سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روميءَ جون رهاڻيون

باب: --

صفحو :6

 

 

پنهنجي ڪمال تي نازان نه ٿجي

خليفو هارون الرشيد، عباسي خاندان مان، وڏي عقل ۽ انصاف وارو هو، سندس نالو چؤطرف مشهور و معروف هو، سخاوت ۾ حاتم کي به شهه ڏئي چڪو هو، هر طرف کان حاجتمند هن وٽ ايندا هئا ۽ مقصد جي موتين سان جهوليون ڀري واپس ويندا هئا. انهيءَ زمانه ۾ هڪ مفلس اعرابي هو، ان ۽ سندس زوراور زال جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي سا لکڻ ۽ ٻڌڻ جي لائق آهي:

بيبي: اي خدا جا بندا، اڄ اسان کان وڌيڪ دنيا اندر ڪوبه تنگ دست ڪونهي. گهر ۾ ڪو سامان نه آهه، ڪپڙو جان تي نه آهه، ماني ٻن ٽن ڏينهن کان اکين نه ڏٺي اٿئون. ماڪڙ به ڪانه ٿي اچي، جو ان کي ماري سيڪي پچائي گذران ڪريون ۽ ڀڀ کي ڀريون. جڏهن چنڊ اُڀري مٿي اچي ٿو، ته معصوم ٻچا انهيءَ کي ماني وانگر گول ڏسي، ان کي کائڻ وارا هٿ وڌائيندا رهن ٿا. اهڙي مفلسيءَ جي زندگيءَ کان ته موت ڀلو آهي، خدا توکي هٿ پير ڏنا آهن ته گهر کان ٻاهر نڪري ڪمائي ٻارن کي کاراءِ، حضر ۽ سفر ۾ انهن جو خيال رکڻو آهي.

شوهر: اي خدا جي بندي، قسمت ۾ رنج ۽ راحت انسان سان شال آهن، انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي، ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. ڪجهه عمر گذري وئي آهي ۽ ڪجهه گذري ويندي. نيڪي ۽ بدي، تاريڪي ۽ روشني عارضي شيون آهن، رزق ۽ جان ۾ دائمي ڪشش رهي ٿي. خدا، ڪيڙي کي پٿر اندر به ڏئي ٿو، جڏهن بک تنگ ڪري ٿي، ته روزي ۽ غذا به ڪنهن نه ڪنهن نموني پير ڀري ٿي، درد ٿئي ٿو ته دوا به آخر ملي ٿي. گهوگهو ڪرڻ واري فاخته، چون چون ڪرڻ واري جهرڪي، هيڏي وڏي پيٽ وارو هاٿي ڪنهن نه ڪنهن نموني پيٽ ڀري ٿو، جيڪي جيترو گهڻو کائي ٿلها متارا ٿين، سي زياده خوار ٿين ٿا ۽ تڪليف ڏسن ٿا. ڏٺو نه اٿئي ته ٿلهي ٻڪري تي ئي پهريائين ڪاتي وهائي ويندي آهي.

گوسفندان راز صحرا مي کشند

آنکه فربه تر مر اورا مي کُشند

تون منهنجي زال آهين، هڪ جان ٻه قلب آهيون، مون سان توکي به قانع رهڻو آهي، مگر عورت ذات کان شيطان به هار کائي ٿو، عورت ذات احسان فراموشيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سالن جو کٽيو، منٽن ۾ اڏايو ڇڏين، جڏهن زبان درازي ڪن ته، خدا ۽ رسول کي به ڇا جو ڇا چئي وڃي مٿي چڙهن.

بيبي: ميان صاحب! تون مون کي انهن ڳالهين سان وڏو ڏک پهچائين ٿو، زبان سنڀالي ڳالهاءِ تون ٽوٽي ٿي پيو آهين، مفت خوري جي عادت ۾ گرفتار ٿيو آهين، ڏاڙهيءَ کي ڊگهو کڻي بڻايو اٿئي. ان سان گڏ سجدا ڏئي ڏئي نرڙ تي ڪارو داغ کڻي ٺاهيو اٿئي، مان تنهنجي حالن ۽ افعالن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان، تون زهد و عبادت جو مون کي دوکو ڏين ٿو، سستي ۽ ڪم همتي جونالو، تو غلط طور توڪل کڻي رکيو آهي.

تو بنام حق ڀريبي مر مرا

تاکني رسوائي شورو شر مرا

شوهر: اي بد زبان! ڌر ڪو ڌيان، خاموش رهه، باهوش رهه، مان تنهنجي بد زباني ڪافي صبر سان سهندو رهيو آهيان، تون زال ٿي ڪري، مون سان ايڏو وات ٿي ڪرين… توکي خبر نه آهي ته، نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي فقر و فاقه تي فخر ڪندا هئا. تون اڄ ان کي بُرو ٿي ڄاڻين، ڪو حيا شرم نٿي آڻين، مان مسلمان آهيان، منهنجو منهن آئينه مثال آهي، توکي منهنجي چهري مان پنهنجي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي اچي، انهيءَ ڪري تون مون کي سست ۽ ڪاهل سڏين ٿي، مون کي جنوني سڏين ٿي، افسوس! ته تو ايتريون تڪليفون نه ڏٺيون آهن، سر تي سختيون سٺيون اٿئي پر فقر و فاقه جي لذت کان آشنا نه ٿي آهين تڪليفن تي جا عزت خدا کان ملي ٿي، تون انهيءَ کان بلڪل بي خبر رهي آهين.

کار درويشي ورائي فهم تست

سوئي درويشان تو نگر سست سست

مان ڄاڻان ٿو ته مون سان هاڻي گڏ رهڻ کان عار ڪرين ٿي، تڏهن مون سان ايڏو جهيڙو ۽ تڪرار ڪرين ٿي، تون صبر کان ڪم نٿي وٺين، تنهن ڪري تنهنجو ۽ منهنجو نباهه ناممڪن نظر اچي ٿو، بس توکي منهنجو سلام آهي… تنهنجي جدائي البت ڏک رسائي ٿي، مگر انهيءَ کان سواءِ ڪو علاج نٿو نظر اچي.

مڙس کي ناراض ڏسي عورت ٽپو ڏئي اُٿي ۽ پنهنجي هٿيار يعني روئڻ کي شروع ڪيائين ۽ سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي چوڻ لڳي ته، مون کي اميد نه هئي ته تون ايترو ٿيندين خفا، ۽ مون کي ڪندين جدا، ڄاڻي ٿو خدا، ته مون کي تنهنجي محبت جو ثبوت ملي ويو، سارو راز کُلي ويو، مون کي توسان ڏاڍي الفت آهي، مگر تنهنجي چئبو ته مونسان عداوت آهي، منهنجي جان، منهنجو پيءُ ماءُ تو تان قربان، مان تنهنجي حڪم جي انحرافي نه ڪندس، جا مرضي هجئي سا ڪر، مان تنهنجي خوشي ۾ خوش آهيان، تنگدستيءَ کان تنگ ٿي مون کان اهي ڳالهيون واتان نڪري ويون، تنگ آيد جنگ وارو معاملو بڻجي پيو. توکي ۽ ٻچڙن کي بکارو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم. مان انجام ٿي ڪريان ته هاڻي صبر ۾ رهنديس. تون به قسم کڻ ته جدائيءَ جو نالو ئي نه وٺندس ڇا توکي اُهي ڳالهيون وسري ويون آهن، جو منهنجي محبت ۾ گهڙي به پل ڪري ڄاڻندو هئين ۽ ”منهنجي پياري بيبي کي آڻيو، نه ته مري ويندس“ جهڙا جملا هر هر پيو اچاريندو هئين، اڄ هيتري قدر ڌڪارين ٿو، مون کي مفت ۾ مارين ٿو. ايئن چئي زار زار روئڻ لڳي، هن کي روئندو ڏسي، هي به زار زار روئڻ لڳو.

