سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 24  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

جنڙي

عبدالحق ”عظيم“

 

                ”ڪٿي ويندئو؟“

                ”سدا آباد.“ مون چيو.

                سدا آباد!“ ڪنڊيڪٽر وائڙو ٿي ويو. پهرين ته هو هڪ ئي نظر ۾ مون کي ننهن کان چوٽيءَ تائين ڏسندو ويو، ۽ پوءِ ٽڪيٽ ڏيڻ بنا ئي اڳتي وڌي ويو، آءٌ کيس چانديءَ جو رپيو سڃيندي رهجي ويس.

                ”ابا، اهو ڪهڙو آهي سدا آباد وڃڻ وارو؟“ پويان ڪنهن ٽوڪ سان وڏي سڏ پڇيو.

                ”هيڏانهن آهي هڪڙو!“ پاسي ۾ ويٺل ٻئي ماڻهوءَ چنگ ڏني.

                هاڻي آءٌ پاڻ وائڙو ٿي ويس. چوڌاري ڏٺم، سڀني جون اکيون مون ڏانهن هيون. سڀئي اچرج سان مون کي ڏسي رهيا هئا ڄڻ ته مون ”سدا آباد“ جو نالو وٺي ڪو گناهه ڪيو هو، ڄڻ مون ”سدا آباد“ جو  نالو وٺي سڀني کي چيڙايو هو. چئني پاسن جي تيز نگاهن ۾، مون ٿوريءَ دير لاءِ پنهنجو پاڻ کي ائين محسوس ڪيو، ڄڻ آءٌ هڪ پاڳل هوس، جنهن کي اتفاق سان لاريءَ ۾ چڙهي پوڻ جو وجهه ملي ويو هو. ”آخر ڪنڊيڪٽر مون کي ٽڪيٽ ڇو نه ڏني؟..... هي سڀ ماڻهو مون کي ڇا ٿا سمجهن؟“ آءٌ سوچڻ لڳس، ”سدا آباد، منهنجو ڳوٺ، وطن..... مون کي سدا آباد ئي ته وڃڻو آهي..... پوءِ هي سڀ مون تي عجب ڇو پيا کائين؟......“

                ”ابا، تون سدا آباد وڃين ڇو ٿو؟“ هڪڙي پير مرد ڪي قدر تحيل سان مون کان پڇيو.

                ”ائين منهنجو ڳوٺ آهي.“

                ”ڪڏهن ويو آهين ويجهڙائيءَ ۾؟.... هونئن تون هينئر ڪٿي رهين؟“

                هينئر ته آءٌ شهر ۾ رهندو آهيان  پهرين پڙهندو هوس، هاڻي نوڪريءَ ۾ آهيان. اسين ٻارهن سال ٿيا ته لڏي اچي شهر ويٺا آهيون، تڏهن کان وري سدا آباد وڃڻ ڪو نه ٿيو آهي اڄ پيو وڃان.“

                ”تڏهن ٺهيو. ابا، هاڻي تون سدا آباد ڇو ٿو وڃين، وڻئي تيڏانهن وڃ، پر اتي اٿئي رڳو ڪاريءَ وارا ڪک! ڪي به ڪين اٿئي. او ....... اصل ڀڙڀانگ بيران لڳو پيوآهي، ڳوٺ سڄو اٿي ويو، ماڻهو ئي ڪونهي!.....“

                ”اڙي، هوءَ جنڙي جا آهي. وچ ۾ ئي، منهنجي پاسي ۾ ويٺل همراهه انڪشاف جي انداز ۾ رڙ ڪئي.

                ”هائو هائو!..... جنڙي ته هينئر به دڳ جهليو بيٺي هوندي!“ ٻئي چيو.

                ”اها سدائين دڳ جهليو بيٺي آهي. لاري ٿي ڏسي..... ته اصل ڇتي ٿيو پوي!“ ٽئي چيو.

