سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 21  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

ڪونج

مقبول صديقي

 

                ايئرپورٽ تي پهتس ته پورا نو ٿيا هئا. خبر پئي ته هوائي جهاز ڏهين بجي پهچندو. مون کي پورو هڪ ڪلاڪ انتظار ۾ گذارڻو هو. وقت ڪاٽڻ لاءِ وڃي ريسٽورنٽ ۾ ويٺس. ان هوائي جهاز ۾ منهنجو جگري دوست، اصغر، لنڊن کان واپس اچي رچي هو. هو ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ اتان قانون جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري واپس اچي رهيو هو، ۽ مان اڪيلو شخص هوس جو سندس استقبال لاءِ اچي ايئرپورٽ تي پهتو هوس. ٻيو هو به ڪير، جو سندس استقبال لاءِ اچي، اڃان هن دنيا ۾ قدم ئي مس رکيائين ته سندس پيءُ جي زندگيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويو. مرحوم خدا جو ڏنو گهڻو ئي ڇڏي ويو هو. تنهن ڪري اصغر ۽ سندس والده کي ڏکيا ڏينهن ڪو نه ڏسڻا پيا. اصغر جي اها به خوش نصيبي چئبي جو اهڙيءَ ماءُ جي گود ۾ اکيون کوليون هئائين، جنهن پنهنجي سرتاج وڃائڻ کانپوءِ  اولاد کي ئي  سڀ ڪجهه سمجهيو. هوءَ پنهنجي جواني وساري، پنهنجي اڪيلي ۽ لاڏلي پٽ جي جوانيءَ جا خواب ڏسندي رهي. اهي خواب ئي سندس ڪائنات هئا، جنهن ۾ هوءَ هر ساعت، هر گهڙيءَ محو رهي. پر انهن خوابن به بقا نه ڏيکاري، ۽ هوءَ پنهنجو ٻارهن سالن جو اصغر هن دنيا ۾ تنها ۽ اڪيلو ڇڏي، ان دنيا ڏانهن رواني ٿي وئي، جتي  ڪو به نه ٿو ڏسي، جتي حقيقت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.

                ماءُ جي اتنقال کانپوءِ اصغر جا لاتعداد مٽ مائٽ پيدا ٿي ويا. هڪ مٿان ٻيو وارد ٿيڻ لڳو. هر هڪ جي هيءَ دعوا ته هو ئي اصغر جو وارث ۽ سنڀاليندڙ بڻجي سگهي ٿو. اهي مائٽ ننڍڙي اصغر کي ائين چنبڙي ويا، جيئن مصريءَ کي ماڪوڙا. اصغر ٻار هو، منجهي پيو ته  ڇا ڪري ۽ ڇا نه ڪري ڀلو ٿئي سندس استاد عبدالله جو، جنهن دورانديشيءَ کان ڪم وٺي سندس رهنمائي ڪئي، ۽ کيس سڌيءَ راهه تي هلڻ سيکاريو.

                اصغر کي پڙهڻ سان ڏاڍو شوق هو. ائين کڻي چئجي ته پڙهڻ کانسواءِ کيس ٻي ڪنهن ڳالهه جو شوق نه هو. هر وقت پڙهندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن هر سال امتحان ۾ هو اول نمبر ايندو هو، ته اسان کي ان تي ڪو به تعجب نه ٿيندو هو.

                اسڪول ۽ ان کانپوءِ ڪاليج جي زندگيءَ ۾ شروع کان اسين هڪ ٻئي جا ساٿي رهاسين. مون کي اصغر جي دوستيءَ تي ناز هو، ڇو ته هو سڀني کان وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو. جڏهن مان اصغر سان ساڻس پنهنجي دوستيءَ تي فخر جو اظهار ڪندو هوس، ته  هو به ورنديءَ ۾ اهڙو اظهار ڪندو هو.

