سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪليمنجارو جي برف

باب: --

صفحو :4

 

پرڏيهه ۾

سرءُ جي موسم ۾ به جنگ سدائين هلندي هئي. پر اسان محاذ تي وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. اُن مند ۾، ملانِ ۾ ڏاڍي سردي هئي ۽ سوير ئي اوندهه ٿي ويندي هئي. اوندهه ۾ بجليءَ جي روشني هوندي گهٽيءَ مان، روشن درين اندر ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. دڪانن ٻاهران شڪار ٿيل ڪافي مال پيو لٽڪندو هو. برف، لومڙن جي بـُـجن مان ٻوري وانگر پئي ڪرندي هئي ۽ سندن پڇ هوا ۾ پيا لڏندا هيا. هرڻ سخت، ڳرا ۽ پيٽ خالي ٽنگيا پيا هوندا هيا، ۽ ننڍڙا پکي، هوا ۾ پيا لڏندا لمندا هيا، سندن بـُـجَ هوا ۾ پيا ڦڙڪندا هيا. اها سرءُ جي موسم ڏاڍي ٿڌي هئي ۽ هوا جبلن تان تيزيءَ سان هيٺ لهندي هئي.

اسان سڀ هر شام جو اسپتال ۾ ڪٺا ٿيندا هياسين. سنجها ويل اسپتال وڃڻ لاءِ شهر مان ڪيترائي رستا هوندا هيا. ٻه ته واهن جي ڪنارن سان هوندا هيا، پر اهي ڊگها، ڪـُـشادا رستا هيا. جيتوڻيڪ اسپتال ۾ پهچڻ لاءِ اوهان کي ڪانه ڪا پل ٽپڻي ئي پوندي. ٽن پلين مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي هـُـئي. انهن مان هڪڙيءَ پل تي، هڪ عورت نيزا ڀـُـڃي وڪڻندي هئي. سرديءَ ۾ هن جي ڪوئلن واري باهه اڳيان بيهندي مزو ايندو هو ۽ گرم نيزا جڏهن کيسي ۾ پوندا هيا ته بدن ۾ گرمي محسوس ٿيندي هـُـئي. اسپتال پراڻي هئي پر ڏاڍي سهڻي هئي. دروازي مان گهڙي، هڪ پڌر مان لنگهڻو پوندو هو. پٺين پاسي دروازي کان ٻاهر نڪربو هو. پڌر مان گهڻو ڪري جنازا کڄندا هيا. اسپتال جي پويان نئين سـِـرن سان جوڙيل ڇپرو هيو، ۽ اتي ئي هر سنجها جو اسان سڀ گڏبا هياسين ۽ هڪ ٻئي سان همدردانه انداز ۾ ڏک سور اوريندا هياسين. اتي انهن مشينن ۾ ئي اسان ويهندا هياسين، جي اسان جي عضون کي درست ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيون هيون.

ڊاڪٽر ان مشين طرف آيو، جنهن تي مان ويٺو هوس ۽ پڇيائين: ”جنگ کان اڳ تنهنجو دلپسند شغل ڪهڙو هو؟ ڪا راند وغيره ڪندو  هئين؟“

”هائو، فٽ بال.“

”سٺو.“ هن چيو، ”تون وري اڳ کان به بهتر فٽ بال کيڏڻ جي لائق ٿي ويندين.“

منهنجو گوڏو ڦري نه سگهندو هو، ۽ ڄنگهه گوڏي کان پنيءَ تائين سڌي سنئين هئي. مشين ان کي موڙڻ لاءِ هئي ۽ گوڏي کي ائين موڙڻ لاءِ پئي ڪيائين، جيئن سائيڪل هلائڻ مهل گوڏو مڙندو آهي. پر اهو مڙيو نه پئي، سو مشين موڙڻ واري نـُـڪتي تي اچي بيهي رهندي هئي. ڊاڪٽر چيو، ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. تون خوش نصيب آهين. تون وري فٽ بال کيڏندين ۽ چئمپين ٿيندين.“

منهنجي پاسي واري مشين تي هڪ ميجر هو، جنهن جو هڪ هٿ ٻار جي هٿ جيان ننڍڙو هو. جڏهن ڊاڪٽر هن جي هٿ جو معائنو ڪرڻ شروع ڪيو ته هن مون کي اک جو اشارو ڪيو. سندس هٿ ٻن چمڙي جي پٽن جي وچ ۾ هيا، جي ان کي هيٺان مٿان ويڙهيل، مـُـڙيل آڱرين کي سڌو ڪري رهيا هيا. هن ڊاڪٽر کان پڇيو، ”مان فٽ بال کيڏي سگهندس، ڊاڪٽر ڪئپٽن؟“ هو وڏو تلوار باز هيو ۽ جنگ کان اڳ، اٽليءَ جو وڏي ۾ وڏو تلوار باز.

ڊاڪٽر پٺين ڪمري ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويو ۽ هڪ فوٽو کڻي آيو، جنهن ۾ هڪڙو هٿ ڏيکاريل هو جو مشين رستي ٺيڪ ٿيڻ کان اڳ، ميجر جي هٿ جيان ننڍڙو هو، ۽ بعد ۾ وڏو ٿي ويو هو. ميجر اهو فوٽو پنهنجي سالم هٿ ۾ جهليو ۽ خيال سان ڏسڻ لڳو، ”ڦٽجي پيو هو؟“ هن پڇيو.

”ڪارخاني ۾ حادثي جو شڪار ٿيو هو.“ ڊاڪٽر وراڻيو.

”ڏاڍو دلچسپ آ، دلچسپ.“ ميجر چيو، ۽ فوٽو ڊاڪٽر کي موٽائي ڏنو.

”توکي ويساهه آيو؟“

”نه.“ ميجر چيو.

هڪڙا ٽي ڇوڪرا به هوندا هيا، جي منهنجا هم عمر هيا ۽ روز ايندا هيا. اهي ٽيئي مـِـلان جا رهواسي هيا. هڪ وڪيل ٿيڻ پي چاهيو، هڪ نقاش ۽ باقي هڪ سپاهي. مشينن مان واندي ٿيڻ بعد، ڪڏهن ڪڏهن اسان چارئي موٽندي ڪيف ڪووا ويندا هياسين، جو اسڪالا جي بلڪل لڳ هو. اسان ڪميونسٽن جي علائقي مان ننڍڙو رستو وٺندا هياسين. اسان جو چئن ڄڻن جو ٽولو هوندو هو ۽ ماڻهو اسان کان نفرت ڪندا هيا، ڇوجو اسين سڀ فوجي آفيسر هياسين. هڪ ڀيري شراب جي دڪان کان ڪنهن رڙ ڪئي، ”گندن آفيسرن جو ٽولو.“ هڪ ٻيو ڇوڪرو به ڪڏهن اسان سان گڏجي ويندو هو ۽ اسان پنج ٿي ويندا هياسين. هن کي منهن تي ڪارو رومال ويڙهيل  هوندو هو، ڇو جو سندس نڪ ڪٽيل هو ۽ سندس منهن نئين سر ٺهڻو هو. هو فوجي اسڪول مان سڌو محاذ تي ويو هو ۽ پهرين ڪلاڪ ۾ ئي زخمي ٿي موٽيو هو. هن جو منهن نئين سر جوڙيو ويو پر جيئن ته هو قديم معزز گهراڻي جو هڪ فرد هو، تنهنڪري سندُس نڪ صحيح نموني ٺهي نه سگهيو. هو ڏکڻ آمريڪا هليو ويو ۽ هڪ بئنڪ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پر اهو گهڻو وقت اڳ هيو پوءِ جي اسان مان ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته ڇا ٿيندو. اسان رڳو اهو پئي ڄاتو ته جنگ سدائين هلندي رهندي ۽ اسان ان ۾ وري شريڪ ٿي نه سگهنداسين.

