳيان لٺ لڳي، ۽ هندن ٽي ڏينهن برابر هٽ تاڙ ڪئي، جن جي ٺهراءُ لاءِ راجه محمود آباد ويو هو.

12 – هاڻي تازو نواب گنج، ضلعي بريليءَ ۾، هندن، قرآن ڪريم جي ورقن سان، راوڻ ٺاهي، ان کي باهه ڏني، ڪي ڪاغذ سڙيا، ڪي رستن تي اڌ سڙيا، پي رليا ۽ لتاڙيا. مسلمانن ان تي فرياد ڪيو، تنهن تي سپرنٽيڊنٽ پوليس، جي اهي ڪاغذ هٿ ڪري، هندن تي 295 سيڪشن هيٺ ڪيس ڪيو آهي. ان کان بريليءَ جي مسلمانن ۾ ڏاڍو جوش خروش آهي.

- ٻيو عاشورن جي رات، هڪ مسجد ۾ مئل سوئر پڻ اڇلائي ويا.

13 – اڙدو زبان جي مخالفت نه رڳو مسٽر مالويءَ چنتامنيءَ ڪئي، پر مسٽر گانڌي به ساڻس همراءِ ٿيو ۽ چيائون ته جيستائين مسلمان هندي ناگري نه سکن، تيستائين کين اڙدوءَ جي اجازت نه ڏجي.

14 – لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ هندو مسلمانن کي جايون به مسواڙ تي نه ٿا ڏين.

15 – بقر عيد جا فساد ۽ بلوا، طوالت ڪري ڇڏيا آهن، جي ’آفتاب‘ ۾ ڏيکاريل آهن، ته ڪهڙي زور زبر مارڪٽ ۽ اڦٽ مارڻ سان مسلمانن کي مذهبي قرض تان دستبردار ٿا ڪرائين.

سنڌ ۾

هاڻي وري اچو سنڌ سونهاريءَ تي، ته مسلمانن جي مقامن مقبرن، مسجدن جو ڪو لحاظ نه ٿو ڪيو وڃي. ڪيئي اهڙيون جايون، ميونسپالٽين ڳهي ڇڏيون، مسلمانن جي ذرو به ڪا نه هلي! جتي ميونسپالٽين جو وجود آهي، اتي به هندو، مسجدن ۽ مقامن سان ڏاڍي کونس ڪيو ويٺا آهن. ڪو مسلمان ڪڇي ڪونه ٿو سگهي، نه ته مڇون ٿيون پٽجنس! نوڪرين ۾ سندن تنگ دلي اها آهي جو ڪنهن مسلمان کي نه ٿا سَهن! ڪيترا کاتا سمورا، سندن زير اثر آهن، جتي مسلمانن کي پير پائڻ نه ٿا ڏين.

غرض ته ڪيترا حوالا ڏجن! مسلماني اخبارون هميشہ اهي سور پٽينديون ٿيون اچن، مگر هن وقت ’الامين‘ جي قومي مصيبتن کان اک پوريل آهي، سا رڳو هوم رول جي ڳڻتيءَ ۾ آهي يا گارين ڏيڻ ۽ مشغول ۽ مسخري ڪرڻ ۾ مصروف. ان طرح ’الحق‘ هن وقت خاموش، ’تقيه‘ اختيار ڪيل، تڏهن به هن اڳي ئي اهڙا ڪيئي واقعا ڏيکاريا آهن، جنهن لاءِ سيکت به آئي اٿس، تنهن هوندي به ڪو شخص انهن سچن واقع کان انڪار ڪري نه سگهندو. پوءِ اهڙن ڀائرن تي ڪهڙو اعتبار ڪبو. پنهنجي تعليم جو هي حال آهي، تڏهن ڪئن اسين مسلمان هوم رول گهري ٿا سگهون. وياج خورن ڌار مسلمانن کي دغائن ۽ فريبن سان، اهڙو ته پيڙي ڇڏيو آهي، جو ڪن ڏينهن جا مهمان آهن. سول ڪورٽن جي تيز ڇري وهندڙ آهي، جو وياجن ۾ لکن جون ملڪيتون، تيز رفتار سان وڃي رهيون آهن، ۽ ڊگريون جاري ٿي رهيون آهن، هيڪوڻ جي ڏهوڻ. اڃا به شڪر جو انگريز سرڪار جي حڪومت آهي، جنهن جي دٻدٻي ۽ عدل انصاف کان ملڪ جو ڪجهه بچاءُ ۽ امن آهي، نه ته قومون، هڪ ٻين سان هوند ڪين گهٽائن.