رسول الله ﷺ جن جو ارشاد پاڪ آهي ته، سليم العقل انسان، عورت جي چنبي ۾ جلد اچي ويندو آهي، بشرطيڪ عورت ڪجهه عقل ۽ شعور کان ڪم وٺي. گهڻو ڪري جاهل ۽ سخت دل مرد تي عورت جو منتر اثر نه ڪندو آهي. هن ويچاري تي به جوڻس جو جادو اثر ڪري ويو، ۽ سندس ڳوڙها اگهي کيس چوڻ لڳو ته منهنجي پياري! مان ته توسان چرچڙا ڀوڳڙا پيو ڪريان، بس ايتري ۾ روئي کڻي رڇ ڀريا اٿئي، هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته تنگدستي جو ڪهڙو علاج؟

بيبي: خدا جو شڪر آهي جو تو مون کي جدائي جو ڌڙڪو ڪونه ڏنو آهي. تنگدستيءَ جي حالت کان ڇوٽڪارو هيئن ملندو، هاڻ تون بغداد جي خليفه هارون الرشيد وٽ وڃ، شايد هو پنهنجو دست ڪرم توتي ڌري ۽ تنهنجي خالي جهولي اشرفين سان ڀري، اسان جو ٻيڙو پار ڪري.

دوستي مقبلان کيميا است

چون نظر شان کميائي خود کجا است

شوهر: هي برابر تو ٺيڪ چيو، مگر بادشاهن جي حضور ۾ هٿين خالي وڃڻ درست نه آهي، اها ڳالهه عقلمندي کان دور آهي.

بيبي: پيارا! اسان وٽ اهڙي ڪا شيءِ ڪانه رهي آهي، جا تحفتاً بادشاهه سلامت ڏانهن کڻي وڃن باقي، تلاءُ جو پاڻي واقعي هڪ تحفو آهي، اسان جي قوم کي انهيءَ پاڻي تي فخر آهي. انهيءَ جي طفيل سمورا عرب اسان جا محتاج آهن، انهيءَ پاڻيءَ مان هڪ مَشڪ ڀري، بادشاهه ڏانهن تحفو ڪري کڻي وڃ. خليفو ضرور توکي انعام اڪرام ڏيندو، جنهن مان اسان جو ڪم ٿي ويندو.

مڙس کي هيءَ ڳالهه پسند آئي، هو پاڻيءَ جي مشڪ ڀري، بغداد ڏانهن راهي ٿيو. اُتي ڇا ڏسي ته بادشاهه جي عاليشان بارگاهه آهي. هن وٽ قدمبوسيءَ لاءِ وڏن وڏن بادشاهن ۽ ميرن کي چاهه آهي، دروازي تي بيٺو سپاهه آهي، اهڙي چلت ۾ ڪنهن غريب جو، خليفي وٽ پهچڻ ڏاڍو مشڪل هو، مگر خليفي جو حڪم هو ته جيڪو مسافر اچي، ان جي ٽن ڏينهن تائين تمام خاطرداري ۽ مهمانداري ڪئي وڃي، جيڪڏهن هو بادشاهه سان ملڻ چاهي ته ان کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي. هن ويچاري بدوي عرب کي شاهي ملازم بادشاهي محل اندر مهمان ڪري وٺي ويا. سندس ڏاڍي خاطرداري ڪيائون ۽ کانئس پڇيائون ته ڪيئن آيو آهين؟ هن چيو ته مان ڏکيون منزلون طي ڪري هت پهتو آهيان ۽ بادشاهه سلامت لاءِ پنهنجي سحرا جو نادر تحفه آندو اٿم، ته بادشاهه سلامت هن خوشگوار پاڻيءَ کي نوش جان فرمائي، مون کي به سخاوت سان مالا مال ڪري. هيءُ ٻڌي بادشاهه جا نقيب کلڻ لڳا، مگر هي خيال ٿين ته متان غريب شرمندو نه ٿئي سو وڌيڪ ڪجهه نه چيائونس ۽ هن کي پاڻيءَ سميت وٺي خليفي جي خدمت اقدس ۾ حاضر ڪيائون. غريب پنهنجي تنگدستيءَ جو سارو حال خليفي سان بيان ڪيو ۽ کيس پاڻيءَ جي مشڪ پيش ڪري عرض ڪيو ته هي تحفو ضرور استعمال ڪجو.

بادشاهه چيو ته اسان تو سان ملي تمام خوش ٿيا آهيون… اسان تنهنجو تحفو اڄ استعمال ڪنداسين خاطري ڪر… بادشاهه حڪم ڪيو ته مشڪ خالي ڪريو، اشرفين سان هن مسڪين جي مشڪ کي ڀريو ۽ هن کي هڪ قيمتي خلعت به عطا ڪريو. صبح جي وقت هن کي دجله درياءَ جو به سير ڪرايو، بس انهيءَ وقت ئي زر ۽ خلعت سان غريب جي ناشاد دل کي شاد ڪيو ويو، صبح جو کيس دريا دجله جو، هڪ ٻيڙي ۾ سير ڪرايو ويو… هو دريا جو مٺو پاڻي پي پنهنجي تحفي طور آندل بدبودار پاڻيءَ کان شرمندو ٿيڻ لڳو، دل ۾ چوڻ لڳو ته خليفو جيڪڏهن ڪرم کان ڪم نه وٺي ها، ته منهنجو پنڌ ئي اجايو ٿئي ها، جيڪڏهن مون کي دجله دريا جي هن پاڻيءَ جي خبر هجي ته پنهنجي مشڪ کي واٽ تي ئي هاري ڇڏيان ها.

هن حڪايت مان هي نتيجو ٿو نڪري ته انسان کي پنهنجي عهدي ۽ ڪمال تي نازان ٿيڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته انسان جو ڪمال، خدا جي شان اڳيان تڇ پاڻيءَ جي مثال آهي. ڌڻي سائينءَ جو شان آب دجله جي مثال. اسان جو پنهنجي علم لاءِ زر خرچي خدا جي تعريف ڪريون ٿا، سا ڪابه حقيقت نه ٿي رکي، اهو خود خدا جو فضل ۽ احسان آهي جو هو اسان جي هيچه نذر کي قبول ٿو فرمائي تنهن ڪري انسان تون:

ڪَت بي ڪنب آڏو توريندڙ تکا،

اگهي ته پاءُ، نه ته مڻن کي به موٽ ٿي.


 

 

اياز ۽ ان جي اصلوڪي پوستين

اي اياز آن پوستين را ياد دار

حاسدن سلطان محمود غزنويءَ کي اطلاع ڏنو ۽ سندس ڪن ڀريا ته، حضور اوهان جو غلام، نمڪ حرام اياز، شاهي خزاني کي لٽي، هڪ حجري ۾ خزانو پنهنجي لاءِ وڃي ٿو لڪائيندو. هو اڪيلو، انهيءَ حجري ۾ وڃي ٿو، پر ٻئي ڪنهن کي اوڏانهن وڃڻ جي اجازت نٿو ڏئي. سلطان کي ته پَڪَ هئي ته اياز اهڙو ڀتو ڪم نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته مخلص بندي کان ڪڏهن به بيوفائي نه ٿيندي آهي.

هرکه اندر عشق يابد زندگي

کفر باشد پيش او از بندگي

سلطان غزنوي، هڪ امير کي حڪم ڏنو ته تون ٻين وزيرن کي ساڻ ڪري، رات جو اياز جي انهيءَ حجري جو ڪلف ڀڃي، چڱي طرح جاچ وٺ، جيڪو سامان هٿ لڳيوَ ان کي پنهنجو ڄاڻو. هي ماڻهو بخوشي اوڏانهن روانا ٿيا، دل ۾ خوش هئا ته اجهو ٿا بي انداز لعل و گوهر ۽ خزانو هٿ ڪريون، پنهنجون جهوليون خزاني سان ڀريون. هنن کي اوڏانهن روانو ڪري سلطان پاڻ به ويچار ۾ ويهي ويو، سوچڻ لڳو ته اگر خدا نه خواسته هنن جي ڳالهه سچي نڪري پئي ته اياز ڏاڍو شرمندو ٿيندو، منهنجي دل نٿي چاهي ته هو شرمسار ٿئي، گهڻو ڪري ته هن اهو ڪم ڪيو ئي نه هوندو، مگر جي کڻي ڪيائين ته به هن کي جائز آهي، ڇاڪاڻ ته هو منهنجو دل وارو، مون کي نور کان به پيارو آهي.