منهن تي ريشمي ڪارو رومال ٻڌل ڇوڪري کان سواءِ، اسان سڀني وٽ ساڳيا ئي ٻلا هيا، هن کي ان ڪري ڪو ٻلو نه هو، جو هو ايترو وقت جنگ تي رهيو ئي ڪين هو. ڊگهو، زرد چهري وارو ڇوڪرو، جيڪو وڪيل ٿيڻو هو ۽ آرڊٽي جو ليفٽيننٽ هيو، ان وٽ ٽي ٻلا هيا، اسان مان هر ڪنهن وٽ هڪڙو هـُـيو. هن گهڻو وقت موت سان مقابلو ڪيو هو ۽ ڪي قدر لاتعلق رهندو هو. اسين سڀ هڪ ٻئي کان لاتعلق هوندا هياسين، ان کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه اسان ۾ هڪ جهڙي نه هئي ته اسين هر شام جو اسپتال ۾ گڏ ٿيندا هياسين. البت ڪڏهن ڪڏهن ڪـَـووا ڏانهن ويندي، شهر جي ڳتيل حـصي مان لنگهندي، اوندهه ۾ شراب جي دڪانن مان ايندڙ ڌپ ۽ راڳ جي آوازن کي جهٽيندي، اهڙين سوڙهين ۽ رش وارين گهٽين ۾ هليا ويندا هياسين، جتان لنگهڻ لاءِ ڌڪا ڌوما به ڏيڻا پوندا هيا، اتي اسين پاڻ ۾ گڏ هئڻ جي احساس کي محسوس ڪندا هياسين ۽ سوچيندا هياسين ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿي ضرور آهي جا انهن کي سمجهه ۾ نه پي آئي جو  هو اسان کان نفرت ڪري رهيا هيا.

اسان سڀني کي ڪووا جو ماحول ڏاڍو وڻندو هو. اتي آسائش هئي، گرمي هئي ۽ روشني گهڻي نه هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اتي شور ۽ دونهون وڌي ويندو هو. خدمت لاءِ، ٽيبلن تي ڇوڪريون هميشه موجود هونديون هيون ۽ ديوار سان تختن تي تصويرن وارا رسالا ۽ اخبارون موجود هونديون هيون. ڪـَـووا ۾ موجود ڇوڪريون ڏاڍيون محب وطن هيون. مون کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو ته اٽليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ محب وطن، ڪيفي ڪـَـووا جون ڇوڪريون ئي هيون. ۽ يقين هئم ته اهي اڃا به محب وطن هونديون.

ڇوڪرا شروع ۾ منهنجي ورديءَ واري ٻلن ڏانهن ڏاڍي عقيدت سان ڏسندا هيا ۽ مون کان پڇندا هيا ته مون ڇا ڪيو هو جو اهي مليا هيم. مون کين ڪاغذ ڏيکاريا، جي انهن ڏاڍيءَ سهڻيءَ ٻوليءَ ۾ تعريف ۽ ساراهه سان پڙهيا. حقيقت ۾ جي ان مان اهي صفتون ۽ مبالغي آميز جملا ڪڍيا وڃن ته اڻ سڌيءَ طرح ڄاڻايل  هو ته مون کي اهي ٻلا ان ڪري مليا هيا جو مان آمريڪي هـُـئس. ان بعد سندن روش ۾ ڪجهه تبديلي اچي ويئي، جيتوڻيڪ ڌارين جي خلاف مان سندن دوست ۽ اتحادي هئس. مان سندن دوست هئس، پر مان سچ پچ انهن مان نه هئس، خاص ڪري ڪاغذن پڙهڻ بعد ڇو جو انهن مون کي کانئن مختلف ڪري ڇڏيو هو. هنن ٻلن حاصل ڪرڻ لاءِ انوکا ۽ مختلف ڪارناما سرانجام ڏنا هئم. مان زخمي ٿيو هوس، اهو سچ هو، پر اسان سڀني ڄاتو پئي ته جنگ ۾ زخمي ٿيڻ صرف هڪ حادثو آهي. مان انهن ٻلن ڪري شرمسار ڪونه هئس، حالانڪ ڪڏهن ڪڏهن شراب نوشيءَ کان پوءِ، مان دل ئي دل ۾ خواهش ڪندو هـُـئس، ته ڪاش مان به اهڙا ڪم ڪيان ها جن ڪري انهن ٻلن جو واقعي مستحق ٿي پوان ها.

پر رات جو، بازار بند ٿيڻ پڄاڻان، خالي گهٽين ۽ سرد هوا ۾، گهر موٽندي، گهٽيءَ جي بتين جي روشنيءَ هيٺان ايندي، مان سمجهندو هئس ته اهڙا ڪارناما ڪڏهن به نه ڪري سگهان ها. ان وقت مون کي موت کان ڏاڍو ڀؤ ٿيندو هو. اڪثر رات جو بستري تي اڪيلي ستي به ڊڄندو هئس، ۽ عجب لڳندو هئم ته جي وري محاذ تي ويس ته ڇا ٿيندو.

ٻلن وارا ٽيئي، شڪاري بازن جيان هيا ۽ مان باز نه هـُـئس، جيتوڻيڪ انهن کي مان باز لڳندو هـُـيم، جن ڪڏهن به شڪار نه ڪيو هجي. اهي ٽيئي وڌيڪ سمجهو هيا، ان ڪري اسان هڪ ٻئي کان ڌار ٿيندا وياسين. پر مان ان ڇوڪري سان دوستاڻا ناتا رکندو آيس، جو محاذ تي پهرين ڏينهن ئي ڦٽجي پيو هو، ڇو جو هن هاڻي، اهو نه پي ڄاتو ته اڳتي هلي ڇا ٿيندو ۽ نه ئي ٻين کي خبر هئي ته ڪهڙو عروج ماڻي ها. مان هن کي ان ڪري به پسند ڪندو هئس، جو سمجهيم پي ته مون وانگر شايد هو به ڪڏهن باز ٿي نه سگهي.

