سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: --

صفحو :5

 

 

حضرت عمر رضي الله عنه ۽ ايلچي

حضرت عمر فاروق اعظم رضي الله عنه جنهن وقت خلافت جي مسند تي جلوه افروز هئا، ان وقت جي قيصر جو هڪ ايلچي وٽن آيو. هو پهريائين ته ساري شهر ۾ گهمندو رهيو ته، خليفة المسلمين جو ديدار ڪريان. هو محلات جاچڻ لڳو، مگر مديني منور ۾ کيس ڪوبه محل يا اوچي عمارت نظر ڪانه آئي. نڪو ڪو ڪوٽ يا قلعو نظر آيس، آخر ماڻهن کان پڇيائين، جن چيس ته، خدائي حفيظ جو حفظ، عمر رضه لاءِ حصن حصين يعني مضبوط قلعو آهي. هن شير لاءِ ڪنهن به محل جي ضرورت نه آهي. عمر رضه جيتوڻيڪ اميرالمؤمنين آهي، مگر هُن ۽ عام ماڻهن جي گهر ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. اِهو ٻڌي قاصد جو شوقِ ملاقات پاڻ وڌيو. تعجب لڳس، ته ههڙو جليل القدر خليفو، اهڙي طرح گمنامي جي نموني شهر ۾ رهي ٿو! جهڙي طرح جسم ۾ جان! آخر هڪ پوڙهي چيس ته، عمر رضه مخفي نه آهي، مگر عيان آهي. هو ڏسو کجيءَ جي وڻ هيٺان ويٺو آهي. قاصد اڳتي وڌيو، مگر جيئن ئي حضرت جي مبارڪ چهري تي نظر پيس تيئن ٿڙڪڻي وٺي ويس، دل تي رعب فاروقي عالب پيس. لبن تي مهر خاموشي لڳي ويس، هاٿي جهڙو جوان، ڪنبڻ لڳو، ۽ حيران رهيو ته هي ڇا؟ مون قيصر و ڪسريٰ جون عاليشان درٻاريون ڏٺيون آهن، ڪيترين لڙاين ۾ شجاعت سان لڙايون لڙيو آهيان، شيرن کي زير و زبر ڪري چڪو آهيان. ڪڏهن منهنجي چهري جو رنگ نه بدليو آهي، ڪڏهن ڪا دل ۾ ڌڙڪ نه آئي اٿم، بيشڪ هن شخص ۾ خدائي رعب آهي، گودڙيءَ ۾ سر الاهي نهان آهي.

هيبت حق است اين از خلق نيست

هيبت اين مرد صاحب دلق نيست

حضرت عمر رضه خواب استراحت ۾ هو، هي قاصد بيٺو رهيو، ٿوري وقت بعد فاروق اعظم بيدار ٿيو، ايلچي السلام عليک چيو، حضرت عمر رضه وعليک السلام چئي کيس چيو ته، ويجها اچو، خوف و هراس نه ڪيو. هو ويجهو ٿيو، خدا ترسي جي ٻج سندس دل ۾ ڇٽجي چڪو، حضرت عمر رضه پنهنجي فيض سان کيس فيضياب ڪيو.

 

بعد ازان گفتش سخنهائي دقيق

درصفات پاک حق نعم الرفيق

 

خدا وارن کان هر ڪوئي ڊڄي ٿو،

پري شيطان خود تن کان ڀڄي ٿو.

 

 

نظر جو دوکو

حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه جي عهد خلافت ۾، ماههِ صيام جي عيد يعني عيدالفطر جي چنڊ ڏسڻ لاءِ پاڻ ۽ ٻيا ماڻهو هڪ هنڌ ڪٺا ٿي، چنڊ ڏسڻ لڳا. ڪجهه جوان مٿي جبل تي چڙهي ويا ته اُتي سولائيءَ سان چنڊ ڏسن. انهن مان هڪ جوان چيو ته مون چنڊ ڏٺو آهي، فاروق اعظم فرمايو ته مون کي به ڏيکار… مگر کين چنڊ ڏسڻ ۾ نه آيو، ٻين کي غور سان ڏسڻ لاءِ چيائون، مگر هلال عيد ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه آيو. حضرت عمر رضه فوراً سمجهي ويو ته هُن جوان کي چنڊ ڏسڻ ۾ ڌوڪو آيو آهي، پاڻ ان کي چيائون، ته هٿ پاڻيءَ سان تر ڪري، پنهنجي منهن کي صاف ڪر، ڇاڪاڻ ته تنهنجي ابرن جو هڪ وار ڏنگو ٿي، تنهنجي اک کي چنڊ بڻجي ڏيکاري ڏئي رهيو آهي، جڏهن منهن ڌوتو ۽ ابرو جو ڏنگو وار درست ٿي ويو، تڏهن هونءَ جو بار بار چنڊ پئي ڏٺائين سو غائب ٿي ويس.

