سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :11

 

3.          اڀار زحل

1.           زندگيءَ جي تڪميل لاءِ جيڪو حوصلو گھربل آھي، اھو ھي اڀار مھيا ڪندو آھي. مثلا حوصلو ۽ ٻيو ذھني تحفظ، جنھن سان ڪنھن مرد ۽ عورت کي ذھني پختگي ۽ ڀروسي جوڳي سگھھ عطا ٿيندي آھي.

2.          ھي اڀار ڪم ڪرڻ جي اھليت ۽ انتظامي صلاحيت کي ظاھر ڪري ٿو.

3.          ھن جي موجودگيءَ ڪري ماڻھوءَ ۾ منصوبھ بندي ۽ انتظامي صلاحيت جو گڻ سمايل ھوندو آھي ۽ ماڻھو پنھنجون سرڪاري ۽ غير سرڪاري ذميواريون بھتر نموني ۾ پوريون ڪري سگھي ٿو.

4.          ھي اڀار کائڻ ۽ خوراڪ جي طرف رغبت واري رجحان کي ظاھر ڪري ٿو، ضروري ناھي تھ ھن اڀار جو مالڪ گھڻو کائي. کائڻ جي ھٻڇ وارو  لاڙو رکندڙ ھجي سگھي ٿو. انھن ماڻھن جي متعلق ھڪ شيءِ ھيءَ بھ چئي سگھجي ٿي، تھ ھي ماڻھو نھ صرف خود خوراڪ کائي خوش ٿيندا آھن، بلڪ ٻين کي کارائي پڻ خوش رھندا آھن.

5.          ھي اڀار ماڻھن ۾ پئسي بچائن ۽ ڪفايت شعاري کي بھ ظاھر ڪري ٿو.

6.          ھي اڀار رازداريءَ جي بھ نشاندھي ڪري ٿو.

7.          ھي اڀار ماڻھن اندر احتياط ڪرڻ واريءَ عادت کي جنم ڏيندڙ ھوندو آھي.

8.          ھن اڀار وارا ماڻھو شھرت ۽ مقبوليت جي جدوجھد وارو رجحان رکن ٿا.

9.          ھي اڀار عزت نفس ۽ وقار سان بھ لاڳاپيل آھي.

10.        ھي اڀار اخلاقيات تي مبني زندگيءَ جي خواھش جي نشاندھي ڪري ٿو.

11.        ھي اڀار اداسي، مايوسي ۽ فڪر ختم ڪري ٿو.

12.        ھن اڀار وارو شخص زندگيءَ جا روشن پھلو ڏسندو آھي ۽ ڀروسي جوڳو ھوندو آھي.

13.        ھي اڀار مذھبي رجحان ظاھر ڪري ٿو.

14.        ھي اڀار ماڻھو جي وجدان ۽ جذبي جي آبياري ڪري ٿو.

15.        ھي عزت ۽ تڪريم ظاھر ڪرڻ وارو اڀار آھي.

16.       ھن اڀار وارو شخص معاشري ۾ موجود اصولن جو احترام ڪرڻ ڄاڻيندو آھي.

17.        ھي اڀار جمالياتي حسن سان لڳاءُ ۽ تصور پرستي جو ذميوار آھي ۽ جمالياتي حسن کي گھڻو وسيع ڪري ٿو.

18.        ھن اڀار وارا ماڻھو عملي طور وڏا جلدباز ھوندا آھن.

19.       ھن اڀار وارا ماڻھو گھڻو ڪري پنھنجي شادي شده زندگيءَ ۾ ناڪام رھندا آھن. ھنن کي قسمت سان ڪا اھڙي عورت ملندي آھي، جيڪا انھن کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھي. جيڪر خوش قسمتيءَ سان ھنن جون زالون انھن جي مخالفت نھ ڪنديون تھ ان صورت ۾ سندن ٻار انھن جي مخالفت ڪرڻ لڳندا.

20.       ھي ماڻھو ڏاڍا سٺا منتظم ھوندا آھن.

21.        ھي ماڻھو پنھنجي جذبن ۽ نظرين تي اٽل ۽ ڀروسو ڪندڙ ھوندا آھن.

4.      اڀار شمس

1.           جنھن شخص ۾ ھي اڀار ھجي تھ اھو شھريت ۽ ماڻھن ۾ نالو پيدا ڪرڻ جي خواھش جو اظھار ڪري ٿو.

2.          ھن اڀار جو وڏو ھجڻ چڱائي جي نشاني طور تصور ڪيو وڃي ٿو.

3.          ھن اڀار وارا ماڻھو خوبصورت شين کي گھڻو پسند ڪندا آھن. اھو ضروري ناھي تھ اھڙا ماڻھو فنڪار يا مصور بھ ھجن.

4.          ھن اڀار وارا ماڻھو جيڪر زندگيءَ ۾ ڪامياب ھجن تھ وڏا ۽ خوبصورت گھر ٺاھيندا آھن ۽ فنڪارانھ ماحول ۾ زندگي بسر ڪرڻ چاھيندا آھن.

5.          ھي ماڻھو ڏاڍا امن پسند ۽ ٻاجھارا ھوندا آھن.

6.          فطري طور اھڙا ماڻھو خوش طبيعت ھوندا آھن ۽ ھنن جي شخصيت ماڻھن کي پنھنجو بڻائي ڇڏيندي آھي.

7.          ھنن ماڻھن کي انسانيت جي دل چوندا آھن. اصولي طور ھي ماڻھو وڏا مھربان، شفيق ۽ مددگار ثابت ٿيندا آھن.

8.          ھنن ماڻھن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ وڏي طاقت ھوندي آھي.

9.          جيڪر مجبوريءَ ڪري ھنن کي خراب حالتن ۾ رھڻو پوي تھ پوءِ بھ خوش طبعيءَ، ھمدرديءَ ۽ شفقت کي ھٿان ڪين ڇڏيندا آھن.

10.        جيڪر ھنن جو ڪو دوست مصيبت ۾ ڦاسي پوي، تھ ھي سچائيءَ ۽ خلوص سان ان جي مدد ڪندا آھن.

11.        ھي ماڻھو محبت توڙي نفرت ڏاڍيءَ شدت سان ڪندا آھن.