                اوچتو ايئرپورٽ جي عمارت ۾ جابجا لڳل لائوڊ اسپيڪرن ڳالهائڻ شروع ڪيو. منهنجو هٿ چانهه جو ڪوپ کڻندي رڪجي ويو. ڪن لائي ٻڌم. لائوڊ اسپيڪرن اعلان ڪيو ته  اهو هوائي جهاز ڏهين بجي پهچندو. مون واچ ڏٺي، اڃا سوا نوَ ٿيا هئا. ڪوپ کڻي هڪ سرڪي ڀريم، پوءِ سگريٽ دکائي، وري اصغر جي ياد ۾ گم ٿي ويس. اهو اصغر، جو هر وقت مسڪرائيندو رهندو هو. معمولي لطيفو به ٻڌندو هو ته کلي کلي کيرو ٿي پوندو هو. هو مون کان ايتري ئي  کلڻ جي توقع رکندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت مان سندس اها توقع پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو هوس ته هڪ گهڙي  سوچڻ کان پوءِ نئين سر ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪندو هو. وڏا وڏا ٽهڪ، شايد اها کل منهنجي پاران هوندي هئي! سندس کلڻ به ڪهڙو نه وڻندڙ هوندو هو. جڏهن ٽهڪ ڏيندو هو ته مون کي اهو محسوس ٿيندو هو، ڄڻ دماغ ۾ جلترنگ وڄي رهيا هجن.

                مون کي اها ويل به ياد آئي، جڏهن اصغر قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ”بارائٽ لا“ ڪرڻ لاءِ انگليند جو سانباهو ڪيو. ان وقت به مان اڪيلو ئي کيس ايئرپورٽ تي رخصت  ڪرڻ آيو هوس. مون کي ياد آهي ته اسان ٻنهي هن ساڳئي ريسٽورانٽ ۾ ويهي ڪافي پيتي هئي. ان وقت اصغر ڏکويل پئي ڏٺو. سندس منهن مان مايوسي بکي رهي هئي. سندس جدائي منهنجيءَ دل کي به ڏکوئي رهي هئي. پر مون پنهنجو اهو ڏک ظاهر نه ڪيو هو. مان اصغر سان کل چرچا ڪري، وقت ٽاري رهيو هوس. مون کي ياد آيو ته ان وقت مون اصغر کي کلندي چيو هو: ”يار، تون ڇا به چئين، پر مون کي پڪ آهي ته تون پاڻ سان ضرور ڪا ولايتي گڏي وٺي ايندين- ڀوري رنگ ۽ سونهري وارن واري گڏي!“

                ”بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڇڏ“ اصغر ٿورو چڙندي وراڻيو هو.

                ”مون کي پڪ آهي. پر ائين نه سمجهه ته ڪو مان ولايتي گُڏيءَ آڻڻ تي ناراض ٿي ويندس. بس، فقط اها  خوبصورت هئڻ گهرجي، جهڙو تون پاڻ آهين. مون کي ڪونج جهڙي ڀاڄائي کپي، ٻڌي ڇڏي!“ - ۽ جواب ۾ اصغر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو هو.

                اصغر ولايت روانو ٿي ويو. واعدي مطابق، مون کي هن وٽان هر هفتي خط پهچندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ته هفتي ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي خط به ملندا رهيا.  ولايت پهچڻ کان اٽڪل ڇهه مهينا پوءِ اصغر پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو: ”توکي ڪونج وڻندي آهي،مون کي به وڻندي آهي. اهڙي ئي هڪ ڪونج مون کي  هتي ملي ويئي آهي! ملي ته آهي، پر سوچيان ٿو ته ان کي تنهنجي ڀاڄائي به بڻائي سگهندس يا نه...... دعا ڪر ته منهنجي خواهش پوري ٿئي!“

                مون جڏهن اصغر کي ان ڪونج جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائڻ جو چيو، ته لکيائين:  ”هيءَ ولايتي گُڏي نه آهي اسان جي ئي وطن جي آهي. نالو اٿس.... نالو ڪو خاص سٺو نه اٿس. بهتر آهي ته اسين ان کي ”ڪونج“ ئي سڏيون. تمام وڏي گهراڻي جي ڇوڪري آهي، هتي ڊاڪٽري پيئي پڙهي.“ ٿوري عرصي بعد اصغر لکيو:

