سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :6

 

نڪ

نڪ چھري ۽ چھره شناس وٽ وڏي اھميت رکي ٿو. بناوت جي لحاظ کان نڪ جا الڳ الڳ قسم بيان ڪيا ويا آھن. تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو.

 

 

1. سڌو نڪ       2. ڪمزور نڪ              3. رومن نڪ

4. يوناني نڪ     5. سنھو نڪ               6. ٿلھو نڪ

7. نوڪدار نڪ   8. طوطي جي چھنب جھڙو نڪ     

9. چيڀاٽيل نڪ   10  . نادر شاھي نڪ        

11. عقابي نڪ    12. ھڪدار نڪ

چھره شناس ھنن نڪن جي بيھڪ جو توڙي نڪن جي بيھڪ موجب انسانن جو نفسياتي تجزيو ڪيو آھي، جيڪو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو:

 

سڌو نڪ

1.           خوبصورت، خوبرو مرد ۽ عورتون توڙي اھم ماڻھو جن جو نڪ ھن قسم جو ھوندو آھي.

2.          ھي نڪ پنھنجي بناوت جي ڪري چھري تي موزون ۽ مناسب لڳندو آھي. ھي نڪ چھري جي دلڪشيءَ کي وڌائي ڇڏيندو آھي

 

اھڙو نڪ رکندڙ مردن ۾ ھيٺيون خوبيون ھونديون آھن:

š         خوبصورت ۽ خوبرو ھوندا آھن.

š         ذھين ۽ سياڻا ھوندا آھن.

š         دانشوريءَ واريون علامتون موجود ھونديون اٿن.

š         فيصلي جي قوت ھوندي اٿن.

š         زندگيءَ جي ميدان ۾ ھر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وارا ھوندا آھن.

š         ڪردار جي پختگيءَ وارا ھوندا آھن.

š         اھڙا ماڻھو ھر ھنڌ پنھنجي جڳھھ ٺاھي وٺندا آھن.

š         عزم ۽ ثابت قدميءَ جي علامت سمجھيا ويندا آھن.

š         ھن نڪ وارا زندگيءَ ۾ جھجھو ناڻو ڪمائين ٿا.

 

ڪمزور نڪ

1.           ھي نڪ رکندڙ ماڻھو ڪنھن نھ ڪنھن نظريي سان لاڳاپيل ھوندا آھن.

2.          حساس ۽ شريف ٿيندا آھن.

3.          محبت، مروت، پيار ۽ جذبات رکڻ وارا ھوندا آھن.

4.          روشن خيال ۽ ترقي پسند ٿيندا آھن.

5.          ھي نڪ من پسند ۽ ڪامياب شادي جي نشاني سمجھيو ويندو آھي.

 

سنھو نڪ

1.           ھن نڪ وارا اخلاق ۽ نرم طبيعت وارا ٿيندا آھن.

2.          نقشھ، مورتين ٺاھڻ ۽ موسيقي سان لڳاءُ رکڻ وارا ٿيندا آھن.

3.          سائنس، حسابن ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندا آھن.

4.          دوستيءَ ۾ مستقل مزاج نھ ھوندا آھن.

5.          ھي ماڻھو حاڪمانھ پوزيشن رکڻ وارا ھوندا آھن.

6.          ھن نڪ وارا ماڻھو دولت جي حوس ۽ مادي خيالن ۽ عزت جا خواھشمند ھوندا آھن.

 

ٿلھو نڪ

1.           ھي نڪ رکندڙ مذھبي تعليم کي ترقي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن.

2.          مشھور پاميسٽن، اداڪارن، گلوڪارن، سنگ تراشن، شاعرن ۽ اديبن جو نڪ ھن نموني جو ٿي سگھي ٿو.

3.          ھي نڪ ماڻھو جي بيحد سنجيده رجحان جو پتو ڏيندو آھي.

4.          ھن نڪ وارا ماڻھو جرت ۽ ھمت وارا ھوندا آھن.

 

نوڪدار نڪ

1.           ھي نڪ سٺي شخصيت جي علامت آھي.