12.        ھي ماڻھو وچين واٽ اختيار نھ ڪندا آھن، ھر ڳالھھ ۾ انتھا پسنديءَ جو اظھار ڪندا آھن.

13.        ھي ماڻھو وڏا غيرتمند ھوندا آھن.

14.        ھي ماڻھو دل جي دوري يا دل جي دھڪي جھڙين بيمارين ۾ مبتلا رھندا آھن.

15.        ھنن جي چيلھھ ۽ ڪنن ۾ سور رھندو آھي.

16.       ھنن جي ڳاٽي ۾ بھ سور رھي ٿو.

17.        ھي ٻين ماڻھن جي ڏک ۽ درد ۾ سندن ڪم ايندا آھن.

18.        ھي ماڻھو سرڪاري ملازمت ۾ يا ڪنھن پارٽيءَ جا ليڊر ھجڻ جي حيثيت سان بھتر ڪم ڪندا آھن.

19.       ھي ماڻھو ڏاڍا ڪاروباري ثابت ٿيندا آھن.

20.       عوامي ڪمن ۾ وڏي دلچسپي وٺندا آھن.

21.        اھڙين جاين کي پسند ڪندا آھن، جتي ماڻھن جو ھجوم ھجي.

22.       ھي ماڻھو حاضر دماغ ۽ فراخ دل ھوندا آھن.

23.       ھي ماڻھن جي مدد ڪندا آھن ۽ سندن دل ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ ٺاھيندا آھن.

24.       ھي ماڻھو مدد وٺڻ بجاءِ مرڻ پسند ڪندا آھن.

25.       ھنن جي صحت شايد ڪڏھن ڪڏھن سٺي رھندي آھي. مگر ان جي باوجود ھنن ۾ وڏي قوت برداشت ھوندي آھي.

26.       ھي وڏا محنتي ھوندا آھن ۽ ڪانھ ڪا شيءِ ايجاد ڪندا آھن.

27.       ھي ماڻھو زندگيءَ جي ذميداريءَ جو بار وڏيءَ شدت سان محسوس ڪندا آھن.

28.       ڏندن ۽ ڪنن جا مرض بھ ھنن ماڻھن کي پريشان ڪندا آھن.

29.       ھي اڀار ثقافتي ھنر جي تحت ٿيڻ وارين سرگرمين سان لاڳاپيل آھن.

30.       کلڻ، ڳالھائڻ، خوش مزاجي ۽ لطيفا ھن اڀار جا بنيادي جزا ھوندا آھن.

31.        ھن اڀار وارو ماڻھو بھترين منصوبھ ساز ھوندو آھي.

32.       ھنن ۾ استخراجي قوت ھوندي آھي.

33.       ھن اڀار وارا گھڻيون ڳالھيون ڪندڙ ۽ عمدگيءَ سان ڳالھيون ڪرڻ وارو رجحان رکندڙ ھوندا آھن.

34.       ھي شخص ڳالھھ مڃڻ وارو ۽ خوش طبيعت ھوندا آھن.

35.       ڪاروبار ۾ بھترين سيلزمين ھوندا آھن.

36.       ھي اڀار ڪامياب زندگي جي ضمانت آھي.

37.       ھي اڀار انفراديت جي اھا صفت آھي، جيڪا ماڻھوءَ کي ٻين ماڻھن کان مختلف ۽ نئين انداز ۾ سوچڻ ۽ زندھھ رھڻ ۽ زندگي گذارڻ سيکاري ٿي.

38.       ھن اڀار جي تحت ماڻھو شين جي شڪلين ۽ بناوت کي ياد رکي سگھندا آھن.

39.       ھي اڀار ڪامياب زندگيءَ جي ضمانت آھي.

40.       ھن اڀار وارن ماڻھن کي شين جي شڪلين ۽ ڊزائين سان خاص لڳاءُ ھوندو آھي.

41.        ھي اڀار نظم ضبط ۽ ترتيب لاءِ بھترين رھنما آھن.

42.       ھي اڀار ماڻھوءَ جي اندر وزن جي پيمائش جو احساس ۽ صلاحيت پيدا ڪرڻ جو ذميوار ھوندو آھي.

43.       ھي اڀار رنگن جو احساس پيدا ڪري ٿو، ھن اڀار وارو شخص رنگن جي معاملن ۾ توازن جو بھترين ماھر ھوندو آھي ۽ گھڻو حساس ھوندو آھي. ان ڪري اھڙو ماڻھو ڊزائينگ، آرائش ۽ زيبائش توڙي ٻين اھڙن شعبن ۾ گھڻو ڪامياب رھندو آھي.

44.       ھي اڀار اعليٰ انتظامي آفيسر ۽ ليڊر لاءِ بھترين خوبي آھي.

45.       اھڙو شخص سيلاني ھوندو آھي ۽ پنھنجي پسند ۽ دلچسپيءَ واري ھنڌ کي دير تائين ياد رکندو آھي.

5.      اڀار عطارد

1.           ھي اڀار کوپڙيءَ جو پنجون اڀار آھي ۽ سٺي علامت تصور ڪيو وڃي ٿو.

2.          ھن اڀار جو تعلق ذھن سان آھي.

3.          ھن اڀار وارن ماڻھن ۾ ھيٺ ڏنل خصوصيتون ھونديون آھن:

الف: حاضر دماغ

ب:       حاضر جواب

ت:       خوش طبيعت

ث:      عقلمند

ج:     فراخ دل

ح:    خوش گفتار

1.           ھيءَ ڪنھن بھ فن کي تمام جلدي سکي وڃڻ جي علامت آھي.

2.          جيڪر ھن اڀار واري ماڻھوءَ ۾ براين جو اثر ھجي، تھ اھو گھٻراھٽ، جذباتيت، گھٽ توجھھ جي علامت بڻجي ويندو آھي.

3.          ھي اڀار ذھني صلاحيتن کي وڌائي ٿو.

4.          ھن اڀار جو مزاج ٻن قسمن جو ھوندو آھي.

5.          اھڙي شخص جي فطرت جو ھڪ رخ ٻئي رخ جي خلاف ھوندو آھي. ان ڪري ھي ماڻھو پنھنجي مقصد ۾ تسلسل نھ رکڻ جي ڪري اڪثر ناڪام رھندا آھن.