آخر حاسد تيزيءَ سان اياز جي ڪمري جو ڪلف ڀڃي اندر گهڙيا. هنن کي پراڻي جُتي ۽ هڪ پراڻي پوستين کان سواءِ ڪجهه به نظر نه چڙهيو. ڪنڊ ڪنڊ ڪري ڳوليائون، ڀتين جا چاپڙ لاٿائون، ڪجهه به هٿ نه آين، ڌوڙ منهن ۾ پاتائون سندن چهرا ئي ڦري ويا، شرمندا ٿي پوئتي موٽيا، بادشاهه اڳيان سخت لڄي ٿي، معذرت سان معافي گهرڻ لڳا. چوڻ لڳا ته شهنشاهه، جهان پناهه! اسان کان ٿي آهي خطا، اُها معاف ڪريو، اسان ڏانهن دل صاف ڪريو، جيڪڏهن اسان جو ڌڙ سر کان ڌار ڪريو ته به اوهان کي واجب آهي، انهيءَ تي:

گفت شهه ني اين نواز و اين گداز

من نه خواهم کرد هست آنِ اياز

بادشاهه چين ته، اوهان کي سزا ڏيڻ، يا معاف ڪرڻ، اياز جي وس آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان انهيءَ جي دل رنجائي آهي، هو جيڪي چاهي، سو ڪري جيئن وڻيس تيئن اوهان سان پير ڀري.

بادشاهه، عاليجاه جو حڪم ٻڌي اياز عرض ڪرڻ لڳو ته، حضور پرنور، منهنجا قدر شناس سلطان، اوهان تان منهنجي جان قربان، هنن ويچارن لاءِ شرمندگي ئي ڪافي آهي، بس مون ڏني کين معاف آهي. محمود چيو ته اي جان نثار، وفادار، اياز! ٻڌاءِ ته سهي ته، تون انهيءَ ڦٽل حجري ۾ روز ڇو ويندو آهين؟ اياز چيو ته، سائين هي گمنام غلام، اڃا سائينجن جي خدمت شريف ۾ حاضر نه ٿيو هو، انهيءَ وقت منهنجي پوشاڪ اها ميري ميري ۽ ڦاٽل پوستين ۽ اهو پراڻو جُوتو هو، مان هر روز انهيءَ کي ڏسي نفس کي چوندو آهيان ته اي نفس! اهي پنهنجا ٽپڙ ڏس، هاڻ سلطاني راز ۽ پيار ڏسي ڦونڊ ۾ نه پَؤ، تڪبر نه ڪر انهيءَ تڪبر، ۽ ڦونڊ عزازيل کي شيطان بنايو ۽ لعنت جو طوق سندس ڳچيءَ ۾ وجهايو.

اِهو ٻڌي سلطان چوڻ لڳو ته اي اياز! تو کي آهي آفرين، تون لائق آهين بيشڪ صد تحسين؟، واقعي تون انهيءَ ڳالهه جي قابل آهين ته، آءٌ توکي سڀني کان عزيز ڄاڻان. هنن حاسدن جيڪا حرڪت ڪئي آهي، ان لاءِ سندن سر ڌڙ کان ڌار ڪرايان ها، مگر جنهن صورت ۾ تو معافي ڏني اٿن، تنهن صورت ۾ مون به کين بخشيو.

انسان کي واجب آهي ته، ڪيڏي به عهدي ۽ ڪمال کي رسي ته به تڪبر نه ڪري.

 

تڪبر عزازيل کي خوار ڪيو

گلي ۾ سندس طوق لعنت جو پيو

 

 

حڪم غزنوي ۽ تعميل اياز

هڪ ڏينهن سلطان محمود غزنوي دوستن سان چرچا ڀوڳ ڪري رهيو هو، هڪ صاحب، مهل ڏسي عرض ڪيو ته اگر مون کي شهنشاهه، عاليجاه جي اجازت هجي، ته گذارش ڪريان.

سلطان فرمايو ته، ڀلي اجازت آهي، عرضدار صاحب چيو ته، سڀني کي هن ڳالهه کان حيرت آهي ته، بادشاهه جو حبشي اياز تي ڇا کان ايترو پيار آهي، نه هن ۾ حسن آهي نه اطوار آهي. نڪي هو هوشيار، يا خبردار آهي، تاهم به هو سڀني جو بڻجي ويو سردار آهي. بادشاهه چيو ته، انهيءَ سوال جو جواب درٻار اندر ڏيندس…

هڪ ڏينهن بادشاهه درٻار ۾ چيو ته اڄ سڀ ڪو پنهنجي خيرخواهي جو مون کي ثبوت ڏئي، ايئن چئي هڪ بي بها موتي، دٻي مان ڪڍي، پنهنجي سامهون رکيائين، هڪ لوهه جو مطرقو به گهرايائين، وزيراعظم کي هٿ ۾ هٿوڙو ڏئي، حڪم ڪيائين ته، هن موتيءَ کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪر، وزيراعظم چيو ته هي لک سوا لک جو موتي آهي، مون کي دل اجازت نٿي ڏئي ته هن کي ڀڃا. جيڪڏهن بادشاهه جو اهڙو درّ ثمين ٽوڙي ٽڪر ٽڪر ڪريان ته بادشاهه جو خيرخواهه ڪيئن سڏبس. ايئن چئي بيهي رهيو، بادشاهه هن کي آفرين چئي، هڪ چوغو عطا ڪيائينس… اهڙي طرح واري واري سان هر هڪ وزير ۽ امير کي گهرائيندو ويو، جن سڀني وزيراعظم جي تقليد ڪئي ۽ پيروي ڪئي. پڇاڙيءَ ۾ بادشاهه اياز کي گهرايو موتي سند هٿ ۾ ڏئي، کانئس پڇيو ته هن جي قيمت ڪيتري هوندي؟ اياز چيو ته هي املهه ماڻڪ بي بها، جنهن جي قيمت ۾ قارون جو خزانو به پورو نه پئي. سلطان محمود چيو ته اي اياز! هن هٿوڙي سان هن کي ٽڪر ٽڪر ڪر حڪم ٻڌنديئي، اياز هٿوڙي سان هن بي بها موتيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو… هي ڏسي درٻار ۾ سناٽو ڇائنجي ويو، سڀ ڪوئي چوڻ لڳو ته واهِ جو اياز نمڪ حلالي ملهائي آهي.

گفت اياز اي مهترانِ نامور

امر شهه بهتر بقيمت يا گهُرَ

اياز چيو ته، يارو ٻڌايو ته سهي، ته بادشاهه جو حڪم اعليٰ يا موتيءَ جي قيمت بهتر … افسوس توهان هڪ موتي جي خاطر، بادشاهه جي حڪم کي نه مڃيو منهنجي نظر بادشاهه جي مبارڪ حڪم تي هئي، نه هڪ پٿر يعني گُهرَ تي، مان مشرڪ نه هوس، جو پٿر جي پرستش ڪريان ها، اوهان سلطاني حڪم جي ڪابه پرواه نه ڪري، هڪ پٿر کي زياده سمجهي ويهي رهيا هئا.

محمود کي اياز جي هيءَ ورندي ڏاڍي وڻي ٻين وزيرن تي ڏاڍو ڏمريو، چيائين ته، اوهان منهنجي وزارت جا لائق نه آهيو، اي جلاد جلد! هنن جون سريون ڌڙ کان ڌار ڪر.

هي حڪم ٻڌي اياز آداب بجا آڻي، نماڻو ٿي عرض ڪرڻ لڳو ته سلطان! توهان تان وڃان قربان، هنن کان اِها گستاخي، اوهان جي معافيءَ جي ڀروسي تي ٿي آهي، خدارا هنن کي معافي ڏيو.

