سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رهيل قرض

باب: --

صفحو :5

 

عيد جي خرچي

رمضان مهيني جي اوڻٽيهين تاريخ اينديئي هر ڪو چنڊ ڏسڻ لاءِ آتو هوندو آهي. عيد جي چنڊ ڏسڻ ۾ اهڙي خوشي سمايل آهي جا هر ڪو ماڻڻ گهرندو آهي. پوءِ ڀلي هن روزا رکيا هجن يا نه. ماڳهين بي روزائتن کي ويتر وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي. رمضان جي مهيني جو اهو گڻ آهي ته هو ماڻهن لاءِ خوشيون ٿو آڻي. بازارين ۾ وکرن جا اگهه چوٽ چڙهيو وڃن؛ هوٽلن ۾ پڙدا لڳايو خوب ڪمائي ڪئي ٿي وڃي. پر اڄ اوڻٽيهين نه ٽيهين تاريخ هئي ۽ رمضان جو مهينو اڄ پورو ٿي رهيو هو. گهر گهاٽن وارا ڇتين تي چڙهيو چنڊ ڳولهڻ جي جاکوڙ ڪري رهيا هئا ته غريب غربو هيٺائين تي روڊن تان چنڊ ڏسڻ ۾ لڳو پيو هو.

جيترو جيڪو امير هوندو اتروئي هو مٿان چنڊ ڏسندو ۽ جيترو جيڪو غريب هوندو اوتروئي هو هيٺان چنڊ ڏسندو اهو ئي چنڊ ڏسڻ جو عام دستور آهي. ساران به پنهنجي پاڙي وارن جي گهر وڃي کڏ تي چنڊ ڏسڻ لاءِ ويئي هئي؛ پر اتان جو دڙڪا مليس، جو روزي جي آخري حصي ۾ روزي دارن کي مڙيئي ڪاوڙ گهڻي هوندي آهي، هيٺ ڀڄندي اچي پيءَ وٽ بيٺي.

”بابا اڄ چنڊ نه ڏٺو ته ڇا عيد نه ٿيندي؟“

”نه پٽ اڄ ته چنڊ ضرور ٿيندو.“

”پر جي ڪالهه وانگي اڄ به نه ڏٺو ته!“

”اڄ ته چنڊ پڪ ٿيندو. اڄ ٽيهون روزو آهي نه.“

”مقو ٻڌئي، بابا چئي ٿو ته سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي.“

ٻاهر اڱڻ ۾ مقبول باڙديءَ سان پاڻيءَ جا ڏول ڀري مَٽ ۾ وجهي رهيو هو. هن ساران جي آواز تي ڪنڌ ڦيرايو ئي مس ته ساران سندس آڏو پهچي چڪي هئي.

”ٻڌئي، بابا چئي ٿو ته سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي“ ساران کيس اها خبر ٻڌائيندي، آڪڙ ۾ اچي وئي. ڇو جو هن سمجهيو ته اها خبر هن کي مقبول کان اڳواٽ پئي هئي. ڪنهن ڳالهه جي اڳ ۾ خبر پوڻ جي خوشي ٻارن کي ته ٺهيو پر وڏن کي به ٿيندي آهي.

”اڙي ڇورا! جهٽ ڪر ڪلاڪن کان مس مس هڪ باڙدي ڀري آيو آهين. اڃا ٻي به ڀرڻي اٿئي. ”ماڻس رڙ ڪئي .