چون يکي موکش شد از ابروئي او

شڪل ماهِ نو نمود آن موئي او

موکي کُر چون پرده گردون شود

چون همه اجزات کرد شد چون بود

ڏسو ته جڏهن ڀرون جو هڪ وار، ڏنگو بڻجي زمين ۽ آسمان درميان پردو بڻجي ويو، تڏهن خيال ڪريو ته جنهن جي هر شيءِ ڏنگي هجي اهو حق و باطل ۾ ڪهڙي تميز ڪري سگهندو.جن جي ڏنگن سان دوستي هوندي انهيءَ جي عقل ۾ ڏنگائي کان سواءِ ڇا هوندو؟

 

گويي تي الله جو لطف

حضرت عمر رضه جي عهد خلافت ۾ هڪ گوِيو هو، جو ڳائڻ وڄائڻ ۾ ڏاڍو قابل هو. ظاهر ۾ رند ۽ باطن ۾ نيڪ هو. جوانيءَ ۾ سندس سريلي ۽ رس ڀرئي ڳائڻ جي هر هنڌ هاڪ هئي، جيڪو سندس سر ٻڌندو هو سو بنڊ ٿي بيهي رهندو هو. هن جي خوش آوازي، مُردن ۾ جان وجهندي هئي. هاڻي هو ستر ورهين جو ٻڍو ٿي چڪو هو. ڏند ڀڄي ڀري ويا هئس، ڳلو گهگهو ٿي چڪو هوس، نه اڳين خوش آوازي رهي هيس نه نواسازي جيڪي ماڻهو هن جي راڳ تي شيدائي هئا، سي کيس ڇڏي ويا هئا. هو هاڻي مانيءَ لاءِ به محتاج هو. دنياوارن جي بيوفائي کان هن جي دل جو نازڪ شيشو ٽٽي چڪو هو. آخر هو خدا جي طرف رجوع ٿيو، اصحابه جي مدفن جنت البقيع ۾ وڃي نهايت تضرع ۽ خشوع و خضوع سان گناهن جي معافي گهرڻ لڳو.

گفت عمر و مهلتم دادي سي

لطفها کردي خدايا با خسي

معصيت ورزيده ام هفتاد سال

باز نگرفتي زِمن روزي نِوال

نيست کسب ام روز مهمانِ توام

چنگ بهر تو زنم کان توامِ

چنگ را برداشت شهِ الله جو

سوئي گورستان يثرب آهه جُو

چوڻ لڳو، خدايا تنهنجي بنده نوازي تان قربان وڃان، مان خطاڪار آهيان، تون خطاپوش آهين، مان گناهه ڪندو رهيس، تون رزق ڏيندو رهئين، مان ڪهڙا ڪهڙا تنهنجا احسان ڳايان منهنجي زبان کي طاقت نه آهي، جو تنهنجو شڪر ادا ڪريان… مطلب ته دعا گهرندي گهرندي اُتي سمجهي پيو.

ان وقت حضرت عمر رضه به خواب استراحت ۾ هو، عالم رويا ۾ کيس الهام ٿيو، بقيع ۾ هڪ مرد خدا ستو پيو اٿئي، اي عمر ست سوَ دينار کڻي وڃي ان کي ڏي، هر طرح ان جي دلجوئي ڪر… حضرت عمر رضه قبرستان ۾ پهتو هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين. کيس پوڙهي، ڳائيندڙ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نظر نه آيو. حضرت عمر رضه حيرت ۾ پئجي ويو ته ڇا هي ڳائڻو ۽ ڇا ربَ جو ڪرم …

ڳائيندڙ ستو پيو هو، حضرت عمر رضه سندس ڀرسان باادب سندس انتظار ۾ بيٺو رهيو، کيس اوچتو نڇ آئي، جنهن تي پوڙهو بيدار ٿيو. فاروق اعظم کي ڀرسان ويٺل ڏسي، هراسجي ويو ۽ ڏڪڻ لڳو. فاروق اعظم چيس ته، ڀاءُ خوف نه ڪر، مان توکي خوشخبري ڏيڻ آيو آهيان. الله تعاليٰ جون توتي لک رحمتون آهن ۽ انهيءَ ذوالجلال هي مال تنهنجي لاءِ موڪليو آهي، جو هٿ ڪر.

نک قراصه چند ابريشم ها

خرچ کن اين راد بار اين

هيءَ بشارت ٻڌي پوڙهي مطرب تي رقت طاري ٿي وئي، بي خوديءَ ۾ چوڻ لڳو ته منهنجا بيشمار گناهه ۽ تنهنجي بخشش ڏسي نهايت شرمسار آهيان.

چون بسي بگريست از حد رفت درد

چنگ را زد برزمين و خرد کرد

هو زار زار روئڻ لڳو ۽ سارنگيءَ کي زمين تي هڻي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين… هن جو گريه و زاري ڏسي حضرت عمر رضه کيس چوڻ لڳو ته، تنهنجي هيءَ آهه و زاري تنهنجي مقبوليت جو باعث آهي. بس پوءِ پاڻ مٿس توجه ڪيائون ته، هن کي ڪمال استغراق حاصل ٿيو ۽ انهيءَ بيخوديءَ جي حالت ۾ جان، جان آفرين جي حوالي ڪري واصل بحق ٿيو. انسان کي عبادت تي نازان ٿيڻ نه گهرجي الله کي عجز و نياز پسند آهي.