تلوار بازيءَ جو  عظيم ماهر، ميجر، بهادريءَ ۾ گهڻو ويساهه نه رکندو هو ۽ اڪثر وقت جو اسين مشينن حوالي هوندا هياسين، منهنجو گرامر درست ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو. هو منهنجي سٺي اطالوي زبان ڳالهائڻ تي داد ڏيندو هو ۽ اسين هڪ ٻئي سان آسانيءَ سان ڳالهائيندا هياسين. هڪ ڏينهن مون چيو: اطالوي مون کي ايتري سولي زبان ٿي لڳي، جو ان ۾ مان گهڻي دلچسپي نه ٿو وٺي سگهان. رڳو ڳالهه ڪري ڇڏڻ سولي ڳالهه آهي. ”او، ها.“ ميجر چيو، ”ته پوءِ گرامر سکڻ ڇونه ٿو شروع ڪرين؟“ سو اسان گرامر سکڻ شروع ڪيو، ترت ئي مون کي اطالوي ايتري ڏکي محسوس ٿيڻ لڳي جو هن سان گفتگو ڪندي ڊپ ٿيندو هئم، جيستائين اڳواٽ گرامر بابت سوچ ويچار نه ڪري وٺان ها.

ميجر باقاعدگيءَ سان اسپتال ايندو هو. مان نه ٿو سمجهان ته هن ڪو ڏينهن گسايو هوندو، جيتوڻيڪ پڪ هيم ته هن کي انهن مشينن تي ڀروسو ڪونه هو. ڪو وقت هو جڏهن اسان مان ڪنهن جو به انهن مشينن ۾ اعتبار ڪونه هو ۽ هڪ ڏينهن ميجر چيو: هي سڀ ڪجهه بڪواس آهي. مشينون نيون ايجاد ٿيل هيون ۽ اسان کي انهن جي تجربي جو شڪار پئي بنايو ويو. اهو هڪ احمقاڻو خيال هو. هن چيو، ”ٻين نظرين جيان هڪ نظريو.“ مان گرامر نه سکيو هئس ۽ هن چيو هو ته مان بيوقوف هـُـئس ۽ هو احمق هو جو مون سان مٿي ماري ڪري، وقت وڃايو هيائين. هو هڪ ته قد جو ننڍو هو ۽ ٻيو ڪرسيءَ تي اڀو ويٺو هو، سندس ساڄو هٿ مشين ۾ هو ۽ سامهون ڀت ڏانهن ڏٺائين پئي، پٽا سندس آڱرين جي وچ ۾ ڦري رهيا هيا.

”جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ، تون ڇا ڪندين؟“ هن مون کان پڇيو.

”صحيح گرامر ڳالهائجانءِ!“

”مان آمريڪا هليو ويندس.“

”پرڻيل آهين؟“

”نه، پر اميد اٿم.“

”تون ته ڪو وڏو بيوقوف آهين.“ هن چيو. هو ڏاڍو ڪاوڙيل پي نظر آيو. ”ماڻهوءَ کي شادي نه ڪرڻ کپي.“

”ڇو مسٽر ميجر؟“

”مون کي ’مسٽر ميجر‘ نه چئه.“

”ماڻهوءَ کي شادي ڇونه ڪرڻ گهرجي؟“

”هو شادي نٿو ڪري سگهي، نٿو ڪري سگهي.“ هن ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو، ”جيڪڏهن هو اهو سڀ ڪجهه وڃائڻ وارو آهي، ته پاڻ کي هروڀرو اهڙي حالت ۾ ڇو وجهي، جو اهو ڪجهه وڃائي ويهي. هن کي ڪجهه وڃائڻ واري صورت حال ۾ نه پوڻ گهرجي. هن کي اهڙيون شيون هٿ ڪرڻ گهرجن جي وڃائجي نه سگهن.“

هو ڪاوڙ ۾، تيز، رُکو ۽ ڪڙو ڳالهائي رهيو هو ۽ ڳالهائڻ وقت سڌو سنئون سامهون ڏسي رهيو هو.

”پر اهو ضروري آهي ڇا ته هو اهو وڃائي ويهندو.“

”هو وڃائيندو.“ هو ڀت طرف نهاري رهيو  هو. پوءِ هن هيٺ مشين ڏي ڏٺو، ڇڪ ڏئي پٽن مان پنهنجو ننڍڙو هٿ ڪڍي، پنهنجي سٿر تي زور سان هنيو. ”هو اهو وڃائي ويهندو.“ هن ذري گهٽ رڙ ڪئي. ”مون سان بحث نه ڪر!“ پوءِ هن ان خادم کي سڏيو جو مشين جي نگهباني ڪندو هو، ”هيڏي اچ! هن لعنت کي بند ڪر.“

هو هلڪي علاج ۽ مالش وغيره لاءِ ٻي ڪمري ۾ ويو. پوءِ مون ٻڌو هن ڊاڪٽر کان فون ڪرڻ جي موڪل گهري ۽ در بند ڪري ڇڏيو. جڏهن هو ڪمري مان نڪتو ته مان ٻيءَ مشين ۾ ويٺو هـُـئس. هن کي ڊگهو ڪوٽ پهريل هو ۽ مٿي تي ٽوپي هئس. هو سڌو منهنجي مشين ڏي آيو ۽ پنهنجي ٻانهن منهنجي ڪلهي تي رکي.

”مون کي افسوس آهي.“ هن چيو، ۽ پنهنجي سالم هٿ سان منهنجي ڪلهي تي ٺپ ٺپ ڪئي، ”مون کي، تو سان اٻهرو نه ڳالهائڻ کپندو هو. هينئر هينئر منهنجي زال گذاري ويئي آهي. مون کي معاف ڪجانءِ.“

”اوهه“ مون ڏکارو ٿيندي ساڻس همدردي جو اظهار ڪيو،”ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آ.“

هو پنهنجو هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀيڪوڙي، چپ بيٺو رهيو. ”ڏاڍو ڏکيو آهي.“ هن چيو، ”پنهنجي مٿان ضابطو رکڻ ڏاڍو مشڪل اٿم، برداشت ڪٿي ٿو ڪري سگهان.“ هن چيو ۽ نڙي گـُـهٽجڻ لڳس. پوءِ روئندي هن ڪنڌ مٿي ڪيو، خالي نگاهن سان، سڌو سپاهيءَ جيان هلندي، ٻنهي ڳلن تي ڳوڙهن جي قطار ۽ چپ ۾ چڪ پايون، مشينون ٽپي، در کان ٻاهر نڪري ويو.

ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته ميجر جي زال، جا ڏاڍي حسين ۽ جوان هئي ۽ جنهن سان هن تيستائين شادي نه ڪئي جيستائين هن کي جنگ مان نااهل ڪري نه ڪڍيو ويو هو، هـُـوءَ نمونيا وگهي مري ويئي هئي. هوءَ ٿورن ڏينهن کان ئي بيمار هئي. ڪنهن کي ڪو وهم گمان به ڪونه هو ته ڪا ايئن مري ويندي. ميجر ٽي ڏينهن اسپتال نه آيو. پوءِ هو مقرر وقت تي ايندو رهيو، سندس ورديءَ جي ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌل هئي. جڏهن هو موٽي آيو ته چوڌاري ڀتين تي، مشين رستي ٺيڪ ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ، سڀني زخمن جون وڏيون شيشي ۾ مڙهيل تصويرون لڳل هيون، جنهن مشين تي ميجر ويهندو هو، ان جي سامهون ڀت تي، سندس هٿ جهڙن هٿن جون تصويرون لڳل هيون، جي ان مشين رستي ٺيڪ ڪيا ويا هيا. مون کي خبر ناهي ته اهي تصويرون ڊاڪٽر ڪٿان آنديون. مان ته سدائين سمجهيو پئي ته انهن مشينن کي استعمال ڪرڻ وارا پهريان مريض اسان ئي هياسين. فوٽن جي ڪري ميجر تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ نه ئي هن ۾ ڪو فرق آيو، ڇاڪاڻ ته هو رڳو دريءَ کان ٻاهر ئي تڪيندو رهندو هو.

 

خوني

هينريءَ جي هوٽل جو دروازو کليو، ۽ ٻه ماڻهو اندر آيا. هو اچي ڪائونٽر تي ويهي رهيا.

”ڇا کائيندؤ؟“ جارج پڇين.

”مون کي خبر نه آهي.“ انهن مان هڪ چيو. ”تون ڇا کائيندين، ال؟“

”مون کي به خبر نه آهي.“ ال وراڻيو. ”مون کي خبر نه آهي ته کائڻ ۾ ڇا پسند ڪندس.“

اوندهه وڌي رهي هئي. درين مان ٻاهر گهٽيءَ ۾ بتين جي روشني اچي رهي هئي. ڪائونٽر تي ويٺل ٻن ماڻهن مينو (کاڌن جو ڇپيل وچور) پڙهيو. ڪائونٽر جي ٻي ڇيڙي کان نـِـڪ ائڊمس ڏانهن تڪيو. هو جنهن وقت آيا، ته هو جارج سان ڳالهائي رهيو هو.

”مون کي ڀـُـڳل گوشت، صوف جي چٽڻي ۽ پٽاٽن جو مليدو کپي.“ پهرين ماڻهوءَ چيو.

”اهو اڃا تيار نه آهي.“

”پوءِ هن ڪارڊ ۾ لکڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي هيؤ؟“

”اهو رات جي مانيءَ لاءِ آهي.“ جارج سمجهايس. ”اها شيءِ اوهان کي ڇهين وڳي ملي سگهندي.“

جارج ڪائونٽر پويان لڳل ڀت واري گهڙيال ڏانهن ڏٺو.

”اڃا پنج ٿيا آهن.“

”گهڙيال ۾ ته پنج وڄي ويهه منٽ ٿيا آهن.“ ٻئي ماڻهوءَ چيو.

”اهو ويهه منٽ اڳتي آهي.“

”هون! کڏ ۾ پوي اهو گهڙيال.“ پهرين ماڻهوءَ چيو. ”آخر کائڻ لاءِ ڇا اٿو؟“

”ڪنهن به قسم جا سئنڊوچ توهان کي ملي سگهن ٿا.“ جارج چيو. ”تريل ران ۽ آنا، چـَـهرا ۽ تريل ڪـَـمر ۽ آنا، جيرا ۽ ڪمر، يا گوشت جا تڪا ملي سگهن ٿا.“

”چڱو ڀلا ساون مٽرن، ڪريم جي چڻٽي ۽ پٽاٽن جي مليدي سان ڀڳل ڪڪڙ ڏي.“

”اها به رات جي کاڌي ۾ آهي.“

”جيڪا شيءِ اسان کي کپي ٿي سا رات جي کاڌي ۾ شامل آهي، توهان هوٽل ائين ٿا هلايو ڇا؟“

”توهان ڪمر ۽ آنا، تريل ران ۽ آنا ۽ آنا، جيرا يا...“

”مون کي آنا ۽ تريل ران ڏي.“ ٻي ماڻهوءَ چيو، جنهن کي ال ٿي سڏيو ويو. هن کي ڊربي ٽوپلو ۽ ڪارو اوورڪوٽ پهريل هو، جنهن جا بٽڻ سيني وٽان بند هيا. هن جو منهن ننڍو ۽ رنگ اڇو هو، چپ ڀيڪوڙيل، هن کي ڪارو ريشمي مفلر ۽ دستانا پهريل هيا. ”مون کي ڪمر ۽ آنا آڻي ڏي.“ ٻي ماڻهوءَ چيو. هو به ال جي قد ڪاٺ جو هو رڳو سندن مهانڊن ۾ فرق هو، پر پوشاڪ جاڙن ٻارن جيان هڪ جهڙي پهريل هين. ٻنهي جا اوور ڪوٽ سوڙها ٿي لڳا. هو ڪائونٽي تي ٽيڪ ڏيون، اڳڀرو جهڪيا ويٺا هيا.

”پيئڻ لاءِ ڪا شيءِ آهي؟“ ال پڇيو.

”سـِـلور بيئر، شراب ۽ سنڍ مان ٺهيل شراب.“ جارج چيو.

”منهنجو مطلب آ ته توهان وٽ پيئڻ جي ڪا شيءِ آهي؟“

”اهو ئي ڪجهه جيڪي ٻڌايم.“

”هي شهر ته گرم آهي.“ ٻئي چيو. ”هن کي ڇا سڏيندا آهن؟“

”سـُـمـِـٽِ“

”اهو نالو ڪڏهن ٻڌو اٿي؟“ ال پنهنجي دوست کان پڇيو.

”نه.“ دوست وراڻيس.

”هتي راتين جو اوهان ڇا ڪندا آهيو؟“ ال پڇيو.

”هتي صرف ماني کائيندا آهن. هن جي دوست چيو.“ سڀ هتي ايندا آهن ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا آهن.“

”ائين ئي صحيح آ.“ جارج چيو.

”تون به سمجهين ٿو ته اهو ٺيڪ آهي؟“ ال، جارج کي چيو.

”بلڪل“ جارج چيو.

”پر تون مڙوئي ذهين ڇوڪرو ٿو لڳين، آهين نه؟“

”بلڪل“ جارج چيو.

”پر تون آهين ڪونه.“ ٻئي ننڍي ماڻهوءَ چيو، ”لڳي ٿو، ال؟“

”هي ته گونگو آهي.“ ال چيو. هو نـِـڪِ طرف مڙيو. ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

”ائڊمس.“

”هڪ ٻيو ذهين.“ ال چيو. ”ذهين نه آهي. مئڪس؟“

”شهر ئي ذهين ڇوڪرن سان ڀريو پيو آهي.“ مئڪس چيو.

