سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 11  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

ململ جو چولو

عثمان علي انصاري

 

                ”مون اها شادي پنهنجي پسنديءَ تي ته ڪا نه ڪئي هئي!، انور پنهنجي شرمساري لڪائيندي منهن هيٺ ڪري چيو،  جنهن تي سندس ٻين دوستن جي ترجمان ڪندي قاضيءَ چيو، ”بهتر ٿئي ها جو هن پوئينءِ بي مروتيءَ کان شروعات ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏين ها. آخر قبوليت ته توکان ورتي هوندائون: انهيءَ وقت  ڇو ڪين ٿي چيئه ته هيءَ ڇوڪري منهنجي پسنديءَ  جي نه آهي، تنهنڪري آءٌ  قبول نه ٿو ڪريان؟ ڪين انهيءَ زماني ۾ ڇاڪاڻ ته  پاڻ فقط پندرهن رپين ڪمائڻ وارو هڪ ناڪاره نوٽ! هي سڌ کٽل معلوم ٿئي ٿي شخص هئين، تنهن ڪري زبيده سان شادي ڪندي تو پاڻ کي ڪس نه ٿي سمجهي، ۽ هينئر جڏهن وڏا امتحان ڏيئي آفيسري هٿ ڪئي اٿيئي ته زبيده تنهنجي شان وٽان نه آهي!“

                ”اوهين کڻي ڇا به سمجهو،“ انور بيزاري ڏيکاريندي چيو ”پر سچ پچ ته زبيده مون کي پهرين ڏينهن کان پسند ڪين آئي هئي. قاضي صاحب کي ته ياد هوندو ته شاديءَ جي رات گذاري صبح جو آءٌ سندس جاءِ تي اچي ڪيترو وقت ويٺي رنس. رهيو سوال انڪار ڪرڻ، جو سو آءٌ قبولدار آهيان ته والد صاحب کي انڪار ڪرڻ جي همت مون کي ڪا نه هئي ۽ جي هجي به ها ته به جيڪر اهڙو ناخلف ڪين ٿيان ها جو والدين جي ڏنل لفظ کي هيٺ ڪري پنهنجي منايان ها.“

                اتي قاضي صاحب جوش ۾ اچي اٿي بيٺو ۽ چيائين، ”قربانيءَ جا سڌڙيا ته سڀ آهن، پر ڪري نباهڻ به ڪن جو ڪم آهي! انور دوست، انهيءَ وقت ته پيءُ ماءُ جو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ تو نه ٿي گهريو، پر هينئر پنهنجي زال کي گهر مان نيڪالي ڏئي، سندس  پيءُ جي گهر ويهاري ته شايد ستن پيڙهين کي به داغ ڏيڻ کان نه ٿو گسين!“

                ”منهنجين ستن پيڙهين تي داغ اچڻ جي ڪري ڪنهن ٻئي جي پڳ ته ڪا نه لهي پوندي؟ هر ڪو پاڻ کي ڏسي، ”انور ائين چوندو، محفل مان اٿيو هليو ويو.

                زبيده کي نو ورهيه پنهنجي پيءُ جي گهر ويٺي ٿيا آهن. انهيءَ وچ ۾ جيتر سندس سهرو جيئرو هو، تيتر ڏهه رپيا درماهه کيس خرچ لاءِ موڪليندو رهيو. سندس مرڻ کان پوءِ اهو وظيفو هميشه لاءِ بند ٿي ويو. جيڏيون سرتيون هن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسنديون هيون. شادي مراديءَ ۾ سندس وڃڻ بند هو. پڻس جي مري وڃڻ ته ويتر سندس حالت خراب ڪري ڇڏي. هڪ پرڻيل زال ڀائرن جي در تي آخر ڪيستائين رهي سگهندي؟ ڌارين جا طعنا مهڻا سهي وڃڻ ته شايد زبيده جهڙي شريف صابره لاءِ ڪا مشڪل ڳالهه ڪا نه هئي، البته ڀاڄاين جا تنڪا ۽ سهما سهي نه سگهي. لاچاري انسان کان ڇا ڪين ڪرائيندي آهي؟ تنگ ٿي، زبيده به پنهنجي پورهئي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انهيءَ وچ ۾ پنهنجي مڙس ڏانهن به بي حساب نياپا موڪليائين ته ڌڻيءَ لڳ مون کي پاڻ وٽ رکو، آءٌ اوهان جي گهر پورهيت ٿي رهنديس. پر هيڏانهن انور ٻي شادي ڪئي هئي، ٻه ٻار ڄايا هئس، تنهن سندس نياپن جو جواب فقط خاموشيءَ جي نفرت سان ڏنو. جيڪڏهن ڪنهن چڱي مڙس روبرو به اچي ٿي چيس ته انهيءَ کي به ڇڙو هيءُ جواب ٿي مليو ته ”هينئر کيس گهرائي آءٌ پنهنجي لاءِ جيئري دوزخ پيدا ڪرڻ نه ٿو چاهيان“، پئسن موڪلڻ جي سوال تي چوندو هو ته ”مون کي پنهنجن ٻچن لاءِ به ڪجهه ڪرڻو آهي يا نه!“ مطلب ته  انور هڪ يا ٻيو بهانو ڏيئي سڀني کي ٽاريندو هو.