6.          ھنن ماڻھن جو ڪوبھ مستقل مقصد نھ ھوندو آھي.

7.          ھي ماڻھو پنھنجو مقصد يا پيشو تبديل ڪرڻ ۾ تڪڙ کان ڪم وٺندا آھن.

8.          ڪنھن اتفاق سان ھنن جي شادي سٺي جڳھھ تي ٿي ويندي آھي، نھ تھ ھي زندگي ڀر لٽڪيل رھندا آھن.

9.          ٻين ماڻھن جي نسبت ھنن کي سمجھڻ وڏو ڏکيو ھوندو آھي.

10.        طبيعت جي لحاظ کان ھي ھڪ ئي وقت گرم ۽ ٿڌا ٿيندا آھن.

11.        ھڪ پاسي تھ ھي ڪنھن شيءِ يا شخص کي وڏي خلوص مان پيار ڪندا آھن، پر ان سان گڏ ان کي ناپسند بھ ڪندا آھن.

12.        ھي ماڻھو ٻين ۾ ھميشه خاميون ڳوليندا آھن.

13.        جن ڪمن ۾ ھوشياريءَ ۽ ذھانت جي ضرورت پوندي آھي، تھ ھي ماڻھو ڪنھن کي بھ پنھنجو مٽ نھ سمجھندا آھن.

14.        ھي وڏا موقع شناس ھوندا آھن ۽ ڏاڍي سھڻي انداز ۾ گفتگو ڪندا آھن، شروعات ۾ ئي ڪاميابي حاصل ڪري وٺندا آھن.

15.        اگر ھيءُ سٺي موڊ ۾ ھوندا آھن تھ ڏاڍيون سٺيون ڳالھيون ڪندا آھن.

16.       ھي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ کي سڀ کان سچو انسان ٿابت ڪندا آھن.

17.        ھر شيءِ انساني اعصاب تي اثر انداز ٿي سگھي ٿي ۽ ھي ماڻھو پڻ ان جي گرفت ۾ اچي ويندا آھن.

18.        گھڻو سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ جي ڪري، ھنن جو ھاضمو خراب رھي ٿو.

19.       ڪثرت سان خواب ڏسندا آھن، ھنن جا خواب اجايا ھوندا آھن.

20.       فالج ۾ مبتلا ٿي سگھن ٿا.

21.        ھنن جو گلو بھ اڪثر خراب رھي ٿو.

22.       ھنن کي دم جي بيماريءَ جي بھ شڪايت ھوندي آھي.

23.       اک ۽ نڪ جون بيماريون بھ ھنن کي تنگ ڪري سگھن ٿيون.

24.       ھن اڀار واريون عورتون ڏاڍيون ڳجھڙيون ھونديون آھن.

25.       اھڙيون عورتون وڏيون نيڪ ھونديون يا وري ان جي ابتڙ.

26.       يا تھ وڏيون ديانتدار ۽ سچيون ھونديون يا وري ان جي برعڪس.

27.       ھي عورتون اڪثر ڪري پنھنجي مڙسن يا ٻارن کي ڇڏي ڏينديون آھن ۽ پوءِ پڇتائينديون آھن، تھ ھنن کي ائين نھ ڪرڻ کپندو ھو.

28.       ھي عورتون مذھبي ھئڻ باوجود اڪثر ڪري جلد بازيءَ ۾ مذھب کان ڪنارو ڪري وينديون آھن.

29.       ھن اڀار واريون اھڙيون عورتون، جيڪي اڳ مذھب کي بلڪل نھ مڃينديون آھن، سي يڪدم مذھبي بنجي وينديون آھن.

30.       ھن اڀار وارا ماڻھو کليل ذھن جا ھوندا آھن ۽ ٻين جي تجويزن تي گھڻو غور ڪندا آھن.

31.        جيڪر ھي ماڻھو اھو سوچين تھ ھي بيمار آھن، تھ ان ڪري ھنن کي بخار ٿي پوندو آھي، پر ان جي برعڪس جيڪر بخار جي حالت ۾ بھ ھي پاڻ کي تندرست تصور ڪرڻ لڳن، تھ تندرست ٿي ويندا.

32.       عام حالتن ۾ ھنن جي جسماني صحت ڏاڍي سٺي ھوندي آھي، پر شرط اھو آھي تھ ھي منشيات وغيره استعمال نھ ڪن.

33.       اگر ھي ماڻھو دوائن جو استعمال ڪرڻ لڳندا، تھ پوءِ شھر جو ڪو ڊاڪٽر نھ ڇڏيندا آھن.

34.       ھن اڀار وارن ماڻھن ۾ ھڪ خاص ڳالھھ ھيءَ ھوندي آھي، تھ ھي ماڻھو پنھنجي اصلي بيماري يا تڪليف جو ھر ڪنھن سان تذڪرو ڪرڻ لڳندا آھن ۽ ٿوريءَ تڪليف کي وڌائي بيان ڪندا آھن ۽ دوا جي ڀيٽ ۾ فطري نظارا ھنن لاءِ وڌيڪ فائديمند ٿي سگھن ٿا.

35.       ھنن جو ڪو ساٿي خراب ماڻھو ھجي يا خراب ماحول م رھندڙ ھجي، تھ ان جي صحت جلدي خراب ٿي ويندي آھي، جيستائين ھنن  جون حالتون تبديل نھ ڪيون وڃن، ھنن تي ڪنھن دوا جو اثر نھ ٿيندو.

6.      اڀار قمر

1.           ھي اڀار انسان جي تخليقي طاقت، فنڪارانھ ۽ جذباتي طبيعت، رومانس، بلند خيالي، شاعري، سفر ۽ ٻين شين جي لڳاءُ کي ظاھر ڪري ٿو.

2.          جيڪر ھي اڀار ڊگھو ۽ سٺي بناوت وارو ھجي، تھ ان کي تخليق سمجھڻ کپي. شرط ھي آھي تھ ان اڀار وارو شخص 21 جون کان 20 جولاءِ جي وچ ۾ پيدا ٿيو ھجي.

3.          ھن اڀار وارن ماڻھن جو تخيل وسيع ھوندو آھي.