2.          ھن نڪ وارا گھڻو ڪري بھترين نقل ڪندڙ يا پوئلڳي ڪندڙ ھجن ٿا.

3.          ھي نڪ اعليٰ مرتبي جي علامت آھي.

4.          ھن نڪ وارا اڪثر خاندان لاءِ وڏي جدوجھد ڪندا آھن.

 

طوطي جي چھنب جھڙو نڪ

1.           ھن نڪ وارا ماڻھو شرارتي ھوندا آھن.

2.          سمگلر، جرم ڪندڙ، بليڪ مارڪيٽنگ ڪرڻ وارا ھوندا آھن.

3.          سنگدل، بي رحم، ڌاڙيل يا ڦورو ٿي سگھن ٿا.

4.          ماده پرست ھوندا آھن.

5.          ھي نڪ چالاڪيءَ، شرارت پسنديءَ، سازشي ذھن جي علامت آھي.

6.          ھي نڪ محنت ڪش ۽ بردباريءَ کي پڻ ظاھر ڪري ٿو.

 

چيڀاٽيل نڪ

1.           مڪاري، عياري ۽ جرم جي علامت آھي.

2.          برائيءَ جو دليل آھي.

3.          ھن نڪ وارا حيواني خواھشن جو اظھار ڪن ٿا.

4.          ھي نڪ ٽيڪنيڪي صلاحيت کي بھ ظاھر ڪري ٿو.

5.          ھي نڪ ٿلھين اکين سان گڏ خراب علامتن ۽ الميي جي نشاني آھي.

 

نادر شاھي نڪ

1.           ھيءُ نڪ خوش قسمتيءَ جي علامت آھي ۽ قسمت اھڙي ماڻھوءَ جو ھر وقت ساٿ ڏيندي آھي.

2.          ھي نڪ عروج جي علامت وارو ھوندو آھي.

3.          وڏن ماڻھن جو نڪ ھن ٽائيپ جو ھوندو آھي.

4.          ارادن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا آھن.

5.          ھي نڪ شھرت ۽ دولت جي نشاني آھي.

6.          ھي نڪ جيترو لڙڪيل ھوندو، ايترو ئي صحت منديءَ جي علامت آھي.

7.          ھي نڪ دست ڪاريءَ ۽ ھنر منديءَ جي علامت بھ آھي.

8.          ھي نڪ رکڻ وارا ماڻھو گھڻي اولاد وارا ھوندا آھن.

9.          ھي نڪ ھمت ۽ عمل جي علامت آھي.

10.        اھڙي نڪ وارا مرد ۽ عورتون جنسي ڪشش رکندڙ ھوندا آھن.

11.        ھن نڪ وارا ماڻھو اڪثر وڏي رتبي وارا ھوندا آھن.

 

عقابي نڪ

1.                    اھڙو نڪ رکندڙ ماڻھو جيڪو ارادو ڪندا آھن، ان کي پورو ڪندا آھن.

2.                    ھمت ۽ عمل ڪرڻ وارا ھوندا آھن.

3.                    ارادي جا پڪا ۽ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ جي ھمت رکندا آھن.

4.                    اھڙا ماڻھو اڪثر جرت ۽ شجاعت وارا ۽ بھترين جيالا ھوندا آھن.

5.                    جيڪر فوج ۾ ھوندا آھن تھ ڪرنل ۽ جرنل جي عھدي تائين پھچندا آھن.

6.                   صحت مند ۽ مضبوط جسم وارا ٿيندا آھن.

 

رومن نڪ

ھن قسم جي نڪ جي بيھڪ ھيٺ ڏنل شڪل موجب ھوندي آھي.

1.           ھي نڪ عظيم ڪاميابيءَ ۽ شھرت جي نشاني آھي.

2.          ھن نڪ وارا ماڻھو ٽيڪنيڪي صلاحيت وارا ھوندا آھن.

3.          حد کان وڌيڪ سيڪس جا بکيا ھوندا آھن.

4.          فن لطيف جا وڏا چاھڪ ھوندا آھن.

