سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :10

 

کاڏي

چھري جي بناوت وانگر کاڏي جي بناوت ۾ ڪيترائي قسم ملن ٿا، ۽ چھري جي بناوت وانگر ئي کاڏي جا بھ مختلف قسم ٿين ٿا. جڏھن تھ چھرا شناسن ھنن کي بھ الڳ الڳ نالا ڏنا آھن.

 

شاعراڻي کاڏي

ھيءَ کاڏي گھڻو ڪري عورتن جي چھري ۾ ملي ٿي ۽ پنھنجي بناوت جي لحاظ کان حسين کاڏي تصور ڪئي وڃي ٿي. ھن کاڏيءَ جي وچ ۾ ھڪ کڏ نما کٻ ھوندو آھي، جيڪو ان شخصيت جي خوبصورتيءَ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيندي آھي. ان ڪري ئي ھن کي شاعراڻي کاڏي چوندا آھن ۽ ھن تي شاعرن جا بيشمار شعر توھان کي ملندا. چھرا شناسن ھن کاڏي جو جيڪو تجزيو ڪيو آھي، ان جو تفصيل ھي آھي:

1.           اھڙي کاڏي مخالف جنس لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي. ۽ مخالف جنس تي گھڻو اثر انداز ٿيندي آھي.

2.          ھن ۾ مقناطيسي جنسي ڪشش ھوندي آھي، جيڪا پاڻ ڏي ڇڪيندي آھي ۽ شخصيت کي مقناطيسي بڻائيندي آھي.

3.          اھڙي کاڏي رکندڙ مرد يا عورت پرڪشش ۽ جاذب نظر ھوندا آھن.

4.          فطري طور روماٽنڪ ٿيندا آھن.

5.          اھڙي کاڏي رکندڙ شخص جوشيلي مزاج جي عڪاسي ڪن ٿا.

6.          ھيءَ کاڏي حسن پرست ھئڻ جي علامت آھي.

7.          ھن کاڏيءَ وارا خيال پرستيءَ واري تصوراتي دنيا ۾ رھن ٿا.

8.          ھي ماڻھو خوش اخلاق ۽ خوش طبيعت ھوندا آھن.

9.          ھي ماڻھو خود پسند، انا پرست ۽ پنھنجي جذبات تي قابو پائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

10.        ھي ماڻھو روحاني عامل، جادوگر، پيشنگوئي ڪرڻ وارا نجومي، ھٿ ڏسڻ وارا ۽ فنڪار ھوندا آھن.

11.        اھڙي کاڏي رکندڙ ماڻھو سخي ۽ ھمدرد ھوندا آھن ۽ رنگين مزاج ھوندا آھن.

12.        ھي ڏاڍا پرجوش ھوندا آھن.

13.        ٻين جي خواھشن جو قدر ڪندا آھن.

14.        ھي ماڻھو عملي زندگيءَ ۾ ڪاروبار جھنجھٽ ۽ دنياوي مسائلن ۾ پوڻ بجاءِ خيال پرست ھئڻ ڪري تصوراتي دنيا آباد ڪرڻ وارا ھوندا آھن.

 

چوڪنڊي کاڏي

1.           ھيءَ کاڏي رکندڙ ماڻھو اصول پرست ۽ ڏاڍا مناسب ھوندا آھن.

2.          ھي زندگي جي ڪنھن معاملي ۾ انتھا پسنديءَ بجاءِ غور فڪر ۽ دليل کي اھميت ڏيندا آھن.

3.          ھنن کي فنون لطيفھ سان ذرو بھ لڳاءُ نھ ھوندو آھي.

4.          چوڪندي کاڏيءَ سان گڏ سڌو نڪ ھجي تھ اھڙن ماڻھن م گھڻيون ئي خصوصيتون ھونديون آھن. ھي ھر موضوع تي بي تڪو ڳالھائي سگھن ٿا.

5.          چوڪنڊي کاڏيءَ سان گڏ ويڪرو نڪ ۽ وڏيون اکيون ماده پرستيءَ جي رجحانن جي علامت آھي. اھڙا ماڻھو ٻڌل سڌل ڳالھين تي يقين ڪرڻ بجاءِ، ھر شيءِ جو تجربو يا مشاھدو خود ڪندا آھن.

6.          چوڪنڊي کاڏي ذھني برتريءَ ۽ پختگيءَ جي علامت آھي. ھي ماڻھو جاکوڙي ھوندا آھن. پئسا ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ ڪمال رکندڙ ھوندا آھن.

7.          چوڪنڊي کاڏي انڪشاف ۽ ايجاد واري ذھني رجحان جي نمائندگي ڪري ٿي.

8.          مجموعي طور چوڪنڊي کاڏيءَ وارا شخص ڪامياب زندگي بسر ڪندا آھن.

9.          چوڪنڊي کاڏيءَ سان گڏ ڊگھو نڪ رکندڙ رياضي دان، قانون ساز ۽ محقق ھوندا آھن.

10.                  چوڪنڊي کاڏيءَ سان گڏ لڙڪيل چپ ڪاروباري رجحان جي نشاندھي ڪري ٿي.

 

چھنب واري کاڏي

1.           ھيءَ کاڏي رکندڙ فنون لطيفھ جا دلدار ھوندا آھن.

2.          من موجي طبيعت وارا ھوندا آھن.

3.          جذباتي ۽ پرجوش طبيعت جا مالڪ ھوندا آھن.

4.          سخي ۽ ھمدرد ھوندا آھن.

5.          ھنن جي مزاج ۾ عيش پسنديءَ وارا لاڙا وڌيڪ ھوندا آھن.

6.          مخالف جنس لاءِ ڪشش رکندڙ ھوندا آھن.

