سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :13

 

جسماني بيھڪ

انسان جي شخصيت جو سڄو دارومدار ان جي جسماني بيھڪ تي آھي ۽ انسان جي جسماني بيھڪ کي ڏسي وائسي ئي کيس لاءِ ٻين وٽ ڪا راءِ جڙي ٿي. ٿلھي ليکي انساني بيھڪ جا قسم ھيٺ ڏجن ٿا:

 

بي ڍنگو جسم

اھي ماڻھو جيڪي بي ڍنگو جسم رکندا آھن، اھي ھميشه اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جو شڪار رھندا آھن. انھن کي احساس ڪمتري ٿي ويندي آھي. انھن کي ڪوبھ پسند جي نظر سان نھ ڏسندو آھي. انھيءَ ڪري ھي ماڻھو ھر وقت خفا ۽ بي مزي رھندا آھن ۽ تنھائي واري زندگي بسر ڪندا آھن، آھستي آھستي ھي ٻين سان ملڻ جلڻ بند ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن ۾ دليري ۽ جرئت نھ ھوندي آھي. ھي عقل ۽ شعور جي قوت بھ گھٽ رکندا آھن. ھنن ۾ معمولي ذھانت ھوندي آھي. بزدل ھوندا آھن، ان ڪري ڪنھن شعبي ۾ ڪامياب نھ ٿيندا آھن. ھنن جي زندگي بي مقصد گذرندي آھي. معاشري ۾ ھنن جي ڪابھ عزت ۽ مقام نھ ھوندو آھي، ھنن کي ڪوبھ چڱيءَ نظر سان نھ ڏسندو آھي، ويندي سندن زال ۽ ٻار بھ کيس سٺو نھ سمجھندا آھن. ھنن جي حيثيت گھر ۾ تڇ ھوندي آھي. ھنن کي سنڌن جو سور ھوندو آھي. ھنن مان ڪنھن قسم جي چڱي عمل جي توقع نھ ٿي ڪري سگھجي.

 

ٿلھو جسم

جن ماڻھن جو جسم ٿلھو ھوندو آھي، اھي خوش مزاج، معاملھ فھم ۽ کلڻيءَ ملڻيءَ طبيعت جا مالڪ ھوندا آھن. ھنن کي محفلن سجائڻ جو شوق ھوندو آھي. اگر ٿلھو جسم قد جي لحاظ کان مناسب ھجي تھ سڀني کي سٺو لڳندو آھي. ٿلھيون عورتون گھڻيون ڳالھيون ڪرڻ پسند ڪنديون آھن. پنھنجو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ ۽ افضل سمجھنديون آھن. جڏھن پڇاڙيءَ واري عمر ۾ اينديون آھن، تھ ھنن کي ٿلھائپ جي ڪري اٿڻ ويھڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پيش ايندي آھي ۽ ھي انھيءَ عذاب کان پريشان رھڻ لڳنديون آھن. اڪثر شگر ۽ بلڊپريشر جي مرض ۾ مبتلا رھنديون آھن.

ٿلھا مرد بحث گھڻو ڪندا آھن، ھي ٻين تي کل ۽ مذاق ڪرڻ پسند ڪندا آھن ۽ جلدي پنھنجي مٽن مائٽن ۾ گھڻو پسند ڪيا ويندا آھن. ھي ماڻھو دوستيءَ کي نڀائي نھ سگھندا آھن. ھي ماڻھو دوستيءَ تي پورو نھ لھڻ ڪري بدنام ۽ رسوا ٿي ويندا آھن. ھي وعدي تي قائم نھ رھندا آھن ۽ فضول خرچ ھوندا آھن. سٺو لباس پائيندا آھن، عمده کاڌو کائيندا آھن.

ھي لطيفا ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ پسند ڪندا آھن، ھي ماڻھو شان شوڪت سان رھڻ پسند ڪن ٿا. ھي ماڻھو دين دنيا ٻنھي طرفن ڏي لاڙو رکندا آھن. ڪفايت شعاري بلڪل پسند نھ ڪندا آھن. جيڪر ھي ماڻھو پرھيزگار ٿين ٿا، تھ ان کي دل جي گھرائيءَ سان نڀائيندا آھن، اگر عياشي ڏانھن مائل ٿي وڃن تھ وڏا عياش ٿي رھندا آھن ۽ ھميشه انھيءَ عياشيءَ ۾ محو رھندا آھن. آخري عمر ۾ اٿڻ ويھڻ کان عاجز ھوندا آھن. شگر ۽ بلڊپريشر جو مرض ورائي ويندو اٿن.

 

وچولو جسم

وچولو جسم رکندڙ ماڻھو، ٻين سان سٺي طريقي سان ملندا آھن. ھنن جي فطرت ۾ ملڻ جلڻ، صلح جوئي ۽ معاملن کي بھتر انداز سان اڪلائڻ وارو جذبو سمايل ھوندو آھي. ھي ھر ڪم سوچي سمجھي ڪندا آھن. جيئن تھ ھنن جو جسم چست ھوندو آھي ۽ اھو ھنن کي خوبصورتي عطا ڪندو آھي. ھي تعليمي ميدانن ۾ گھڻي دلچسپي وٺندا آھن. ان ڪري ھي ماڻھو وڌيڪ لکيل پڙھيل ھوندا آھن، ھنن جي شخصيت ھر ڪنھن کي متاثر ڪندي آھي.

جنھن وقت ھنن جي دل چوندي آھي تھ سير سفر لاءِ نڪري پوندا آھن. فرقي بنديءَ ۽ مذھبي فرضن جي پورائيءَ ۾ ھي سڀن کان اڳرا ھوندا آھن. اگر ھي ماڻھو ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر ٿي وڃن تھ ڏاڍي ترقي ڪندا آھن ۽ وڏو نالو ڪمائيندا آھن.

وچولي جسم واريون عورتون تيز ترار ۽ جلد بازي کان ڪم وٺندڙ ھونديون آھن. ھي پنھنجو پاڻ تي ناز ۽ فخر ڪنديون آھن. ھر قدم دليريءَ ۽ آزاديءَ سان کڻنديون آھن، ڀلي ان جو نتيجو کڻي خراب ڇو نھ نڪري، پر ھي ان جي ڪابھ پرواھھ نھ ڪنديون آھن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org