                ”لاريءَ تي اچي ٿي!....... پر هاڻي ته ڊرائيور به سڃاڻي ويا اٿس، بيهارين ئي ڪو نه!“

                ”وس گهڻيئي ٿي ڪري هٿ لوڏي، واڪا ڪري، مٿو منهن پٽي، پوءِ پڇاڙيءَ جو لاريءَ پٺيان ڪاهيو پوي...... ڳچ پنڌ تي ڊوڙي!“

                ”ٿيا به ڪي ورهيه اٿس اها ئي کيتي اٿس. شروع شروع ۾ ٻه ٽي دفعا ڪو لاريءَ وارن کي رحم اچي ويو، ته چڙهي آئي مٿي. هڪڙي هڪڙي پاسينجر کي منهن ۾ غور سان چتائي چتائي، نهاريو، وريو ڪنڌ  لوڏي! اکيون جي ڦاڙي ٿي، ماڻهوءَ کي ڊپ وٺيو وڃي! پوءِ ته پاڻمرادو آهستي آهستي لهيو وڃي. ڪيهون ٿي ڪري ڇا! لاريءَ مان لهيو، وٺيو جو اوڇنگار ڏئي ته ماڻهوءَ کي رحم اچيو وڃي!..... پوءِ، ڌڻي ڄاڻي، مطلب ته الائي ڇا اٿس. هاڻي ته لاري بيهي ڪا نه، پر جنڙي انهيءَ دڳ تي ڀيرو ڪڏهن ڪو نه گسايو!“

                سڄي لاريءَ ۾ چڱو خاصو بحث شروع ٿي ويو. جنهن کي جيڪا معلومات هئي، سا پيش ڪرڻ لڳو. منهنجي پاسي واري همراهه وري انڪشاف ڪيو:

                ”چون ٿا ته اها  جنڙي ماڻهوءَ کي ماريو کايو ڇڏي!“

                ”ٻه سال کن ٿيا ته اسان به ٻڌو هو ته هڪڙي ڇوڪري کي ماري، ان جي چمڙي لاهي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيائين پوءِ ڏهن ڏينهن تائين پئي ان جو گوشت کاڌائين!.....“ اڇي ڏاڙهيءَ واري اها ڳالهه اهڙي اعتماد سان ڪئي، ڄڻ ته اهي ڏهه ڏينهن هو پاڻ جنڙيءَ سان گڏ گوشت کائڻ ۾ شرڪي هو.

ٻيو چوڻ لڳو: ”اها ته ٻن سالن جي ڳالهه ٿي، پر اڃا تازو هڪڙو ٻن مهينن جو قصو ٿو ٻڌايان.... هن ڏائڻ رن جو ته پاڇو به بڇڙو آهي! اسان جي ڳوٺ جي هڪڙي همراهه کي اڦٽ ماري وڌائين- هي بُت هوس، ڪنڌار  جوان..... لاري ڇُٽي ويس، رات وڳڙو هو، پنڌ ئي پنڌ اچي ڪو انهيءَ بڇڙيءَ سدا آباد کان لنگهيو..... رات ئي اها، چيلهه صفا وٺجي رهيس..... صبح جو همراهه ڄڻ هو ئي ڪو نه!“

                ماڻهو سڀ مٿ ٿي ويا. آءٌ به ذري گهٽ دهلجي ويس. لاريءَ جي سڀني ماڻهن کي جنڙيءَ جي خبر هئي، ۽ سڀني ماڻهن کي جنڙيءَ جون عجيب غريب ڳالهيون معلوم هيون. هو سڀ هڪٻئي کي پنهنجون پنهنجون ٻڌل ڳالهيون ٻڌائي رهيا هئا، ته ڪي هن جي آدمخوريءَ ۽ نحوست جي عجيب واقعن کي ورجائي رهيا هئا. منهنجي دل به اهي خوف جون ڳالهيون ٻڌي گهٻرائي رهي هئي. ڪنهن وقت جيڪڏهن منهنجي طرف ڪنهن اڇاتري نظر ٿي ڪئي، ته آءٌ عجيب ٻڏ- تر جي حالت ۾ مبتلا ٿي ويس ٿي ڄڻ ته هو اکين ئي اکين ۾ ائين چوندو هجي، ”ٻڌين پيو سدا آباد جون ڳالهيون؟ اتي جنڙي ٿي رهي، جيڪا ماڻهن کي کايو کپايو ڇڏي!“ جنڙيءَ جو ڀيانڪ تصور، منهنجي ذهن ۾ طرح طرح جا انداز اختيار ڪري رهيو هو. ڪنهن وقت آءٌ جنڙيءَ جو ڪارو ڪارو پاڇو منهنجي مٿي تي لهرائي رهيو هو، ۽ آءٌ بيماريءَ جي بستري تي پويان پساهه کڻي رهيو هوس ۽ ڪنهن وقت  وري پنهنجو پاڻ کي بلڪل مري ويل ڏسي رهيو هوس- منهنجي چمڙي مٿي وڻ  ۾ ٽنگيل هئي، ۽ جنڙي منهنجو ماس ۽ هڏا کائي رهي هئي!