7.          ھر معاملي ۾ جذباتيت کان ڪم وٺندا آھن.

8.          مزاج ۽ طبيعت جي اعتبار کان فنڪارانھ زندگي بسر ڪندا آھن.

9.          عوامي زندگي گذاريندا آھن. مثلا اداڪار، موسيقار، ڊانسر، شاعر، اديب ۽ مصور ھوندا آھن.

10.        اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ سڌو نڪ عالمانھ خصوصيتن کي ظاھر ڪري ٿي.

11.        اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ جيڪڏھن وڏيون اکيون ھجن تھ اھي ماڻھو بي مثال مقرر بڻجندا آھن.

12.        اھڙي کاڏي رکندڙ انتھا پسند ۽ جلد ڪاوڙ ۾ اچي ويندا آھن.

13.        ھي ماڻھو پنھنجي دنيا ۾ رھندڙ ھوندا آھن.

14.        تمام جلدي ماحول کان متاثر ٿي ويندا آھن.

15.        سٺي لباس جا شوقين ھوندا آھن.

16.       گلن ۽ خوشبوئن تي جان فدا ڪندڙ ھوندا آھن.

17.        ھمدرد ۽ غمخوار ھوندا آھن. ڏک ۽ درد ۾ سڀني جو ساٿ ڏيندا آھن.

18.        ٿوري ڳالھھ تي جذباتي ٿي ويندا آھن.

19.       اھڙي ماڻھوءَ کي جيڪا عورت پسند ڪندي آھي، اھا عمر ڀر ان جي ئي ٿي وھندي آھي، ڪنھن ٻئي شخص مان ان کي تسڪين ناھي ملندي.

 

ويڪري کاڏي

1.           اھڙيءَ کاڏيءَ وارا رنگين مزاج ھوندا آھن، ڪنھن ھڪ شيءِ پاسي ڌيان نھ ڏيندا آھن.

2.          ھن کاڏيءَ جي خاص صفت ھيءَ آھي، تھ ھن کاڏيءَ وارا آزاد خيال ۽ خيال پرست ھوندا آھن.

3.          ھنن ۾ ڏاڍي سگھھ سمايل ھوندي آھي.

4.          ھنن جي طبيعت عمليت پسند ٿيندي آھي.

5.          ھي ماڻھو ڪنھن نھ ڪنھن انداز ۾، ڪنھن نھ ڪنھن طرح ڪنھن ڪم ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي وٺندا آھن ۽ ان ۾ ھڪ منفرد حيثيت ۽ نمايان اھميت حاصل ڪري وٺندا آھن.

6.          اھڙي کاڏي رکندڙ ماڻھو خيال پرست ۽ پنھنجي ڌن ۾ مست ھوندا آھن.

7.          ھيءَ کاڏي اڪثر نيون شيون ايجاد ڪرڻ ۽ تجسس رکڻ جي علامت آھي.

8.          اھڙي کاڏيءَ سان گڏ جيڪڏھن نڪ چنبڙيل ھجي، تھ اھو شخص تنگ نظر ھوندو آھي.

9.          اھڙا ماڻھو تمام جلدي ڀڙڪي پوندا آھن.

10.        ھي مصور بھ ٿي سگھن ٿا.

11.        انھن کي جيڪر ڪاروباري ھوندو تھ سندن دفتر نامڪمل منصوبن تي مبني فائلن سان ڀريل ھوندو.

 

گول کاڏي

1.           ھن کاڏيءَ وارا پنھنجي سوچ سمجھھ سان ڪاميابي حاصل ڪندا آھن.

2.          اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ ويڪري نڪ وارا ماڻھو دولت جي حوس رکندڙ ھوندا آھن.

3.          سڌي نڪ سان اھڙي کاڏي رکندڙ بين الاقوامي شھرت رکندڙ ٿي سگھن ٿا.

4.          اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ اگر پيشاني تي ڇڳي وانگر لڪيرون ھجن، تھ اھو شخص ڪيترن ئي طريقن سان فائدو وٺي سگھي ٿو. ھن جي آمدنيءَ جا ڪيترائي ذريعا ٿي سگھن ٿا.

5.          اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ پيشانيءَ تي سڌي لڪير سٺي علامت نھ آھي. ان شخص جي شھرت ۽ عزت کي نقصان پھچي سگھي ٿو.

6.          اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ جيڪڏھن نڪ بي ڊولو آھي، تھ ان شخص جي زندگيءَ جي ڪنھن بھ حصي ۾ ڪو اھڙو واقعو پيش اچي سگھي ٿو، جيڪو ان جي بدناميءَ جو باعث ثابت ٿيندو.

7.          اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ پيشانيءَ جون لڪيرون اگر سڌيون ھجن، تھ اھي ھن ڳالھھ جي نشاندھي ڪن ٿيون تھ اھڙي ماڻھوءَ کي ڪڏھن بھ ڪنھن وقت بھ وڏي رقم ملي سگھي ٿي.

8.          اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ ڊگھي نڪ واريءَ شخصيت کي شھرت، دولت ۽ ڪاميابي ملي سگھي ٿي.

9.          اھڙي کاڏي فنون لطيفھ جي بھ آئينھ دار آھي.

10.        اھڙي کاڏي امڪاني صلاحيت جي خويبن کي بيان ڪري ٿي.

11.        اھڙيءَ کاڏيءَ تي ڪارو تر صرف وقتي رومانس کي يا وري رشتن لاءِ ڳالھھ ٻولھھ کي ظاھر ڪري ٿو.

12.        اھڙي کاڏي سٺي لاٽري يا پرائيز بانڊ وغيره ذريعي دولت حاصل ڪرڻ جي علامت آھي.