وزيرن اميرن به روئي روئي معافي ورتي. آئينده معلوم ٿي وين ته انسان کي بنا چون چرا جي پنهنجي آقا جو حڪم مڃڻ گهرجي…

 

مڃڻ گهرجي هڪدم وڏن جو چيو

وڏن جو وڏو شان رب آ ڪيو

 

 

باهه کان بچڻ جو علاج

حضرت عمر فاروق اعظم رضه جي خلافت جي وقت ۾ هڪ دفعي مديني عاليه ۾ باهه لڳي، جنهن اڌ شهر جلائي ڇڏيو، باهه کي وسائڻ جون ڪوششون ناڪامياب ٿيڻ لڳيون، اصحاب رضه، عاجزيءَ سان، حضرت فاروق اعظم رضه، جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، روئي عرض ڪرڻ لڳا ته يا حضرت! توهان رسول ﷺ جن جا دوست، مستجاب الدعوات آهيو، خدا جي درگاهه ۾ باهه کي وسائڻ لاءِ دعا گهرو… پاڻ جواب ڏنائون ته هي باهه قهر خدا آهي، سا تيستائين نه وسامندي جيستائين توهان يتيمن کي نقدي خواهه طعام نه ڏيندا. سڀئي عرض ڪرڻ لڳا ته اسان کان وڌيڪ ڪو خيرات ڪرڻ وارو آهي ئي ڪونه، حضرت عمر رضه جواب ڏنن ته:

گفت نان بر رسم عادت داده اند

از برائي ور نکشاده اند

بهر فخر و بهر پوش و بهر ناز

نه از برائي ترس و تقويٰ و نياز

مال تخم است و بهر شوره منه

تيغ را در دست هر رهزن مده

گهڻا ماڻهو، مال خدا، جي واسطي خيرات نه ڪندا آهن، بلڪ فخر و ناز لئي خرچيندا آهن، خيرات اُها ئي مقبول پوندي آهي جا خلوص دل ۽ تقويٰ سان ڏني وڃي … آخر جڏهن اهلِ مدينه يتيمن ۾ خيرات تقسيم ڪئي، تڏهن باه خدا جي حڪم سان جلد اُجهامي وئي. مطلب ته خيرات ۽ صدقه اُهوئي قبول پوندو جو محض الله ڪارڻ ڏنو ويندو.

ٿا چون ڏاها ڏنو آهي ٻنو

راه ربّ جي ۾ ڏنو ناهي ڪنو!

 

چور عدالت فاروقي ۾

هڪ چور، چوري ڪندي پڪڙجي پيو ۽ حضرت عمر رضه وٽ پيش ڪيو ويو، ڏوهه مٿس ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري حڪم ڏنائون ته سندس هٿ ڪاٽيو وڃي. اِهو ٻڌي چور عرض ڪيو ته، يا فاروق اعظم! منهنجي حال تي رحم جي نظر ڪر، هي منهنجو پهريون قصور آهي، مون کي معافي ڏيو، مان وري چوري نه ڪندس. هن جي دانهن فريادن تي اصحاب ڪرام کي به ترس پيو ۽ سڀئي ان جي سفارش ڪرڻ لڳا ته، هن جي هيءَ پهرين خطا آهي، هن کي معافي ڏني وڃي، جيڪڏهن ٻيهر هن کان اهڙو ڏوهه سر زد ٿئي، ته سندس هٿ ڪاٽيو وڃي… حضرت عمر رضه جواب ڏنو ته مان يقين ٿو ڪري سگهان ته، هن جي هيءَ پهرين خطا آهي، هيءَ ڳالهه منهنجي ربّ ستار جي ستاري ۽ غفاريءَ کان بعيد آهي، جو پهرين خطا تي بندي گندي کي خوار ڪري ۽ کيس توبه جو موقعو نه ڏئي، اوهان يقين ڄاڻو ته هو چور هن کان اڳ به خطائون ڪري چڪو آهي ۽ ستار جي پرده پوشيءَ جو فائدو وٺي چڪو آهي، اي جلاد جلد منهنجي روبرو هن جو هٿ وڍ… نيٺ هن چور کي سزا ڏني وئي. الله تعاليٰ بندي گندي کي ڪيترائي دفعا مهلت ٿو ڏئي، سندس پرده پوشي ٿو ڪري، ته من توبه ڪري باز اچي، مگر هو جڏهن باز نٿو اچي تڏهن ان کي رسوا ۽ خوار ٿو ڪري…

ڏمر جي ڌڻي ته ڏسي ڏنگايون

 

 

محمود ۽ هندو غلام

حق شعار، حضرت شيخ عطار کان روايت آهي ته سلطان محمود غزنوي، هندستان مان هڪ غلام آندو، بادشاهه جو مٿس ايڏو پيار ٿيو جو هن کي پنهنجو پٽيلو ڪيائين، پاڻ سان گڏ کيس تخت تي ويهاريائين ۽ فوج جو وڏو آفيسر کيس مقرر ڪيائين. هندو غلام هي حالت ڏسي زار زار روئڻ لڳو. محمود پڇيس ته، روئين ڇو ٿو؟ ڏس ته تنهنجي آڏو وزير، امير لشڪر جا ڪمانڊر ۽ سپاهي ايئن دست بسته بيٺا آهن، جهڙي طرح چنڊ جي چوڌاري، ستارا! هن وقت ته توکي خوش ٿي کلڻ کپي ۽ نه روئڻ کپي.

هندو عرض ڪيو ته، اي بنده نواز! تنهنجي مبارڪ هستيءَ تي دنيا جيترو به ناز ڪري، اُهو ٿورو آهي. تنهنجي دل معدن سخا ۽ تنهنجا هٿ، بحر ڪرم و عطا آهن، تنهنجو عدل ضرب المثل آهي، تنهنجي ملڪ ۾ نه فساد آهي، نه خلل آهي جهڙو تون غريبن تي مهربان آهين، تهڙو وري علم وارن جو قدردان آهين. ڳالهه هيئن آهي ته هندستان ۾ آءٌ اڃا جڏهن ننڍو ٻار هوس، ته مون کي تنهنجو نالو وٺي ڊيڄاريندا هئا، امان جڏهن خفا ٿيندي هئي ته چوندي هئي ته، توکي محمود کڻي وڃي…

مان جڏهن اِهو امان جو دڙڪو ٻڌندو هوس ته ڊڄي ويندو هوس، دل ۾ سمجهندو هوس، ته محمود واقعي اهڙو ظالم آهي! جنهن جو ظلم پهاڪو بڻجي ويو آهي. مگر توکي هاڻي ههڙو رحيم و ڪريم ڏسي امان ابو ياد پون ٿا ته ڪاش! اُهي هن مهل هت هجن ها ته، اکين سان ڏسن ها، ته جنهن کي اوهان ظالم سمجهي ويٺا هئا، اُهو ڪيتري قدر عادل، رحيم ۽ ڪريم آهي. بادشاهه سلامت! جيڪڏهن هو توکي ڏسن ها ته ضرور شرمندا ٿين ها، مون کي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جا لفظ ياد اچن ٿا ۽ اوهان جا ڳڻ ياد اچن ٿا ته روئڻ ٿو اچي.

انهن ماڻهن کي هن ڳالهه مان سبق پرائڻ گهرجي، جيڪي محمود غزنوي کي ظالم سمجهن ٿا.

 

شعر

نيڪن جو نالو موت پڄاڻان به ڳائجي،

نيڪي جي راهه ۾ پوءِ ڇو نه وک وڌائجي.

 

سلطان محمود ۽ پنج چور

سلطان محمود غزنوي، رات جو چمڙا پوش ڪري رعيت جي ڏک سک جو احوال معلوم ڪندو هو. هڪ رات هن کي پنج چور مليا. سلطان انهن کي چيو ته، مان به توهان جهڙو چور آهيان، انهن مان هڪڙي، چيو ٻڌايو ته توهان مان هر هڪ ڪهڙو ڪهڙو ڪمال رکي ٿو؟ هڪ چيو ته، منهنجي ڪن ۾ اهڙي خاصيت آهي، جو ڪتي جي ٻولي سمجهي وڃان ٿو. يارن چيس ته هي هنر ته ٻن دمڙين جي برابر آهي. ٻئي چيو ته منهنجي اکين ۾ اهڙو نور آهي، جو انڌاري رات ۾ به هزارن ماڻهن ۾ جنهن کي هڪ دفعو ڏسان ان کي سڃاڻي وڃان ٿو.