                لاري پنهنجي پوري رفتار سان هلي رهي هئي. سدا آباد جيئن پوءِ تيئن ويجهي ٿي پوندي ٿي وئي، ۽ آءٌ اڃا اهو فيصلو نه ڪري سگهيو هوس ته مون کي ڇا ڪرڻو هو سدا آباد لهي پوندس، اڳتي هليو ويندس، يا ڪٿي وچ تي ئي ترسي پوندس؟ سدا آباد کان سواءِ، ٻيو مون کي وڃڻو به ڪيڏانهن هو؟ ورهين کان پوءِ پنهنجي لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. دريءَ کان ٻاهر، پري  پري تائين خلائن ۾ نهاريندي. آءٌ پنهنجي سوچ ۾ بلڪل محو ٿي رهيو هوس، ته جنهن پير مرد مون سان پهرين سوال جواب ڪيو هو، ۽ جيڪو هيترو وقت خاموشيءَ سان فڪرمند بڻيو ويٺو هو، تنهن مون کي مخاطب ٿي چيو:

                ”ابا هاڻي سدا آباد جون خبرون ته تو سڀ ٻڌيون، منهنجو ڳوٺ ويجهو آهي، رات جا چار پهر هلي اتي گذار، پوءِ صبح جو خيرن سان موٽي اچج..........  هروڀرو ڇو ٿو جزا ۾ هٿ وجهين؟ ٻئي ڪندي به اتي آهي ڪجهه ئي ڪو نه. هروڀرو وڃي هلاڪ ٿيندين. تو کي سدا آباد ڏسڻي آهي، سا اتي لاريءَ مان ڏسي ڇڏج....“

                ”چاچا ڀلي سدا آباد به اچي.“ مون ائين ئي، اڻ فيصلي واري انداز ۾ جواب ڏنو.

                ”تنهنجي مرضي، بابا، مون ته توکي چڱي چئي آهي.“ پير مرد ائين چئي ماٺ ٿي ويو.

                ”همراهه جي مرضي مڙئي اڃا به سدا آباد تي آهي.“ اڇي ڏاڙهيءَ واري ٽوڪ هنئي.

                ”هيتريون ڳالهيون، هيتريون مُهاڙيون، تڏهن به ڀائوءَ کي سدا آباد ضرور وڃڻو آهي! ميان، ڪي ڏاهو ٿي، ڇو ٿو پنهنجو سر وڃائين!“ هاڻي ڪنڊيڪٽر به مون کي سمجهائڻ لڳو هو.

                ”ڀلي ته سدا آباد جي سڪ به لهيس. هي اڄڪلهه جا جوان انهن ڳالهين کي مڃيندا ئي ڪو نه!“ اڇي ڏاڙهيءَ واري ٻي چوٽ ڪئي: ”ابا، تون وڃ، ....... سدا آباد تنهنجو ڳوٺ آهي نه، اتي ڏاڍا باغ بنگلا لڳا پيا آهن..... ويچاري جنڙي تو لاءِ طعام تيار ڪري ويٺي هوندي!“

                ”اڙي پر چاچا، اوهان ڇو اچي ويچاري کي اجايو تنگ ڪيو آهي؟ هر ڪو پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي.“ اڳين سيٽ تان هڪڙي سنهڙي جوان چاچي کي وچ ۾ روڪيو:

                ”آخر هي به انسان آهي، حياتي سڀ ڪنهن کي مٺي آهي، جيڪڏهن ڄاڻي ٻجهي وڃي پاڻ کي هائيءَ ۾ هڻندو ته سندس مرضي!..... جنڙيءَ جون ڳالهيون ته اوهان به سڀ ڪري ڪري دنگ ڪيون ڪنن سان ويٺي ٻڌائين- هاڻي مڃي نه مڃي، ڌڻي وس وارو آهي. جنڙيءَ کان اڳ ۾ هن جو ساهه ته اوهين پيا ڪڍو!“

                ”ڀائي، نيت مراد سندس، ڪنهن جي قبر ۾ ٿورو ئي پئبو، ڇڏي ڏيوس!“ ڪنڊيڪٽر چيو.

                ڪنديڪٽر پويان لفظ اهڙي انداز ۾ چيا جو مون ائين محسوس ڪيو ته هاڻي مون کي روڪڻ لاءِ شايد ڪو به زور ڪو نه ڀريندو. ۽ سچ پچ ته ان کان پوءِ سڀ خاموش ٿي ويا. ”هاڻي ته مون کي سدا آباد تي ضرور لهڻو پوندو!“ ائين سوچيندي ئي گهڙيءَ لاءِ ته منهنجو بت ڄڻ ساهه ڇڏي ويو. هونئن ته جنن ڀرتن تي منهنجو ويساهه بلڪل ڪونهي، پر ڳالهيون سڀني اهڙيون پئي ڪيون جو آءٌ سچ پچ ته ضرورت کان زياده دڄي رهيو هوس.

                هاڻي سدا آباد کي ڪو ميل ڏيڍ پنڌ وڃي رهيو هو. دل ۾ ڪئين دليل پيدا ٿيڻ لڳا. ذهن بلڪل تيزيءَ سان ايندڙ گهڙين لاءِ سوچڻ لڳي ويو: ”آخر هي ماڻهو جنڙيءَ جا ورهين کان واقف آهن، آخر ڪا ته ڳالهه هوندي!..... ڀلا، جڏهن سدا آباد جو ڳوٺ ئي ڦٽي ويوآهي ته پوءِ اتي وڃڻ جو ضرور ئي ڪهڙو؟...... پر هاڻي واپس به ڪيڏانهن وڃبو؟...... آخر هن لاريءَ مان ته لهڻو ئي آهي!...... ۽ جيڪڏهن جنڙيءَ مون کي ڏسي ورتو ته  پوءِ.....؟ پوءِ....؟ مون کي ماري ڇڏيندي!..... ڇو ماريندي؟ ڪيئن ماريندي؟...... جيڪڏهن ان ۾ ايڏي طاقت آهي ته پوءِ لاريءَ کي ڇو نه ٿي ڪيرائي ڇڏي؟ تڏهن هن جي پاڇي پوڻ سان ماڻهو ڪيئن ٿا مريو وڃن؟ تڏهن ڀلا هي سڀ ماڻهو ڪوڙ ٿا ڳالهائين ڇا؟..... پر اهي سڀ ماڻهو ڪو جنڙيءَ سان روبرو ڳالهائي به آيا آهن ڇا؟ يا وري جنڙي پاڻ هنن کي اچي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي ويئي آهي؟...... ماڻهن کي هونئن به تيليءَ مان ٿنڀ بڻائڻ جي عادت ٿيندي آهي.... هي ته سادا سودا  ڳوٺاڻا ماڻهو آهن، جيڪي ٻڌن تنهن تي ويساهه ڪن..... تڏهن ته هي دوا بدران تعويذ ڪرائين، تڏهن ته هنن کان هر ڪو ڦريو کايو وڃي، تڏهن ته هي بکيا ۽ بيحال آهن!...... ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪونهي، جنڙيءَ ٻنڙيءَ جو خيال سڀ فضول آهي!.....

                هوندي، مون کي ڇا ڪندي؟ آءٌ ته پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، سدا آباد!“ يڪايڪ پنهنجي وطن جي پياس جو جذبو ڦاٽ کائي اڀري آيو ڪيئن به هجي، آءٌ اوڏانهن ضرور ويندس!“ بنا ڪنهن وڌيڪ ويچار  جي ، مون سدا آباد تي لهي پوڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو، ۽ دل کي طرح طرح جا ڏڍ ڏيئي، ان لاءِ تيار ڪري رهيو هوس ته جيئن ئي سدا آباد جي سرزمين ايندي آءٌ هڪدم لاريءَ مان لهي پوندس.