 

بيت

نوڙت مان نهال، البت ٿيندين آمي.

 

 

سکڻي توڪل رکندڙن کي حضرت عمر رضه جي تنبيه

يمن جا ڪي ماڻهو، مديني منور ۾ حضرت عمر رضه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. پاڻ کانئن پڇيائون ته توهان جو ڪهڙو ڌنڌو آهي؟ هنن چيو ته، ڪم ڪوبه ڪونه ڪيون، الله تي توڪل اٿئون، اُهو رازق رزق پيو رسائي. حضرت عمر رضه جواب ڏنن ته ايئن نٿا چؤ ته ”مفت خور آهيون ڪمائن ٻيا ۽ کائون اسان“ افسوس! جو اهڙا نڪما ۽ بيڪار ماڻهو پاڻ کي متوڪل سڏائين ٿا. توهان ڪنهن به تعريف جا لائق نه آهيو. توهان کي توڪل هڪ ڳوٺاڻي ويچاري هاري کان سکڻ گهرجي. جو هر ڪاهي ٿو، ٻج ڇٽي ٿو، پوک کي پاڻي ڏئي ٿو، ايتري محنت ۽ مشقت بعد الله تي توڪل رکي ٿو. الله تعاليٰ به هن جي محنت ۽ مشقت ڏسي، ڪڻي مان ڪيچ ڪري ٿو، انهيءَ سوداگر کان توڪل سکو جو، لکن جو سامان خريد ڪري، جهازن ۽ ٻيڙن ۾ وجهي اٿاهه ۽ اجهاڳ سمنڊ ۾ الله جي آسري تي گهڙي پوي ٿو ۽ هت هُت واپار ڪري نفعو حاصل ڪري ٿو. ڇا اوهان کي معلوم نه آهي ته، رسول مقبول ﷺ جن جي خدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو، پاڻ کانئس پڇيائون ته، ”سواري جو وهٽ ڪٿي اٿئي“ هن چيو ته خدا جي توڪل تي ٻاهر اٺ کي بيهاري آيو آهيان. حضرت ﷺ جن چيس ته، اٺ جو گوڏو ٻڌو اٿئي هن چيو ته نه. حضور ﷺ جن چيس ته، ”بر توڪلي زانوءِ اشترببند“ مسلمانن تي واجب آهي ته محنت مشقت ضرور ڪن ۽ نتيجي لاءِ توڪلَ الله تي رکن ڇاڪاڻ ته:

 

بيت

رنج بنا گنج ڪين آ جو وهندو سو لهندو

سکيو سو رهندو، محنت ڪندو مرد جو.


 

 

حضرت عثمان رضه، رسول ﷺ جن جي منبر تي

حضرت عمر فاروق اعظم رضه، جي شهادت، پرسعادت بعد حضرت عثمان رضه خليفته المسلمين، منتخب ٿيو. حضرت رسول مقبول جن جي ممبر تي خطبه ڏيڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا ۽ پاڻ ٽئين ڏاڪي تي رونق افروز ٿيا. هڪ شخص عرض ڪيو ته، حضرتا هي ڇا؟ حضرت صديق اڪبر رضه، جو بعد از نبي، افضل البشر آهي، ان ٻئي ڏاڪي تي مقام ڪيو، حضرت فاروق اعظم ان کان هيٺ پهرئين ڏاڪي تي قيام ڪيو هو ۽ اوهان ان کان مٿي ٽئين ڏاڪي تي قدم رکيو آهي، ڇا اوهان انهن ٻنهي کان بالا ۽ برتر آهيو؟ حضرت عثمان رضه چيو ته جو وهم اوهان کي آيو آهي، ايئن نه آهي، مون کي دل ۾ وهم آيو ته، آءٌ جيڪڏهن پهرئين ڏاڪي تي قيام ڪندس ته متان ماڻهو مون کي فاروق اعظم جو ثاني ڄاڻن … جي ٻئي ڏاڪي تي قدم رکندس ته ماڻهو مون کي حضرت ابوبڪر رضه جو مَٽُ ڄاڻندا، حالانڪ مان انهن کان هر حالت ۾ گهٽ آهيان، آءٌ ڪو انهن جو مٽ آهيان!! تنهن ڪري مان انهيءَ جاءِ تي وڃي بيٺس جتي حضرت رسول مقبول ﷺ جن قيام ڪندا هئا. ايئن ڪرڻ جو مطلب اهو هو، ته انهيءَ جاءِ تي بيهڻ سان ڪنهن کي وهم و گمان به نه ايندو ته آءٌ رسول مقبول ﷺ جن جو ثاني آهيان.