 

ننڍڙي يا چنبڙيل کاڏي

1.           اھڙي کاڏي رکندڙ عورتون شديد ترين شھواني جذبات رکنديون آھن، جيڪا سندن بدچلن ھئڻ جي علامت بھ بنجي سگھي ٿي.

2.          اھڙي کاڏي رکندڙ عوام ۾ بدنام ھوندا آھن.

3.          اھي زندگيءَ ۾ ڪيترائي نقصان کڻندا آھن.

4.          اھڙي شخص جي زندگي پنھنجي ڪنھن ڪم عقليءَ توڙي لاپرواھي ڪري تباھھ ٿي ويندي آھي.

5.          اھڙو شخص سازشي ذھن رکندڙ ھوندو آھي.

6.          اھڙي شخص جي ڪاميابي ان جي ذاتي جدوجھد جي بدولت ھوندي آھي.

7.          ھن جي ابتدائي زندگي ڏکي گذرندي آھي.

8.          ھڪدار نڪ سان گڏ اھڙي کاڏي، نھايت نڀاڳ جي نشاني آھي.

9.          اھڙي کاڏي پيشانيءَ تي چئن لڪيرن سان گڏ دلالت ڪري ٿي تھ اھڙو ماڻھو جذباتي طور تي بلڪل ٿڌو ھوندو آھي.

10.        اھڙي کاڏي طوطي جھڙي نڪ سان نھايت خطرناڪ علامت آھي. اھڙا ماڻھو ان خوفناڪ عاشقن ۽ مڙسن مان ھوندا آھن، جيڪي محبوبھ جي معمولي بيوفائيءَ ڪري ان کي قتل ڪرڻ يا وڙھڻ ڪري تباھھ ٿي ويندا آھن.

 

 

ٻٽي کاڏي

1.           اھڙا ماڻھو ٻٽي شخصيت رکندڙ ھوندا آھن.

2.          ھڪڙي وقت ٻھ الڳ ذھني رجحان رکندڙ يعني ملڻ جلڻ وارا ۽ جلد واسطا ڇنڻ وارا ھوندا آھن.

3.          اھڙا ماڻھو سماجي پابندين جو احترام ڪندا آھن.

4.          سائنس، رياضيءَ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندا آھن.

5.          راندين ۾ سٺي مھارت حاصل ڪندڙ ھوندا آھن.

6.          اھڙا شخص حاڪمن واري پوزيشن جا مالڪ ھوندا آھن.

7.          اھڙا ماڻھو قربانيءَ جو مادو رکندڙ ھوندا آھن.

8.          اھڙي کاڏي سان گڏ جيڪڏھن نڪ ڊگھو ۽ چھنب وارو ھجي، تھ ظلم ۽ سزا جي نشاندھي ڪري ٿو. اھڙا ماڻھو اڪثر ظالم ھوندا آھن، يعني اھڙا ماڻھو ڪرائي جا قاتل، سمگلر، جواري، ڌاڙيل ٿي سگھن ٿا.

9.          اھڙي کاڏي جيڪر وڌيڪ جھڪيل ھجي، تھ اھا نڀاڳ جي نشاني آھي.

10.        اھڙي کاڏي اگر مٿي جي اڻ سڌين لڪيرن سان گڏ ھجي، تھ ظاھر ڪري ٿي، تھ اھڙي انسان جي زندگي ۾ ڪڏھن بھ آسودگي اچي نٿي سگھي. ھميشه ساڳي حالت ۾ رھندو.

11.        اھڙي کاڏي بي سڪون شادي شده زندگيءَ جي علامت آھي.

12.        مٿي تي ٽن سڌين لڪيرن سان گڏ اھڙي کاڏي عزت، شھرت ۽ دولت جي علامت آھي. اھڙن شخصن کي زندگي ۾ ٽئي شيون ملنديون آھن.

13.        اھڙي کاڏيءَ سان گڏ مٿي جي ٽئين لڪير جي ڪنڊ ۾ ڪنھن ننڍيءَ لڪير جو نشان، ھن ڳالھھ کي ظاھر ڪري ٿو، تھ اھڙي شخص جو موت ڪنھن رڻ پٽ يا جزيري ۾ ٿيندو.

14.        اھڙي کاڏي سان گڏ مٿي ۾ ٻن شاخن واريون لڪيرون موجود ھجن تھ اھا ھوائي حادثي جي علامت آھي يا شايد ان جھاز کي ڪو حادثو پيش اچي ۽ اھو ڪري تباھھ ٿي ويندو.

15.        اھڙيءَ کاڏيءَ سان گڏ مٿي ۾ ٻن شاخن واريون لڪيرون ذھني حادثن کي ظاھر ڪن ٿيون.

16.       اھڙي کاڏيءَ وارو شخص اگر ھيٺ ڏنل تاريخن ۾ پيدا ٿيو ھجي، تھ بحري سفر ان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو. 21 جون، 21 جولاءِ، 21 آڪٽوبر، 21 نومبر، 21 فيبروري ۽ 21 مارچ.

 

چھري جو تجزيو

چھرا شناسن چھري کي جسماني ۽ روحاني طور مختلف حصن/ سيڪٽرن ۾ تقسيم ڪيو آھي ۽ ھر حصي/ سيڪٽر جون الڳ الڳ خصوصيتون بيان ڪيون اٿن. جن جو تفصيل ھيٺ آھي:

 

ھر سيڪٽر/ حصي تي ڪم جي تشريح، جيڪو انسان جي خوبين ۽ خامين کي ظاھر ڪري ٿو.