4.          ھي ماڻھو وڏا جذباتي ٿيندا آھن ۽ ھنن جا مقصد اعليٰ ھوندا آھن، پر کين ۾ اِھا ڳالھھ نھ ھوندي جيڪا ھن اڀار جي بلڪل سامھون واري اڀار زھره جي ماڻھن ۾ ڏٺي وڃي ٿي.

5.          ھنن ماڻھن جو تخيل نئين قسم جي ڳالھين ۽ ايجادن ۾ معجزاتي ڪم ڏيکارڻ طرف ھوندو آھي.

6.          ھي ماڻھو جيڪو بھ ڪم ڪندا، انھيءَ ۾ نواڻ ڏيکارڻ ڏانھن ڌيان ڏيندا آھن.

7.          جيڪو بھ شخص ھن اڀار جي سائي ۾ پيدا ٿيو ھوندو، اھو ڪم ۾ وڏي انفراديت ڏيکاريندو ۽ ھر ڪم وڏي سلجھيل طريقي سان توڙ پھچائيندو آھي.

8.          اھڙا گھڻا ماڻھو سٽي باز ھوندا آھن ۽ ان ڪري اھي ڪاروبار ۾ گھڻي ڪاميابي حاصل نھ ڪري سگھندا آھن.

9.          وڏا وڏا ڪاروباري ماڻھو ھن اڀار سان تعلق رکندا آھن.

10.        ھنن جي ھٿ تي ھي اڀار وڏو بلند ھوندو آھي.

11.        ھي ھر ان شيءِ سان پيار ڪندا آھن، جنھن ۾ جدت ھجي، ان ڪري ھي ماڻھو سفر وغيره کي گھڻو پسند ڪندا آھن ۽ دنيا جا اڪثر ملڪ ھنن جا گھميل ھوندا آھن.

12.        ھن اڀار وارا ماڻھو بحري ۽ بري سفر جا شوقين ھوندا آھن. ھن اڀار سان گڏ مٿي تي جيتريون بھ لڪيرون ھونديون، ايترا ئي سفر ھوندا ۽ گھريون لڪيرون وڏي اھم بحري ۽ بري سفر جي ڄاڻ ڏيندڙ ھونديون آھن.

13.        اھڙو شخص سياح بھ ٿي سگھي ٿو، سيلاني طبيعت جو مالڪ بھ، ايستائين جو ھن جو موت بھ سفر ۾ ٿي سگھي ٿو.

14.        اھڙو شخص زندگيءَ ۾ وڏو سفر ڪندو آھي.

15.        اھڙي شخص جي اڀار واريون لڪيرون عمودي آھن پر سندن سفر جيڪر عمودي لڪيرن تي مشتمل آھي، تھ اھو سفر ڪامياب ناھي ٿيندو، سفر ڪرڻ واري لاءِ پريشاني جو باعث ھوندو آھي.

16.       اھڙو شخص جنھن جي مٿي تي ترشول جو نشان ھجي تھ اھو وڏي خطري جي نشاني آھي. اگر ھي نشان مربع (چوڪنڊو) ھجي تھ خطري کان بچي سگھي ٿو، ڇو تھ مربع قلعي جيان حفاظت ۽ سلامتيءَ جي نشاني آھي.

17.        اھڙو شخص جيڪو ھيٺين تاريخن ۾ پيدا ٿيو ھجي، ان لاءِ بحري سفر خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو. 21 اپريل، 21 مئي، 21 ڊسمبر، 21 آگسٽ، 21 ڊسمبر.

18.        ھن اڀار جو مالڪ شخص ھيٺين تاريخن ۾ پيدا ٿيو ھجي تھ ان جو سفر ڪندي، طوفان يا جھڙ مينھن يا اھڙي ئي ڪنھن حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ جو امڪان آھي. 21 مئي، 21 جون، 21 سيپٽمبر، 21 آڪٽوبر، 21 فيبروريءَ جي وچ ۾.

19.       ھن اڀار جو زندگيءَ سان وڏو گھرو تعلق آھي.

20.       ھن اڀار واري ماڻھوءَ جي زندگي ۽ ڪيريڪٽر ھن قسم جو ٿي سگھي ٿو، جنھن کي عوامي ڌنڌو چوندا آھن.

21.        ھن قسم جي ماڻھن کي پنھنجي انھن مشغلن سان تمام گھڻو آسودگي ميسر ٿي سگھي ٿي، جن کي ھن مجبوري جي حالت ۾ ترڪ ڪري ڇڏيو ھجي. مثلا مصوري، موسيقي، شاعري ۽ بت تراشي.

22.       جيڪر ھي اڀار لڪيرن جي ڀرسان اڀريل ھجي، تھ پتو پوي ٿو تھ ان شخص ۾ ھنر ۽ ادب سان بي پناھھ لڳاءُ موجود آھي. ھن کي شھريت دير سان ملندي آھي.

23.       ھن اڀار سان گڏ اگر مٿي تي ٻن شاخن واريون لڪيرون ھجن تھ ھي اھي ماڻھو ھوندا آھن، جيڪي دل سان ھميشه اھو سمجھندا آھن، تھ جيڪا شھريت ھنن کي ملي آھي، اھا ھنن جي صلاحيت جي مقابلي ۾ ڪجھھ بھ نھ آھي.

24.       اھڙي شخص جي زندگيءَ ۾ آسودگي ڪڏھن بھ نھ ايندي.

25.       ھن اڀار سان گڏ زخم جو نشان، ڪنھن رسوائيءَ جو پتو ڏئي ٿو.

26.       ھن اڀار سان گڏ مٿي تي اڌ گابرين لڪيرن وارا، ڪمزور طاقت جا مالڪ ھوندا آھن.

27.       ھن اڀار جا مالڪ زڪام يا ٻين اھڙيءَ ئي نوعيت جي بيمارين ۾ مبتلا ھوندا آھن.

28.       ابتدا ۾ ھنن کي قبضي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڦڦڙن، ڇاتيءَ ۽ تريءَ وغيره ۾ تڪليف ٿي سگھي ٿي.

29.       مٿي تي سڌي لڪير سان گڏ ھن اڀار وارن شخصن وٽ گھٽ دولت ايندي آھي، اگر ھنن وٽ دولت اچي بھ وڃي، تھ جذبھ ايثار تحت ھي اھا دولت ٻين ماڻھن جي مدد ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا آھن.