                زبيده سبڻ پوئڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو، جنهن مان سندس گذر تمام مسڪيني نموني ۾ ٿيندو ٿي آيو. پر آخر سندس صبر به ڏيوالو ڪڍيو ۽ هن جي تندرستي خراب ٿيڻ لڳي. پهرين ته معمولي بخار سمجهي خيال نه ڪيائين، پر جڏهن ڏٺاين ته هر روز بخار ٿو ٿئي ته  تشويش پيدا ٿيس. تنهن هوندي به پنهنجي ناداريءَ جي حالت ڪري علاج ڪين ڪرائي سگهي. مهيني کن جي اندر اهڙو حال ٿي ويس  جو بستري تان اٿي به مشڪل ٿي سگهي. هڪ ڏينهن پنهنجي پورهئي جي بچايل پئسن مان ٽي وال تمام عمديءَ ململ جا گهرائي هڪ چولو تيار ڪيائين. گهڻي دير ويهي به ڪين ٿي سگهي، تنهن ڪري بستري تي سمهي، سيني تي ڪپڙو رکي، انهيءَ جي ڳچيءَ تي ريشم جا گل ۽ وليون ڀريائين. جڏهن چولو بلڪل تيار ٿي ويو، تڏهن هڪ پارسل ۾ انهيءَ کي بند ڪري پنهنجي مڙس ڏانهن موڪليائين. ساڳئي ڏينهن کيس هيٺيون خط به موڪليائين:

                ”منهنجا سرتاج! خدمت ۾ پويون دفعو حاضر ٿيڻ جي معافيءَ بعد، عرض آهي ته اڄ هڪ چولو پنهنجن بيمار هٿن سان سبي تيار ڪري اوهان ڏانهن موڪليو اٿم. مون کي سلهه جو عارضو لڳو آهي، جنهن مان ڇٽڻ جي اميد بالڪل ڪا نه آهي. منهنجي ڪمائيءَ مان ڪفن دفن جي خرچن کان پوءِ جيڪي ڪجهه بچيو ٿي، تنهن جا وارث ڇاڪاڻ ته اوهين آهيو، تنهن ڪري اهي پئسا  هن چولي تي خرچ ڪري اوهان ڏانهن موڪليان ٿي. منهنجي آخري التجا هي آهي ته مهرباني ڪري اهو چولو اوهين پاڻ پائجو،  ڇو ته جي اوهين پائيندا ته منهنجي روح کي راحت ايندي. مان سمجهان ٿي ته هن خط پهچڻ کان اول منهنجو خاتمو ٿي ويو هوندو. مون اوهان کي سڀ ڪجهه بخشيو. اميد ته اوهين به مون کي چيو آکيو بخشيندا. اوهان جي ڪنيز، زبيده.“