                ”اسان جا تعلقات تمام گهرا ٿي ويا آهن. کليل نموني ۾ به نه، پر اشارن ئي اشارن ۾ عهد- پيمان به ٿي ويا آهن. ”ڪونج“ هاڻي منهنجي زندگي بڻجي چڪي آهي. توکي هن جو فوٽو ضرور موڪليان ها. پر کانئس گهرڻ نه ٿو پڄي. ملي ويو ته ضرور موڪلي ڏيندوسانءِ.“

                ڇهه مهينا ٻيا به گذري ويا. اصغر وٽان خط بدستور پهچي رهيا هئا. هر خط ۾ ”ڪونج“ جو ئي ذڪر هوندو هو. هڪ خط ۾ اصغر لکيو: ”ڪونج“ امتحان ۾ ڪامياب ٿي آهي، ۽ هوءَ جلد ئي اتان واپس وطن رواني ٿيندي. هفتي کان پوءِ ٻئي خط ذريعي  معلوم ٿيو ته هوءَ اتان واپس وطن رواني ٿي وئي  آهي. مون کي ”ڪونج“ سان ملڻ جو بيحد اشتياق هو. اصغر ان جو فوٽو به ڪو نه موڪليو هو. سو، مون اصغر کي ”ڪونج“ جي پتي لکي موڪلڻ لاءِ چيو ته جيئن ان کي ڏسي سگهان. پر اصغر لکيو ته هو خود اچي مون کي ڏيکاريندو. شايد، کيس ڊپ هو ته مان ڪٿي ”ڪونج“ کي نظري نه وجهان! مان به هانءَ تي پٿر رکي خاموش ٿي ويس.

                هاڻي اصغر کي واپس ٿيڻ ۾ 3 مهينا وڃي رهيا هئا. هن ٻڌايو ته ”ڪونج“ سان سندس خط ڪتابت ڪجهه عرصو ته باقاعده جاري رهي. پر پوءِ خبر نه آهي ته ڇو هن سندس خطن جا جواب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا. ”ڪونج“ جي ان لاپرواهيءَ اصغر کي سخت صدمو رسايو. ان صدمي جي سڪ کي  منهنجي دل به محسوس ڪيو. پر مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ اهو سڀ ڪجهه هوندي به، اصغر مايوس نه هو، کيس يقين هو ته ”ڪونج“ پنهنجي واعدي تي پوري رهندي. هوءَ سندس منتظر رهندي.

                ايئرپورٽ جا لائوڊ اسپيڪر وري گونجڻ لڳا. هوائي جهاز پهچڻ ۾ باقي 5 منٽ هئا. مان بل ادا ڪري اٿيس، ۽ ايئرپورٽ جي کليل ميدان اڳيان پويلين ۾ وڃي بيٺس.

                جهاز مان مسافرن لهڻ شروع ڪيو، ۽ منهنجيون اکيون هر مسافر جي چهري ۾ اصغر کي تلاش ڪرڻ لڳيون. ڪجهه ساعتن کان پوءِ، اصغر منهنجي ڀاڪر ۾ هو. گلي ملڻ کان پوءِ مون اصغر کي ڏٺو، پر اصغر جون اکيون ڪنهن ٻيءَ شيءَ کي ڳولي رهيون هيون. ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس  وساڻل اکيون ڪنهن روشنيءَ جي ڳولا ۾ هيون. مون کي  تعجب ٿيو، پر کانئس ڪو نه پڇيم ته  کيس ڪنهن جي تلاش آهي. اوچتو سندس اکين ۾ روشني پيدا ٿي وئي. ڳلن جي مٿاڇري تي  خون سيمو ڪري آيس. هو سامهون ڏسي رهيو هو. مون ڏٺو، سامهون ڪجهه مفاصلي تي هڪ خوبصورت ڇوڪري ساڙهيءَ ۾ ملبوس نظر آئي. قد ڊگهو، رنگ ڳورو، سندس وار هوا ۾ اڏامي رهيا هئا. ساڻس هڪ گڏ نوجوان به بيٺل هو، جنهن سان گڏ هوءَ ڳالهائڻ ۾  مصروف هئي. اصغر ڇوڪريءَ کي اڃا تائين گهوري رهيو هو.

                ”ڪير آهي؟“ مون پڇيو.