هست اين بالا مقامِ مصطفيٰ

وهم مثلي نيست با آن شه مرا

پاڻ ٽپهري تائين، ممبر تي خاموش بيٺا رهيا، ڪنهن کي مجال نه ٿي، جو چوي ته اسان مسجد مان ڀلا هليا ٿا وڃون … خاص و عام تي هيبت طاري هئي، الله جي نور سان در و ديوار صحن پُرنور هو. اکين وارا انهيءَ نور جو مشاهدو ماڻي رهيا هئا. انڌن به محسوس ڪيو، ته روشن آفتاب چمڪي رهيو آهي، هن آفتاب ايزديءَ جو نور اکين کي کولڻ وارو هو، انڌا به خوشيءَ مان ٻولي رهيا هئا، ته اسان اڄ بينا ٿي چڪا آهيون، حضرت عثمان رضه ذوالنورين ثابت ڪري ڏيکاريو، عمل واري نصيحت ڪرڻ، زباني نصيحت کان صدبار بهتر آهي.

 

چُپِ سين جي چون، ادب ڪجي ان جو.


 

 

حضرت علي رضه سان مشرڪ جي گفتگو

حضرت علي ڪرم الله وجهه وٽ هڪ مشرڪ آيو، جو چوڻ لڳو ته، ”توهان چوندا آهيو ته، خدا حافظ و ناصر آهي، زندگي ۽ موت ان جي اختيار ۾ آهي. جي اوهان جو اِهو قول سچو آهي ته اچو اڄ ان جو امتحان وٺون … توهان ڪنهن مٿاهين جڳهه تي چڙهي، اُتان پاڻ کي اُڇلايو ۽ ”يا حافظ يا ناصر“ چوندا هيٺ پاڻ کي ڪيرايو، ڏسون ته، ”اهو حافظ و ناصر اوهان کي مرڻ کان بچائي ٿو…“

حضرت علي رضه ان کي چيو ته، تنهنجو هيءُ سوال ڪهڙو احمقانه آهي، ڇا تنهنجو مطلب آهي، ته آءٌ بي ادب ۽ گستاخ بڻجي خدا جو امتحان وٺان. خدا جو قسم! مان ڪڏهين به اهڙو احمقانه خيال نه ڪندس هيءُ اختيار آقا جو آهي، ته هو پنهنجي بندي جي وفا جو امتحان وٺي. علي عه کي هيءُ حق نه آهي ته موليٰ کي امتحان ۾ وجهي، جو بندو گندو اهڙي طرح ڪندو خلق خدا ان کي پاڳل چوندي.

کي رسد مر بنده را کو باخدا

آزمائش پيش آ روز ابتلا

ڪنهن به بندي کي واجب ناهي، جو الله سان حجت هلائي مگر چوي ته،

جيهي مان تيهي، ٻانهي ٻاروچن جي،

هو جا پائن پير ۾ تنهن جتيءَ نا جيهي،

حجت هوت پنهل سان مون ڪميڻيءَ ڪيهي.

 

بي ادب تي حضرت علي رضه جي مهرباني

حضرت علي المرتضيٰ، شير خدا جو هڪ ڪافر سان ٿيو مقابلو، دشمن ٻيو نه ڏسي بلو، تڏهن وٺي ڀڳو، مگر کيس حضرت علي رضه جو ڌڪ اهڙو لڳو، جو هو ڪري پيو، حضرت علي رضه سندس سيني تي چڙهي، ترار سان وڍڻ تي هو نڙي، ته هن پليد ڏانهس ٿڪ اُڇلائي، جا سندن منهن مبارڪ تي لڳي … پاڻ فوراً ان جي سيني تان اُٿي کڙا ٿيا ۽ دشمن کي ڇڏي پري بيهي رهيا. اها حالت ڏسي هن کي ڏاڍو عجب لڳو، هو اُٿي ڪين ڀڳو، پر عجب جي حالت ۾ حضرت شير خدا کي چيائين ته، اي سائين! ڪهڙي سبب ڪري توهان مون کي جيئدان ڏنو، مان اهڙو ڪم ڪيو هو ڪنو، جو نه رڳو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ها، مگر منهنجو عضوو عضوي کان ڪپي ٽڪر چار ڪيو ها، پاڻ کلندي هن کي ورندي ڏنائون.

گفت من تيغ از پئي حق مي زنم

بنده خفتم نه مامور تنم

شير حقم، نيستم شيرِ هوا

فعل من بردين من باشد گوا

چون درامد علتي اندر غزا

تيغ را ديدم نهان کردن سزا

آءٌ توسان حق جي طرفان لڙي رهيو هوس، توسان خدا جي راهه ۾ وڙهي رهيو هوس، توسان منهنجي ڪا ذاتي عداوت نه هئي، مگر تو شرارت ڪري، منهنجي نفس کي انتقام وٺڻ تي آماده ڪيو، مگر مان خدا جي توفيق سان سمجهي ويس ۽ تنهنجي سيني تان اُٿي کڙو ٿيس، جيڪڏهن آءٌ توکي ماريان ها ته خدا کي ڪهڙي طرح منهن ڏيکاريان ها، مان خدا جو شير آهيان، نفس جي چوڻ تي کڻندو نه پير آهيان.