ٽئين چيو ته منهنجي ٻانهن ۾ اهڙو زور آهي، جو ڪهڙي به سخت ڀت هجي ته ان کي کاٽ هڻي وڃان ٿو، چوٿين چيو ته منهنجي نڪ ۾ اهڙي خاصيت آهي، جو مان مٽي سنگهي ٻڌائي سگهان ٿو ته هن ۾ ڇا ڇا آهي؟ جهڙي طرح مجنون کي ليليٰ جي سرزمين جي، حضرت يعقوب کي پيراهن يوسف جي، حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي يمن مان حضرت خواجه اويس قرنيءَ جي خوشبو ٿي آئي، تهڙي طرح مون کي مٽيءَ ۾ زر ۽ جواهرات جي بانس ايندي آهي…

پنجين چيو ته منهنجي چنبي ۾ اهڙي قوت آهي، جو ڪنهن به بلند مڪان ۾ مضبوطيءَ سان ڪمند لٽڪائي سگهان ٿو، ڇا اوهان کي محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ڪمند اندازي جي خبر ناهي، ته تخت و بخت جا مالڪ بڻجي، عرش معلي تائين رسائي حاصل ڪيائون…

ان کان پوءِ پنجئي ڄڻا محمود کان پڇڻ لڳا ته، يار! ٻڌاءِ ته تو ۾ ڪهڙي خاصيت آهي؟ محمود چيو ته، منهنجي ڏارهيءَ ۾ اهڙي حڪمت آهي، جو جڏهن مان انهيءَ کي لوڏيان، ته اُهي ڏوهي، جي جلادن جي هٿ ۾ هجن ته به هڪدم آزاد ٿين… چورن چيو تڏهن يار تون ته اسان ۾ قطب آهين، هاڻي اسان کي ڪهڙي پرواهه، هلو اڄ هلي شاهي خزانه کي لٽيون… جڏهن بادشاهي محلات جي طرف روانا ٿيا، تڏهن ڪتو ڀونڪڻ لڳو، هڪ چور چيو ته يار ڪتو چوي ٿو ته بادشاهه سلامت اوهان سان گڏ آهي. واٽ تي هڪ مٽيءَ جو ڍير پيو هو، سنگهڻ واري مٽي سنگهي چيو ته هت هڪ رن زال جي جاءِ هئي. الغرض منزل مقصود تي وڃي پهتا. ڪمند اڇلائڻ واري شاهي محلات ۾ ڪمند اڇلايو… سنگهڻ واري سنگهي ٻڌايو ته هن هنڌ شاهي خزانو رکيل آهي. کاٽ هڻڻ واري کاٽ هڻي، چورن کي اندر داخل ڪيو. اندران خزانو، قيمتي ڪپڙا جواهرات کڻي ٻاهر آيا، هڪ مخفي جاءِ ۾ لڪايائون، ته ڀلي لَڙ لهي ته پوءِ مال ورهائي کڻنداسون. محمود پنجئي جا نشان پتا پڇي موٽي محلات ۾ آيو. صبح جو جڏهن درٻار ٿي، تڏهن بادشاهه کي سندس چوري ٿي وڃڻ جي رپورٽ پهتي. سڀئي حيران هئا ته شاهي محلات ۾ چوري ڪرڻ جي ڪنهن کي ڪيئن جرائت ٿي! بادشاهه چوڻ لڳو ته اي غافلو! مون کي سڀ خبر آهي، وڃو فلاڻن فلاڻن کي وڃي پڪڙي اچو، نيٺ سپاهي ويا ۽ انهن کي وڃي پڪڙي آيا ۽ درٻار شاهيءَ ۾ حاضر ٿيا، ٻيا ته سڀ ڪمال ڏيکاري رهيا هئا، فقط اکين واري عارف کي پنهنجو ڪمال ڏيکارڻو هو. هن درٻار ۾ پهچڻ سان ڏسنديئي پنهنجي سنگتين کي چيو ته يارو! ڇهون اسان جو سنگتي ته خود بادشاهه سلامت هو. بس پوءِ بادشاهه جي ڀرسان اچي عرض ڪرڻ لڳو ته،

”اي رات وارا رفيق! تون منهنجي سنگت کي بخش! سڀني پنهنجو پنهنجو ڪمال توکي ڏيکاريو، هاڻي تون به پنهنجي مبارڪ ڏاڙهي لوڏي ڪمال ڏيکار. بادشاهه کي کل اچي وئي ۽ ڏاڙهي لوڏيائين جو جلادن لاءِ اشارو هو، مجرمن کي ڇڏڻ جو، هو آزاد ٿي ۽ دل ۾ شاد ٿيا. اي يار وفادار! ياد رک ته قيامت ۾ ڪنهن کي ڪنهنجو ڪمال ڪم نه ايندو، سواءِ محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ڪمال جي، پاڻ شب معراج ديدار الاهيءَ ۾ ايتري قدر ته محو هئا، جو سواءِ خدا جي ٻئي ڪنهن ڏانهن توجه ئي ڪونه ڪيائون، انهيءَ لاءِ سندن نظر انور کي ”ما زاغ“ جو خطاب مليو. انهيءَ عارف الاهي جي شفاعت اسان گنهگارن جي نجات جو ذريعو ٿيندي.

نه هلندو هُت اسان جو عذر حيلو

محمّد ئي اسان جو آ وسيلو

قيامت ۾ خدا کان بخشرائي

جڳهه فردوس ۾ ڏيندو وٺائي.

 

 

ابراهيم ادهم ۽ اٺ وارا

سلطان ابراهيم ادهم بلخي نه رڳو دنيا جو بادشاهه هو. مگر فقيريءَ ۾ به سلطان هو، هڪ ڏينهن پنهنجي بادشاهي زماني ۾ محلات جي ڇت تي ويٺو هو ته سندس اک لڳي وئي، ڏٺائين ته ڇت تي اٺن وارا موجود آهن ۽ چون ٿا هوڏانهن نهار، هي پير ڏس، هُت بيٺو هوندءِ… مطلب ته هو اهڙي طرح ڊوڙندا رهيا ٿي، جهڙي طرح ميدان ۾ گهوڙا سوار… ابراهيم ادهم کانئن پڇيو ته ڀائرو ڇا ڳولي رهيا آهيو؟ هنن جواب ڏنو ته يار! اسان جو اٺ گم ٿي ويو آهي، ان کي هن محلات ۾ ٿا ڳوليون. بادشاهه چين ته اوهان ڪهڙا نه بي عقل آهيو، بادشاهي محلات ۾ اوهان جو اُٺ! سوئي ڇت تي ڪيئن آيو… هڪ ساريان هٿ جوڙي عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت! اسان واقعي بودلا آهيون، مگر توهان به پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسو ته، جيڪڏهن اسان کي قصر شاهي جي ڇت تي اٺ نٿو ملي سگهي ته، توهان کي تخت تي ويٺي رب ڪيئن ملندو! جيڪڏهن اوهان خدا سان ملڻ چاهيو ٿا ته گوشه تنهائي ۾ ويهي سائينءَ کي ساريو، هي ٻڌي ابراهيم ادهم سڳورو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ تخت و تاج کي ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين سچ چيو اٿن ته:

 

بيت

جي ڀائين جوڳي ٿيان ته ويهي ڳول وجود،

اٿي الک سامهون سامي ڪر سجود،

خلوت ڪر خفيءَ سين ٿي نفيءَ ۾ نابود،

پورج پورب پار ڏي بابو ڇڏي بود،

نانگا نفس پنهنجو ڪر رضا سان ربود،

تن کي ڏيئي تسيا ٿي اُلفت سان آسود،

غبي ڇڏ غنود، ته رانول رسين ربّ کي.

 

حضرت ابراهيم ادهم ۽ فرمانبردار مڇيون

حضرت ابراهيم ادهم هن فاني دنيا جي حڪمراني ڇڏي دريا جي ڪناري تي پنهنجي فقيراڻي گودڙي سبي رهيو هو ته اوچتو سندس محڪوم اميرن مان هڪ اُتي اچي نڪتو، کيس سڃاڻي ادب بجا آندائين. پر دل ۾ خيال ڪرڻ لڳو، حضرت ابراهيم ادهم ڪيڏي نه غلطي ڪئي آهي، جو بادشاهي ڇڏي فقير بنجي ويٺو آهي. صاحبِ دل آدمي شير جي مثال ۽ عام جون دليون جهنگل مثال آهن. صاحبِ دل حضرات تي مخفي ڳالهيون به ظاهر ٿي پونديون آهن. تنهن ڪري واجب آهي، ته جڏهن به اهلِ دل صاحبن جي خدمت ۾ وڃجي، ته دل کي فضول ڳالهين کان پاڪ ۽ صاف رکجي. ڇاڪاڻ جو هو دل جي خطرات کان واقف ٿين ٿا. افسوس آهي، جو دل جا انڌا، دل جي انڌن جي روبرو ته باادب وڃن ٿا، مگر اکين وارن وٽ ادب جو لحاظ نٿا رکن، انهيءَ ڪري هُو حرض و هوا جي آتش ۾ جلن ٿا تنهن ڪري:

دل نگهداريد اي بي حاصلان

در حضوري حضرتِ صاحبد لان

حضرت ابراهيم ادهم، امير جي خطراتِ دل کان واقف ٿي چڪو هُو. پاڻ يڪدم پنهنجي سئي دريا ۾ اڇلائي، چوڻ لڳو ته ”اي مڇيون منهنجي سُئي دريا ۾ ڪري پئي آهي حاضر ٿي ڳولي ڏيو.