30.       مٿي تي افقي لڪير سان ھن اڀار وارا ماڻھو ڏاڍا سٺا ڪاروباري ثابت ٿيندا آھن.

31.        اصولي طور تي ھي ماڻھو عوامي ڪمن ۾ وڏي دلچسپي وٺندا آھن.

32.       ھر اھا شيءِ جيڪا انساني اعصابن تي اثر انداز ٿي سگھي ٿي، ھي ماڻھو ان جي گرفت ۾ اچي ويندا آھن.

33.       اھڙا ماڻھو فنڪار، موسيقار، نيون ايجادون ڪندڙ ٿي سگھن ٿا.

34.       ھنن ماڻھن جا خواب صاف ۽ پاڻ روش خيال ھوندا آھن.

35.       اھڙن ماڻھن کي تصوف سان بھ وڏي دلچسپي ھوندي آھي.

36.       ھي ذھانت ۽ ڪاميابيءَ جي علامت آھي.

37.       ھي اڀار محبت، شدت، جذبات ۽ شھريت پسنديءَ جي نشاني آھي.

38.       ھي اڀار ھمت، جوش ۽ مقابلي ڪرڻ جي طاقت جي نشاني آھي.

39.       ھي اڀار ذھني صلاحيت، ڪاروبار ۽ سائنس متعلق معاملن کي ظاھر ڪري ٿي.

40.       ھي اڀار خيال پرستيءَ، رومانس، فطرت جي نشاني آھي.

41.        ھن اڀار وارا ماڻھو ذھانت ۽ ڪاميابي جي علامت آھي.

42.       ھن اڀار وارا ماڻھو خواھشات ۽ ٻين کي مغلوب ڪرڻ جي آرزو رکندڙ ھوندا آھن.

43.       مٿي تي اڻ سڌيون ٻن يا چئن لڪيرن سان گڏ، ھن اڀار جي اھميت اڃا بھ وڌيڪ وڌي ويندي آھي.

44.       مٿي تي چوڪنڊي لڪير گھٽ ماڻھن ۾ ملي ٿي، جيڪر اِھا لڪير ھيٺئين طرف وڃي تھ اھو ماڻھو ھن طرح واري طبيعت رکندڙ ھوندو:

الف: بي وفا.

ب:   ڪجھھ ڏينھن محبت ڏئي وساري ڇڏڻ وارو.

ت:   ڇوڪرين جي پويان ڀڄڻ وارو.

45.       اگر ھيءَ لڪير زنجير جھڙي قلبي لڪير طرف اچي، تھ اھڙي قسم جو ماڻھو مخالف جنس کي ڏاڍو خراب تصور ڪندو آھي.

46.       ھن قسم جو ماڻھو شھوت پرستيءَ ۾ ديوانو ھوندو. اھڙا ماڻھو گھڻو ڪري ايترا تھ ديوانا ٿي ويندا آھن، جو ڇوڪرين جي زندگي عذاب ڪري ڇڏيندا آھن.

47.       اگر ھي اڀار دٻيل دٻيل ھجي تھ عزت لاءِ خطرو آھي.

48.       اھڙي شخص کان بيوقوفيون ۽ غلطيون ٿينديون رھنديون آھن. ھي ڪو چڱو نشان ڪونھ آھي، اھڙا شخص ڪڏھن بھ سڪون نھ ماڻيندا ۽ ھميشه لاحاصل رھندا.

49.       ٿي سگھي ٿو تھ اھڙي شخص جي مٿي جون لڪيرون نمايان نھ ھجن، ڌنڌليون ڌنڌليون ھجن، تھ ان شخص ۾ ھيٺيون خصوصيتون ملنديون:

الف: محبت، مروت ۽ پيار وارو جذبو جھڪو ھوندس.

ب:  شھواني جذبات وڌيڪ ھوندس.

ت:  اھڙي شخص جي زندگي ناڪامين سان ڀريل ھوندي.

ڇھين اڀار لاءِ ھڪ ٻيو تجزيو

1.           ھن اڀار وارو شخص جنسي ميلاپ کي ظاھر ڪري ٿو.

2.          ھي اڀار انسان جي خيالي قوت، فنڪارانھ ۽ جذباتي طبيعت، رومانس، بلند خيالي، شاعري، سفر ۽ انھيءَ ئي نوعيت جي ٻين شين ڏانھن لاڙو رکندڙ ھوندو.

3.          جيڪڏھن ھي اڀار گھڻو ڊگھو ۽ سٺي بناوت وارو ھجي، تھ ان کي تخليقي سمجھڻ گھرجي.

4.          ھن اڀار وارا ماڻھو وڏا جذباتي ھوندا آھن ۽ ھنن جا مقصد ڏاڍا بلندا ھوندا آھن.

5.          ھنن ماڻھن جو ذھن منفرد ڳالھين ۽ نئين ايجادن وارا معجزي ڏيکارڻ طرف ھوندو آھي.

6.          ھي ماڻھو جيڪو ڪم ڪن ٿا تھ ان ۾ جدت پسنديءَ کان ڪم وٺندا آھن.

7.          ڪنھن بھ پيشي سان واسطو رکندڙ شخص، جيڪر ھن اڀار جي سائي ۾ پيدا ٿيو ھوندو، تھ اھو ھر ڪم ھوشياريءَ سان ڪندو ۽ ھر ڪم کي ڏاڍي سلجھيل انداز ۾ ڪندو آھي.

8.          وڏا وڏا ڪاروباري ماڻھو ھن اڀار سان تعلق رکندا آھن. ھنن جي کوپڙيءَ ۾ ھي اڀار ھوندو آھي.

9.          اھڙا ماڻھو ھر ان شيءِ سان پيار ڪندا آھن، جنھن ۾ جدت ھجي، ان ڪري ھي ماڻھو الڳ الڳ ملڪن ۽ ماڳن ڏانھن سفر کي پسند ڪندا آھن ۽ دنيا جا اڪثر ملڪ ھنن جا ڏٺل ھوندا آھن.

10.        ھي شايد ئي تقدير جي چوٽ برداشت نھ ڪندا آھن، ھي ڪڏھن بھ ھارائيندا ناھن. بلڪ پنھنجي اعليٰ خيالن جي مدد سان، ڪانھ ڪا راھھ ڳولي وٺندا آھن.