سيڪٽر/ حصو  (1)

1.           قوت ارادي       

2.          عزم ۽ استقلال

3.          انفراديت

4.          معاملھ فھمي

5.          قوت اظھار

6.          معاملھ فھم

7.          رک رکاءَ وارو

 

سيڪٽر/ حصو  (2)

1.           اعليٰ تخليقي ذھن

2.          سنجيده

3.          انتھا پسند

4.          ڪم وٺڻ ۽ ڏيڻ جي صلاحيت

5.          واقعن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت

6.          نظم ۽ ضبط

7.          وقت جو پابند

8.          رھنمائيءَ واري قوت

ھيٺ ڏنل شين کان تڪڙو متاثر ٿيڻ جي جبلت.

1.           خاص رنگ

2.          رقص ۽ راڳ رنگ

3.          خوشيءَ ۽ شادمانيءَ وقت

4.          مخصوص خوشبو

5.          خوش ڪردار

6.          آزاد خيال

7.          غم ۽ انڌيرو

 

سيڪٽر/ حصو  (3)

1.           تخليقي قوت جي علامت

2.          شاعرن، فنڪارن، موسيقارن، مصورن ۾ ھي سيڪٽر خاص نمايان ھوندا آھن.

3.          خوش گفتار

4.          خوش فھم

5.          خوش پوشاڪ

6.          آزاد خيال

7.          فضول خرچ

8.          تيز فھم

 

سيڪٽر/ حصو  (4)

1.           ننڍن ڪنن وارا، اڏول ۽ مرضيءَ جا مالڪ ھوندا آھن.

2.          ھنن جي ارادي جي سگھھ سگھاري ھوندي آھي.

3.          عزم ۽ فيصلي جي قوت سندن ڪاميابيءَ ۾ وڏو اھم ڪردار ادا ڪري ٿي.

4.          ھي سنڀالي قدم کڻندا آھن ۽ رازدار ھوندا آھن.

5.          جنھن وقت باني طبع ڀڄي ڀڄي منزل ڏانھن وڌندا آھن تھ اھي ڏسي وائسي قدم وڌائيندا آھن ۽ ان ۾ غلطيءَ جو امڪان گھٽ ھوندو آھي.

6.          ھي غلطي تمام گھٽ ڪندا آھن.

7.          ھو جنھن شيءِ جو فيصلو ڪندا آھن، ان تي قائم رھندا آھن.

8.          ھو پنھنجي ڪم ۾ ٻين جو دخل پسند نھ ڪندا آھن. بلڪ اگر انھن تي دٻاءُ وڌو وڃي ۽ ھنن کي پنھنجي منزل بدلائڻ لاءِ مجبور ڪبو تھ سختيءَ سان پنھنجي فيصلي تي تي قائم رھندا آھن.

9.          اھڙن فردن ۾ ڪارڪردگي جو مادو گھٽ ھوندو آھي.

10.        پنھنجي ارادي جو ڇا ٿيندو، ان جو الڪو نھ ھوندو اٿن.

11.        اخلاقيات کي وڌيڪ اھميت نھ ڏيندا آھن.

12.        ٻين تي حڪمراني ڪرڻ جا خواھشمند ھوندا آھن.

13.        ھنن جون خواھشون وڌيون نھ ھونديون آھن.

14.        اھڙا شخص اڪيلائي پسند، خاموش طبع ۽ محنتي طبيعت جا مالڪ نھ ھوندا آھن.

15.        ھر ڪم سنجيدگيءَ سان نھ ڪندا آھن.

16.       ھي جمالياتي حسن ۾ گم ٿي ويندا آھن.

17.        اھڙي شخص کي ڳالھائڻ وقت پنھنجي زبان تي ڪنٽرول ناھي ھوندو.

18.        اھڙن ماڻھن ۾ رات ۾ سرگرميءَ جو عنصر نمايان ھوندو آھي.

19.       اھڙو ماڻھو مادي شين جي پويان ڀڄندو آھي.

20.       ھن جي طبيعت ۾ حيوانيت جو عنصر بھ نمايان ھوندو آھي.

21.        اھڙو شخص حالاتن کان بي نياز ھوندو آھي.

22.       ھي ڪنھن پائبندي، رڪاوٽ يا مجبوريءَ جو خيال ناھي ڪندو.

23.       ھي ماڻھو محض اندرئين يا ٻاھرين تحرڪ جي ٽيڪ سان فيصلو ڏيندا آھن، ڪم ڪندا آھن ۽ قدم کڻندا آھن.

24.       وڏا ڪنجوس ۽ بخيل ھوندا آھن.

25.       ھي عملي طور تي پنھنجي وطن ۽ گھر سان وڌيڪ محبت ڪندا آھن.

26.       مضبوط طريقي سان حڪومت ڪندا آھن.

27.       جھڙيءَ طرح ھي پنھنجي ماتحت کي ڪنٽرول ۾ رکندا آھن اھڙي طرح پنھنجو پاڻ بھ قابو ۾ رکندا آھن.

28.       جنگ جي دوران ھي مضبوط ۽ سخت ثابت ٿيندا آھن.

29.       محبت ۾ ڏيکاءُ پسند نھ ڪندا آھن، ليڪن جڏھن محبت ڪندا آھن، تھ ان تي قائم رھندا آھن.

30.       مذھب ۾ ھي گھڻو گھرائيءَ ۾ نھ ويندا آھن.

31.        ادب ۽ آرٽ ۾ جيڪو ڪجھھ پسند ڪندا آھن يا خود ڪري سگھندا آھن، ان جي انفراديت مڃرائيندا آھن.

 

سيڪٽر/ حصو  (5)

1.           وڏيون اکيون، ڪشاده پيشاني ۽ وڏن ڪنن وارا ماڻھو ذھني طور تي ڏاڍا عجيب ھوندا آھن.