صد هزاران ماهئي اللهئي

سوزنِ بر لب هر ماهي

سر بر آورند از دريائي حق

که بگيري شيخ سوزن هائي حق

امير هيءَ حالت ڏسي حيران ٿي ويا جو هزارين مڇيون هر هڪ پنهنجي وات ۾ سوني سئي جهلي چئي رهي هئي، حضرت وٺو پنهنجي سُئي.

روبرو کردد بگفتش اي امير

ملک دل بہ يا چنين ملک حقير

ابراهيم ادهم امير کي چيو ته، يار! ظاهري حڪمراني چڱي يا دلين جي بادشاهي بهتر، جيڪڏهن غور ڪري ڏسندا ته دنيا فقط ڏيکاءُ آهي. حقيقت جي طرف اچ، ظاهر کي ڇڏي معرفت الاهي جي پُر بهار باغ جي گلن جو واس وٺ، جن جي خوشبو سان تنهنجو دماغ معطر ۽ اکيون روشن ٿين، هيءَ انهيءَ باغ جي خوشبو آهي، جنهن کان يوسف جي پهراڻ جي آمد جي خبر حضرت يعقوب عه کي پئي هئي، انهيءَ خوشبوءِ کان نماز ۾ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي مبارڪ اکين کي ٿڌاڻ حاصل ٿيندي هئي.

امير کي انهيءَ ڳالهه کان وجد اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته افسوس! مڇيون به الله وارن کي سڃاڻن ٿيون، مگر بدباطن انسان درويشن کي نٿا سڃاڻن! هاءِ هاءِ! انسان الله سان قريب هوندي به بعيد ٿيندو رهي ٿو… ايئن چئي حضرت ابراهيم ادهم جي قدمن تي ڪري پيو…

عقلمند انسان جو ڪم آهي ته، الله جي پيارن ٻانهن سان حسد ۽ دشمني رکي ٽوڪ بازي نه ڪري، بلڪ دل کي ڪدورت کان صاف رکي انهن جي خدمت ۾ حاضرِ ٿي فيض حاصل ڪري، تنهن کان سواءِ هن فاني دنيا کان دل کڻي، رب سان رمز رلائي دل جي آئينه کي اڇو اجرو رکي دنيا ۽ دنيا وارن کي دل ۾ جاءِ نه ڏجي.

جي ڀائين جوڳي ٿيان ته سڱ سڀئي ڇڏ،

اوڏو ٿي الف کي من ميم سين گڏ،

هتان لاهوتي لڏ، ته گر کي گڏجين ڪاپڙي.

 

مطلبي صوفي ۽ جهاد

هڪ دفعي، جهاد ڪرڻ لئي، اسلامي لشڪر روانو ٿيو، انهن سان گڏ هڪ صوفي به شامل هو، چند ڏينهن بعد، راه ۾ دشمن سان مقابلو ڪرڻو پيو. لشڪر وارا صوفيءَ کي ڪمزور ڄاڻي، ٽپڙن جي نگهداشت لاءِ مال ۽ تنبن ۾ ڇڏي ويا، غنيم مقابلي جو تاب جهلي نه سگهيو مسلماني لشڪر بي انداز مالِ غنيمت ۽ دشمن جي قيد ٿيل ماڻهن سميت آرام گاهه ڏانهن واپس وريو. ڏٺائون ته صوفي سڳورو غصي سب تتو باهه ٿيو ويٺو آهي. لشڪر مال غنيمت جو حصو هن وٽ پيش ڪيو. مگر صوفي وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته توهان مون کي بيڪار ڄاڻي هت ڇڏي ويا هئا، مون کي ميدان جنگ ۾ دشمن سان مقابلو ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. مجاهدن چيس ته فڪر نه ڪر… اسان وٽ گهڻائي قيدي آهن، جن جي گردن زني ڪرڻ مهل تون به هٿ هڻجانءِ.

نيٺ صوفي صاحب، هڪ ٻڌل ۽ قابو ٿيل قيدي جي ڪم لاهڻ لاءِ هن کي خيمي کان ٻاهر وٺي ويو. ڪافي دير گذري ته به هي واپس نه موٽيو سنگتين خيال ڪيو ته، ڏسون ته سهي، هن صوفيءَ سان ڪا ويڌن ته نه ٿي. وڃي ڏسن ته مار، صوفي پٽ تي ڪريو پيو آهي، ۽ ٻڌل قيدي مٿس چڙهيو ويٺو آهي، ڏندن سان سندس ڳچي ايئن چٻائي رهيو آهي، جيئن ٻلي ڪبوتر کي وٺندي آهي. سندس رت ۾ هن قيديءَ جي ڏاڙهي ميندي رتڙي ٿي پئي آهي.

سچ پچ ته اسان به پنهنجي دست بسته نفس جي اڳيان هن صوفي وانگر زبون ۽ پست آهيون.

نيٺ ڪنهن مجاهد هڪ ئي وار سان هن گبر جو ڪم لاهي ڇڏيو، صوفي کي کڻي هوش ۾ آندائون ۽ پڇڻ لڳس ته حضرت! تون هڪ ٻڌل ۽ نيم مرده قيديءَ اڳيان ڪيئن ڪري پئين جو، هو تنهن جو کنڌو ئي خلاص ڪري رهيو هو. صوفيءَ چيو ته مان اڃان هن کي ڌڪ هڻڻ لاءِ سنبريس ته هن مون ڏي اهڙي گهور مان ڏٺو جو مان بيهوش ٿي ويس.

گردش چشمش مرا لشڪر نمود

من نيارم گرفت چون پرهول بود

اهو ٻڌي غازي مرد چوڻ لڳس، ڪافرن جي پنبڻين کي لشڪر ڄاڻڻ وارا صوفي! اهڙي حالين هليو آهين جهاد ڪرڻ؟ مهرباني ڪري آئينده ميدان جو نالو ئي نه وٺ. جڏهن تون هڪ قيديءَ جي اک ڏيکارڻ سبب بيهوش ٿي ويو آهين، تڏهن تون، تيرن جا حملا، تلوارين جا ڌڪ، نيزن جون نوڪون ڪيئن سهي سگهندين؟ وڃ وڃ وڃي خانقاهه ۾ بورچي خانه جي سنڀال ڪر ۽ کائي پي ڀڀ کي ڀر.

 

بيت

هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال ۾ ڍار

مجاهد ٿي مار، نانگا پنهنجي نفس کي.

 

جهاد اڪبر

حضرت عياض رضه فرمائي ٿو ته مون کي شهادت جي سعادت حاصل ڪرڻ جو ايترو ذوق هو، جو ستر جهادن ۾ بنا زره دشمن سان لڙيس، ڏاڍي بهادري سان وڙهيس منهنجي بدن جو، ڪو اهڙو حصو ئي نه رهيو هو، جتي زخم نه رسيو هجيم.

