سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :9

 

ڄاڙي

چھرا شناسن ميوسل ۽ سچريڪ جي چوڻ مطابق، ڄاڙي بھ انسان جي شخصي ڪردار جي باري ۾ گھڻو ڪجھھ ٻڌائي ٿي. جنھن جي تشريح اھي ھن طرح بيان ڪن ٿا.

 

سڌي ڄاڙي

1.           ھن طرح جي ڄاڙي رکندڙ ماڻھو رنگين مزاج ھوندا آھن.

2.          ھر وقت ذھني پريشانيءَ ۾ مبتلا رھندا آھن.

 

ٽڪنڊي ڄاڙي

 ھن طرح جي ڄاڙيءَ وارا ماڻھو ملڻا جلڻا ھوندا آھن.

 

ٽيڏي ڄاڙي

1.           ھن ڄاڙيءَ وارا ماڻھو خيالي پلاءَ پيا پچائيندا آھن.

2.          حقيقت پسند گھٽ ھوندا آھن.

 

ڳوڙھي جھڙي ڄاڙي

ھنن ماڻھن کي زندگي ۾ وڏيون تڪليفون ڏسڻيون پونديون آھن.

 

 سٺي ڄاڙي

1.           ھنن ماڻھن ۾ ارادي جي قوت گھڻي ھوندي آھي، ھي ڪجھھ ڏيو ۽ ڪجھھ وٺو جي اصولن تي زندگي گذاريندا آھن.

2.          محنت ۽ شوق سان زندگيءَ ۾ ڪجھھ بنجي ويندا آھن.

 

چوڪنڊي ڄاڙي

1.           ھيءَ ڄاڙي ارادي ۽ عملي سگھھ جي نشاني آھي. انگريزيءَ ۾ اھڙي ڄاڙيءَ کي سڪوٽرجا چوندا آھن. ھيءَ ڄاڙي فطري رجحان کي ظاھر ڪري ٿي.

2.          غم ۽ فڪر جي نشاني آھي.

3.          گمناميءَ ۾ زندگي گذارڻ جي نشاني آھي.

4.          ھن طرح واري ڄاڙي رکندڙ ماڻھن جي زندگيءَ جو ڪيريئر عوامي يا عام ھوندو.

5.          ھنن ماڻھن ۾ ادب ۽ ھنر سان بي پناھھ لڳاءُ موجود ھوندو آھي.

6.          ھنن کي شھرت دير سان ملندي آھي.

7.          ھيءَ ڄاڙي بي سڪون گھرو زندگي گذارڻ جي علامت آھي.

8.          ھيءَ ڄاڙي ڪيسن توڙي ڦڏن فسادن جو پتو ڏئي ٿي.

9.          ھن ڄاڙيءَ ۾ اڀار خراب صحت جي نشاني آھي.

 

فطري ڄاڙي

1.           ھي ماڻھو روزمره زندگيءَ جي معاملن کي چڱي طرح حل ڪرڻ ڄاڻيندا آھن.

2.          ھن طرح جي ڄاڙي رکندڙ ماڻھو ڪنھن ھمراھي ڪندڙ جي ڳولا ۾ ھوندو آھي.

 

پوري ڄاڙي

انگريزيءَ ۾ ھن کي (Balance Jaw) چوندا آھن.

1.           پرسڪون گھرو زندگي گذاريندا آھن.

2.                      اھڙن ماڻھن کي عزت، دولت، شھرت بلڪھ سڀ ڪجھھ ملندو آھي.

3.          اھڙيءَ ڄاڙيءَ تي تِر جو نشان، نڀاڳ جي نشاني ھوندو آھي، جيڪو رسوائيءَ جي علامت پڻ آھي.

4.          اھڙي شخص جي زندگي ۾ آسودگي نھ ايندي آھي.

5.          بيلنس واري ڄاڙيءَ تي تر جو نشان ذھني پريشاني جي نشانيءَ کي بھ ظاھر ڪري ٿو.

 

غائب ٿيندڙ ڄاڙي

انگريزيءَ ۾ ھن ڄاڙيءَ کي (Peter eating Jaw) چوندا آھن. مردن لاءِ تھ ھيءَ ڄاڙي بلڪل ناپسنديده سمجھي وڃي ٿي. جڏھن تھ عورتن جي چھري لاءِ مناسب آھي. اھڙو چھرو ھيٺيون خاصيتون رکي ٿو:

1.           اھڙا شخص پنھنجي عقل ۽ سمجھھ سان ڪاميابي حاصل ڪندا آھن.

2.          اگر ڪنھن شخص جي اھڙي ڄاڙي ڪجھھ اڀريل ھجي، تھ ان شخص جي زندگيءَ تي ڏاڍو سٺو اثر پوي ٿو.

3.          اھڙو شخص مشھور ھئڻ کان علاوه وڏو مالدار بھ ھوندو آھي.

4.          اھڙو ماڻھو بين الاقوامي شھرت جو مالڪ بھ ٿي سگھي ٿو.

5.          ھن جي آمدنيءَ جا ڪيترائي ذريعا ھوندا آھن.

6.          اھڙيءَ ڄاڙيءَ وارو ماڻھو عجيب غريب علم جو شوقين ھوندو آھي.

7.          ھي ماڻھو تمام گھڻي دولت ڪمائيندا آھن.

8.          بحري سفر ڪندا، جيڪو ڪاروباري يا ملازمت جي سلسلي ۾ ھوندو.

 

1.           چھنب واري کاڏيءَ سان ھيءَ ڄاڙي بد اعتمادي جو ثبوت آھي.