هي خلوص دل ڏسي، هو مشرڪ يڪدم مسلمان ٿيو، نه رڳو پاڻ مگر انهيءَ اثر کان سندس ساري قوم مشرف باسلام ٿي، اجر انهيءَ ڪم کان ملندو جو الله ڪارڻ ڪيو وڃي.

 

شعر

خدا ڪارڻ ٻين جا ڪم ڪرڻ سک

خدا جي راهه ۾ اڳتي رهڻ سک

 

جنس ڏانهن لاڙو

حضرت علي رضه جن ويٺا هئا ته، هڪ عورت ڊڪندي سهڪندي آئي، اُها مائي، چوڻ لڳي، ”يا حضرت! هڪ مشڪل پيش آئي آهي، اوهان، ان کي دفعي ڪريو، اسان سان ڀلائي جو پير ڀريو. پاڻ چيائون ته، ”ڪهڙو معاملو آهي.“ عورت چيو ته ”آءٌ ڪوٺي تي ويٺي هيس ته ڏٺم ته منهنجو سال ڏيڍ جو نينگر هڪ ناليءَ تي رکيل ڪاٺيءَ تي گوڏا کوڙي ويهي رهيو آهي، مون هن کي گهڻين ئي شين ۽ کير جي لالچ ڏني آهي مگر هو اصل اُتان نٿو  چري، مون کي ڏاڍو ڊپ ٿي پيو آهي، ته مبادا معصوم ناليءَ ۾ ڪري ۽ ٻڏي مري، خدا جي واسطي ڪا تدبير ڪريو. حضرت علي رضه جن فرمايو ته مائي وڃ، تون پنهنجي پٽ جيڏو ٻار ڪوٺي تي پٽ جي سامهون وهار، جڏهن تنهنجو ٻار پنهنجي همسن ٻار کي ڏسندو، تڏهن هم جنسي جي ڪشس سبب يڪدم هليو ايندو. عورت سندن فرمان موجب هڪ ٻار وٺي ڪوٺي تي ويهاريو، جيئن سندس ٻار ان ڏي نهاريو، تيئن هڪدم هليو آيو.

هم جنسيءَ جي وڏي ڪشش آهي، الله تعاليٰ پنهنجي حڪمت ڪامله سان انسانن مان ئي نبي ڪري موڪليا، ڪو فرشتن يا جنن مان نبي ڪونه ڪيائين، ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ انسانن جي انهن ڏي ڪشش نه ٿئي ها.

 

 

نقاش ۽ ماڪوڙيون

هڪ مصور هڪ تختيءَ تي، نقش ڪڍي رهيو هو، سندس ڀرسان ماڪوڙا به گهمي ڦري رهيا هئا. هڪ چيو ته ”ڀائرو، هن مصور جو قلم، آهي ماني رقم، ڏسو ته تختي تي، گل و نرگس، سوس ۽ سمن ڪهڙيءَ خوبيءَ سان نظر اچي رهيا آهن، بهزاد جي مصوريءَ کي به هن جو قلم شهه ڏيو بيٺو آهي.“ ٻئي چيو ته، ”تون غلط سمجهيو آهي، هيءُ گلڪاري سڀ هٿ جي آهي، قلم ويچارو مجبور آهي. جنهن طرف هٿ کي هلائي ٿو، قلم به ان طرف رخ مٽائي ٿو.“ ٽيون ماڪوڙو چوڻ لڳو، ”اي بي بصر! توکي انسان ويٺل نظر ٿو اچي، هٿ ته ان جو هڪ عضوو آهي، هي سڀ ڪجهه مصور ڪري رهيو آهي.“ چوٿين چيو ته، ”نه نه هي سڀ عقل جو ڪم آهي.“ آخر پنجون ماڪوڙو جو سڀني ۾ وڏو هو، اُهو چوڻ لڳو ته، ”ڀائرو توهان مان ڪوبه حقيقت کي سمجهي نه سگهيو آهي، فاعل حقيقي ته خدا تعاليٰ آهي. جنهن انسان کي پيدا ڪيو انهيءَ ساهه ڏنو ۽ عقل ڏنو بس جيڪي ڪي ڏسي رهيا آهيو، سو سڀ ان جي قدرت جو ڪرشمو آهي.

جبر ۽ قدر جي مسئلي کي ڄاڻڻ لاءِ الله، جان، آدمي، هٿ ۽ قلم کي هيئن ڪري ڄاڻو:

الله، قادر مطلق

جان، محتاج قدير

آدمي، جبر و اختيار جي وچ ۾

هٿ محڪوم آدمي

قلم، محڪوم دست!