۽ مقبول تڪڙو تڪڙو مَٽ ڀرڻ لڳو. هن جي سامهون نل تي لڳل دلن ۽ باڙدين جي ڊگهي قطار ڦري ويئي، مقبول باڙدي خالي ڪرڻ شرط، تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيو ۽ نل ڏانهن وڃڻ لڳو. ساران جا ماڻس جي مقبول تي نڪتل ڇڙٻ تي چپ ٿي وئي هئي سا به مقبول جي پويان نڪري آئي. کيس مقبول ۾ جو شڪ هو، سو پڪ ۾ بدلجڻ لڳو. مقبول کيس صاحب جي گهر عيد جي خرچي وٺڻ لاءِ نه وٺي ويندو. اڪيلي سر سڄي خرچي ڦٻائي ويندو. انهن ويچارن ۾ هوءَ ڳچ دير بنا ڳالهائڻ جي پويان پويان لڳي آئي. سانت جو احساس ٿيندي ئي، هوءَ مقبول کان پڇڻ لڳي؛

”ادا مقو، سچ ٻڌاءِ تون اڪيلو خرچي وٺڻ وڃين ها ڀلا؟“ ساران جي آواز ۾ نراسائي هئي، آزي نيزاري هئي.

”توکي ڀلا ڪيئن ڇڏي ويندم.“

”ڏس ادا مقو، پڪ نه؟ مان تنهنجي هر ڳالهه مڃيندي آهيان نه“ ساران ٻاڏائيندي چيو.

”ها، وٺي ويندو مانءِ نه، مٿو نه کاءُ!“

۽ ساران جي منهن تي خوشي جي لهر موٽي آئي.

هن جي اکين اڳيان صاحب جو گهر، گهر جا ڀاتي، اتي ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ روپئي روپئي جا نوٽ گهمي ويا.

ساران موٽي اچي وري پيءُ وٽ بيٺي، وري ٻيهر پيءُ کان عيد جي پڪ وٺڻ لاءِ. ٻاهر ماڻهن به پئي چيو ته سڀاڻي عيد آهي پر هاڻ ساران ڪنهن ۾ ويساهه نه پئي رکيو.

”بابا سڀاڻي عيد پڪ ٿيندي نه! چنڊ نه ڏسجي پوءِ به،!“ ساران وري اتاوليءَ مان پڇيو.

”پٽ سڀاڻي عيد آهي اصل پڪ سان، چنڊ نه ڏسجي ته، ته به عيد آهي سمجهيئي! هوڏانهن عربستان ۾ ته ٻه ڏينهن اڳ عيد ٿي به ويئي!“

”اهو وري ڪيئن؟ چنڊ ته اڄ ڏسبو، پوءِ اتي عيد ڪيئن ٿي؟“ ساران اچرج ۾ پيءُ جو منهن تڪڻ لڳي، پريان ماڻس اهي ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، هوءَ ساران جي سوال جي وراڻي ڏيڻ کان رهي نه سگهي.

”اتي عربستان ۾ مڪو مدينو آهن نه، اتي الاهه جي حڪم سان چنڊ اڳ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.“

”هان بابا؟“ ساران ماڻس تي ويساهه نه ڪندي، پيءُ کان پڇيو.

”ها بالا! الاهه جي حڪم سان هن کان به وڏا ڪم پيا ٿين!“ پيءُ ماڻس ڏانهن نهاريندي چيو.

چنڊ رات خوشيءَ ۾ ڪيتري دير تائين جاڳندي رهي ۽ ماڻس کاڻ آڏا اُبتا سوال پڇندي رهي.

”اما، هو سونا ايرنگ وڪامي ته نه ويندا؟“ ساران کي ڊپ هو ته هوءَ دوڪان تي جي ايرنگ ڏسي آئي هئي سي عيد جي خرچيءَ مان هوءَ جيسين خريد ڪري تيسين وڪامي ويندا.

”نه ڌيءَ،اها هڪڙي جوڙي ته ڪانهي جو وڪامي ويندي دوڪان تي اهڙيون گهڻيون ئي جوڙيون پيون هونديون.“

”پر امان جي سڀئي وڪامي ويا ته؟“ ساران جو شڪ اڃا قائم هو.

”اتان نه مليا ته پڻهين بازار مان وٺي ڏيندءِ.“

ماڻس کيس آٿت ڏني.

”پر امان بازار ۾ اهڙا ايرنگ هوندا؟“

هن کي پڪ هئي ته سندس پسند جا ايرنگ جڳ ۾ رڳو هڪ ئي دوڪان تي هئا.