جڏهن مون ڏٺو ته، شهادت منهنجي حصي ۾ ناهي تڏهن مان چله ڪشي ڪرڻ لڳس ۽ هن جهاد اڪبر ۾ تن ۽ بدن کي ڳارڻ لڳس. بدن تمام هيڻو ۽ اشاري وهيڻو ٿي چڪو هوم، اوچتو هڪ ڏينهن غازين جي نغارن جو آواز ٻڌم، منهنجي نفس چيو ته اُٿ اُٿي جهاد ۾ ٿي شامل، ڇو ٿيو آهين سست ۽ ڪاهل، چيومانس ته، اي بيوفا نفس! تون ۽ جهاد جي صلاح ڏين… انهيءَ ۾ ڪونه ڪو فريب ضرور رکيو اٿئي، جيڪڏهن مون کي سچ نه ٻڌائيندين ته آءٌ وڌيڪ رياضت ڪري، توکي نهوڙي نيندس. نفس چيو ته، تون مون کي هت هر روز ڪافرن وانگر مارين ٿو، مون کي ڳارين ٿو، دنيا ۾ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته مون تي ڇا گذري رهيو آهي. جيڪڏهن لڙائي ۾ هلندين ته، من هڪ سخت ضرب رسڻ سان مري جند ڇٽي پوندم. دنيا منهنجي بهادري جا ڳڻ ڳائيندي مون چيس ته، اي ڪتا نفس! تون منافق وانگر زنده رهڻ ۽ منافق وانگر مرڻ گهرين ٿو، اي رياڪار ۽ ذليل نفس! تنهنجي بيهودگي هاڻي وڌي ويئي، بس مون هاڻي انجام ڪيو آهي ته، جيستائين بدن ۾ ساهه هوندم تيستائين خلوت کان ٻاهر نه نڪرندس، ڇاڪاڻ جو گوشه نشينيءَ ۾ ويهي ماڻهو اهو ڪجهه ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪوبه ڏيکاءُ نه آهي.

جنبش و آرام اندر خلوتش

جز برائي حق نه بودش تيتش

نفس ڪشي جهاد اڪبر آهي ۽ جهاد ڪرڻ جهاد اصغر آهي، جهاد اڪبر، حيدر جو ڪم آهي، جهاد اصغر رستم جو ڪم، انهيءَ شخص جو ڪم ناهي، جو هڪ ڪئي جي کڙڪي تي هوش و حواس گم ڪري ڇڏي. اهو شخص صوفي سڏائڻ جي لائق نه آهي. سئي چڀڻ جو عذاب به سهي نه سگهي ۽ آرزو رکي تلوار هڻڻ جي. اهڙن صوفين صوفياءِ ڪرام کي بدنام ڪيو آهي.

شعر

پنهنجو ته نفس مارڻ آهي جهاد اڪبر

ربّ کي نه دم وسارڻ آهي جهاد اڪبر

 

نصوح جي توبه

هڪ شخص، جنهن جو نالو ”نصوح“ هو، ان جو آواز هلڻ چلڻ، اٿڻ، ويهڻ، شڪل ۽ مهانڊو عورتن جهڙو هو. هو لباس به زنانو پائيندو هو. جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرندو هو ته برقعو پائي نڪرندو هو، هن زنانه حمام ۾ ڪم ڪرڻ جو پيشو اختيار ڪيو، هو امير زادين ۽ وڏن ماڻهن جي عورتن کي وهنجارڻ جو ڪم ڪندو هو. انهيءَ ذليل ڪم لاءِ سندس ضمير ڪيترائي دفعا مٿس ملامت ڪري چُڪو هو مگر سندس نفس سرڪش کيس توبه تائب ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.

هڪ ڏينهن نصوح هڪ بزرگ وٽ ويو، دعا گهرڻ لاءِ التجا ڪيائينس … هو خدا رسيده مرد هن جي ڪڌن ڪرتوتن کان واقف ٿي چڪو هو، مگر اهڙن خدا جي يارن جي لبن تي خاموشيءَ جي مهر لڳل هوندي آهي. هو ڪنهن بندي گندي جي پرده دري نه ڪندا آهن، الله تعاليٰ هنن جي سيني کي اسرارن جو دفينه بنائي ٿو.

هرکه را اسرار حق آموختند

مهر کردند و دهانش دوختند

بزرگ نصوح جي التجا ٻڌي، کيس چيو ته، شال خدا توکي توبه ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري.

آن دعا از هفت گردون در گزشت

کار آن مسکين بآخر خوب گشت

عارف جي دعا، عام ماڻهن جي دعا جهڙي نه آهي، هُو لب کان نڪرڻ سان اجابت (قبوليت) جو جامو پائي ٿي.

نصوح اُتان اٿي جڏهن حمام ۾ آيو، ته بادشاهه جي نياڻي وهنجڻ آئي. خدا جي قدرت انهيءَ جو هڪ قيمتي موتي گم ٿي ويو. جو معمولي تلاش بعد نٿي لڌو. آخر فيصلو ٿيو ته حمام ۾ جيڪي به عورتون آهن، انهن جي جان جا سڀ ڪپڙا لاهي تلاشي ورتي وڃي.

درشگافِ فوق و تحت و هر طرف

جستجو گردند در از هر صدف

هيءَ حالت ڏسي نصوح جون ٻه به ويون ڇهه به ويون، چهرو زرد ٿي ويس، بدن سرد ٿي ويس، سمجهي رهيو هو ته اجهو ٿو پردو فاش ٿئي. سر ٿو ڌڙ کان ڌار ٿئي، هُو چوڻ لڳو ته ياالله! جيترو مان گنهگار آهيان، اوترو ٻيو ڪوبه نه آهي، ڪاش! منهنجي ماءُ مون کي نه ڄڻي ها، مون کي ڪو بگهڙ يا شينهن کائي ڇڏي ها، ته منهنجي جند اهڙا عذاب نه سهي ها، جهڙا هاڻي سَهڻا پوندم، ياالله! جو مون بدڪار کان پڳو ٿي سو ڪيم، هاڻي تون اُهو ڪر جيڪو تنهنجي ستاريءَ جي شايانِ شان هجي. مان بارها توبه ڪئي آهي، مگر ثابت نه رهيس، هن دفعي مون کي هن ذلت ۽ خواري کان بچاءِ آئينده توبه ٿو ڪريان ته اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪندس.

هُو انهيءَ آه زاريءَ ۾ هو ته آواز آيو ته اي نصوح! هاڻي تنهنجو وارو اچي ويو آهي، تلاشيءَ لاءِ تيار ٿي، هي آواز ٻڌي هو حواس باخته ٿي ڪري پيو.

جان بحق پيوسته چون بيهوش شد

موج رحمت آن زمان در جوش شد

جڏهن هو خودي کان لنگهي ويو، تڏهن الله جي رحمت جوش ۾ آئي… ايتري ۾ هڪ ڪنيزڪ شاهي حڪم ڏنو ته موتي لڀي ويو، هاڻي ڪنهن جي تلاشي نه ورتي وڃي. انهيءَ آواز کان سڀني حمام وارن خوشيءَ جو نعرو هنيو، جنهن جي آواز تي نصوح به هوش ۾ آيو. پوءِ ته سڀ عورتون نصوح ڏانهن ڀڄنديون آيون، معاف ڪجانءِ اجايو بدگماني کان تنهنجي تلاشي ورتي ٿي وئي… اصل ڳالهه هيئن هئي ته شهزاديءَ کي وهنجارڻ ۽ سينگارڻ جو ڪم نصوح جي هٿ هو، تنهن ڪري سڀ ڪو ئي هن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جيئن ته هو شهزادي سان گهڻي لهه وچڙ ۾ هوندو هو تنهن ڪري سڀني جو گمان هو ته، موتي نصوح کنيو آهي. سڀ کان اول هن جي تلاشي ورتي وڃي ها، مگر شهزادي جو خيال هو ته هن کي موتي اڇلائي ڇڏڻ جو موقعو ڏجي، جيئن شرمسار ٿيڻو نه پويس، ڇاڪاڻ جو شهزاديءَ جو مٿس پيار هو، نصوح دل جو دل ۾ چوڻ لڳو ته مون کان معافي ڇو ٿي ورتي وڃي. حقيقتاً مان وڏي ۾ وڏي سزا جو لائق آهيان. منهنجا ڏوهه هڪ مون کي معلوم آهن ۽ ٻيا خدا تعاليٰ ستار و غفار کي! مان گناهه ڪندو رهيس، هو ستار منهنجي پرده پوشي ڪندو رهيو. هاڻي مون کي سچي توبه جي طاقت ڏني اٿس. هاڻي مان جيتري قدر موليٰ سائين جو شڪر ادا ڪريان، اُهو ٿورو آهي جيڪڏهن منهنجو هڪ هڪ وار زبان بنجي وڃي ته به سندس شڪر ادا ڪري نه سگهبو، مطلب ته نصوح باعزت حمام کي ڇڏي گهر پهتو…

ان کان پوءِ شهزاديءَ ڪنيزڪ موڪليس ته اچي مون کي وهنجاري، نصوح ڪنيزڪ کي چيو ته وڃي شهزادي کي چوي ته منهنجو هٿ بيڪار ٿي پيو آهي ۽ بيمار ٿي پيو آهيان…

گفت رَو رو دست من بيڪار شد

وين نصوح تو کنون بيمار شد

هاڻي اِها خدمت ڪنهن ٻئي کي سپرد ڪئي وڃي، دل ۾ چوڻ لڳو ته خدا خدا ڪري مس موت جي منهن مان ڇٽو آهيان مون هاڻي دل و جان سان توبه ڪئي آهي، بس منهنجي جان وڃي ته وڃي مگر توبه نه ٽوڙيندس، آخر هو توڙ تائين توبه تي قائم رهيو ۽ ڪڏهن به حمام ڏانهن نه ويو.