 

جبر و قدر جو مسئلو

حضرت علي رضه جن وٽ هڪ شخص آيو، جو جبر و قدر جي مسئلي ۾ منجهيل هو ۽ هن ڳالهه جو قائل هو ته، ”انسان مختار ڪل“ آهي، جيئن وڻيس تيئن ڪري ٿو… حضرت علي رضه چيس ته هڪ گهڙي سڌو ٿي بيهه، هو سڌو ٿيو ته حضرت رضه جن چيس ته گهڙي ساعت لاءِ هڪ پير مٿي ڪري هڪ ٽنگ تي ٿي بيهه، هو حڪم موجب هڪ ٽنگ تي ٿي بيٺو، وري حضرت علي فرمايس ته هاڻي، ٻيو پير به مٿي ڪر پر، خبردار! اي بااختيار انسان! ڏسين متان ڪري پوين، هو چوڻ لڳو ته سائين مان مجبور آهيان، مون ۾ ايتري طاقت نه آهي، حضرت علي رضه فرمايس ته وڃ وڃي آرام ڪر، جبر و قدر جو مسئلو حل ٿي ويو.

ها سمجهه انسان با مقدور آهه

پر وري هَئين بي سمجهه مجبور آهه

اِهو ٻڌي هو منجهيل ڳالهه جو ور سمجهي ويو ۽ حضرت جن جو بار بار شڪر گذار ٿيڻ لڳو، سچ آهي ته،

واڳ ڌڻيءَ جي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي.

 

 

شيطان جو حسد

هڪ ڏهاڙي، صبح جي ماني کائڻ کان پوءِ منجهند ڌاري امير معاويه رضه پنهنجي محل ۾ آرام ڪري رهيو هو. نماز ٻيپهريءَ جو وقت اچي ويو، کين هڪ شخص اچي بيدار ڪيو ۽ چيو ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي، هلي مسجد ۾ جماعت سان نماز ادا ڪريو. پاڻ ان شخص کي ڏسي عجب ۾ پيا ته هي ڪير آهي، جو پهريدارن ۽ دربانن کان لڪي لڪي هت پهتو آهي ۽ منهنجي بند ڪمري ۾ داخل ٿي ويو آهي. پاڻ هڪدم کيس جهلي، پڇيائون ته ”ڪير آهين؟“ هن چيو ته ”آءٌ شيطان آهيان.“ امير معاويه چيس ته ڇا ننڊ مان به تو مون کي سجاڳ ڪيو آهي؟ هن چيو ته ها، ڇاڪاڻ ته توهان نماز باجماعت پڙهي ثواب حاصل ڪريو. امير معاويه چيس ته تنهنجو نماز سان ڇا وڃي؟ جن جواب ڏنو ته ڇا اوهان کي معلوم نه آهي ته، آءٌ فرشتن سان هزارها سال عبادت ۾ مشغول هوس، نيڪيءَ جو اثر اڃا دل ۾ آهي. امير معاويه چيس ته، تون ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين، ڏاڏي آدم سان ته تو نيڪي ڪانه ڪئي تو مون سان ڪيئن نيڪي ڪرڻ جو خيال ڪيو. تون انساني نسل جو دشمن آهين، سچ پچ ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڳالهه آهي، تون اڄ مون وٽ سوگهو آهين. مون کان آزاد ٿي نه سگهندين. شيطان گهڻائي حيلا بهانا ڪيا، مگر امير معاويه کي قائل ڪري نه سگهيو، آخر هن کي سچي ڳالهه ڪرڻي پئي چوڻ لڳو ته، مسلمانن جا ماما، مون اوهان کي انهيءَ ڪري جاڳايو، ته جيڪڏهن اوهان کان نماز جو وقت ويندو ته توهان ايتري قدر افسوس ۽ گريه زاري ڪندا جو نمازن جو ثواب ملي ويندو. جيڪو عبادت جو شوقين آهي، جيڪڏهن ان جو ڪو وقت ضايع ٿئي ٿو ۽ هو افسوس ڪري ٿو ته ان کي ايترو ثواب ملي ٿو، جو سندس فوت ٿيل نماز کان وڌيڪ آهي. مون کي خبر آهي ته هڪ دفعي هڪ صحابي نماز ۾ دير سان پهتو، ان وقت رسول ڪريم ﷺ جن نماز پڙهائي چڪا هئا، اها خبر ٻڌي صحابي دردناڪ دانهن ڪئي ۽ ان دانهن سان گڏ سندس دل جي رت جي بانس اچڻ لڳي. نمازين مان هڪ چيس ته، دوست اِها دانهن مون کي ڏي ۽ منهنجي نماز جو ثواب تون جهل. بس سودو ٿي ويو، نماز ڏئي، آهه وٺي گهر آيو. رات جو ان کي هاتفي آواز آيو ته، آب حيات ۽ شفا تو خريد ڪئي، اڳتي شيطان چوڻ لڳو ته،

گر نماز از وقت رفتي مرترا

اين جهان تاريک گشتي بي ضيا

آن فغان و آن تاسف آن نياز

در گزشتي از دوصد ذڪر و نماز

من حسودم از حسد کردم چنين

من عدوّم کار من مکر است واين

شيطان وڌيڪ چيو ته، مان گوارا نه ڪري سگهيس ته توهان جي دل مان به اهڙي آهه نڪري ۽ توهان جو ثواب نماز کان به زياده ٿئي. حضرت معاويه رضه چيس ته هاڻي تو سچ چيو آهي. مگر اي مڪّار ڪوريئڙا، مان مک نه هوس جو ڄاريءَ ۾ ڦاسائين ها. آءٌ شهباز آهيان، تون مکين کي ڦاسائي سگهين ٿو، مگر مون کي ڪجهه نه ڪري سگهندين، تو مون کي بيدار نه ڪيو، مگر حقيقتاً ننڊ ڪرائيه، وڌيڪ ثواب وڃائيه.