”ها ها، هوندا، ان کان به سٺا. هاڻي ماٺ ڪري سمهي رهه.“ ماڻس هاڻ ڪڪ ٿيڻ لڳي.

”امان ڀلا هي سونا ڪونهن ڇا؟“ ساران کي وري هاڻ ٻئي الڪي اچي ورايو.

”ٻڌايو ڪونه هو مانءِ ته اهي نقلي آهن نقلي، سون جا ايترا مهانگا آهن جو پڻهين به نه ٿو وٺي سگهي!“

”پوءِ جيڪي سونا ايرنگ هوندا آهن، اهي ڪير وٺندو آهي؟“

”سون اميرن لاءِ هوندو آهي ۽ نه غريبن لاءِ.......“ ساران جي ماءُ ڪجهه گهڙي ماٺ ٿي وئي پر وري حسرت ڀرئي لهجي ۾ چوڻ لڳي”۽ غريبن لاءِ اهو نقلي سون هوندو آهي، جنهن مان تنهنجا ايرنگ جڙيل آهن.“

”اهو ڇو، ڀلا؟ سون رڳو شاهوڪار ٿا وٺي سگهن، ڀلا اهو سون اسين ڇونه ٿا وٺي سگهون؟“

”ان ڪري جو اسين غريب آهيون ۽ سون نه ٿا خريد ڪري سگهون؟“

”پوءِ ڀلا اسان غريب ڇو آهيون؟“

”ان ڪري جو الهه سائينءَ اسان کي غريب ٺاهيو آهي.“

”الهه سائين ڀلا غريب ڇو ٺاهيا آهن؟“

”هاڻي مٿو نه کاءُ، ماٺ ڪري سمهي رهه!“

ماڻس ساران جي جک کان ڪڪ ٿي چڪي هئي. پريان ساران جو پيءُ، ماءُ ۽ ڌيءَ جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. هيستائين ماٺ هو، پر جوڻس جي جند ڇڏائڻ واري وراڻيءَ تي ڳالهائڻ کان رهي نه سگهيو.

”الهه سائين غريب ان ڪري ٺاهيا آهن جو امير ماڻهو خيرات ڏئي ثواب حاصل ڪري سگهن!“

پر ساران پيءُ جي وراڻي اڻ ٻڌي ڪري پنهنجا سادا سودا سوال پڇندي رهي.

”امان ڀلا عيد هر مهيني ڇونه ٿي اچي؟“

”پوءِ ماڻهوءَ کي ٻارهوئي روزا رکڻا پوندا!“

”اهو ڇو؟“

”اهو، ان ڪري جو روزا رکبا آهن تڏهن ته عيد جون خوشيون ماڻبيون آهن. عيد ته روزي وارن لاءِ ايندي آهي.“

”عيد نه رڳو روزي دارن لاءِ پر بي روزائتن، اميرن، شرابين، رشوتن، ڦورن، ظالمن ۽ هر مسلمان لاءِ ايندي آهي.“ ساران جي پيءُ کان وري رهيو نه ٿيو.

رشوتين، ڦورن، ظالمن ۽ هر مسلمان لاءِ ايندي آهي.“ ساران.

”۽ عيد ان ڪري به ايندي آهي جو ٻارن کي خرچي ملي. ها نه بابا!“

ساران پيءُ جي ڳالهين کي نه سمجهندي ڄڻ سار ڏياريندي ٻڌايو ته هو عيد جي خوشين ماڻيندڙن ۾ ٻارن کي وساري ويو آهي.