*                                *                                *

                لاري هاڻي سدا آباد کان صرف سڏ پنڌ تي هئي. پري کان سدا آباد جا ويران نظارا نظر اچي رهيا هئا. وڏا وڏا سريل جا وڻ، جن جون ڦريون اسين ننڍي هوندي پيرن سان ٻڌي ڇم ڇم ڪري نچندا هئاسين، سڪي سڙي ويا هئا. جتي اڳ ٻنين ۽ باغن جي ساوڪ ۽ هٻڪار هئي، اهي غير آباد زمينون ڄڻ صدين کان پاڻيءَ جون پياسيون معلوم ٿي رهيون هيون. ڪا به اڏاوت ثابت ڪا نه هئي، سر سر کان الڳ هئي سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ڊهندڙ ڀتين جي، جيڪي لهندڙ سج جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ پري کان فقط پاڇولن جي ڏيکاري ڏيئي رهيون هيون. البته هڪڙي چار ديواري سا قائم هئي، جيڪا پنهنجي ويرانيءَ ۽ زبونيءَ جي زبان سان هن ڳوٺ جي اڳئين اوج تي نوحه خواني ڪري رهي هئي. چوڌاري ننڍن دڙن جو هڪ وڏو سلسلو ڦهليل هو، ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جي موجودگيءَ جا آثار ئي نظر نه ٿي آيا.

                ”اوجها، ويٺي آهي رن ڏائڻ!“ ڊرائيور جي اوچتي رڙ سان منهنجا وار اڀا ٿي ويا. خوف جي هڪ مبهم احساس، دل کي ٿوريءَ دير لاءِ وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو. دريءَ کان ٻاهر ليئو پاتم. هڪ ابتر حالت عورت، ٻانهون لوڏيندي جهومندي، لاريءَ جو رخ رکيو پئي آئي.  لاري شرڙاٽ ڪندي سندس اڳيان نڪري وئي، ۽ هوءَ پويانڊوڙندي، واڪا ڪندي، چڱي پنڌ تائين هلي آئي.

                ”ڀائو، ڇا خيال آهي...... لهندئو يا.....؟“ ڪنڊيڪٽر پڇيو.

                ”ها“

                منهنجي انهيءَ جواب تي سڀ حيران ٿي رهيا هئا. سڀئي مون کي عجيب عجيب نظرن سان ڏسي رهيا هئا. ڪن جي اکين ۾ بي انتها همدردي هئي، ته ڪي مون کي انتهائي قسم جو احمق سمجهي رهيا هئا، ليڪن منهنجي همت انهن سڀني کي ڪجهه ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. لاري ڳچ پنڌ اڳتي  هلي بيهي رهي. آءٌ هيٺ لهي رهيو هوس ته اندران ڪو چئي رهيو هو: ”ٻيلي، مڃين نه ٿو، باقي ڏسجئين ويٺو، ڏاڍو هلاک ٿيندين!“ پر هاڻي لاري هلڻ لڳي هئي، ۽ مون کي ڌوڙ جي بادلن ۾ لٽيندي، جلد ئي گهڻو پري نڪري وئي.