                خط ملڻ جي ڏينهن انور کي چولي وارو پارسل به مليو. پر  هيڏانهن خط ۽ پارسل آيا، هوڏانهن سندس زال اچي فساد مچايو. ٻارن تي بيگناهه پادر وسي ويا. روڄ شروع ٿي ويو. ڪنهن جي ماني، ڪنهن جي  ٽڪي واويلا مچي وئي. انور کي ڪهڙا خيال دل ۾ ٿي آيا، تنهن بابت ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي، ڇو ته  پاڻ خاموش ويٺو هو، البته ٻارن جي مار کائڻ تي ايترو چيائين ٿي ته ”هنن معصومن جو ڪهڙو ڏوهه؟“ سندس زال ڏٺو ته منهنجي ڪروڌ جو خاطريءَ جهڙو نتيجو نه نڪتو ته زور زور سان روئي چوڻ لڳي ته ”پاڻ ته سلهه جو شڪار آهي، هاڻي منهنجي مڙس ۽ ٻارن کي به سلهه ڏيڻ ٿي گهري. تنهن ڪري ته هي چولو سبي موڪليو اٿس! هاڻي يا ته گهر ۾ آءٌ رهنديس يا هي چولو.“ اتي انور چيو، ”آءٌ باهه ڏيندو آهيان اهڙي چولي کي، جو منهنجي گهر ۾ ڦيٽو وجهائي!“ ائين چئي، اهو چولو، جو ڏاڍيءَ سڪ ۽ محبت سان هن ڏانهن موڪليو ويو هو، سو وڃي چلهه ۾ وڌائين. چولو هو سنهي ڪپڙي جو، سو هوا جي ڪري باهه ۾ ڪين ڪريو ۽ چلهه جي ڀرسان وڃي پيو، انور پنهنجي پيرن سان انهيءَ کي سوري باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. جڏهن چولو باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي ويو، تڏهن وڃي سندس گهر ۾ ٺاپر ٿيو. انهيءَ ڏينهن شام جو کيس تار پهتي ته زبيده مري وئي.

                زبيده کي مئي پنج ورهيه گذري ويا آهن. اپر سنڌ ۾ اونهاري جي شروعات ڏاڍي زور سان ٿيندي آهي، ۽ جون جو مهينو چڱو گرم ٿيندو آهي. هڪ ڏينهن انور شام جو پنهنجيءَ آفيس کان موٽيو، ته پيرن سڙڻ جي شڪايت ڪيائين. سندس زال چيو ته: ”شايد گرميءَ جي ڪري اوهان کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجندئو ته بس.“ حمام ۾ وڃي تَڙ به ڪيائين، پر پيرن جي جلن وڌي وئي. اڌ رات ڌاري کيس اهڙي ته تڪليف ٿيڻ لڳي، جو هڪ پل به آرام نه ٿي آيس. انهيءَ وقت ماڻهو موڪلي ڊاڪٽر کي گهرايو ويو. ڊاڪٽر صاحب آيو، چڱيءَ طرح پيرن کي چڪاسيائين. حيران ٿي چوڻ لڳو ته: ”مون کي ته تنهنجن پيرن ۾ ڪا  به خرابي نه ٿي ڏيکارجي. کل به اهڙي آهي، جهڙي هڪ تندرست انسان جي پيرن جي ٿيڻ کپي. اندر خون جو دورو به پورو آهي، رڳون ۽ نسون به برابر پيون ڪم ڪن. ايتريءَ تڪليف جي ڪري ڪم از ڪم ٻاهران ٿوري گهڻي سوڄ يا ڳاڙهاڻ ته ضرور هئڻ کپي، سا به ڪا نه آهي. آءٌ دوا ڪريان ته ڇا جي ڪريان؟“ انور جي حالت انهيءَ وقت اهڙي هئي، جو ڏسڻ وارا سندس  بيچيني ڏسي نه ٿي سگهيا. سندس زال زار زار روئي رهي هئي، ۽ ڊاڪٽر کي ليلائي ٿي چيائين ته ڪجهه ڪريو. آخر ڊاڪٽر انور کان پڇيو ته ”ڪنهن خاص جاءِ تي جلن ٿئي ٿي يا سارن پيرن ۾؟“ جنهن تي انور سور جي شدت کان شوڪارا ڀريندي چيو ته ”پيرن جون تريون ٿيون سڙن، ائين ٿو سمجهان ته باهه ۾ پير پيا آهن! ڊاڪٽر صاحب، مهرباني ڪري منهنجا پير ڪپي ڪڍو! مون کي پيرن ڪپڻ جو ايذاءَ قبول آهي، هي ساڙو نه ٿو سهي سگهان.“ لاچار ٿي ڊاڪٽر کيس ٻه سيون هنيون، جن جي درد جي سبب يا اثر جي ڪري انور چيو ته ”جلن گهٽ آهي.“ ڊاڪٽر ته پنهنجي في وٺي ويندو رهيو، پر مريض ڪجهه وقت کان پوءِ ڪراهڻ شروع ڪيو. صبح جو جڏهن ڊاڪٽر صاحب کي وري  گهرايو ويو ته چيائين ته ”مون کي مرض جي خبر نه ٿي پوي، اوهين ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي گهرايو.“ ڊاڪٽر جي اهڙي نااميديءَ جي جواب ملڻ کانپوءِ، انور جي زال پنهنجن ڏيرن سان صلاح ڪئي، جن چيس ته انور کي ڪوئيٽا وٺي وڃو، ڇاڪاڻ ته اتي  وڏا وڏا فوجي ڊاڪٽر آهن، شايد انهن کي مرض سمجهه ۾ اچي وڃي.