2.          حيوانيت جو مظاھرو ڪندا آھن.

3.          پنھنجي ڪم جي دوران سليقي جو مظاھرو ڪونھ ڪندا آھن.

4.          ھوشياري ۽ چالاڪيءَ سان پنھنجو ڪم ڪڍي ويندا آھن.

5.          ھن قسم جي ماڻھن کي قابو ۾ آڻڻ مشڪل ھوندو آھي.

6.          ھي ماڻھو مرڻ مارڻ کان بھ ناھن مڙندا.

 

سيڪٽر/ حصو  (6)

چھري جو ھي سيڪٽر نڪ متعلق آھي، جنھن جي باري ۾ نڪ جي نمونن جي باري ۾ گھڻو ڪجھھ بيان ڪري چڪا آھيون. ان جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل ھي آھي، تھ جيڪر ھي سيڪٽر نڪ جي ڀرسان ويڪر ظاھر ڪري تھ ھيٺ ڏنل خوبين ۽ خامين کي ظاھر ڪري ٿو:

1.           جيڪر ڪو پوليس آفيسر ھن علامتن وارو ھجي، تھ اھو جاچ دوران ثبوتن ملڻ کان اڳ ان نتيجي تي پھچي ويندو آھي، تھ ڪنھن ماڻھوءَ تي ڏوھھ مڙھجي.

2.          اھڙو ماڻھو تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪوشش ناھي ڪندو، اٽلو تفصيلن ۾ وڃڻ کي اجائي ڊيگھھ تصور ڪندو آھي.

3.          اھڙا ماڻھو پنھنجي لباس جي باري ۾ لاپرواھھ ھوندا آھن.

4.          ظاھري منھن ڌوئڻ، وھنجڻ ۽ ڦڻي وغيره جي پرواھھ نھ ڪندا آھن.

5.          ھي معمولي جھڳڙن کان بي نياز رھندا آھن.

6.          اھڙا شخص ڪاروباري ادارن ۾ ڪامياب ثابت ٿيندا آھن.

7.          اھڙا ماڻھو نظم ۽ ضبط جا قائل، پرسڪون ۽ باادب ھوندا آھن.

8.          اگر اھڙو شخص سائنسدان آھي تھ ھر ڪم کي توڙ تائين پھچائيندو ۽ وقت جو ڪوبھ خيال ناھي ڪندو.

9.          جيڪر انجنيئر آھي تھ پنھنجي لڳاتار ۽ مسلسل ڪوشش سان بھترين اوزار تيار ڪندو، کڻي ان تي ڪيترو بھ وقت لڳي وڃي.

10.        ھن قسم جا ماڻھو معمولي ڳالھھ جي تھھ تائين پھچي ويندا آھن ۽ جيڪر وڏا وڏا معاملا سندن سامھون پيش اچي وڃن، تڏھن بھ سڪون سان رھندا آھن، ڄڻ معاملو انھن متعلق ناھي.

11.        ھن قسم جون عورتون گھر جي اندر پيل سامان ۾ باريڪ ترين ۽ نفيس ترين خاميون تلاش ڪنديون آھن.

12.        ھن قسم جا مرد لباس ۽ ظاھري رک رکاءَ ۾ عورتن جي قريب تر ھوندا آھن.

13.        انھن ۾ رنگن جي ھڪ ٻئي ميچ سان کائڻ واري خاصيت کي سمجھڻ جي وڏي صلاحيت ھوندي آھي.

14.        ھي تمام جلدي اندرئين ۽ ٻاھرئين تحرڪ کي قبول ڪري وٺندا آھن.

15.        ھي معمولي ڳالھين سبب پريشان نھ ٿيندا آھن.

16.       ھي عام ڳالھين کي وڏي ۽ وسيع دائري ۾ وٺندا آھن.

17.        رسم ۽ رواج جا پابند نھ ھوندا آھن.

18.        ھنن جي شخصيت دل پسند ھوندي آھي، رنگين طبيعت جا مالڪ ھوندا آھن.

19.       ڊگھي نڪ سان گڏ ھن سيڪٽر جي ماڻھن ۾ ڪيتريون ئي خصوصيتون سمايل ھونديون آھن.

سيڪٽر/ حصو  (7)

چھري ۾ ھي سيڪٽر چپن جي قريب ھجي ۽ جيڪر گوشت سان ڀريل ھجي تھ ان ماڻھوءَ ۾ ھيٺيون خصوصيتون ملن ٿيون.

1.           اگر ھن سيڪٽر ۾ ھيٺين چپ جي ڀرسان تر ھجي تھ اھڙو شخص وڏو خوش قسمت ھوندو.

2.          اگر ڪنھن سيڪٽر ۾ تر مٿان ھجي تھ ان جي قسمت ۾ بدقسمتي ۽ ناڪاميابي بار بار پئي ايندي.

3.          ھي ماڻھو دل جي ڪنھن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندو.

4.          ھي خيالن ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

5.          اعصابي طور تي ڪمزور ھوندو آھي.

6.          لباس جي سلسلي ۾ وڏو خوش مزاج ھوندو آھي. گھڻو ڪري پنھنجي حيثيت کان وڌيڪ سٺا ڪپڙا پائيندو آھي.

7.          ھي محفلن ۾ گھڻو ڪري توجھھ جو مرڪز بڻجي ويندو آھي.

8.          ھن قسم جا ماڻھو پنھنجي پسند ۽ ناپسند ۾ وڏا جذباتي ھوندا آھن.

9.          پنھنجي حالتن سان جلد اثر قبول ڪري ڇڏيندا آھن.