11.        فنڪار، موسيقار ۽ موجد ھن گروھھ سان تعلق رکن ٿا.

12.        ھنن ماڻھن جا خواب ڏاڍا صاف  روشن ھوندا آھن.

13.        ھنن ماڻھن کي تصوف سان بھ دلچسپي ھوندي آھي.

14.        جن ڏينھن ۾ چنڊ آسمان تي جلوو ڏيکاريندو آھي، انھن ڏينھن ۾ چنڊ جي اثر سان ھنن جي صحت بھتر ٿي ويندي آھي.

15.        ھي ماڻھو ڏاڍا حساس ھوندا آھن ۽ ھنن تي ٻين جو تڪڙو ۽ گھرو اثر ٿي ويندو آھي.

16.       اھڙن ماڻھن کي جلد شادي نھ ڪرڻ گھرجي ۽ جيستائين کين پنھنجي پسند جو ساٿي نھ ملي، ان معاملي ۾ گھڻا محتاط رھن.

17.        ھنن ماڻھن ۾ فطري ڳالھھ ھيءَ بھ آھي تھ شروعاتي عمر ۾ جن ماڻھن سان ويجھا ھوندا آھن، تھ بعد ۾ ان کان پري ڀڄندا آھن.

18.        ھي ماڻھو اڪثر زڪام ۽ اھڙين ٻين بيمارين ۾ مبتلا رھندا آھن.

19.       ھي ماڻھو سرڪاري دفترن يا ڪاروباري دنيا ۾ وڏي تحمل سان ڪم ڪندا آھن ۽ پنھنجو ڪم دلچسپيءَ سان ڪندا آھن ۽ پنھنجي مسئلن تي دل سان سوچيندا آھن.

20.       ھي ماڻھو پنھنجي ڪم ۾ مصروف ھوندا آھن ۽ آھستي آھستي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندا ويندا آھن.

21.        ھي ماڻھو ذھن جا ڪشاده ھوندا آھن، محبت فرض ۽ معاشرتي زندگيءَ بابت ھنن جا نظريا وسيع ھوندا آھن.

22.       ھن اڀار وارا ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪندا آھن. مگر ھنن جي وڌيڪ جدوجھد ڪنھن ھڪ شخص جي ڀلائي بجاءِ ماڻھن جي مجموعي ڀلائيءَ لاءِ ھوندي آھي.

23.       ھي ماڻھو وڏا مھربان ھوندا آھن ۽ جڏھن بھ ھنن کان مدد گھري وڃي تھ ھي پنھنجون خدمتون پيش ڪندا آھن. مگر ان سان گڏ ئي ھي ڪيترن ماڻھن مان ڪنھن ھڪ کي پنھنجو دشمن بڻائي ڇڏيندا آھن، ان ڪري ھنن جي مخالفت بھ ٿي سگھي ٿي.

24.       ھي ماڻھو ڏاڍا سٺا مقرر ھوندا آھن، ڳالھھ ڪرڻ جو ھنن ۾ پنھنجو الڳ انداز ھوندو آھي.

25.       ھي ھميشه مظلوم ماڻھن جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ انھن جي مطالبن کي مڃرائڻ پنھنجو فرض سمجھندا آھن.

26.       جيڪر ھي دوستي رکن ٿا تھ ڏاڍا وفادار ۽ خلوص وارا دوست ثابت ٿيندا آھن. پر جيڪر دوست ھنن کي ڌوڪو ڏئي تھ کين تمام گھڻو ڏک رسي ٿو.

27.       جيڪڏھن ھنن جي مخالفت ڪئي وڃي، تھ ھي ضد تي اچي ويندا آھن ۽ ھنن تي قابو پائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي ۽ وڏا ظالم ھوندا آھن.

28.       ھي ماڻھو پنھنجي ذميدارين کي سٺيءَ طرح نڀائيندا آھن.

29.       ھنن ماڻھن جي صحت اڪثر خراب رھندي آھي، ان ڪري ھي اعصابي بيمارين ۾ مبتلا رھندا آھن.

30.       ھي ماڻھو پنھنجي حال ۾ مست ھوندا آھن.

31.        ھي ماڻھو معمولي ڳالھين کان پريشان ٿي ويندا آھن.

32.       ھنن ۾ آزاديءَ جو جذبو ڀريل ھوندو آھي ۽ پنھنجي مرضيءَ جا مالڪ ھوندا آھن.

33.       ھنن جي سڀ کان وڏي خصوصيت ھيءَ ھوندي آھي تھ ھي پاڻ کي حالتن مطابق تيار ڪري ڇڏيندا آھن.

34.       ھي ڪنھن فن کي اختيار ڪرڻ وقت ڏکيائي محسوس نھ ڪندا آھن.

35.       ھي دولت جا پڄاري نھ ھوندا آھن.

36.       ھي عمر ڀر طالب علم رھندا آھن ۽ علم جون ڳنڍيون سلجھائيندا رھندا آھن.

37.       ھي ھر ڳالھھ ۾ عجيب غريب ماحول پسند ڪندا آھن، جيڪر ھي نصيحت ڪرڻ وارا ھوندا، تھ پڻ ٻين کي گھٽ وعظ ڪندا آھن.

38.       اگر ھي مصور آھن، تھ ھنن جي مصوري معجزات سان ڀريل ھوندي.

39.       اگر ھي شاعر آھن، تھ زندگيءَ جي عملي حقيقتن بجاءِ خيالي دنيا ۾ کوئجي ويندا آھن.

40.       ھي امن پسند ھوندا آھن ۽ مادي دنيا کان پري رھندا آھن.

41.        ھنن ۾ الله تعاليٰ جي ذات جو رنگ نمايان ھوندو آھي.

42.       ھي خيالن جي بادلن ۾ گم ھوندا آھن.

43.       ھن قسم جو اڀار اوڀر جي قومن ۾ ڏٺو وڃي ٿو، گھڻو ڪري ھندستان ۾ برھمڻ يوگي عجيب غريب ڳالھين تي ايمان رکڻ وارا اھڙو ئي اڀار رکندڙ ھوندا آھن.