ڀائرو! شيطان جي مڪرن کان هميشه بچندا رهو.

 

بيت

ادا شيطان ٿو توکي ته کاري

نه پو ڀلجي انهيءَ جي تون پناري


 

 

 

 

ڪوڙا ماتمي

هڪ غريب شاعر، حلب ۾ عاشوري جي ڏينهن وارد ٿي، شيعن کي روئندو پٽيندو ڏسي، کانئن پڇڻ لڳو ته، يارو ڪير مري ويو اٿوَ جو هيڏو روئو رڙو ٿا. جواب مليس ته، ڇا توکي معلوم نه آهي ته اڄ امام حسين رضه جن جي شهادت پرسعادت جو ڏينهن آهي، ان جو ماتم ڪري رهيا آهيون. شاعر چوڻ لڳن ته، انهيءَ واقعي کي ته انڌن به ڏٺو ۽ ٻوڙن به ٻڌو، توهان هن وقت تائين ڪٿي هئا جو هاڻي ٿا ماتم ڪريو، جيڪڏهن واقعي اوهان جي اک اڄ کلي آهي ته افسوس ۽ حسرت کان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو، جو اڄ تائين غفلت ۾ پيا هئا. امام صاحب جو نه بلڪ پنهنجو ماتم ڪريو.

اي غافلو! ٻڌو ته سهي ته، پاڪ انسان، دين جا بادشاهه ٿيندا آهن، انهن جي لئي دنيا جي زندگي زندان مثل ٿيندي آهي، جڏهن هو انهيءَ مان آزاد ٿين ٿا، تڏهن خوش ٿين ٿا، اي اکين جا انڌا! اوهان امام صاحب جي فقط جسم کي ڏٺو، مگر افسوس جو حسيني روح کي نه سڃاتو، نه ڏٺوَ جو ڪڏهن مرڻ وارو نه آهي، هميشه حيات آهي توهان پنهنجي بي ديني تي ماتم ڪريو، ڇاڪاڻ ته توهان کي اهو شعور نه آهي، ته ارواح مقدس جو بدن کان رهائي حاصل ڪرڻ خوشيءَ جو سبب آهي ۽ نه غم جو.

جيڪي ماڻهو شهيدن جو ماتم ڪن ٿا اُهي شهيدن جي شان کي نٿا سڃاڻن.

 

شعر

خدا جي محبت ۾ جن آيو موت

سگهوئي ڄاڻ جيئرا فنا ٿيا نه فوت

 

 

مسلمانن جو خواب

هڪ دفعي هڪ يهودي، هڪ عيسائي ۽ هڪ مسلمان سفر تي گڏجي نڪتا. هي ڪا تعجب جي ڳالهه نه آهي، ڏسو ته هڪ ئي هنڌ عقل ۽ نفس گڏ رهن ٿا. هڪ ئي پڃري ۾ باز ۽ ڪانءُ گڏ بند ڏسجن ٿا.

مطلب ته هي ٽئي ڄڻا، هڪ منزل تي پهتا هڪ ماڻهو ثواب کٽڻ لاءِ، هنن مسافرن واسطي لذيذ حلوي جو ديڳڙو تيار ڪيو. جنهن ۾ باداميون وغيره وجهي کيس وڌيڪ مزيدار ۽ مقوي ڪيو ويو هو. شام جو وقت، يهودي ۽ عيسائي کاڌو کائي چُڪا هئا.