                جڏهن رستو لاريءَ جي لٽ کان صاف ٿي ويو، ته مون پوئتي هلڻ شروع ڪيو. سدا آباد جي سرزمين تي پهچي، ٿوري دير لاءِ دل کي هڪ خاص قسم جي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي. ليڪن جيئن ئي مون کي پنهنجي مڪمل تنهائي جو احساس ٿيو، ته قدم  خود بخود رڪجڻ لڳا. آسپاس جي ماحول تي نظر ڦيرايم، پهر به ڪا نه هئي. نما شام جو وقت هو، ۽ هوا تمام ڇوٽ پئي هلي، پر منهنجي پيشاني پگهر سان تر ٿي رهي هئي. اوچتو ئي، هوا ۾ رڙين ۽ دانهن جا تيز پڙلاءَ گونجي ويا، ۽ رستي جي موڙ کان جنڙي ايندي نظر آئي. منهنجو ساهه مٺ ۾ اچي ويو. جيڪو قدم جتي، سو تتي سڪ ٿي ويو. ”ها ها ها ......!“ جنڙيءَ مون کي ڏسي ورتو هو. هوءَ اتان ئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي، مون ڏانهن ڪاهيندي آئي. ٿورو پرتي پهچي هوءَ بيهي رهي، ۽ عجيب عجيب نظرن سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي ڄڻ ته کيس منهنجي موجودگيءَ جو يقين ئي نه پئي آيو. پوءِ هوءَ تيزيءَ سان مون ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ تهان ئي وڏا ۽ هيبتناڪ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيائين. هن جي خطرناڪ قسم جي ٽهڪن ۽ انتهائي ڀوائتيءَ شڪل منهنجا حوصلا توائي ڪري ڇڏيا. آءٌ جتي هوس، اتي ئي ڄمي رهيس. هوءَ بنهه ويجهي پهچي آئي، ۽ منهنجي اڳيان اچي، بلڪل عجب طرح سان ٺينگ ٽپا ڏيڻ ۽ جهمريون هڻڻ ڳي. اڌيڙ عمر جي ضعيف عورت، منهن ۽ بت ڀڀوت، اکيون ڦوٽاريل، وار کنڊريل جن ۾ چيڙهه ۽ مٽيءَ جا ٻڪ، ڪپڙا ليڙون ليڙون جن مان سندس عرياني پئي ظاهر ٿي، پيرن تي گري جا تهه بلڪل جنڙيءَ جهڙي ڏيکاري ڏئي رهي هئي! نچندي ۽ جهمريون هڻندي، هن منهنجي چوڌاري ڦرڻ شروع ڪري ڏنو. جهيڻي جهيڻي آواز ۾ ڪجهه جهونگاريندي رهي، ڦرندي رهي.... شام جا پاڇولا، ڦهلجندي ڦهلجندي، رات جي اونداهيءَ ۾ تبديل ٿي رهيا هئا، پر هوءَ اڃا تائين پنهنجو رقص ڪندي رهي هئي ۽ آءٌ اڃا تائين هڪ محدود دائري ۾ قيدي بڻيو بيٺو هوس. سمجهه ۾ ئي نه پئي آئيم ته ڇا ڪريان. ٽنگون بنهه ڪاٺ، هوش حواس گم، همت ڪم  ڏئي نه، عقل جنڙيءَ جي گهيريءَ ۾، پنڊ پهڻ بڻيو، بيوس بيٺو رهيس. ڳچ دير کان پوءِ هن وري  ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا ”ها ها ها ها ها ها “......... ها ها ها ها ها ها! ....... ها ها ها ها ها .....!“ ۽ منهنجي منهن ۾ غور سان ڏسندي، ڪڙڪيدار آواز ۾ چوڻ لڳي. ”منهنجي پٺيان اچ!“ هوءَ اڳيان آءٌ پويان ڄڻ جلاد ڦاهيءَ چاڙهڻ وٺيو پئي ويم.

                سنهن سوڙهن پيچرن مان، ڪنڊا ۽ ڪرڙ  لتاڙيندي، هوءَ اچي انهيءَ چار ديواريءَ وٽ بيٺي، جنهن کي مون لاريءَ مان پري کان ڏٺو هو، ۽ جنهن کي کٻڙن ۽ ڪانڊيرن جا جهڳٽا گهيريو بيٺا هئا. هن هڪ پاسي کان ڍنگهر هٽايو، ۽ اندر هلڻ لڳي. اندر پهچي، پٽ تي پيل هڪ تڏي ٽڪر تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين، جنهن جون تندون ڪي باقي وڃي بچيون هيون. مون چپڙي ڪري حڪم جي تعميل ڪئي، ۽ پوءِ هوءَ ساڳيءَ طرح جهومندي ۽ ٽهڪ ڏيندي پاسي واريءَ ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي.