7.      اڀار مريخ

1.           ھن اڀار وارن ۾ زندگيءَ جي ڊڪ ڊوڙ توڙي مايوسين ۽ ناڪيامين جو مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ جي وڏي صلاحيت ھوندي آھي.

2.          اھڙا ماڻھو زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ وڏي جوش ۽ لڳاءَ سان ڪم ڪندا آھن.

3.          ھنن جي اندر ترقي ڪرڻ جي فطري خواھش ھوندي آھي ۽ وچين درجي جي ذھانت سان گڏ وڏي ڪامياب زندگي بسر ڪندا آھن.

4.          ھي ماڻھو پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ھڪ قسم جي ضد تي اچي ويندا آھن ۽ ڪنھن جي بھ پرواھھ نھ ڪندا آھن.

5.          ھنن جا نظريات ڏاڍا محدود ھوندا آھن ۽ ھي ڪنھن سان صلاح مشورو نھ ڪندا آھن، جيڪر صلاح وٺندا بھ آھن، تھ ان وقت جڏھن پاڻي مٿي کان گذري چڪو ھوندو آھي، ھو ھرڪم پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪندا آھن.

6.          جيڪر ڪو ٻيو ھنن کي مشورو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري تھ ھنن کي برو لڳندو آھي ۽ ھي پنھنجي سٺن دوستن سان بھ اٽڪي پوندا آھن.

7.          ھي ٿوري سختيءَ ڪري بھ ڀڙڪي پوندا آھن.

8.          ھي ڏاڍا جلدباز ۽ ڪاوڙيل ھوندا آھن.

9.          وڏا جذباتي ھوندا آھن، ھنن کي پنھنجو پاڻ تي قابو پائڻ نھ ايندو آھي. ھي ھر خطري ۾ بنا خوف جي ٽپو ڏيندا آھن.

10.        اھڙا ماڻھو گھڻو ڪري پنھنجي گھرو زندگي يا محبت ۾ ناڪام رھندا آھن. ھنن کي نصيب سان ئي ڪا اھڙي عورت ملندي آھي، جيڪا ھنن کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھي، جيڪر خوش قسمتيءَ سان ھنن جي زال سندن مخالفت نھ بھ ڪري، تھ ان صورت ۾ سندن ٻار ھنن جا مخالف ٿي بيھندا آھن.

11.        ھنن جي جسماني صحت خراب رھندي آھي، گھڻو ڪري ھنن کي رت جون بيماريون رھنديون آھن، خاص طور تي ابتدائي زندگيءَ ۾.

12.        جوانيءَ ۾ بھ ھنن کي ڦٽ ڦرڙيون، مٿي جو سور، ڏندن جون بيماريون رھنديون آھن. پڇاڙيءَ ۾ بھ ھنن کي انھيءَ قسم جون بيماريون ستائينديون رھنديون آھن.

13.        اھڙن ماڻھن کي منشيات کان پرھيز ڪرڻ گھرجي.

14.        جيڪي ماڻھو ھن اڀار سان گڏ 21 آڪٽوبر کان 21 نومبر جي وچ وارين تاريخن ۾ پيدا ٿيا ھوندا، انھن جو رويو، اڀار مريخ جي ٻين ماڻھن کان مختلف ھوندو آھي.

15.        ھنن ۾ جسماني ھمت بجاءِ اخلاقي ھمت ھوندي آھي.

16.       ھي ماڻھو قتل ۽ جھيڙي جھٽي کان نفرت ڪندا آھن.

17.        ھي ماڻھو ذھني جنگ جوٽڻ ڄاڻيندا آھن.

18.        بحث مباحثن ۾ وڌي چڙھي حصو وٺندا آھن.

19.       پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي صبر ۽ سمجھھ کان ڪم وٺندا آھن.

20.       ھي ماڻھو ڏاڍا سٺا منتظم ھوندا آھن، ھنن ماڻھن جي تجويزن ۽ سوچ ويچار جي ڪھڙي تعريف ڪجي.

21.        پنھنجي نظريات تي اٽل ۽ پڪا ھوندا آھن.

22.       ڪاروباري دائري ۾ ڏاڍا ڪامياب ثابت ٿيندا آھن.

23.       ھي ذھني لڙائي اھڙيءَ طرح وڙھندا آھن، جھڙيءَ طرح ماڻھو تلوار سان وڙھندا آھن، ھي ماڻھو ڄڻ تھ ذھني سپاھي ھوندا آھن.

24.       ھنن ۾ جيڪي ماڻھو لکڻ پڙھڻ نھ ڄاڻيندا آھن، اھي مڪاريءَ ذريعي پنھنجا مقصد ماڻي وٺندا آھن.

25.       ھي ماڻھو جڏھن مخالفت تي ايندا آھن، تھ پوءِ ھنن کان وڌيڪ ڪو ٻيو دشمن نھ ٿو ٿي سگھي.

26.       ھنن ماڻھن ۾ عجيب قسم جو جادو ھوندو آھي، جنھن کي ھو گھڻو ڪري غير شعوري طور تي استعمال ڪندا آھن.

27.       ھي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ ۾ وڏي مھارت رکندا آھن.

28.       جيڪڏھن ھنن جي نيت سٺي ھوندي آھي، تھ ھي سٺين خوبين کي ٻين جي بھتريءَ لاءِ استعمال ڪندا آھن.

29.       ھي ماڻھو سائنس ۽ ڊاڪٽريءَ جي پيشي ۾ وڏا ماھر ھوندا آھن.

30.       ھي مختلف ڪم ھڪ وقت ۾ ڪري سگھن ٿا. ان ڪري ھي ڪنھن ھڪ ڪم ۾ ڪامياب نھ ٿي سگھندا آھن. ڪو ھڪ ڪم مستقل طور تي نھ ڪري سگھندا آھن.

31.        ھنن ماڻھن ۾ ھڪ خاصيت ھيءَ بھ ھوندي آھي تھ ھي ھڪدم پنھنجي خيالن ۽ پنھنجي چوڌاري ماڻھن سان گڏ انھن جي مرضيءَ مطابق رھڻ لڳندا آھن، ھنن جي فطرت يڪدم بدلجي ويندي آھي.

32.       ھنن جي پنھنجي ڪابھ نمايان شخصيت نھ ھوندي آھي.

