سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :7

 

ڪن

نالي وارن چھرا شناسن ميوسل ۽ نال ڊيڪيءَ، ڪنن جي بيھڪ جي باري ۾ جيڪو تجزيو پيش ڪيو آھي، ان جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو:

 

چنبڙيل ڪن

1.           اھڙا ڪن سٺي علامت آھن. خوشگوار معاشرتي تعلقاتن جي علامت آھن.

 

پان جھڙو ڪن

1.           خوش نصيبيءَ جي علامت آھي.

2.          ھن ڪن وارو زندگيءَ ۾ ترقي ڪندو آھي.

3.          مالدار ھوندو آھي.

4.          ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندو آھي.

5.          ھن جو موت ڪنھن حادثي سبب واقع ٿيندو آھي.

 

بادام جھڙو نڪ

1.           ھي ڪن عورت لاءِ سٺو نھ آھي.

2.          اھڙا ڪن رکندڙ عورت توڙي مرد دوستي ۽ محبت کي ھميشه قائم رکندا آھن.

3.          ھنن کي مخالف جنس جي صحبت گھڻي پسند ايندي آھي.

4.          اھڙو ماڻھو انصاف پسند ھوندو آھي ۽ پنھنجي ھر معاملي ۾ ٻين کان بھ انصاف چاھيندو آھي.

5.          اھڙو ماڻھو ٻين جي ڪردار کي جلدي پڙھي وٺندو آھي.

6.          اھڙن ماڻھن ۾ گھڻي نفساني خواھش ھوندي آھي.

7.          اھڙا ماڻھو وڏا حاضر جواب ھوندا آھن.

8.          مخالف جنس کي محبت ۾ ننھن تي نچائڻ جا شوقين ھوندا آھن.

9.          روحاني فطرت جا حامل ھوندا آھن.

 

ننڍا ڪن

1.           ننڍا ڪن حرص جي علامت آھن، اھڙا ماڻھو حرص ڪرڻ وارا ھوندا آھن.

2.          ھي ڪن محنتي ۽ جفاڪش ھئڻ جي نشاندھي ڪن ٿا.

3.          اھڙن ڪنن وارو ماڻھو وچولي ۽ عام درجي جي ذھانت رکندڙ ھوندو.

4.          ھي ماڻھو زندگيءَ جي آسائشن کي پسند ڪندا آھن ۽ خوش باش رھڻ چاھيندا آھن.

5.          فنڪارانھ صلاحيتن کان وانجھيل ھوندا آھن.

 

ڊگھا ڪن

1.           نالي وارن ماڻھن جا ڪن ڊگھا ھوندا آھن.

2.          اھڙن ماڻھن ۾ نالو ۽ شھرت حاصل ڪرڻ جي وڏي خواھش ھوندي آھي.

3.          اھڙا ماڻھو سماجي ۽ عوامي ڀلائي جا وڏا عظيم ڪارناما سرانجام ڏيندا آھن.

4.          مھاتما گانڌي، پنڊت جواھر لعل نھرو، ايڊي سن ۽ جيفرسن جا ڪن ڊگھا ھئا.

 

چھنب وارا ڪن

1.           ھي ماڻھو اھڙن ڪمن ۾ ڪامياب ھوندا آھن. جيڪي ھنن جي فنڪارانھ مزاج مطابق ھجن.

2.          مجسمھ ساز، موسيقار، مصور، مقرر، اداڪار اھڙا ڪن رکندڙ ھوندا آھن.

3.          بردبار ۽ صبر وارا ھوندا آھن.

4.          زندھھ دل ھوندا آھن.

5.          تخليق ڪار ھوندا آھن.

6.          وڏا حاضر جواب ھوندا آھن.

7.          تجزيي ۽ تنقيد جي صلاحيت رکندا آھن.

 

سخت ڪن

1.           جنھن جا ڪن اھڙا ھوندا آھن، سي عقل ۽ فھم وارا ھوندا آھن.

2.          اھڙا ماڻھو گھڻي ڳالھائڻ کان لنوائيندا آھن.

3.          بردبار ۽ صبر وارا ھوندا آھن.

4.          زندھھ دل ھوندا آھن.

5.          صحيح ڳالھھ ڪرڻ وارو مزاج رکندا آھن.

6.          تخليق ڪار ھوندا آھن.

7.          وڏا حاضر جواب ھوندا آھن.

8.          تجزيي ۽ تنقيد جي سٺي صلاحيت رکندڙ ھوندا آھن.

 

چؤڪنڊا ڪن

1.           اھڙي شخص جي دوستي پائيدار ھوندي آھي، دوستيءَ جي معاملي ۾ ھي ماڻھو ڏاڍا پرجوش ھوندا آھن.

2.          ھي حد کان وڌيڪ محبت ڪندا آھن ۽ ان جي اظھار ڪرڻ کان پڻ ڪڏھن ڪونھ ڪيٻائيندا آھن.

3.          تجزيي ۽ تنقيد جي بھترين صلاحيت رکندا آھن.

 

گدرا ڪن

1.           ھي ڪن خود اعتماديءَ جي علامت آھن.

2.          اھڙن ماڻھن ۾ منصوبھ بنديءَ جي صلاحيت ھوندي آھي.

3.          خوش خلق ٿيندا آھن.

4.          حساس ھوندا آھن.

5.          شگفتھ مزاج ٿيندا آھن.

6.          لذت پرست ٿيندا آھن.

7.          فنڪارانھ صلاحيت رکندڙ ھوندا آھن.

8.          ڪاروباري صلاحيتن وارا ھوندا آھن.

9.          مزاج ۾ جلد بازي ھوندي اٿن.

10.        مھمان نواز ھوندا آھن.

11.        خيالن ۾ گھرائي ھوندي اٿن.

12.        خوش اخلاق ٿيندا آھن.

13.        ھر ڪم پسند موجب ڪرڻ جي خواھش ھوندي اٿن.

14.        مستقل مزاج ھوندا آھن.

15.        وڏي طاقت ۽ اقتدار جي خواھش رکندڙ ھوندا آھن.

ملڻ جلڻ کي گھٽ پسند ڪندا آھن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org