2.          اھڙو شخص ڀروسي جوڳو نھ ھوندو آھي.

3.          اھڙا ماڻھو زندگيءَ جي آسائشن جي ڪري ڪجھھ بھ ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويندا آھن.

4.          ھي ماڻھو محنت بجاءِ راند روند ۽ تفريح کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آھن.

5.          ھي ماڻھو معمولي ڳالھين سان خوش ٿي ويندا آھن.

6.          ھي ماڻھو تمام جلدي جذباتي ٿي ويندا آھن.

7.          ھي ماڻھو گھڻ ڳالھائو ھوندا آھن.

8.          ھنن ۾ نفسياتي جذبات عام طور تي گھٽ ھوندو آھي.

9.          نفسياتي مريض ھوندا آھن.

10.        ھنن ۾ ٿوري بھ بردباري نھ ھوندي آھي.

 

چھري جا گھنج

چھري جا گھنج ڪجھھ خوبين ۽ سٺين خصوصيتن جي نشاندھي ڪن ٿا.

ڳلن تي گھنج انسان جي جسماني خرابين جي نشاندي ڪن ٿا.

جيڪڏھن ھي گھنج گھڻا ھجن ۽ ان سان گڏ سنھا بھ ھجن تھ انھيءَ مان سمجھڻ کپي، تھ ان شخص جي دماغ ۽ اعصابي نظام تي وڏو دٻاءُ ھوندو.

اگر چھري تي سڌيون لڪيرون واضع ھجن تھ معدي يا آنڊن جي خرابي ٿي سگھي ٿي.

اھي بيماريون جن جو تعلق انفيڪشن سان ھجي، سي ٿي سگھن ٿيون. مثال طور: سڪارلٽ فيور، ٽائنس ۽ شديد قسم جو انفلوئزا وغيره، ھنن لڪيرن کي جنم ڏئي سگھي ٿو.

اھڙيون لڪيرون چورسي رخ ۾ نمودار ٿينديون آھن. جڏھن تھ ان جي برعڪس ڪجھھ لڪيرون اھڙيون بھ ھونديون آھن، جيڪي ڳلن تي ڊيگھھ واري رخ کان نمودار ٿينديون آھن. ھي لڪيرون تمام سنھيون بھ ٿي سگھن ٿيون ۽ تمام واضع ۽ نمايان بھ ٿي سگھن ٿيون.

ڳلن جي مٿان ننڍا ننڍا سفيد داغ بھ ٿي پوندا آھن. انھن جي ڊيگھھ ۽ ويڪر مختلف ھوندي آھي. اڪثر ھي ڊگھا گھٽ ۽ ويڪرا وڌيڪ ھوندا آھن. ھي داغ عام طور چٽي چورائيندا آھن. اھي ان ڳالھھ جو دليل آھي تھ اھڙا ماڻھو اعصابي ڪمزوري ۾ مبتلا ھوندا. ڪنھن خطرناڪ بيماريءَ ۾ بھ مبتلا ٿي سگھن ٿا.

ھنن ماڻھن کي سلھھ جي بيماري ٿي سگھي ٿي. عمر جي ڪنھن بھ حصي ۾ اھڙن نشان رکندڙن کي معدي يا آنڊن جي بيماري ٿي سگھي ٿي.

عمر جي ڪنھن بھ حصي ۾ اھڙي نشان جي ماڻھن کي گردي جو سور، مثاني جون بيماريون ٿي سگھن ٿيون. اھڙن ماڻھن ۾ جستجو ۽ تجسس جو مادو گھڻو ھوندو آھي.

اھڙن ماڻھن جي دل جي حرڪت ڪمزور ھوندي آھي، خاص طور تي جڏھن چھري تي ھلڪا ھلڪا اڌ گول جا نشان ھجن. اھڙو شخص اعصابي بيمارين جو شڪار رھي ٿو.

اھڙا نشان جيڪر سنھا ھجن تھ اھي ڪمزور جسماني حالت جو پتو ڏين ٿا. اھڙن ماڻھن جي خون جو دورو ڏاڍو خراب رھندو آھي.

ڳلن تي اگر گھريون لڪيرون ڏسجن، تھ ان جو مطلب اھو آھي، تھ ٿورو ٽائيم اڳ ۾ اھو شخص اعصابي بيماريءَ ۾ مبتلا رھي چڪو آھي، ھي ماڻھو ڏاڍا نازڪ مزاج ھوندا آھن، اھڙن ماڻھن جي دل ڏاڍي ڪمزور ھوندي آھي.

جيڪو شخص اعصابي لحاظ کان ڪمزور ھوندو آھي، ان جي چھري تي ھي نشان چنبڙيل ھوندا آھن ۽ گوشت جي اندر دٻيل دٻيل لڳندا آھن، انھن نشانن جو رنگ اڇو ٿيندو آھي.

جن ماڻھن جي چھري تي شڪستھ لڪيرون ھجن ۽ انھن جا ننھن اڇي رنگ جا ھجن، انھن ماڻھن کي فاليج جو خطرو ٿي سگھي ٿو، جيڪو ننھن جو رنگ سفيد ھجي ۽ ننھن سنھا ھجن تھ خطرو اڃا بھ وڌي وڃي ٿو.

اھڙا نشان دماغي خرابيءَ جي نشاندھي ڪن ٿا. اھڙن ماڻھن ۾ سلھھ جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت گھٽ ھوندي آھي. ٻين لفظن ۾ اھو ماڻھو مدي جي بخار جي حملي جي صورت ۾ ڪمزور ثابت ٿيندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org