                ”ڪونج!“ اصغر پنهنجيءَ مسڪراهٽ کي وڌيڪ جواني بخشيندي چيو.

                ”اڇا!“

                ”هون! مون کيس پنهنجي واپسيءَ جو اطلاع ڏنو هو. منهنجو استقبال ڪرڻ آئي آهي!

                ”پوءِ تو مون کي ته ٻڌايو ئي ڪو نه هو!“

                ”ضرورت ڪهڙي هئي“ هاڻي چڱيءَ طرح ڏسينس. نظر نه هڻجانس!“

                ”پر هن ته توکي اڃا تائين ڪو نه ڏٺو آهي. خبر نه آهي، ڪنهن سان بيٺي ڳالهائي.“

                ”خبر ناهي، شايد ڀاءُ هجيس. هن ٻڌايو هو ته سندس هڪ وڏو ڀاءُ به آهي. اهو به ڊاڪٽر آهي. هل ته هلون. هل.“

                ڪونج اصغر کي ڏٺو ته هڪي ٻڪي ٿي وئي.  منهن جو پنو لهي ويس. سندس اها حالت ڏسي، اصغر ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو. ”ڪونج“ مسڪراهٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، مون سان هٿ ملايو ڦڪي ۽ بي رنگ مسڪراهٽ. ساعت لاءِ خاموش رهي. آخر ”ڪونج“ زبان کولي. هن پاڻ سان گڏ بيٺل نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”هن سان ملو...... منهنجو شوهر، ڊاڪٽر ياسين! اسان جي تازو شادي ٿي آهي. اسين ”هني مون“ لاءِ سئيٽزرلينڊ وڃي رهيا آهيون. هڪ مهيني کان پوءِ واپس ٿينداسين.... چڱو، اصغر، توسان وري ملي بيحد خوشي ٿي...... ۽ توهان سان به. چڱو، اسان جو هوائي جهاز پهچي ويو آهي، زندگي رهي ته وري ملنداسين.“

                ڪونج ۽ سندس مڙس، اسان سان هٿ ملائي، روانا ٿي ويا، پر اسان جي قدمن جي اڳتي وڌڻ جي قوت به ڄڻ کسي کڻي ويا. گهڙيءَ کن لاءِ اسين بيئي اتي ئي ساڪت ٿيا بيٺا رهياسين. منهنجو ڪنڌ هيٺ هو. اها همت نه ٿي ٿئي ته اصغر کي ڏسان. نيٺ، دل جهلي، اصغر جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتم، ۽ ان کي ڇڪي اڳتي وڌڻ لڳس. بلڪل خاموشيءَ سان، ايئرپورٽ جي عمارت مان ٻاهر نڪري، اصغر، ڪار پارڪ ۾ بيٺل سڀني کان پهرينءَ ڪار جو دروازو کولي ان ۾ اندر گهڙڻ لڳو. هو بي خياليءَ جي عالم ۾ هو. مون زور سان چيو، ”هي ڇا پيو ڪرين؟ هيءَ ڪار پنهنجي نه آهي!“

                ”هون! ته تنهنجي ڪار ڪهڙي آهي؟“ هو ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو هو.

                ”مون پنهنجي ڪار نه آندي آهي. ٽيڪسيءَ ۾ٿا هلون.“

                مون هڪ ٽيڪسيءَ کي اشارو ڪندي چيو.

                ”ڇو؟ ڇو ڪو نه آندءِ؟“

                ”بيڪار ٿي وئي آهي، صفا کٽارو، هر وقت خطرو هوندو آهي ته ڪٿي دوکو نه ڏئي.“

                ”اها ساڳئي ڪار اٿئي نه؟ اها.....“

                ”ها ها، اها ساڳئي آهي ”ڪونج“!“

                اصغر هڪ گهڙيءَ لاءِ مون کي گهوريو، ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. بي پايان ۽ مسلسل ٽهڪ. هو ايترو ته کليو، جو سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. مون کيس کلڻ کان نه روڪيو ۽ سامان ٽيڪسيءَ ۾ رکائڻ لڳس.

(مهراڻ، 2/ 3 1964ع)

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com