10.        ھي ماڻھو ايترا آزاد خيال ھوندا آھن، جو اگر ھنن جي شادي ناڪامياب وڃي، تھ پوءِ بھ ھر ڳالھھ کان بي نياز ٿي زندگي گذاريندا آھن.

11.        ھي ماڻھو جنھن سان پيار ڪندا آھن، ڪنھن ٻئي کي ان طرف اک کڻڻ نھ ڏيندا آھن. ھو ان معاملي ۾ وڏا تنگ نظر ٿيندا آھن، خاص طور تي جڏھن انھن جي گھرو زندگي سٺي نھ ھجي.

12.        ھيءَ علامت زندگيءَ جي آغاز ۾ خراب صحت جو اھڃاڻ آھي.

13.        ھي ماڻھو ھرفن ۾ ماھر ٿي سگھن ٿا.

 

سيڪٽر/ حصو  (8)

چھري ۾ کاڏيءَ کان ڳلي تائين ھي سيڪٽر ڦھليل آھي. ڊگھي ڳچي ۽ چوڪنڊي کاڏي، ويڪري کاڏي ۽ چھنب واري کاڏيءَ ۾ جيڪر ڪٿي بھ ڪو پيدائشي نشان ھجي، تھ ان ۾ ھيٺيون خصوصيتون ملن ٿيون.

1.           ھي ادب ۽ شاعريءَ جي دائري ۾ سٺا ثابت ٿيندا آھن.

2.          عملي سياست بجاءِ نظرياتي سياست ۾ ڪمال رکندا آھن ۽ دنيا سڄي جي سياسي تنظيمن جو تجربو اھڙيءَ خوبيءَ سان ڪندا آھن، جو ٻڌڻ وارو دنگ رھجي وڃي.

3.          ھي اگر ھاري ھوندا تھ پنھنجي زمين ۾ ڪمال جو فن ڏيکاريندا آھن.

4.          ھي ھرفن مولا ھوندا آھن.

5.          گفتگو دوران وڏا روشن خيال ۽ سمجھدار ثابت ٿيندا آھن.

6.          پاڻ کي حالتن مطابق ھلڻ تي ھيريندا آھن.

7.          ھن قسم جا ماڻھو وڏا ڊپلوميٽ ھوندا آھن.

8.          سائنس ھجي يا ادب، تاريخ ھجي يا جاگرافي، مذھب ھجي يا سياست، ھو ھر موضوع تي بغير تڪلف، حاضر دماغيءَ سان ڳالھائيندا آھن.

9.          ھر موضوع تي گفتگو جا ماھر ھوندا آھن.

10.        ننڍي کان ننڍي ڳالھھ تي وڌ کان وڌ غور ڪندا آھن.

11.        ھر وقت تبديلي چاھيندڙ، ھنن جي دل ڪنھن ھڪ شيءِ تي ناھي ٽڪندي.

12.        اصولي طور تي ھي ڏاڍا سٺا ڪاروبار ثابت ٿيندا آھن ۽ عوامي ڪمن ۾ بھ وڏي دلچسپي وٺندا آھن.

13.        سٺي موڊ ۾ وڏيون دلچسپ ۽ دلنشين ڳالھيون ڪندا آھن.

 

سيڪٽر/ حصو (9)

ھي سيڪٽر ھيٺ ڏنل خصوصيتن سان مخصوص آھي.

1.           قوت تخليق

2.          دماغي سگھھ

3.          گھڻي سوچڻ جي عادت

4.          عملي زندگي بسر ڪرڻ جي خواھش

5.          عيش عشرت سان دلچسپي

6.          فنون لطيفھ سان لڳاءُ

7.          پراسرار عملن سان دلچسپي

8.          فلسفي سان لڳاءُ

9.          غيب متعلق دلچسپي

10.        علم ڪيميا

11.        ڪھاڻيون قصا

12.        علم الاعداد

13.        علم رويھ (خوابن بابت علم)

ھن سيڪٽر جو مطالعو ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. شروع شروع ۾ چھري جي خاص نقشن جو مطالعو ڪريو. جڏھن خبر پئجي وڃي تھ اھوئي اڳتي وڌڻ جو رستو ٺاھيندو ۽ پوءِ چھرا شناسي بابت ڪا شيءِ نھ تھ مشڪل ثابت ٿيندي ۽ نھ ڳجھي رھندي. ابتدائي مطالعي مان حاصل ڪيل ڄاڻ ئي چھري شناس جي مشڪل مرحلن ۾ رھبري ڪندي آھي.

 

مٿي جو اڀار

چھرا شناسن انسان جي مٿي جي اڀار کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو آھي. ھر اڀار بابت تشريح ھيٺ ڏني وڃي ٿي:

 

1.           اڀار زھره

2.          اڀار مشتري

3.          اڀار زحل

4.          اڀار شمس

5.          اڀار عطارد

6.          اڀار قمر

7.          اڀار مريخ

1.           اڀار زھره

ھيءُ اڀار محبت، شادي ۽ جنسي خواھشن متعلق آھي.

1.           ھي ماڻھو لباس جي باري ۾ وڏا خوش مزاج ثابت ٿيندا آھن. ھي ماڻھو پنھنجي حيثيت کان وڌيڪ سٺا ڪپڙا پائيندا آھن.

2.          ھي اڀار وفاداري، لگن ۽ عزم کي بھ ظاھر ڪري ٿو.

3.          اھڙن شادي شده ماڻھن جي گھرو زندگي پرسڪون گذرندي.

4.          مرد ۽ عورت، ھڪ ٻئي سان جنسي محبت رکندا آھن. وفاداري سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل رھندا آھن.