                منهن اونداهي اچي ٿي هئي. اندر ڪافي اوندهه هئي، پر ڀتين جي ڀڳل پاسن مان ڪي قدر ٻاهر جو سوجهرو اچي رهيو هو. اڪيلو ئي اڪيلو، ههڙي مصيبت جي حالت ۾ پنهنجي موت جون گهڙيون شمار ڪندي،مون کي پنهنجا ڀائر ۽ ڀينرون، ماءُ ۽ پيءُ ياد اچي ويا. گذريل زندگيءَ جا واقعا فلمي پردي جي سينرين جيان اکين آڏو اڀري آيا. عزيزن ۽ دوستن سان گذريل گهڙيون، پيار ۽ خوشيءَ جون انيڪ يادگيريون، سڀ مون کي ان وقت بيحد بيقرار بڻائي رهيون هيون. لاريءَ جي سموري سرگذشت کي ياد ڪري، آءٌ پنهنجي نصيب تي ڄڻ روئڻ لڳس. مون کي اهي آخري لفظ به ياد اچي رهيا هئا: ”ٻيلي، مڃين نه ٿو، باقي ڏسجئين ويٺو، ڏاڍو هلاڪ ٿيندئين!“ .... مون کي پنهنجي موت جو ايترو يقين ٿي ويو هو، جو آءٌ هتان ڀڄي نڪرڻ جي همت به نه ٿي ساري سگهيس، چپ چاپ، اهو انتٺظار ڪري رهيو هوس ته جنڙي ڪهڙيءَ طرح ٿي اچي منهنجا پساهه پورا ڪري، ۽ منهنجي چمڙيءَ کي ماس کان الڳ ڪري!

                ائين ئي، اوچتو هن منهن ڪڍيو. هڪڙي هٿ ۾ پتل جو ڪسيل لوٽو ۽ ٻئي هٿ ۾ مانيءَ جو ٽڪر کڻي اچي اڳيان بيٺي، ۽ خلاف توقع، پيار ڀرئي لهجي ۾ چيائين: ”توکي بک لڳي هوندي!“ وري چيائين: ”تون ٿڪجي پيو هوندين!“ پاڻي ۽ ماني منهنجي اڳيان ڇڏيندي، هوءَ وري به ڪوٺي ۾ هلي وئي. بک ڪهڙي ڪمبخت کي هئي اها ته ڪڏهوڪو مري چڪي هئي. نڙي البته سڪي وئي هئي، هٻڪندي هٻڪندي، پاڻيءَ جو لوٽو پي ڇڏيم. هوءَ وري هڪ ڦاٽل رلهي کڻي آئي، جنهن جو  ڪو به پلئه سڄو ڪو نه هو، ان کي ٻيڻو ڪري پٽ تي وڇايائين. ”هتان سولو ٿي ويهه“ ائين چئي، هوءَ پاڻ به منهنجي سامهون ويهي رهي. پر هاڻي مون ڏٺو ته هوءَ ڪپڙن کي ڇنڊي ٺاهي، هٿ منهن تي پاڻي وجهي، وار سنوان ڪري، چڱي موچاري، ڏسڻ جهڙي ٿي آئي هئي، ۽ سندس چهري تي ڳنڀيرتا ۽ نمرتا جا آثار نمايان هئا.

                چنڊ مٿي چڙهي آيو هو، ۽ ان جا ڪرڻا، ڀت جي پاسيري ڏار مان گذرندا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ اچي ٿي پٽ تي پيا. هوءَ منهنجي سامهون ويٺي، مون کي تکين تکين نظرن سان گهوري رهي هئي. مون کي سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو ته منهنجي ڪهڙي حالت ٿيڻ واري هئي. اوچتو ئي اوچتو، هن کي الائي ڇا ٿي ويو ”ها ها ها هاها ! ...... ها ها ها ها ! ....... ها ها ها ها ها ها!“ هوءَ وري زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي.