مسلمان به روزو ڇوڙي چڪو هو، هنن ٻن غير مذهب سنگتين چيو ته، اسان اڳ ۾ ئي کاڌو کائي ڍءُ ڪري ويٺا آهيون، تنهن ڪري هي ديڳڙو رکي ٿا ڇڏيون، سڀاڻي کائينداسين. مسلمان چوڻ لڳو ته نه، هي کاڌو اڄ رات ئي کائڻ گهرجي، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان… هنن چيس ته، ڇا تنهنجي مرضي آهي ته هي حلوو اڪيلو ئي کائي وڃن؟ مسلمان چيو ته نه ٽي ڄڻا آهيون، ٽي پتيون ڪري، هر هڪ هڪ پتي کائو، هنن چيو ته خبردار تقسيم ڪرڻ جو نالو نه وٺ ڇا تو نه ٻڌو آهي ته ”القاسم في النار، تقسيم ڪندڙ دوزخي آهي“ مسلمان چيو ته هيءَ ڳالهه آهي ته ڀلا توهان جي مرضي، حلوو نٿا ونڊيو ته نه ونڊيو. هنن ٻنهي جو مقصد هو ته مسلمان سڄي رات بکيو رهي. جيڪڏهن هو شير (مسلمان) گهري ها ته، ٻنهي (يهودي ۽ عيسائي) کان زور تي حلوو کائي وڃي ها مگر هو رضا تي راضي ٿي چپ ڪري ويهي رهيو، انهن مان آخر هڪ چيو ته، چڱو صبوح جو جيڪو اسان ٽنهي مان پنهنجو پنهنجو لڌل خواب ٻڌائيندو ۽ جنهن جو سڀني کان سٺو خواب هوندو، سو حلوي جو مالڪ ٿيندو. خير جو صبح ٿيو، اٿڻ سان يهودي بيان ڪيو ته، ”يارو مون کي واٽ ويندي حضرت موسيٰ عليه السلام ملي ويو، مان به ان سان گڏجي پيس ۽ هلندا هلندا ڪوه طور تي وارد ٿياسين، خدا جو نور اهڙو ته اچي پلٽيو جو مان، حضرت موسيٰ ۽ ڪوههِ طور ڍڪجي وياسين ٿوري وقت بعد ڪوههِ طور ٽي ٽڪر ٿي پيو، هڪ ٽڪر سمنڊ ۾ وڃي ڪريو، جنهن کان ان جو پاڻي مٺو ٿي پيو، ٻيو ٽڪر اندر زمين ۾ گهڙي ويو، جتان پاڻيءَ جو مٺو چشمو جاري ٿي ويو، ٽيون ٽڪرو بيت الله ۽ عرفات ۾ ڪريو، انهيءَ واقعي مون کي بيهوش ڪري وڌو، وري جڏهن هوش ۾ آيس ته ڏٺم ته ڪوهه طور سالم هو. مگر ان جي دامن ۾ وڏا وڏا انبياءَ عليهم السلام ۽ اولياءَ ڪرام موجود هئا، جي حضرت موسيٰ وانگر ”رب ارني“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. هڪ عجيب مخلوقات ڏسڻ ۾ آئي جن جا عضوا برف جهڙا اڇا هئا، وري هڪ باهه جهڙي سرخ رو قوم ڏٺم… مطلب ته يهودي پنهنجي خواب جو بيان وڏي شدت سان ڪرڻ لڳو.

وري عيسائي لب ڪشائي ڪئي، چي يارو مون کي حضرت عيسيٰ روح الله وٺي چوٿين آسمان تي ويو، اتي مون سج جي جاءِ ۽ مرڪز جو سير ڪيو ۽ اهڙيون اهڙيون شيون ڏٺم جن مان زمين تي ڪابه نظر نٿي اچي، يهودي جو ڪجهه ڏٺو، سو زمين تي، مگر مون آسمانن جو سير ڪيو.

”چه نسبت خاک را با عالم پاک“

هاڻي مسلمان جو وارو آيو، جنهن گوهر فشاني ڪئي ته ڀائرو! مون کي منهنجو بادشاهه ۽ آقا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن:

سيد و سادات سلطان نبيل

معجز کونين و هادي سبيل

مليا ۽ فرمائڻ لڳا ته، تنهنجو هڪ رفيق حضرت موسيٰ سان ڪوههِ طور تي سير ڪري رهيو آهي، ٻيو رفيق حضرت عيسيٰ سان عرش تي گهمي رهيو آهي. انهن ٻنهي فرشتن جو درجو حاصل ڪيو آهي. سو هاڻي انهن کي کائڻ پيئڻ جو احتياج ئي ڪونه آهي. تون بيڪار زمين تي ڇو پيو آهين، اُٿي حلوي جي ديڳڙي جو ڪم لاهه. جڏهن يهودي ۽ عيسائي مسلمان جو اِهو ٻول ٻڌو، تڏهن هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳا ۽ هن کي چوڻ لڳا ته ”تون حلوي جو ڪم لاهي ڇڏيو“. مسلمان جواب ڏنو ته، مسلمانن کي حضرت محمد رسول ڪريم ﷺ جن جو حڪم بجا آڻڻ فرض آهي، توهان ٻڌايو ته جڏهن حضور ﷺ جن ڪنهن شيءِ کائڻ بابت حڪم ڏين ته مان اُها شيءِ نه کانوان ۽ سندن حڪم بجا نه آڻيان؟ اي يهودي تون ٻڌاءِ، حضرت موسيٰ عه جي حڪم جي انحرافي تون ڪندين؟ اي عيسائي تون حضرت عيسيٰ عه جو حڪم موٽائيندين.

من ز فخر انبيا چون سرکشم

خورم، آن حلوا و اين دم سرخوشم

اِهو ٻڌي هو، چوڻ لڳا ته يار! برابر تنهنجو خواب سچو آهي، تو خواب مان ڪجهه حاصل ڪيو ۽ اسان محروم رهياسين، سامري هنر مان ڇا حاصل ڪيو مردود ٿي مئو قارون کي خزاني مان ڇا حاصل ٿيو زمين ۾ غرق ٿيو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com