5.          ھن اڀار جو تعلق جنسي ميلاپ سان بھ آھي.

6.          ھن اڀار جو تعلق والدين جو اولاد لاءِ محبت يا احساس جي نمائندگي ڪري ٿو.

7.          ھي اڀار ذاتي پسند يا ناپسند ۾ گھڻي جذباتيت کي ظاھر ڪري ٿو.

8.          جيڪڏھن ڪوئي شخص 31 سيپٽمبر ۽ 21 آڪٽوبر جي وچ ۾ پيدا ٿيو ھجي، تھ ان جي مٿي جي اڀار زھره کي تخريبي چوڻ کپي. انھن ماڻھن جو اڀار گھڻو نمايان نھ ھوندو آھي. ان ڪري اھي دل بجاءِ ذھني طور وڌيڪ جذباتي ھوندا آھن.

9.          ھي ماڻھو روحاني تعلقاتن تي گھڻو زور ڏيندا آھن. ان ڪري ھي جسماني دوستيءَ بجاءِ روحاني دوستيءَ لاءِ بي قرار رھندا آھن. ھنن جون ذھني صلاحيتون ڏاڍيون بيدار ھونديون آھن. ھنن کي ھڪ خاص طرح جي روحاني قوت عطا ٿيل ھوندي آھي.

10.        محبت جي معاملي ۾ ھي ماڻھو بدنصيب ھوندا آھن. اگر ھنن کي ڪو موقعو ملي بھ تھ ھي ان جي باري ۾ ايترو سوچيندا آھن جو موقعو ھٿان وڃائي ويھندا آھن.

11.        ھي اڀار ٻارن ۾ بھ والدين سان محبت ۽ انھن جي فرض جي پورائي جي نشاندھي ڪري ٿو.

12.        اھڙيون ڌيئر ۽ پٽ جن جي کوپڙيءَ ۾ ھي اڀار ھجي، انھن جي اندر ماءُ پيءُ لاءِ ججھي محبت ۽ لڳاءُ موجود ھوندو آھي.

13.        ھي اڀار معاشرتي صلاحيتن کي ظاھر ڪري ٿو، اگر ھي اڀار موجود ھجي تھ اھي ماڻھو معاشري ۾ پنھنجو مقام تڪڙو ٺاھي وٺندا آھن. ھي پنھنجي ميل ميلاپ سان پاڙي وارن ۾ مقبول ٿي ويندا آھن.

14.        ھي ماڻھو قدرتي طور سماجي ڪارڪن ھوندا آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ سوسائٽي ۾ وڏا مقبول ٿي ويندا آھن.

2.          اڀار مشتري

1.           جنھن جي کوپڙي ۾ ھي اڀار ھجي تھ اھو مادي يا دنياوي ڪاميابي بجاءِ ذھني ڪاميابي جا وڌيڪ چاھڪ ھوندا آھن، اھڙا شخص اھي ڪم وڌيڪ ڪندا آھن، جن ۾ سوچ ويچار ۽ دماغي قوت جو استعمال گھڻو ٿئي.

2.          ھنن ماڻھن اندر ھر چيز کي سمجھڻ جي فطري صلاحيت موجود ھوندي آھي، خاص طور تي ملڪن جون تاريخون، انساني نسلن بابت ڄاڻ، ملڪ جي جاگرافيائي حد بندي ۽ اتان جي ماڻھن جون رسمون ۽ رواج.

3.          ھنن ماڻھن ۾ ذھني صلاحيت ھجڻ جي باوجود پنھنجي ڳالھھ مڃرائڻ جي ھمت ڪانھ ھوندي آھي. ان سلسلي ۾ ھي وڏا حساس ھوندا آھن.

4.          ھنن ۾ خود اعتماديءَ جو عنصر تمام گھٽ ھوندو آھي. ان ڪري ھي ماڻھن جي ميڙ سامھون اچڻ کان گھٻرائيندا آھن. ٻيا ماڻھو ھنن جي ڳالھين ۽ تجويزن مان فائدو وٺندا آھن. مگر ھي اھڙا جو اھڙا ھوندا آھن، ھنن کي پنھنجي قابليت کان ڪوبھ فائدو نھ پھچندو آھي.

5.          تمام گھڻا اديب، مصور ۽ موسيقار ھنن تاريخن ۾ پيدا ٿيندا آھن.

6.          ھي ماڻھو اڪثر ساھھ ۽ رت جي بيماريءَ ۾ مبتلا رھندا آھن. ان کان سواءِ ھنن کي معدي جي بيماري ۽ زڪام وغيره تنگ ڪندو رھندو آھي.

7.          ھنن جي صحت تي آبھوا جو اثر ٿيندو آھي. ان ڪري ھي خوشگوار يا خشڪ آبھوا ۾ رھڻ پسند ڪندا آھن.

8.          ھن اڀار جون وڏيون وڏيون خوبيون ھيٺ ڏجن ٿيون:

الف: اڪيلائيءَ سان پيار.

ب:     خاموش طبع ھئڻ.

ت:      شين جو سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪرڻ.

ث:     شين جي فنا ٿيڻ تي پڪو يقين رکڻ.

9.          شفقت ۽ محبت جي لحاظ کان ھي ماڻھو نھايت سٺا ثابت ٿيندا آھن. مگر ھي ايترا انتھا پسند ھوندا آھن جو اھڙن جذبن تي ھنن جو يقين نھ ھوندو آھي.

10.        ھنن ماڻھن جو نظريو ھي ھوندو تھ اگر ڪنھن جي مدد ڪري بھ ڇڏجي، تھ ان سان ڇا ٿي پوندو. ٻيا بھ تھ گھڻا ئي ماڻھو مدد جا حقدار آھن، انھن جي مدد ڪير ڪندو.