 

بيت

اوڳي نه چڏ تون ائٽ الاڻي

توبه توبه ڪيو تند تاڻي

لينجهه پڙي ڪڍ ڇني ڇاڻي

هردم حق جي تند تنوار

چرخو چوري ڪرت ڪا تار!

 

بادشاهه ۽ ٻه غلام

هڪ بادشاهه وٽ ٻه غلام هئا، جي نهايت حسين ۽ هر هڪ هنر ۾ قابل هئا. خوش نويسي ۾ عماد جا آقا، نظم ۾ نظامي جا ثاني، مصوريءَ ۾ بهزاد و ماني، تدبير ۾ نظام الملڪ، دانشمندي ۾ ارسطو، حڪمت ۾ افلاطون، لغت ۾ جوهري، فصاحت ۾ سحبان کي شهه ڏيڻ وارا هئا. مطلب ته هو همدان هئا ۽ هڪ ٻئي کان زور. هڪ ۾ البت گهٽ وڌ ڳالهه ڪرڻ جي عادت هئي. باقي ٻئي ۾ ڪوبه عيب ظاهر ڪونه هو.

بادشاهه ٻنهي تي ڏاڍو مهربان هو، هڪ ڏينهن خيال ڪيائين ته هنن جي باطني ڪمالات جو امتحان وٺجي، هڪ ڏينهن گهٽ وڌ ڳالهه ڪندڙ نوڪر کي سڏي اڪيلائي ۾ چوڻ لڳو ته، يار! تنهنجو هو دوست (ٻيو غلام) تنهنجي پرپٺ تنهنجي ڏاڍي گلا ڪري ٿو، چي ڪوڙو حقير ۽ چور آهي. بادشاهه جي انهن ڳالهين کي هي ڏاڍي غور سان ٻڌي رهيو هو ۽ چوڻ لڳو ته، حضور منهنجو دوست ته وڏو باحيا، سچو، خوش خلق ۽ نيڪ آدمي آهي. ممڪن آهي ته، اِهي عيب مون ۾ هجن، نه ته هو جيڪر ڇو ايئن منهنجي نالي چوي. اِهو ٻڌي بادشاهه هن کي چيو ته دور ٿي، وڃي پردي جي پٺيان لڪي ويهه. ان کان پوءِ بادشاهه سندس ٻئي سنگتي کي گهرايو ۽ چيو ته تنهنجو سنگتي تنهنجي عيبن جا دفتر کولي، مون کي ٻڌائي رهيو هو ته توکي غدار، مڪار، چور، ڪوڙو مطلب ته الائجي ڇا جو ڇا سڏي رهيو هو. اِهو ٻڌي هو تپي باهه ٿي ويو، وات مان گف وهڻ لڳس، پنهنجي دوست کي ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو… ان تي بادشاهه چيس ته بس ڪر، خاموش رهه، مون کي تنهنجي عادت جي خبر پئجي چڪي مون کي ڏسڻو هو ته ظاهري سهڻا ته ٻئي آهيون، مگر سيرت ڪنهن جي سهڻي آهي، پتو پئجي ويم ته هو دل جو آهي نيڪ ۽ سعيد، تون آهين شيطان ۽ پليد. هُن جي سهڻي سيرت، سندس مرتبو مون وٽ وڌايو تنهنجي بدگوئي تنهنجو درجو مون وٽ گهٽايو.

سچ آهي ته جو شخص پنهنجي عيبن کي نٿو ڏسي، مگر ٻين جي عيب جوئي ٿو ڪري، اُهو وڏو بيوقوف ۽ مغرور ۽ متڪرب ٿئي ٿو تنهن ڪري بدصورت، نيڪ سيرت انسان، خوبصورت، بد سيرت انسان کان هزارها درجه بهتر آهي.

رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته، ان الله لاينظر اليٰ صورکم، ولکن ينظر اليٰ قلوبکم خدا توهان جي شڪلين ڏانهن نظر نٿو رکي، مگر اوهان جي دلين کي ڏسي ٿو.

بيت

صورت سهڻا ڪيترا ٽاٽا سندن ٽوهه

ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کامي مري

شعر

سهڻا ته سوين ٽوهه پٽن تي پيا آهن!

سيرت نه جنهين يار ۾ سو يار ڪبو ڇا؟

ٽوهه جو ڏس رنگ ان جو ذائقو پڻ ڏس چکي

سهڻي صورت کان برادر! سهڻي سيرت اٿئي چڱي

 

مسلمان ۽ هڪ گبر

حضرت بايزيد بسطامي، جي زماني ۾ بسطام ۾ هڪ گبر (آتش پرست) رهندو هو. جنهن جي هڪ مسلمان سان دوستي هئي مگر ان مسمان جا حال اهڙا هئا، جو جن ڳالهين کان اسلام منع ٿي ڪئي، تن کي زور ڏئي پورو ڪندو هو، هڪ ڏينهن هن پنهنجي دوست گبر کي چيو ته، اي يار! قبر جو خوف ڪر، خدا کان ڏر، آتش پرستي ڇڏي ڏي، اسلام سان دل گڏي ڏي. باهه توکي ڪهڙو ڪم ڪري ڏيندي، ڀلي تون سو ورهيه سندس پوڄا ڪر، مگر هو توکي دم اندر جلائي خاڪ ڪندي. هن کي دوست دشمن سڃاڻڻ جي تميز ئي ڪانه آهي. جيڪو ماڻهو الله سان شرڪ ڪري ٿو، اهو قيامت جي ڏينهن بنا پڇا ڳاڇا جي نارِ جهنم جو ٻارڻ ٿيندو … بس خدا کي مڃ آتش پرستي ڇڏ…

انهيءَ تي سندس دوست آتش پرست چيو ته، منهنجي اڳيان اسلام جا ٻه نمونا آهن، هڪ آهي، بايزيد جو اسلام جنهن مان واقعي دين جي عظمت ۽ شوڪت معلوم ٿي ٿئي. تنهن کان سواءِ ڪنهن سان محبت رکڻ، حلال کائڻ، حرام کان بچڻ، غير ڏانهن نه ڏسڻ، هر وقت الله الله ڪرڻ… ڪهڙا نه عمدا ڪم سُجهن ٿا، مگر افسوس ته مون ۾ ايتري طاقت ڪانه آهي، جو ايمان آڻيان. اهڙي اسلام جو آءٌ بيشڪ غلام آهيان مگر ٻيو اسلام جو تون پنهنجي اعمال سان پيش ڪري رهيو آهين، ان کان ته ڪافر رهڻ ئي بهتر آهي. نفس ته چاهي ٿو، ته تو جهڙو بڻجي پوان، مگر ضمير ملامت ٿو ڪري، اسلام واقعي فطري مذهب آهي، هر ذي شعور سليم الفطرت انسان، دل سان انهيءَ جو گرويده آهي، مگر افسوس ته مسلمانن پنهنجي بداعمال سان، غير مسلمن کي بدظن بڻائي ڇڏيو آهي.

آنکه صد ميلش سوئي اسلام بود

چون شمارا ديد آن باطل نمود

جيڪڏهن مسلمان صحيح مسلمان بڻجي پنهنجي اعمال صالحه سان سٺي طرح هلن ته، ماڻهو خودبخود اسلام اڳيان سر تسليم خم ڪن، مگر اڄ ڪلهه ته مسلمانن جو هي حال لڳو پيو آهي ته،

منهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آزر آهين،

دغا رکن دل ۾ شرڪ ۽ شيطان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com