صبح جو عيد هئي. ساران ۽ مقبول ايترو سوير رڳو عيد جي ڏينهن اٿندا هئا ۽ ترت تيار ٿي ڪلاڪ رڳو ويٺا رهيا جيسين پيءُ اٿي، وهنجي سهنجي تيار ٿئي. مقبول کي اڄ صبح جو پاڻي ڀرڻو نه هو هن اڳيئي رات جو دير تائين پاڻي ڀري صبحڪي ڪسر پوري ڪري ڇڏي هئي- نماز تي پيءُ سان گڏجي ويا. ساران جي ماءُ سَيون ٺاهي رکيون هيون ته ٻار نماز تان اچي کائي پوءِ ويندا. هن ڏاڍي اڪير سان اهي سَيون ٺاهيون هيون پر جڏهن ٻار نماز تان موٽيا ته گهر هڪ منٽ به نه ترسيا ۽ ماڻس کين کائڻ لاءِ رڙيون ڪندي رهجي ويئي.

”اڙي ايترو جلدي، سَيون ته کائيندا وڃو.“

”نه امان دير ٿي ويندي.“ مقبول پنهنجي تڪڙ لڪائي نه سگهيو.

”امان هتي ته رڳو سَيون آهن ٻيو ڇا آهي. صاحب جي گهر ته سيرو، شير قورمون، مٺايون، جليبيون، بسڪوٽ، کٽمٺڙا ۽ ڏاڍيون سٺيون شيون هونديون آهن.“ ساران پنهنجي معصوماڻي لهجي ۾ چيو.

”۽ ها اما اتي وري گهڻا ميوا به رکيا هوندا آهن، اصل ٽوڪرا ڀريل؛ ڪيڪ پيسٽريون به!“ مقبول ساران جي ڳالهه کي ڳنڍ ڏيندي چيو.

ساران جي ماءُ مڙس ڏانهن نهاريو ۽ شڪايت واري لهجي ۾ چوڻ لڳي؛

”ٻارن کي ڏسو، عيد جي ڏينهن به گهر نه ٿا کائين ۽ ٻاهر ٻين جي گهر ڌڪا کائڻ ڀڄندا ٿا وڃن.“

”عيد شايد ان ڪري ايندي آهي جيئن امير اهو باور ڪري ته هو ڪيترو امير آهي ۽ غريب کي اهو احساس ٿئي ته هو ڪيترو غريب آهي! ٻارن جو ڇا آهي ٿوري دير کان پوءِ اسين غريب به اميرن جي گهرن تي ڌڪا کائڻ وينداسون“ ساران جي ماءُ کي مڙس جي اها ڳالهه خراب نه لڳي، هن کي اهو محسوس ٿيو ته شايد ساران جي پيءُ جون ڳالهيون سچيون آهن ۽ هوءَ غلط هئي. ”ٻڌ مقوءَ ماءُ، عيد ملڻ جو به دستور اٿئي ته ننڍو ماڻهو وڏي ماڻهوءَ سان عيد ملڻ ويندو آهي ۽ غريب وري عيد جي ڏينهن وڏي ماڻهوءَ سان عيد ملندي ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻڪ ننڍ وڏائي جو ويڇو پل کن لاءِ ختم ٿي ويو آهي ۽ هو به وڏي ماڻهو برابر اچي ويو آهي ۽ وڏو وري ان ۾ خوش ته هن وٽ ڪيترا نه ماڻهو عيد ملڻ اچن ٿا.“

پر ٻار پيءُ جي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ گهران نڪري چڪاهئا. ٻاهر جڳ ئي ٻيو لڳو پيو هو. خوشيون ۽ شادمانا رستن تي ٻاهر نڪري آيا هئا. وڏا، ننڍا، امير غريب سڀئي هڪ ئي رنگ ۾ رڱيل هئا. رستن تي ڪٿي هرکڻ جا هنڌ هئا، ڦرموٽيون، ڦوڪڻا، توتاڙيون، رانديڪا الائي ڇا ڇا هو، پر مقبول ۽ ساران انهن سڀني کان بيخبر اڳتي وڃي رهيا هئا. مقبول ساران کي ٻانهن کان ڇڪيو تکيون وکون کڻي رهيو هو. هو هڪ گهٽيءَ مان ٻي گهٽيءَ ۾ ٿيندي وڏي رستي تي اچي نڪتا هئا. جتي موٽرون، رڪشائون زوزاٽ ڪيو پي ويون. ايتري ته گپا گيهه لڳي پئي هئي، جو هلڻ ڏکيو لڳو پيو هو ۽ رستو پار ڪرڻ لاءِ ته وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي.