شاهه آباد، الهه آباد، بدايون، دهلي ۽ ٻين شهرن، بهار جي صوبي ۾، جيڪي، هندو ڪري گذريا آهن، سي بيان کان ٻاهر آهن، جن جي ٻڌڻ سان لڱ ٿا ڪانڊارجن. اتي ڦرلٽ برابر چار هفتا هلي، ڏيڍ سو کن ڳوٺ، 2700 گهر ڦري اجاڙ ڪري ڇڏيا اٿن – گهر، ڀتيون، دروازا ڊاهي، ڪڍي، مال، زر، زيور، ڪپڙو، لٽو، سڀ ڦري ويا. رڳو ٺڪرن جا ٿانوَ به ڀڳائون. هڪ داڻو ان جو به گهرن ۾ نه ڇڏيائون. پر سرڪار جي دست اندازيءَ ۽ بندوبست جي ڪري ۽ پوليس ۽ پلٽن جي ڪري، مس مس اهو فساد جهڪو ٿيو، ان جي جاچ لاءِ، هڪ اسسٽنٽ سپرنٽيڊنٽ، ٽي انسپيڪٽر، ٻارنهن سب انسپيڪٽر رکيا هئائون، جن جاچون ڪري رپورٽون ڪيون. تنهن کان سواءِ قومن جا ليڊر وڏا وڏا هندو مسلمان، پڻ رپورٽون پيا ٺاهين. انهيءَ جاچ مان ڏاڍي گهري سازش جو پتو پيو اٿن، جو ظاهر ٿيو آهي ته عيد کان اڳيئي ڪيتريون دست خطي چٺيون ورهايل هيون، جن ۾ لکيل هو ته: هندن کي جيئن پڄي تيئن گئوهتيا بند ڪرائين! ۽ هڪ هڪ هندو، هن چٺيءَ جا پنج پنج نقل لکي اڳتي روانا ڪري، نه ته ان تي ڏهن ڳئن جي هتيا جو پاپ پوندو. انهن چٺين مٿان لکيل هو ته ”جئي مهابير – جئي جرمن“، ۽ هي به لکيو هئائون ته فوج کان نه ڊڄجو، سرڪاري فوج ۽ پوليس سڀ جنگ تي آهي ۽ سرڪار وٽ سامان باروت به ڪونهين، تنهن ڪري اوهان بي ڊپا ٿي لُٽيو، ڦريو.

اڃا اميد ته گهڻيون ڳالهيون کلنديون. چون ٿا ته ان سازش ۾ وڏا وڏا هندو زميندار ۽ بيٺل شامل هئا. مگر هاڻي ڪي ڪي ليڊر، هندو فسادين کي ڌڪار سان ڏسي رهيا آهن ۽ مسلمانن سان همدردي پيا ڪن. سندن لاءِ چندا ڪيا اٿن. سرڪار پڙهو گهمايو آهي ته جنهن جو جيترو نقصان ٿيو آهي، سو مهيني اندر اچي لکائي ته ان کي عيوضو ڏياريو. انهن ملڪن تي ’قانون حفاظت هند‘ وڌايو ويو آ هي ۽ گرفتاريون ٿي رهيون آهن.

اسان وٽ تمام تفصيل سان اخبارن ۾ بيان آيل آهن، مگر مختصر لکيو اٿئون، جئن هندو صاحب ڏسن ۽ پنهنجي گريبان ۾ نهارن ته انهن افعالن سان سواراج ٿا گهرن. پر مجال جو هڪ هندو اخبار به ڪو اهڙو احوال لکيو هجي.

ٿورو گهڻو محرم تي جيڪڏهن ڪنهن مسلمان يا فوجي ماڻهن، ٿوري اڳرائي ڪئي آهي ته اها به لکي اٿن. مگر هندن جو ايڏا ناحق ڪيا آهن، تنهنجو ڀڻڪو به ڪو نه ڪيائون. نه ته اڙدو اخبارون ائين ٿيون لکن ته غدَر ۾ به ايترو ۽ اهڙو بلوو ڪو نه ٿيو هو، جو لکها هندو پيادا، گهوڙن ۽ هاٿين تي سوار بلوائي جدا، اهي سڀ گڏ هئا ۽ برابر پئي مسلمانن کي لٽيائون ڦريائون. جن جا گهر تڙ، جايون جڳهيون ڊاهي، مٽيءَ جا ڍير ڪري ڇڏيا اٿن. جي سرڪار جو هٿ نه پڄي ته هوند الائي ڇا ڪن ها. هاڻي مس مس خير خيرائي ٿي آهي، پر ڪيس هلندڙ آهن ۽ کين خوب سزائون ملي رهيون آهن.

وزير هند لاءِ اهو مثال بس آهي ته هندن ۾ هيءُ فضيلت آهي جو سندس مهمانيءَ لاءِ هي مسالو گڏ ڪري رکيو اٿن. اميد ته اهڙن احوالن ٻڌڻ کان پوءِ هوند وزير هند هيڏي اچڻ جي وائي به ڪين واري ها ته چڱو. پر هاڻي ته اچي نڪتو سو ٺهيو. اهي احوال کانئس ڳجها نه رهندا.

هندن کي ته اوهين هوم رول، بلڪ ڊبل رول هٿ ۾ آهي. پوءِ ٻيو ڇا ٿا گهرن؟

جيڪڏهن سنڌ مان ڪمشنر جي اختياري کسائي، گورنر ان ڪونسل بمبئيءَ سان لاتائون ته باقي به مسلمانن جو آسرو ڇٽو. ڪنهن نه ڪنهن مهل سندن پرگهور ٿيندي هئي، سا به ويندي، پوءِ مسلمانن کي تر به نصيب نه ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org