جارج ٻه پليٽون آڻي ڪائونٽر تي رکيون، هڪ ۾ ران ۽ آنا ۽ ٻيءَ ۾ ڪمر ۽ آنا پيل هيا. هن ڀرسان تريل پٽاٽن جي ٽڪين جون پليٽون به آڻي رکيون ۽ رڌڻي جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.

”تنهن جي ڪهڙي آهي؟“ هن ال کان پڇيو.

”توکي ياد ناهي ڇا؟“

”ران ۽ آنا.“

”ڏاڍو ذهين آهين.“ مئڪس چيو. هن اڳتي جهڪي ران ۽ آنا کنيا.

ٻنهي ڄڻن دستانا لاهڻ کان سواءِ ئي کائڻ شروع ڪيو. جارج هنن کي کائيندو ڏسڻ لڳو.

”ڇا ٿو ڏسين؟“ مئڪس، جارج ڏانهن ڏٺو.

”ڪجهه به نه.“

”ڌوڙ پي پاتئي. تون مون ڏانهن گهوري نه پئي ڏٺو؟“

”ٿي سگهي ٿو ڇوڪرو توسان چرچو ڪندو هجي، مئڪس.“ ال چيو.

جارج کليو.

”وري کلين ٿو.“ مئڪس هن کي چيو، ”توکي کلڻ جي ضرورت ناهي، سمجهيئي؟“

”ٺيڪ آ سائين.“ جارج چيو.

”هي ان کي ٺيڪ ٿو سمجهي.“ مئڪس هن کي چيو ۽ ال ڏانهن نهاريو. ”هي سمجهي ٿو ته اهو ٺيڪ آهي. اهو ته واهه جو چرچو آ.“

”واقعي، هيءُ ته ڪو فيلسوف آ.“ ال چيو ۽ هو کائڻ ۾ لڳي ويا.

”هن ٻي ذهين ڇوڪري جو نالو ڇا آهي، جو ڪائونٽر جي هن ڪنڊ تي ويٺو آ؟“ ال، مئڪس کان پڇيو.

”اڙي ذهين.“ مئڪس نڪ کي چيو. ”تون اتان هٽي وڃي پنهنجي عاشق سان گڏ بيهه.“

”توهان جو مطلب ڇا آهي؟“ نـِـڪ پڇيو.

”ڪو مطلب ٻطلب ڪونهي.“

”توهان آخر چاهيو ڇا ٿا؟“ جارج چيو.

”ان سان توهان جو ڪو واسطو ڪونهي.“ ال چيو. ”اندر رڌڻي ۾ ڪير آهي؟“

”نيگرو.“

”ڪير نيگرو؟“

”نيگرو بورچي آهي.“

”هن کي چئو ته هيڏي اچي.“

”ڇاجي ڪري؟“

”چئينس ته هيڏي اچي.“

”توهان سمجهو ڇا ٿا، اوهان ڪٿي آهيو؟“

”اسان کي خبر آ ته ڪٿي آهيون.“ مئڪس نالي ماڻهوءَ چيو، ”اسان توکي احمق ٿا لڳون؟“

”تون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪرين.“ ال کيس چيو. ”بحث ڇا لاءِ ٿو ڪرين، کڏ ۾ وجهينس. ڇوڪري سان بحث ڪهڙو؟ اڙي، ٻڌ،“ هن جارج کي چيو، ”شيدي“ کي چئو ته هيڏانهن ٻاهر اچي.“

”ڪهڙو ڪم اٿوَ هن ۾؟“

”ڪوبه نه، پنهنجو دماغ درست رک، ذهين ڇوڪرا، اسان شيديءَ کي ڇا ڪنداسين؟“

جارج ننڍڙو دروازو کوليو، جو اندر رڌڻي ۾ ٿي کليو. ”سام!“ هن سڏ ڪيو. ”هڪ منٽ هيڏانهن اچ.“

بورچيخاني جو دروازو کليو ۽ شيدي ٻاهر نڪري آيو. ”ڇا آهي؟“ هن پڇيو. ڪاؤنٽر تي ويٺل ٻن شخصن هن کي چتائي ڏٺو.

”ٺيڪ آ، شيدي. تون هتي سڌو ٿي بيهه!“ ال چيو.

شيدي سام، جنهن کي چيلهه کان هيٺ ڪپڙو ٻڌل هو، ڪائونٽر تي ويٺل ٻن ماڻهن کي ڏٺو، ”ها سائين.“ هن چيو. ال پنهنجي اسٽول تان هيٺ لٿو.

”مان شيديءَ ۽ ذهين ڇوڪري سان رڌڻي ۾ ٿو وڃان.“ هن چيو. ”شيدي، موٽي اندر رڌڻي ڏي هل. ڇورا، تون به هن جي پويان هل!“ ننڍو ماڻهو، سام ۽ نڪ کي، اڳيان ڪيون، رڌڻي ۾ هليو ويو. سندن پويان ننڍڙو دروازو بند ٿي ويو. مئڪس نالي ماڻهو، ڪائونٽر تي، جارج جي سامهون ويٺو رهيو. هن جارج ڏانهن ڪونه پئي نهاريو، پر ان آئيني ۾ پئي ڏٺو جو ڪائونٽر پويان لڳل هو. اهو اڳ حجام خانو هو، جنهن کي هينريءَ هوٽل ۾ تبديل ڪيو  هو.

”اڙي ڇورا،“ مئڪس چيو. سندس نظر آئيني ۾ هئي. ”ڪجهه ڳالهائين ڇو نه ٿو؟“

”هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟“

”او ال،“ مئڪس سڏ ڪيو ”هي ذهين ڇوڪرو ڄاڻڻ ٿو چاهي ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي؟“

”تون ٻڌائينس ڇونه ٿو؟“ ال جو آواز رڌڻي مان آيو.

”تون ڇا ٿو ڀانئين، هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟“

”مان ڪيئن ڄاڻان.“

”تون ڇا ٿو سمجهين؟“

مئڪس ڳالهائڻ مهل آئيني ۾ پئي ڏٺو.

”مان چئي نه سگهندس.“

”او ال، ڇورو چوي ٿو ته هي نه ٻڌائي سگهندو ته هن بابت سندس ڇا خيال آهي.“

”مان توهان کي چڱيءَ طرح ٻڌان پيو، ٺيڪ آ.“ ال رڌڻي مان چيو. هن ٿورو زور ڏيئي اهو شگاف کوليو  جتان جوٺا برتن اندر رڌڻي ۾ ترڪائي ڇڏبا هيا، ”ٻڌ، ڇورا.“ هن رڌڻي مان جارج کي چيو، ”تون ڪائونٽر سان لڳي، ٿورو پرڀرو ٿي بيهه. تون ٿورو کاٻي پاسي سري وڃ، مئڪس!“ هو فوٽو گرافر لڳي رهيو هو، جو ڄڻ ڪو گروپ فوٽوءَ لاءِ تياري ڪندو هجي.