”خدا ڪري اڄ صاحب وٽ گهڻا ماڻهو اچن ته گهڻي خرچي ملي!“ ساران چوڻ لڳي.

”بابا پئي چيو ته صاحب اڳي کان به وڏو آفيسر ٿي ويو آهي، بابا اهو به پي چيو ته ماڻهو جيڏو آفيسر هوندو اوترا ماڻهو وڌيڪ وٽس ايندا.“ مقبول ٻڌائڻ لڳو.

”خدا ڪري ته بابو به وڏو آفيسر ٿئي هن وٽ به ماڻهو اچن ۽ اسين پنڌ ڪرڻ کان ڇٽي پئون!

”بابا ڪڏهن به آفيسر ڪونه ٿيندو.“

”اهو ڇو؟“

”ڇو جو بابا ننڍو ماڻهو آهي.“

پر ساران کي اها وراڻي سمجهه ۾ ڪونه آئي.

”پر بابا ته صاحب کان به وڏو آهي، بابا جو مٿو ته ڇت سان ٿو لڳي، ۽ صاحب ته بنهن پتڪڙو آهي!“

”اڙي بابا ته قدم ۾ وڏو آهي هونئن ٿورو ئي وڏو آهي.“

ساران اهو ٻڌي ماٺ ٿي وئي پوءِ ڪجهه سار آيس ۽ چوڻ لڳي”۽ هو جو وڏيرو آهي نه، جتي چاچا گلڻ ڪم ڪندو آهي، هو آفيسر ڪونهي ۽ پڙهيل به ڪونهي ته پوءِ هو وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟“

”زميندار آهي نه، هن وٽ زمينون آهن“

”بابا به وڏيري وانگر زمينون وٺندو.“

”وڏيري زمينون خريد ٿوروئي ڪيون آهن، اهي ته سندس پيءُ وٽان مليون آهن.“

”۽ هن جي پيءُ وٽ اهي زمينون ڪٿان آيون؟“

”اهي زمينون الاهه سائين ڏنيون هوندن.“

”الاهه سائين ائين ڇو ٿو ڪري ڀلا!“

”الاهه سائين جي مرضي آهي.“

”الاهه سائينءَ جي اهڙي مرضي ڇو ٿيندي آهي؟“

”امان ڪونه پئي چيو ته الاهه سائينءَ جي ڳالهين جي وچ ۾ نه پئبو آهي، اهو وڏو گناهه آهي، ٻڌئي چري.“

مقبول گناهه جو ڊپ ڏئي ساران کي ماٺ ڪرائڻ چاهيو ماڻس به ائين ماٺ ڪرائيندي هئي.

”چڱو ڀلا، بابا ته وڏو ماڻهو نه ٿيندو، پر تون ته ٿيندين نه! پوءِ مون کي گهڻي خرچي ڏجانءِ.“

”نه ساران مان وڏو ماڻهو نه ٿيندس. مان ته اسڪول ئي ڪونه ٿو وڃان.“

”پوءِ وڃين ڇو نه ٿو؟“

”آئون اسڪول ويندس ته مزوري ڪير ڪندو، پاڻي ڪير ڀريندو؟“

ساران ڪجهه به نه سمجهندي به چپ ٿي وئي هئي. رستي تي وڌندڙ ٽرئفڪ ۽ سندن هلڻ جي تکي رفتار هن جي ڳالهين کي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻي هو چوسول وٽ پهچي چڪا هئا. چوسول وٽ ٽرئفڪ چئوڻي هئي. جيئن صاحب جي گهر ويجهو پوندا ٿي ويا تيئن هنن جي وک اڃا تکي ٿيندي ٿي وئي. چوسول کي پار ڪرڻ عيد جي ڏينهن سولو ڪم نه هو، مقبول نظر ڦيرائي، پويان ايندڙ موٽ اڃا به پري هئي.