                ”آءٌ سمجهان ٿي، تون ڊنو آهين!...... ها ها ها!...... ها ها ها ! ...... ها ها ها ها !...... تون ڊنو آهين؟ ........ ها ها ها ها ها.... اڙي چريا، ماءُ کان ٿو ڊڄين!....... ها ها ها!........ تون ڊڄين ٿو...... موهن! توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ لڪشمي هجي ها ته ڪڏهن نه ڊڄي ها! ...... ها ها ها ها ! ..... توهين سڀ مون کي اڪيلي ڇڏي هليا ويا....... پر مون اوهان کي ڪڏهن ڪو نه وساريو! ڪڏهن ڪو نه وساريو...... ها ها ها ها ها ....... ها ها ها ها ها....... ها ها ها ها ها !“ هوءَ الائي ڇا چئي رهي هئي. سندس زوردار ٽهڪن سان سڄي سدا آباد گونجي رهي هئي. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سڄي ڪائنات، چنڊ ۽ ستارا، ڌرتي ۽ آسمان سڀ لرزي رهيا هئا، ۽ هن جي ٽهڪن جي گونج سڄيءَ دنيا ۾ پهچي رهي هئي.

                هان هوءَ وري ڳنڀير ٿي وئي، ۽ ڪجهه سوچيندي سوچيندي ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻاهر آئي، ته هٿن ۾ ڪرشن ڀڳوان جي مورتي، هڪ ڪٽوري، لوبان ۽ ڪجهه اگربتيون کڻي آئي. مورتيءَ کي ڀت سان بيهاري، واس کوائي، بيحد قرب ڀرئي لهجي ۾ مون کي چوڻ لڳي: ”موهن، اچ پرارٿنا ڪريون!“ آءٌ پرارٿنا لاءِ اٿي، سندس پاسي ۾ ٿي ويٺس. هوءَ هوريان هوريان جهومي رهي هئي، ۽ ڪجهه آلاپي رهي هئي. ڪجهه دير کان پوءِ مون ڏانهنس نهاريو. مون کي هينئر هن جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ نظر آئي ائين پئي ڀانيو، ڄڻ ته کيس اها من جي شانتي ملي وئي هئي، جنهن لاءِ هوءَ ورهين کان وٺي تلاش ۾ هئي. آهستي آهستي، هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. گهڻيءَ گهڻي دير تائين، بلڪل خاموش ۽ بي حرڪت بڻي، هوءَ اندر جو آنند ماڻيندي رهي..... ۽ پوءِ، اوچتو ئي، يڪ به يڪ هوءَ مورتيءَ جي اڳيان ڪري پئي. هوءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چئي رهي هئي: ”موهن!............... تون هاڻي موٽي وڃ..... مون کي آرام ڪرڻ ڏي..... لڪشميءَ کي ڀاڪر پائج...... ۽ ......“ هوءَ وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهي. سندس ساهه گهٽجي رهيو هو. هن آخري مرتبو پنهنجين ٻڏندڙ نگاهن سان مون ڏانهن نهايرو ۽ پوءِ وري اکيون پوري ڇڏيون....... نگاهون نه هيون، مامتا جي محبتن ۽ حسرتن جو اٿاهه ساگر هو، جنهن جي هڪ ڇوليءَ ۾ آرزوئن جا هزارين افسانا سمايل هئا. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو. ڄڻ هيءَ منهنجي ماءُ هئي، جيڪا سدا آباد جي هن سڃ ۾ فقط منهنجي انتظار جي سهاري جي رهي هئي! منهنجي اکين ۾ عقيدت جا ڳوڙها تري آيا، ۽ هن جي ڪنڌ کي آهستي آهستي کڻي، پنهنجي گوڏي تي رکيم، پوءِ، گهڻي ادب ۽ احترام سان، مون هن جي چتا جوڙي، ۽ تمام حب ۽ اخلاص سان هن جي پاڪ روح لاءِ رعائون گهرندو رهيس.

                چنڊ لهي رهيو هو، ۽ صبح جو سهائي آهستي آهستي اسري رهي هئي، ته آءٌ ڪريا ڪرم جي ڪم سان فارغ ٿي چڪو هوس. ان وقت مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سدا آباد منهنجي ”ماتر ڀومي“ آهي، جنهن ۾ منهنجي مقدس ماءُ جو روح سدائين لاءِ آرامي آهي.

(مهراڻ، 1 ، 2 1960ع)

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com