”مون سان ڳالهاءِ، ڇوڪر.“ مئڪس چيو، ”تنهنجي خيال ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟“ جارج ڪجهه نه ڪڇيو.

”مان توکي ٻڌائيندس.“ مئڪس چيو. ”اسان هڪ سويڊ کي قتل ڪرڻ وارا آهيون. تون هڪ وڏي ٿلهي سويڊ نالي اَوَل ائنڊرسن کي سڃاڻين؟“

”هائو.”

”هو هر رات هتي ماني کائڻ ايندو آهي. هائو نه؟“

”هو ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي.“

”ڇوڪرا، اسان کي سڀ خبر آهي.“ مئڪس چيو. ”ٻي ڪا ڳالهه ڪر. ڪڏهن فلم تي ويندو آهين؟“

”ڪڏهن ڪڏهن.“

”توکي فلم تي گهڻو وڃڻ گهرجي. فلم تي وڃڻ تو جهڙي ذهين ڇوڪري لاءِ سٺو آهي.“

”توهان اَوَل ائنڊرسن کي ڇو ٿا قتل ڪرڻ چاهيو؟ توهان کي هن ڇا ڪيو آهي؟“

”هن کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪو موقعو ئي نه مليو آهي. هن ته اسان کي اڳ ڪڏهن ڏٺو به نه آهي.“

”هو ته اسان کي رڳو پهريون ۽ آخري ڀيرو ئي ڏسي سگهندو.“ ال، رڌڻي مان چيو.

”هو هتي هر روز ڇهين وڳي ايندو آهي. هائو نه؟“ مئڪس چيو.

”جي اچڻو هوندو ته.“

”توهان هن کي ماريو ڇا لاءِ ٿا؟“ جارج چيو.

”اسين هن کي هڪ دوست جي ڪري قتل ڪري رهيا آهيون. رڳو دوست تي ٿوري ڪرڻ خاطر.“

”بس ڪر!“ ال رڌڻي مان رڙ ڪئي، ””تون هرو ڀرو گهڻو ٿو ڳالهائين.“

”ٺيڪ آ. مان ته هن ڇوري کي ويٺو وندرايان. ائين نه ڇورا؟“

”تون گهڻي اجائي بڪ بڪ ٿو ڪرين.“ ال چيو، ”شيدي ۽ مون وارو ڇوڪرو پاڻ ۾ ئي وندريا پيا آهن. مون کين گرجا جي ڪنوارين ڇوڪرين جيان جوڙي، ٻڌي ڇڏيو آهي.“

”مان سمجهان ٿو تون گرجا گهر ۾ رهيو آهين.“

”توکي ڪهڙي خبر.“

”تون ڪوسشر گرجا گهر ۾ هئين، اتي ئي تون هوندو هئين.“

جارج گهڙيال ڏانهن ڏٺو.

”جي ڪو اندر اچي ته ان کي چئجانءِ بورچي موڪل تي هليو ويو آهي. جيڪڏهن زور ڪري ويهي رهي ته چئجان ته تون پاڻ وڃي هنن لاءِ کاڌو تيار ڪري ايندين. سمجهي وئين، ڇوڪرا؟“

”ٺيڪ آ.“ ڇوڪري جارج چيو. ”پر اسان سان پوءِ ڇا ڪندؤ؟“

”ان جو دارومدار حالتن تي آهي.“ مئڪس چيس، ”اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن بابت هن وقت ڪجهه نٿو چئي سگهجي.“

جارج گهڙيال ڏانهن ڏٺو ته ڇهه وڄي پنڌرنهن منٽ ٿيا هيا. گهٽيءَ جي پاسي وارو دروازو کليو. هڪ ٽرام ڊرائيور اندر گهڙيو.

”هيلو جارج،“ هن چيو ”ڪجهه کائڻ لاءِ ملندو؟“

”سام موڪل وٺي ويو آهي.“ جارج چيو. ”اڌ ڪلاڪ کن ۾ موٽي ايندو.“

”ٺهيو. ڪنهن ٻي هنڌ ٿو ڏسان.“

جارج مٿي گهڙيال ڏي تڪيو، ڇهه وڄي ويهه منٽ ٿيا هيا.

”ڏاڍو سٺو، ڇوڪرا.“ مئڪس چيس، ”تون ته ڪو سٺو ۽ شريف نوجوان آهين.“

”هو سمجهي ٿو ته مان مٿو ڀڃي ڇڏيندو مانس.“ ال رڌڻي مان چيو.

”نه،“ مئڪس چيو، ”ائين نه آهي. ڇوڪرو ڏاڍو سٺو آهي. شريف آهي. مون کي ڏاڍو وڻي ٿو.“

ڇهه لڳي پنجونجاهه منٽن تي جارج چيو، ”هو نه ايندو.“

ٻه ٻيا ڄڻا به هوٽل ۾ اندر آيا. هڪ ڀيرو جارج رڌڻي ۾ به ويو ۽ گوشت جي ران ۽ آنن جا سئنڊوچ به ٺاهيائين، جي هڪ گراهڪ گهر کڻي وڃڻ پي چاهيا. رڌڻي ۾ هن ڏٺو ته ال پنهنجو ڊربي ٽوپلو پوئتي سرڪايون، اسٽول تي ويٺو هو، جو دروازي جي ڀرسان رکيو هو. سندس هٿ ۾ هڪ بندوق هئي. نڪ ۽ سام، رڌڻي جي هڪ ڪنڊ ۾، هڪ ٻئي کي پٺي ڏيون، ٻڌا ويٺا هيا. سندن وات ٽوالن سان ٻڌل هيا. جارج سئنڊوچ تيار ڪيا، سڻڀي ڪاغذ ۾ ويڙهي، لفافي ۾ وڌا ۽ آڻي ٻاهر گراهڪ کي ڏنا، جو ادائگي ڪري هليو ويو.

”هي ڇوڪرو، هر ڪم ڪري سگهي ٿو.“ مئڪس چيو. ”هي رڌ پچاءُ ۽ هر شيءِ ڄاڻي ٿو. تون ڪنهن ڇوڪري جي ڏاڍي سٺي زال ٿيندين.“

”هان؟“ جارج چيو. ”توهان جو دوست اول ائنڊرسن ايندو نظر نٿو اچي.“

”اسان ڏهه منٽ سندس انتظار ڪنداسين.“ مئڪس چيو.

مئڪس آئيني ۾ گهڙيال ڏانهن ڏٺو. گهڙيال جون سيون ستن تي بيٺيون هيون ۽ پنج منٽ وڌيڪ به ٿيا هيا.

”هلي آ، ال،“ مئڪس چيو. ”بهتر آ ته هلون، هو نه ايندو.“

”اڃا پنج منٽ ڏسونس ته چڱو.“ ال اندران بورچيخاني مان چيو.