33.       ھنن ماڻھن کي ٻن شين سان تشبيھھ ڏني وڃي ٿي، پھرين وڇونءَ سان جيڪو پاڻ کي ڏنگ ھڻندو رھندو آھي ۽ ٻيو باز سان جيڪو مٿو مٿي ڪري آسمان ڏانھن اڏامندو آھي.

34.       ھي ماڻھو پنھنجي حرڪتن سان پنھنجو پاڻ کي نقصان پھچائيندا رھندا آھن، ٻيءَ حالت ۾ اگر ھي ترقي ڪرڻ تي اچن تھ پوءِ باز وانگر بلندين تي اڏامي ويندا آھن.

35.       جيڪر ھي خراب موڊ ۾ ھوندا آھن تھ پنھنجي تباھيءَ جو باعث خود بڻبا آھن.

36.       پوئينءَ عمر ۾ ھنن جو معدو ۽ ھاضمو خراب ٿي ويندو آھي، ان ڪري ھنن کي سڄي زندگي کائڻ جي سلسلي ۾ محتاط رھڻ کپي.

37.       اھڙو شخص اگر سياستدان ھوندو تھ صحيح سياسي رخ جو تعين ڪري نھ سگھندو.

38.       ھنن جي مزاج ۾ اعصابي حس گھڻي ترقي يافتھ ھوندي آھي.

39.       اھڙا ماڻھو اڪثر غلط رستو اختيار ڪندا آھن.

40.       اھڙا ماڻھو ھيٺ ڏنل خصوصيتن جا ملڪ ھوندا آھن:

الف: پريشان مزاج

ب:   خيالن ۾ عدم توازن

ت:   عمل ۾ عدم توازن

اھڙن ماڻھن بابت چھرا شناسن جو چوڻ آھي تھ ھنن کي ڪنھن صحرا يا رڻ پٽ تي وڌيڪ قرار ملندو. اھي واريءَ جون ڀٽون جيڪي ھر وقت ھوائن ۾ پنھنجي پوزيشن بدلائينديون رھنديون آھن، ھنن ماڻھن جا خيال ايتريءَ تيزيءَ سان بدلجندا رھندا آھن، جو ٻيا حيران رھجي ويندا آھن.

41.        اگر ھن اڀار سان گڏ نرڙ تي سڌيون لڪيرون ھجن، تھ انھيءَ قسم جو ماڻھو عملي لحاظ کان حياتيءَ تي قابو پائڻ وارو ھوندو. ھي خيالن جي دنيا ۾ مگن رھندڙ ماڻھن جي نسبت وڌيڪ بھتر ڪم ڪري سگھندو.

42.       ھي ماڻھو خيالي دنيا ۾ رھڻ وارا ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو ھنن ڳالھين م گم ھوندا:

الف:  موسيقي، راڳ رنگ جي محفل، ڪچھريون

ب:    مصوري، بُت تراشي يا ٻيو اھڙو عمل

ت:    ادب، شاعري

ث:   مڪينڪ، ايجاد ۽ دريافتون

43.       اھڙي اڀار جي سان گڏ نرڙ مٿان کان ٻن شاخن واريون لڪيرون ھجن، تھ انھيءَ قسم جو ماڻھو گھڻو ذھين ھوندو آھي، ھن قسم جا ماڻھو ھڪ ئي وقت ھيٺين خصوصيتن جا مالڪ ھوندا آھن:

الف: حساس ۽ شريف

ب:    پنھنجو پاڻ تي اعتماد ڪرڻ وارا، ٿڌي طبيعت جا مالڪ

ت:    رومانس، محبت، عشق وارو لاڙو رکندڙ

ث:    خيالي دنيا، خواھشن جي فضا ۾ جيئندڙ

ج:     خيالي ڪم ڪندڙ

44.       اھڙي اڀار وارا ماڻھو مٿي تي ورل يعني ڇڳي دار لڪير سان گڏ ڪاروباري زندگيءَ ۾ وڏي ترقي ڪندا آھن.

45.       اھڙا ماڻھو روحانيت جا قائل نھ ھوندا آھن، ھو پنھنجي ڪاروباري زندگيءَ ۾ مذھب کان بي نياز ھوندا آھن.

46.       اھڙي اڀار سان گڏ جيڪر مٿي تي ھلڪيون سڌيون لڪيرون ھونديون، انھن جو موت دماغي مرض سبب ٿيندو. ھنن جو موت ڪنھن حادثي ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سان بھ ٿي سگھي ٿو.

47.       ھن اڀار سان گڏ مٿي جي لڪير جي ڪنڊ ۾ اگر مٿان کا اٿيل ھجي تھ اھڙن ماڻھن لاءِ ھيٺيان ڌنڌا نھايت موزون آھن:

الف: وڪالت

ب:   اداڪاري

ت:   سياست

ث:   وعظ ۽ تقرير

48.       اھڙي اڀار سان گڏ انھيءَ ئي لڪير جي ڪنڊ اگر ھيٺ جھڪيل ھجي تھ اھڙن ماڻھن ۾ وڏي توانائي ھوندي، محنت ڪش، جفاڪش.

49.       ھي اڀار اگر پيشانيءَ طرف اڀريل ھجي، تھ اھو ماڻھو ھيٺين خصوصيتن جو مالڪ ھوندو:

الف: ماليخوليا جو مريض

ب:      بددماغ ۽ بدمزاج

ت:   چيڙاڪ

اھڙن ماڻھن ۾ ھي علامتون آھستي آھستي وڌنديون وينديون آھن ۽ اھڙو ماڻھو ذھني بيماريءَ جو شڪار ٿي ويندو آھي.

49.       اھڙا ماڻھو پنھنجي معيار کان گھٽ عورت سان شاديءَ تي رضامند ٿي ويندا آھن.

50.       ھو ان ڳالھھ جا قائل ٿي ويندا آھن، تھ اھي جنھن عورت سان محبت ڪن سي نيڪ، پارسا ۽ قابل ذڪر ھجن.

51.        ھي ٻين سان حسد ۽ ساڙ ڪندا آھن.

52.       محبت جي معاملي ۾ ھو پنھنجي محبوبھ سان گفتگو ڪرڻ وارن سان حسد ڪندا آھن.

53.       ھو جنھن سان محبت ڪندا آھن، ان تي اٽل رھندا آھن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org