سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :13

 

دهلاري

هڪ دفعي هڪڙي نوجوان دهلاريءَ پاڻمرادو ٻنين ۾ سير پئي ڪيو. گهمندي ڦرندي، هو هڪ ڍنڍ  جي ڪناري تي اچي پهتو، جتي هن ٽي ننڍڙا هڪڙي نفيس اڇي ڌوتل ڪپڙي جا ٽڪر ڏٺا. ”هي ته نهايت عمدو ڪپڙو آهي!“ اهي لفظ چئي، هن انهن  ٽن ٽڪرن مان هڪ کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌو، تنهن کان پوءِ هو موٽي پنهنجي گهر آيو، ۽ ڪپڙي جي ڳالهه بلڪل دل تان لهي ويس، ۽ رات جو هميشه وانگر چپ چاپ وڃي بستري تي ليٽي پيو.

اڃا اکيون پوري سمهڻ جي پئي ڪيائين، ته ائين ٻڌڻ  ۾ آيس، ڄڻ ته ڪنهن سندس نالو وٺي کيس سڏ ڪيو، تنهن تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي ٻڌائين ته برابر نهايت هلڪي ۽ سنهڙي مگر صاف ئي صاف آواز سان کيس ڪو سڏي رهيو هو- ”دهلاري، دهلاري، سجاڳ ٿيءُ!“

رات اهڙي اونداهي هئي، جو هن کي سامهون ڪو به نظر ۾ نٿي آيو. پر هن محسوس پئي ڪيو ته ڪا مڙيئي صورت هئي، جا سندس بستري جي پيرانديءَ پاسي هيٺ مٿي پئي ٿي.

ان تي دهلاريءَ پڇيو، ”تو کي ڇا گهرجي؟“

جواب مليس، ”منهنجا ڪپڙا، جي تو ڍنڍ جي ڪناري تان کنيا آهن، سي مون کي موٽائي ڏي!“

دهلاريءَ جواب ۾ چيو، ”پهرين ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ته پوءِ تو کي ڪپڙا ڏيان.“

جواب ۾ آواز ٿيو، ”آئون هڪ وڏي بادشاهه جي ڌيءُ آهيان، پر هڪ  ڏائڻ جي ڦندي ۾ اچي ويئي آهيان. جنهن مون کي شيشي جي جبل تي وڃي بند ڪري رکيو آهي. آئون هر روز هن ڍنڍ تي پنهنجين ٻن ڀينرن سان وهنجڻ ايندي آهيان، پر هن ڀيري پنهنجن ڪپڙن کان سواءِ موٽي، اتي اڏامي وڃي نٿي سگهان. منهنجون ڀينرون گهڻي دير ٿي، جو اڏامي ويون. ۽ آئون لاچار پٺيان رهجي ويئي آهيان. آئون تو کي منٿ ٿي ڪريان، ته ڀلائي ڪري منهنجا ڪپڙا مون کي موٽائي ڏي!“

دهلاريءَ چيو، ”سٺي ڇوڪري، دل نه لوڙهه، اجهي هي تنهنجا ڪپڙا“

ائين چئي، هن وڃي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان اهو ڪپڙي جو ٽڪر ڪڍي آڻي هن کي ڏنو. هن نهايت خوشيءَ ۾ ڀرجي اهو  ورتو، ۽ اٿي ٻاهر هلڻ لڳي.

دهلاريءَ چيس، ”هڪ پل ترس، شايد آئون تنهنجي ڪنهن طرح مدد ڪري سگهان؟“

هن چيو، ”تون منهنجي مدد فقط هن طرح سان ڪري سگهين ٿو، جو ڪانچ جي جبل تي چڙهي هن ڏائڻ کان منهنجي جند ڇڏائين. پر تو کان ائين ٿي ڪين سگهندو. تون جيڪڏهن ان جبل جي پاڙ وٽ به پهچي وڃين ته به ان جبل جي چوٽيءَ تي ڪڏهن به چڙهي ڪين سگهندين.“

دهلاريءَ جواب ڏنو ته ”جي ارادو محڪم آهي، ته هر مشڪل آسان آهي. مون کي تو تي قياس ٿو اچي. مون کي ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جو خوف ڪونهي، پر مون کي ان ڪانچ جي جبل ڏانهن وڃڻ جو رڳو رستو معلوم نه آهي.“

هن جواب ڏنو، ”رستو آهي هڪ ٻيلي جي اندران، جتي آدمخور رهن ٿا. اهو تو کي چئي ٿي ڇڏيان- ۽ انهيءَ کان وڌيڪ آئون تو کي ٻڌائي نٿي سگهان“ ۽ پوءِ دهلاريءَ هن جي اُڏامي وڃڻ جو آواز ٻڌو.

پرهه ڦٽيءَ ويل، دهلاري به ڳچيءَ ۾ دهل پائي، بيخوف اٿي هليو، ۽ هلندي هلندي، نيٺ آدمخورن جي ٻيلي ۾ وڃي نڪتو. هيڏي هوڏي نهاريائين، پر هن کي ڪو ديو نظر ئي ڪو نه آيو. هن خيال ڪيو ته هنن سُستن کي جاڳائڻ گهرجي. سو دهل  تي وٺي اهڙو دس وڄايائين، جو وڻن تان پکي به ڊڄي اڏامي ويا.

