سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :5

 

ڀرون

ڀرن جون چھرا شناس مختلف بناوتون بيان ڪيون آھن، جن جا تفصيل ھيٺ ڏجن ٿا.

 

گھاٽا ڀرون

1.           مردن ۾ مردانھ قوت جي علامت سمجھيا وڃن ٿا.

2.          اھڙن ڀرن وارا بي حد جذباتي ھوندا آھن.

3.          اھڙن ڀرن وارا مرد پنھنجي مزاج مطابق ڪنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لائيندا آھن ۽ علم سکڻ لاءِ لڳاءُ ھوندو اٿن.

4.          گھڻا- ڳالھائو ھوندا آھن.

5.          بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڳالھائيندا آھن.

چھرو ڄاڻيندڙن ڀرن جي باري ۾ جيڪا جديد تحقيق ڪئي آھي، ان جو تفصيل ڪجھھ ھن طرح آھي:

1.           جيڪڏھن ڀرن جو رنگ مٿي جي وارن کان وڌيڪ گھرو ھجي تھ اھو شدت، جذبات ۽ طبيعت جي سختيءَ کي ظاھر ڪندا آھن.

2.          گھٽ وارن وارا ڀرون خراب صحت، من موجي ۽ جذباتي طبيعت وارا ھوندا آھن.

3.          تمام گھڻا واضع ڀرون تنگ مزاجيءَ کي ظاھر ڪن ٿا.

4.          تمام گھڻا واضع ڀرون اگر پاڻ ۾ ملن بھ ٿا تھ اھي ماڻھو بي حد جذباتي ھوندا آھن.

5.          وريل وکريل ۽ جھالر جھڙا ڀرون گھڻي ڪاوڙ جي علامت آھن.

6.          نڪ جي مٿان مليل ڀرن وارا گستاخ، حاسد ۽ آمرانھ طبيعت رکندڙ ھوندا آھن.

7.          عورتن ۾ جھالر نما ڀرون ذھين ۽ سياڻپ جي علامت سمجھيا ويندا آھن.

8.          قدرتي طور تي چنڊ وانگر ڀرون خوش بختيءَ جي علامت آھن.

9.          ھيٺ جھڪيل ڀرون فنڪاريءَ جي علامت آھن.

10.        ھيٺ ڪريل ڀرون روحاني خوبين ۽ شعور جي نشاندھي ڪن ٿا.

11.        ڳورا ٿلھا ۽ گھاٽا ڀرون ذھني ۽ جسماني صلاحيتن کي ظاھر ڪن ٿا.

12.        محراب دار ڀرون (محبوب جا ڀرون) پاڻ ۾ خوش گوار تعلقات رکڻ جو دليل آھن. اھڙا ھڪ ٻئي سان ماڻھو تمام تڪڙا گھلي ملي وڃڻ وارا ھوندا آھن.

13.        فاصلي وارا ڀرون رکندڙ ماڻھن جو ذھن ڪشادو ھوندو آھي. اھڙا ماڻھو شڪي ۽ تنقيد ڪندڙ نھ ھوندا آھن.

14.        ويجھو ويجھو ۽ پاڻ ۾ مليل ڀرون پري پري رھن يا الڳ ٿلڳ رھڻ جي علامت آھن.

15.        اھڙا ماڻھو ڪنھن بھ مسئلي تي تمام پري تائين سوچيندا آھن.

16.       ڪارڪردگي ۾ مثالي ھوندا آھن.

17.        معاملا آسانيءَ سان حل ڪندا آھن.

18.        خوش مزاج ۽ خوش گفتار ھوندا آھن.

19.       محرابي ڀرون محبوب جا ڀرون رکڻ وارا ماڻھو.

20.       ھر ڪنھن سان بھتر تعلقات رکڻ جا خواھشمند ھوندا آھن.

21.        مشھور فنڪارن، مقررن، خطيبن، سياستدان، سماجي ورڪرن ۾ ھن طرح جا ڀرون ڏٺا ويندا آھن

22.       ھي ماڻھو تعلقات کي وسعت ڏيندا آھن ۽ بگڙي تعلقات پڻ جلدئي درست ڪري سگھن ٿا.

23.       ڇدري ڀرون خدمت گذار جي نشاندھي ڪن ٿا. ھي ڀرون رکندڙ فرمانبردار ۽ خدمت گذار ھوندا آھن.

24.       خميده (جھڪيل ڀرون) خوش مزاج ۽ خوش گفتاريءَ جو دليل آھن، ھي ماڻھو ڏاڍا خوش مزاج ۽ خوش گفتار ھوندا آھن. ھي ماڻھو پنھنجن سٺين ڳالھين سان دل کٽي وٺندا آھن.

25.       جھالردار ڀرون رکندڙ عورتون نفاست واريون ھونديون آھن.

26.       ھي ڀرون رکڻ واريون عورتون چالاڪ ۽ ھوشيار ھونديون آھن.

27.       اھڙا ڀرون رکندڙ عورتون فنڪارانھ مزاج ۽ گھريلو ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ واريون ھونديون آھن.

28.       مرد، علم ادب ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ رکڻ وارا ھوندا آھن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org