                ڪوئيٽا جي بابو محلي ۾ هڪ جاءِ جي باغ  ۾ ڊاڪٽر ڪپتان نصير احمد، چروٽ وات ۾ وجهيو، پسار ڪري رهيو هو. ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ ڪنهن تمام مشڪل مسئلي تي غور ڪري رهيو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت  منهن ڦيري باغ جي دروازي ڏانهن ٿي نهاريائين، ڄڻ ته ڪنهن جو انتظار هجيس. اٽڪل ڏهن منٽن کان پوءِ هڪ وڏي موٽر اچي باغ جي دروازي وٽ بيٺي، جنهن مان ڊاڪٽر وليمس لٿو. ڊاڪٽر نصير احمد اڳتي وڌي وڃي ساڻس مليو، ۽ وٺي اچي  کيس هڪ ڪمري ۾ ويهاريائين. ميجر پڇيس ته ”هاڻي مريض جي ڪهڙي حالت آهي؟“ سندس حالت ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي.“ ڊاڪٽر نصير احمد چروٽ جي رک ڇنڊي چيو، ”ڏينهون ڏينهن سندس قوت وڃي ٿي هاربي. پهرين منهنجو خيال هو ته کيس فقط دماغ جي خرابيءَ ڪري اهو خيال دل ۾ اچي ويٺو آهي ته منهنجا پير ٿا جلن، پر ڪالهه کان وٺي ڏسان ٿو ته ٻنهي پيرن ۾ سوڄ شروع ٿي وئي آهي.“ اڃا ڊاڪٽر نصير احمد پنهنجو جملو پورو ڪيو ته هڪ نوڪرياڻي اندر آئي، جنهن اچي چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب، اوهين هاڻي اندر اچي سگهو ٿا.“

                ٻئي ڊاڪٽر اندر زنانه خاني ۾ آيا. ورانڊي ۾ انور هڪ پلنگ تي ڪنبل ڍڪيو سمهيو پيو هو، پر حالت اهڙي ٿي ويئي هيس  جو سڃاڻپ کان نڪري ويو هو. ٻنهي ڊاڪٽرن اچڻ شرط سندس پيرن جو معائنو ڪيو. نبض ڏٺائون، کاڌي وغيره جو احوال پڇيائون. جو انور جي زال، جا سندس پلنگ جي ڀرسان چادر ويڙهيو مغموم حالت ۾ ويٺي هئي، تنهن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي  اٿڻ مهل انور آهستي آهستي چيو ته : ”ڊاڪٽر صاحب، منهنجي زال کي ته مهرباني ڪري چئو ته  مونکي ڳوٺ وٺي هلي، منهنجي بچڻ جي هينئر آسرو ڪو نه رهيو آهي، ڪم از ڪم مٽي ته پنهنجن سان وڃي گڏجي!“

                چوڏهين آگسٽ تي انور کي  ڳوٺ کڻائي آيا، جتي اوڻيهين تاريخ مري ويو. چيو وڃي ٿو ته پنج ورهيه اڳ، اوڻيهين آگسٽ تي، انور زبيده وارو موڪليل چولو پيرن سان باهه ۾ وڌو ويو.

(مهراڻ: 2 1961ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com