گهڙي نه  گذري ته هڪ ٻٻر جي وڻ جيڏو وڏو ديو، جو گاهه ۾ ستو پيو

هو، اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين، او بدمعاش، هت تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ ڇو دهل وڄائي. مون کي مٺيءَ ننڊ مان جاڳايو اٿيئي؟“

دهلاريءَ جواب ڏنو، ”هڪ هزار ماڻهو، جي منهنجي پٺيان پيا اچن.  تن کي رستو ڏسَڻ لاءِ آئون اڳيان دهل وڄائيندو پيو وڃان.“

ديو پڇيو ”منهنجي ٻيلي ۾ هنن جو ڪهڙو ڪم؟“

دهلاريءَ جواب ڏنو ”هنن جو پهريون ڪم هيءُ آهي ته تو کي ماريندا، ۽ پوءِ ٻين سڀني تو جهڙن ڀوتن کي ماري، هن ٻيلي کي اوهان بدڪردارن کان آزاد ڪرائيندا.“

ديو چيو ته ”او هو! چئبو ته اها ڳالهه آهي! اچڻ ڏين، ڏسج ته ڪيئن ٿو انهن تنهنجن هزار ماڪوڙين کي پيرن هيٺان لتاڙي، چيڀاٽي ۽ ماري ڦٽو ڪريان!“

دهلاريءَ ٽوڪ طور پڇيس ”تون پهرين هنن کي جهلي سگهندين؟ جيسين تون نمي ئي نمين، تيسين هو کسڪي وڃي هيڏانهن  هنن ٻوڙن ۾ لڪندا، پوءِ جڏهن تون سمهڻ خاطر ليٽي پوندين، ته هو ٻوڙن مان سري هڪدم  تنهنجي بدن تي چڙهي ويندا، ۽ آئون تو کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته هنن سڀني وٽ رڪ جا مترڪا آهن، سو گهڙيءَ ۾ تنهنجي ڪوپراٽي ڀڃي  چور چور ڪري ڇڏيندا!“

اها ڳالهه ٻڌي، ديو خيال ۾ پئجي ويو، ۽ دل ۾ چيائين ته ”هنن ننڍڙن حرفتي انسانن سان ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ بگهڙن ۽ رڇن سان منهن ڏيڻ ته بلڪل آسان ڪم آهي، پر هنن زمين جي ڪيڙن کي ڪيئن سامهون ٿي سگهجي، تنهن جي مون کي خبر ئي نٿي پوي!“ اهو خيال ڪري، دهلاريءَ کي زور سان چيائين، ”ڳالهه ٻڌ! جيڪڏهن تون ۽ تنهنجا ماڻهو سڀ هتان هليا وڃن، ته آئون واعدو ٿو ڪريان ته آئون هن کان پوءِ تو کي ۽ تنهنجن ساٿين کي ڪڏهن به ايذاءُ نه رسائيندس، تنهن کان سواءِ، تنهنجي ڪا به خاص مراد هجي ته مون کي ٻڌاءِ ته آئون اها پوري ڪريان. يا منهنجي مدد جي تو کي ڪا ضرورت هجي ته ٻڌاءِ- آئون حاضر آهيان!“

دهلاريءَ چيس، ”تنهنجون ٽنگون ڊگهيون آهن، تنهن ڪري تون مون کان وڌيڪ ڊوڙي سگهين ٿو. مون کي شيشي جي جبل وٽ کڻي هل. جيڪڏهن اها ڳالهه قبول هجيئي ته ٻڌاءِ ! آئون پنهنجن ماڻهن کي دهل وڄائي چوان ٿو ته  موٽي وڃن. ۽ پوءِ تون ڀلي ويٺو هتي آرام سان گذار!“

ديو جواب ڏنو، ”چڱو اچ آڱر جيڏا جيتڙا! اچي منهنجي ڪلهي تي چڙهه ته آئون تو کي جتي چوين ٿو، اُتي اڇلائي اچان.“

پوءِ ديو هن کي ڪلهي تي ويهاريو، ۽ دهلاريءَ وٺي کڻي خوشيءَ سان دهل جو ٻيو دس وڄايو، ديو ائين پئي سمجهيو ته ”هو ماڻهو، جيڪي منهنجي پويان پيا اچن، تن کي هي پيو خبر ڏئي ته موٽي پوئتي وڃن، ۽ اڳتي  نه اچن.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، رستي تي هڪ ٻيو ديو بيٺو هو، جنهن دهلاريءَ کي پهرئين ديو کان وٺي پنهنجي ڪوٽ جي ٻيڙي جي ٻيڪڙ ۾ اٽڪائي ڇڏيو. دهلاري ته رڪابيءَ جيڏي ٻيڙي کي جهلي اتي صحيح سلامت نهايت سک سانت ۾ ويٺو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com