صاحب جي گهر پهچڻ جي جلديءَ هنن کي رستي پار ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. رستو پار ڪندي ڄڻ ته ٻئي دماغ گڏ سوچي رهيا هئا. مقبول ساران کي ٻانهن کان جلهي تکائيءَ سان رستو اڪرڻ لڳو ۽ ساران مقبول جي هٿ کي جهليو، ان جي پويان ڊوڙندي پئي آئي. تڪڙ ۾ ساران جو هٿ ڇڏائجي ويو. مقبول ٿورو ترسيو پر موٽر کي ويجهو ڏسي، اتي ترسڻ هن لاءِ اڻ ٿيڻ هو. هو موٽر کان بچڻ لاءِ تکو ٻيءَ ڀر پهچڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو.

چيڪاٽ ٿيا، بريڪ لڳي ويا، ٺڪاءُ جو آواز ٿيو ۽ ڪو اڇلجي وڃي پري ڪريو.

”ساران!“ مقبول کان رڙ نڪري وئي. موٽرون، رڪشائون بيهي ويون، ماڻهو ڪريل ٻار ڏي ڊوڙڻ لڳا، ٽرئفڪ روڪ ٿي وئي – هر طرف کان آواز اچڻ لڳا.

”اڙي ڪنهن موٽر کي روڪيو!“ ڪنهن رڙ ڪئي.

”بچي وئي!“ ڪنهن ٻئي جو آواز آيو.

”موٽر وارا ته اڌا ٿيو ٿا هلائين،“ ٽيون آواز آيو.

”اسپتال کڻائي وڃوس.“ ڪنهن صلاح ڏني.

ساران جا ڪپڙا رت ۾ رڱجي ويا. هڪ ماڻهوءَ ساران کي هنج ۾ کنيو ۽ کيس موٽر ۾ ويهاريو، مقبول به پويان ڀيڻس کي پڪاريندو هليو آيو ۽ هو ساران جون اکيون بند ڏسي سڏيندو رهيو هن رڳو هڪ ڀيرو ساران کان وراڻي ٿي گهريو. ساران جو وراڻي حياتي جو ثبوت ڏي ها.

”ماٺ ڪر بابا هوءَ بيهوش آهي، هوءَ اکيون نه کوليندي.“ ان ماڻهوءَ چيو.

پر مقبول کي پڪ هئي ته ساران جاڳندي، هن ماٺ نه ڪئي.

”ساران! منهنجي پياري ادي اکيون کول نه، هل ته عيد جي خرچي وٺڻ هلون، عيد جي خرچيءَ مان ايرينگ وٺنداسون، ڏس هن ڀيري مان پنهنجي عيد جي خرچي به تو کي ڏيندس، ڀلي گهڻا ايربنگ وٺجانءِ، هاڻي اکيون کول نه، عيد جي خرچي ملڻ واري آهي، عيد جي خرچي جلد ملندي.“ هن وري زور سان ٻه ٽي ڀيرا چيو. ”عيد جي خرچي ساران، عيد جي خرچي!“ مقبول جو آواز وڌندو ويو. ساران ۾ چرپر پيدا ٿي، هوريان هوريان اکيون کولڻ لڳي. اکين جا پنبڻ مٿي ٿيڻ لڳا. هن پنهنجا چپ چوريا ۽ ڪجهه چوڻ جي جاکوڙ ڪرڻ لڳي. تمام جهيڻو آواز آيو.

”عيد مبارڪ“ هوءَ هميشه صاحب جي گهر ائين چئي عيد جي خرچي وٺڻ مهل ڪندي هئي، هن پنهنجو هٿ وڌائي تِري کولي پر هن جو هٿ ڍرڪي پيو ۽ ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ سندس چپ اڌ کليل رهجي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com