11.        محبت ۽ فرض جي سلسلي ۾ ھنن جا نظريا ڏاڍا عجيب ھوندا آھن، ان ڪري جيڪي ماڻھو ھنن جي ويجھو رھندا آھن، اھي ھنن کي عجيب مخلوق تصور ڪندا آھن.

12.        ھي ماڻھو وڏا جذباتي ھوندا آھن.

13.        چڱائيءَ تي گھڻو يقين رکندا آھن.

14.        ھي ماڻھن جي مدد لاءِ ھر وقت تيار رھندا آھن، موٽ ۾ ڪنھن بھ قسم جي عزت توڙي نالو نھ چاھيندا آھن. انھن ڳالھين کان بي نياز ٿي، رڳو ماڻھن جي مدد ۽ خدمت ڪندا آھن.

15.        ھي ماڻھو زندگيءَ جي ذميداريءَ کي بار سمجھندا آھن، اھوئي سبب آھي تھ اڪثر ڪري نااميد ٿي، زندگيءَ جي ڀڄ ڊڪ کان ڪنارو ڪري ڇڏيندا آھن، ۽ پاڻ کي پنھنجي ئي ذات تائين محدود رکندا آھن، دنيا کان عليحدگي اختيار ڪري وٺندا آھن.

16.       مذھب جي سلسلي ۾ بھ ھي ماڻھو انتھاپسند ھوندا آھن. اگر مذھب جي طرف لاڙو ڪندا تھ پوءِ سارو وقت مذھب کي ارپي ڇڏيندا آھن.

17.        ھي ماڻھو تصوف ۽ اسرار ۾ وڏيءَ دلچسپيءَ جو اظھار ڪندا آھن، ان ۾ پڻ ھي انتھا پسنديءَ کان ڪم وٺندا آھن.

18.        ھي ماڻھو ذھين ۽ بزرگ ماڻھن جي پوڄا ڪندا آھن، جنھن شيءِ ۾ دلچسپي وٺندا آھن، ان تي تمام گھڻو سوچيندا آھن، مگر پنھنجي سوچ ۽ نظرين ۾ ٻين کي داخل ٿيڻ جي اجازت نھ ڏيندا آھن.

19.       ھي ماڻھو وڏين ذميوار نوڪرين تي مقرر ٿيندا آھن، جيڪر نقصان ڪرڻ تي اچن تھ ھزارن ماڻھن جي تقدير مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا آھن. پر جيڪڏھن ھنن کي قرباني ڏيڻي پوي تھ سڀ کان پھريون پاڻ کي پيش ڪندا آھن يا پنھنجي عزيز ترين دوست يا ويجھي مٽ مائٽ کي سامھون آڻي بيھاريندا آھن.

20.       ھي ماڻھو بھ پھرين ماڻھن جي نقش قدم تي ھلندا آھن، مگر انھن جون خوبيون ھنن تي ڪو جسماني اثر وجھڻ بجاءِ ذھني اثر وجھنديون آھن. ھي ماڻھو ذھني طور تي پنھنجي عادتن يا فرضن ڏانھن وڌيڪ لاڙو رکندا آھن.

21.        ھي ماڻھو ذھني طور تي پاڻ کي زندگيءَ ۾ تنھا محسوس ڪندا آھن، ھنن کي ھر وقت اھو خيال رھندو آھي تھ ٻيا ماڻھو ھنن جي خيالن ۽ نظرين مان فائدو وٺن.

22.       ھي ماڻھو ٻين جي دل ۾ گھر ڪري وٺندا آھن ۽ انھن جي خيالن کي جلدي سمجھي وٺندا آھن.

23.       ھنن ماڻھن کي اگر ڪير ڌوڪو ڏئي تھ کين ڏاڍو ڏک ٿيندو آھي ۽ ان ڏک جو ردعمل ايترو تھ سخت ھوندو آھي، جو ٻيا ماڻھو دنگ رھجي ويندا آھن.

24.       ھي ماڻھو دوستيءَ جي معاملي ۾ وڏا وفادار ۽ مخلص ھوندا آھن ۽ دوست خاطر ھر قسم جي قرباني ڏيڻ کان مور نھ مڙندا آھن، جيڪر کين خبر پوي تھ سندن دوست کين ڌوڪو ڏئي رھيا آھن تھ ھي ان کي ھر حالت ۾ نقصان رسائڻ جا جتن ڪندا آھن.

25.       ھي جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪندا آھن، پنھنجو پئسو ۽ وقت صرف ڪندا آھن، پر پنھنجي انفرادي طرز عمل کي ھٿان نھ ڇڏيندا آھن.

26.       مذھب جي متعلق ھنن جا نظريھ ڏاڍا سٺا ھوندا آھن. نماز ۽ روزي تي وڏو اعتقاد ھوندو اٿن.

27.       ھي ماڻھو سئنيما، ٿيٽر ۽ ٻين تفريحي مشغلن ۾ بھ ڪافي دلچسپيءَ جو اظھار ڪندا آھن، پر ان جي باوجود بھ ھنن کي تنھائيءَ جو احساس ھميشه تنگ ڪندو رھندو آھي.

28.       ھنن جي اکين ۾ ھڪ خاص قسم جي ڪشش ھوندي آھي، جنھن جي ذريعي ھي ٻين ماڻھن کي پنھنجو ديوانو بڻائي ڇڏيندا آھن. جڏھن تھ پاڻ گھڻو حراسيل ۽ گھٻراھٽ جو شڪار رھندا آھن پر ٻين کي سوگھو رکڻ جي ھنن ۾ وڏي صلاحيت موجود ھوندي آھي.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org