5.          ھي نڪ رکندڙ زبردست انفراديت پسند ھوندا آھن.

6.          اھڙا ماڻھو ڪنھن کي خاطر ۾ نھ آڻيندا آھن.

7.          ھي نڪ سنجيده مشغلن جو پتو بھ ڏئي ٿي.

 

يوناني نڪ

ھن قسم جي نڪ جي بيھڪ ھيٺ ڏنل شڪل موجب ھوندي آھي.

1.           ھن نڪ وارا فنون لطيفھ سان لاڳاپيل ھوندا آھن.

2.          ھن نڪ مان شخصيت جي پختي ھئڻ جو پتو پوي ٿو.

3.          ھي ماڻھو سامھون ايندڙ رڪاوٽن کان بلڪل ناھن گھٻرائيندا.

4.          ھي نڪ رکندڙ ماڻھو پاڻ اندر فيصلي جي سٺي سگھھ رکندا آھن.

5.          ھي ماڻھو جادوگري سگھھ رکندڙ ھوندا آھن.

6.          اھڙن شخصن کي پراسرار علم سان دلچسپي ھوندي آھي.

7.          اھڙو نڪ حد کان وڌيڪ جذباتي ھجڻ جي نشاني آھي.

8.          اھڙا ماڻھو جادوءَ، ٽوڻن، ڦيڻن ۽ جنترن منترن جا وڏا شوقين ھوندا آھن.

9.          اھڙا ماڻھو گھڻي اولاد وارا ھوندا آھن.

10.        ھي نڪ عظيم ڪاميابيءَ ۽ زبردست شھر جي نشاني آھي.

11.        اھڙو نڪ خوش بختيءَ جي علامت ھجي ٿو.

 

چنبڙيل نڪ

1.           ڪتابي چھري ۾ اھڙو نڪ سٺي نشاني آھي.

2.          ھي ماڻھو ڪم عقل ۽ پريشان ھوندا آھن.

3.          اھڙا ماڻھو مصيبت ۽ ڪشمڪش واري زندگي بسر ڪندا آھن.

4.          ھي نڪ ڪمزوريءَ ۽ تڪليف کي ظاھر ڪري ٿو.

5.          ھي نڪ بيمار خيالن جي نشاني آھي.

6.          ھي نڪ جذبات جي حد کان وڌي وڃڻ جو اظھار ڪري ٿو.

7.          ھي نڪ نحوست ۽ بدبختيءَ جي نشاني بھ سمجھيو وڃي ٿو.

8.          اچانڪ ڪنھن حادثي سبب موت کي ظاھر ڪري ٿو.

9.          بدنامي جي خطري جو اھڃاڻ ھجي ۽ اھڙا ماڻھو شخصي حيثيت وڃائي ويھن ٿا.

10.        ھي نڪ صحت ۽ زندگيءَ لاءِ خراب نشاني آھي.

11.        ھي نڪ زبردست خطري جي علامت آھي، جيڪو زندگيءَ ۾ ڪنھن وقت بھ اچي سگھي ٿو.

 

ھڪدار نڪ

1.           ھي نڪ ڏوھي ذھنيت جي نشاندھي ڪري ٿو.

2.          اھڙا ماڻھو فطرتا شيطان طبيعت ھوندا آھن.

3.          ھي نڪ ڏکي ۽ رولاڪي جي علامت آھي.

4.          ڪنھن تعجب خيز واقعي يا صدمي جي نشاندھي ڪري ٿو.

5.          اھڙن ماڻھن جي زندگي بدتميزيءَ ۽ نيم پاڳل پڻي جو مرڪب ھوندي آھي.

6.          ھن نڪ وارا ماڻھو وڏا نامراد ھوندا آھن.

7.          ھي نڪ حد کان وڌيڪ شھوت پرست ھئڻ جي علامت آھي، جنھن جي شدت ڪري انسان وحشي بنجي وڃي ٿو.

8.          اھڙي نڪ وارن ماڻھن ۾ ڏوھن ڏانھن لاڙو نظر ايندا آھن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org