پنجن منٽن ۾ هڪ گراهڪ آيو. جارج هن کي ٻڌايو ته بورچي بيمار هو.

”نڀاڳا، ٻيو ڪو بورچي ڇونه ٿا رکو؟“ گراهڪ چيو، ”ائين هوٽل هلائبو آهي ڇا؟“ هو هليو ويو.

”هلي اچ، ال.“ مئڪس چيو.

”هنن ڇوڪرن ۽ شيديءَ جو ڇا ڪيون؟“

”هي ٺيڪ آهن.“

”تنهنجو اهو خيال آ؟“

”ٻيو وري. اسان کي ڪم جو ڪرڻو هو اهو ته ڪيوسين.“

”مون کي اهو نه ٿو وڻي.“ ال چيو، ”اها تون حماقت ٿو ڪرين. تون ڏاڍو گهڻو ٿو ڳالهائين.“

”اڙي، پوءِ ڪهڙو آسمان ٿو ڪري.“ مئڪس چيو. ”پاڻ کي وندرائي ته رکڻو ٿو پوي نه.“

”رڳو تون ڳالهائيندو ٿو رهين. تون کڻي ڇا به چوين.“ ال چيو. هو رڌڻي مان ٻاهر نڪري آيو. هن ناليءَ کان قنداق ڌار ڪري، ٻئي ڪوٽ اندر لڪائي رکيو، ان ڪري سندس ڪوٽ ۾ گهنج پئجي ويا هيا. هن چيلهه هيٺان هٿ هڻي گهنج ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.

”چڱو، ڇوڪرا،“ هن جارج کي چيو، ”تون وڏي ڀاڳ وارو آهين.“

”اهو واقعي سچ آهي.“ مئڪس چيو. ”ڇورا، وڃي گهوڙن جي شرط تي داؤ لڳاءِ.“

ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪري ويا. جارج هنن کي ڏسندو رهيو. سامهون دريءَ مان هو نظر پي آيا. بجليءَ جي کنڀي هيٺان لنگهي هو گهٽي ٽپي ويا. پنهنجي سوڙهن اوورڪوٽن ۽ ڊربي ٽوپلن ۾ هو ڳائڻن جي ٽولي جيان لڳي رهيا هيا. جارج، لڏندڙ در جي تاڪ مان اندر رڌڻي ۾ ويو ۽ نـِـڪ ۽ بورچيءَ کي ڇوڙيائين.

”مان اهڙي تعدي وري برداشت نه ڪندس.“ سام چيو، ”وري ائين نه ٿيڻ گهرجي.“

نـِـڪ اٿي بيٺو. هن ڪڏهن به ٽوال سان وات ٻڌڻ جو تجربو نه ڪيو هو.

”ٻڌاءِ،“ نـِـڪ چيو، ”اها ڪهڙي مصيبت هئي؟“ هو ڪاوڙ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

”هنن اول ائنڊرسن کي قتل ڪرڻ پي چاهيو.“ جارج چيو. ”هو کين ان وقت گولي هڻي ڪڍن ها، جنهن مهل هو ماني کائڻ اچي ها.“

”اول ائنڊرسن؟“

”جي.“

بورچيءَ چپن تان گڦ صاف ڪئي.

”هليا ويا سڀ؟“ هن پڇيو.

”هائو.“ هن چيو. ”هو ٻئي هليا ويا.“

”مون کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي.“ بورچيءَ چيو. ”نه ئي مان وري ڪڏهن اهو چاهيندس.“

”ٻڌ،“ جارج نـِـڪ کي چيو، ”سٺو ٿيندو جي تون وڃي اول ائنڊرسن سان ملين.“

”ٺيڪ آ.“

”چڱو ائين ٿيندوَ ته توهان ان ڦڏي ۾ ئي نه پئو.“ بورچيءَ چين، ”توهان پاسيرا رهو ته چڱو.“

”توکي نٿو وڻي ته نه وڃ.“ جارج چيو.

”ان ڦڏي ۾ پوڻ سان توهان کي ڪو فائدو ته نه ٿيندو.“ بورچيءَ چيو. ”وچ ۾ ئي نه پئو.“

”مان وڃي ساڻس ملان ٿو.“ نـِـڪ، جارج کي چيو، ”ڪٿي رهندو آهي؟“

بورچي هليو ويو.

”ٻارن کي خبر ئي ڪانه پوندي ته هو ڇا پيا ڪن.“ هن چيو.

”هو هرش جي مسافرخاني ۾ رهندو اٿئي.“ جارج، نڪ کي ٻڌايو.

”مان اوڏانهن ويندس.“

ٻاهر بجلي جي روشني، ڇڻيل پنن وارين ٽارين مان گذرندي، هيٺ زمين تي پئجي رهي هئي. نـِـڪ گهٽيءَ ۾ ڪار جي ڦيٿن جي نشانن سان هلندو، اڳينءَ بتيءَ وٽان ٻيءَ گهٽيءَ ڏانهن لڙيو. ان گهٽيءَ ۾ ٽي گهر پري، هرش جو مسافر خانو هيو. نڪ ٻه ڏاڪا چڙهي، در جي گهنٽي وڄائي. هڪ عورت دروازي تي آئي.

”اول ائنڊرسن آهي؟“

”ان سان ملندؤ ڇا؟“

”هائو، جي آهي ته.“

نڪ عورت جي ڪڍ ڪجهه ڏاڪا چڙهي، هڪ دالان جي پٺيان آيو. عورت هڪ دروازو کڙڪايو.

”ڪير آ؟“

”ڪو ماڻهو توهان سان ملڻ آيو آهي، مسٽر ائنڊرسن.“ عورت چيو.

”مان آهيان، نڪ اَئڊمس.“

”هليو اچ.“

نڪ دروازو کوليو ۽ ڪمري ۾ گهڙيو. اول ائنڊرسن ڪپڙا پايون، بستري تي ليٽيو پيو هو. هو وزندار بدن، قدڪاٺ وارو، هيوي ويٽ، انعام کٽندڙ مڪي باز هو، ۽ پلنگ کان گهڻو ڊگهو هو. هن جي ڪنڌ هيٺان ٻه وهاڻا ڏنل هيا. هن نڪ ڏانهن نه نهاريو.

”ڇا آهي؟“ هن پڇيو.

”مان هينريءَ جي دڪان تي ويٺو هوس.“ نڪ چيو، ”اتي ٻه ماڻهو آيا، جن مون کي ۽ بورچيءَ کي ٻـَـڌي ويهاريو. هنن چيو ته هو توکي قتل ڪندا.“

اها ڳالهه ڪرڻ وقت هو بيوقوف لڳي رهيو هو. اول ائنڊرسن ڪجهه نه ڪڇيو.

”هنن اسان کي رڌڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو.“ نڪ ڳالهائيندو رهيو. ”تون ماني کائڻ اچين ها ته هو توکي گولي هڻن ها.“

اول ائنڊرسن ڀت ڏانهن نهاريو ۽ ڪو جواب ڪونه ڏنو.

”جارج جو خيال هو ته توکي، اچي اهو ٻڌائڻ گهرجي ها.“

”مان ان باري ۾ ڪجهه ڪري ئي نه ٿو سگهان.“ اول ائنڊرسن چيو.

”مان توکي ٻڌايان ته هو ڪيئن پي نظر آيا.“

”مان نه ٿو ٻڌڻ چاهيان ته هو ڪهڙي مـُـنهن مهانڊي وارا هيا.“ اول ائنڊرسن چيو. هن ڀت ڏانهن ڏٺو، ”مون کي اچي ٻڌائڻ جي مهرباني.“

”ٺيڪ آ. ان ۾ مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه آ.“

نڪ، ان هيڏي ساري متاري ماڻهوءَ ڏانهن تڪيندو رهيو، جو بستري تي ليٽيو پيو هو.

”تنهنجي مرضي هجي ته ان ڏس ۾ وڃي پوليس کي خبر ڪريان؟“

”نه،“ ائنڊرسن چيو، ”ان مان ڪو فائدو نه ٿيندو.“

”ٻيو ڪجهه، جو مان ڪري سگهندو هجان يا ڪريان؟“

”نه، ڪرڻ لاءِ ڪجهه بچيو ئي ڪونهي.“

”ٿي سگهي ٿو اهو رڳو دهمان ۽ دڙڪو هجي.“

”نه، اهو رڳو دهمان به نه آهي.“

اول ائنڊرسن پنهنجو پاسو ورائي ڀت ڏانهن ڪيو.

”ڳالهه رڳو اها آهي.“ هن ڀت کي مخاطب ٿيندي چيو، ”الائي ڇو مان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪري نه ٿو سگهان. مان سڄو ڏينهن ائين هت پيو آهيان.“

”تون شهر کان ٻاهر نٿو وڃي سگهين؟“

”نه،“ اول ائنڊرسن چيو، ”ان ڀڄڻ لڪڻ مان ڪجهه نه ورندو.“

هن ڀت ڏانهن نهاريو.

”هاڻي ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي.“

”ڪوبه رستو نٿو ڪڍي سگهين؟“

”نه، مان، بس غلطي ڪري ويٺو آهيان.“ هن ساڳي خالي جذبي سان چيو، ”ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهجي. جهٽ کان پوءِ مان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪندس.“

”ڀلا مان وڃي جارج کي احوال ڏيان.“ نڪ چيو.

”چڱو. الله واهي.“ اول ائنڊرسن چيو. هن نڪ ڏانهن ڏٺو ئي ڪونه. ”اچڻ لاءِ مهرباني.“

نِڪ ٻاهر نڪري ويو. جنهن مهل هن در بند ڪيو ته اول ائنڊرسن کي ڪپڙا پهريل بستري تي ليٽل ڏٺائين، جو اڃا به ڀت ڏانهن تڪي رهيو هو.

”اڄ سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ئي گذري ويو اٿس.“ نگهبان عورت ڏاڪڻ تان لهندي چيو. منهنجي خيال ۾ طبعيت ٺيڪ نه اٿس. مان چيومانس ‘مسٽر ائنڊرسن، توکي ههڙيءَ سٺيءَ موسم ۾ هيٺ وڃي، برف باريءَ جو لطف وٺڻ گهرجي.’ پر هن جو اهڙو ڪو ارادو نظر نه پئي آيو.

”هو ٻاهر نڪرڻ نٿو چاهي.“

”سندس ناساز طبعيت جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي.“ عورت چيو، ”هو ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. هو تازو هڪ مقابلو ڪري آيو آهي توکي ته خبر هوندي.“

”هائو، مون کي خبر آهي.“

”توهان اهو اندازو ئي نه لڳائي سگهندا ته هو ڪو مڪي باز آهي، جيستائين سندس منهن نه ڏسو.“ عورت چيو. هو گهٽيءَ جي مـُـنڍ وٽان ڳالهائي رهيا هيا. ”هو ڏاڍو شريف انسان آهي.“

”چڱو، شب خير، مسز هـِـرشِ“ نڪ چيو.

”مان مسز هرش نه آهيان.“ عورت چيو. ”هوءَ جڳهه جي مالڪياڻي آهي. مان رڳو هن پاران هـِـت نظرداري ۽ سنڀار ڪندي آهيان. منهنجو نالو مسز بيل آهي.“

”چڱو، شب خير مسز بيل.“ نڪ چيو.

”شب خير.“ عورت چيو.

نڪ اونداهي گهٽيءَ مان هلندو، ڪنڊ تي بجليءَ جي روشنيءَ ۾ آيو. اتان ڪار جي ڦيٿن جا نشان وٺي سڌو هينريءَ جي هوٽل پهتو. جارج ڪائونٽر جي پٺئين پاسي ويٺو هو. ”اول سان ملين؟“

”ها“ نـِـڪ وراڻيو، ”هو ڪمري ۾ هيو ۽ ٻاهر نه ٿو نڪري.“

نڪ جو آواز ٻڌي بورچيءَ به رڌڻي جو وچون دروازو کوليو.

”مان اهڙي ڪنهن به ڳالهه ڏي ڪن نه ڏيندس.“ هن چيو ۽ در بند ڪري ڇڏيو.

”هن کي سڀ ڪجهه ٻڌايئي؟“ جارج پڇيو.

”بلڪل، مان ٻڌايومانس پر هن کي خبر آهي ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي.“

”هاڻي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟“

”ڪجهه به نه.“

”هو کيس ماري ڇڏيندا.“

”منهنجو به اهوئي خيال آهي.“

”شڪاگو ۾ هو ڪنهن نه ڪنهن گڙ ٻڙ ۾ پيو ٿو ڏسجي.“

”مون کي اهو ئي گمان آهي.“

”ڳالهه ته ڏاڍي خراب ٿي وئي.“

”ڏاڍي ڀيانڪ.“

هنن وڌيڪ ڪجهه نه چيو، جارج جهڪي ٽوال کنيو ۽ ڪائونٽر کي اگهيو.

”سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن ڇا ڪيو آهي؟“

”ڪنهن سان دوکو ڪيو هوندائين. اهي ان ڪري ئي ته ماريا ويندا آهن.“

”مان ته هي شهر ئي ڇڏيو هليون وڃان.“ نڪ چيو.

”هائو،“ جارج چيو، ”سٺو ته ائين آهي.“

”مان اهو نه ٿو برداشت ڪري سگهان ته هو ائين ڪمري ۾ پيو هجي، سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته ڄاڻ هو مئو، ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه آهي.“

”ٺيڪ آهي.“ جارج چيو، ”چڱو آ، ته تون ان باري ۾ سوچ ئي نه.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com