سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪليمنجارو جي برف

باب: --

صفحو :5

 

راهه، جا وري نه ملندي

حملو ٻنين جي پريان شروع ٿيو هو. هيٺاهين روڊ ۽ زمينن ۾ موجود گهرن مان مشين گنن سان مزاحمت سبب ڪجهه رنڊڪ ٿي هئي، پر شهر مان ڪابه مزاحمت نه ٿيڻ ڪري، حملو وڌندو اچي نديءَ ڪناري پهتو هو. سائيڪل تي سڌي رستي تان ايندي ۽ جتي رستو کڏون کوٻا ٿي ويو هو، اتي لهي سائيڪل کي پنڌ ڌڪيندي، نڪولاس ائڊمس ٽڙيل پکڙيل لاشن مان اندازو لڳايو ته هت ڇا ٿي گذريو هوندو.

لاش زمين جي وڌي ويل گاهه ۾ ٽڙپکڙ ڪٿي هڪ هڪ ته ڪٿي گڏ سٿيا پيا هيا ته ڪي وري روڊ تي به پيا هيا. سندن کيسا اٿلايل ۽ ٻاهر نڪتل هيا، سندن مٿان مکين جا ڀونڀٽ هيا، پيل لاش جي چوڌاري ڪاغذ پکڙيا پيا هيا.

ان ۽ گاهه ۾، رستي جي پاسن کان، ڪن روڊ جي حصن تي ڪيترو ئي سامان پکڙيو پيو هو. ميدان جو رڌڻو، جو اتي تڏهن آيو هوندو جڏهن حالتون اڃا بهتر هونديون. چمڙي سان ڍڪيل فوجي ٿيلها، ڊگها بم، لوهي ٽوپلا، رائيفلون، ڪن جا قنداق نڪتل ۽ نالي مٽيءَ ۾ پيل، سنگينون جن سان هنن خندق کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، خندق کوٽڻ جا ٻيا اوزار، بارود جون پيٽيون،  پستول، انهن جون پکڙيل گوليون، دوائن جا دٻا، گئس جا نقاب ۽ انهن جا خالي ٿيل دٻا، دستا ٽن ڄنگهن واري مشين گن ۽ خالي گوليون، پيٽين مان نڪتل گولين سان ڀريل پٽا، پاڻي ٿڌي ڪرڻ جا خالي دٻا ۽ انهن جي پاسي ۾ عجيب حالت ۾ پيل مئل سپاهي ۽ گهڻا عام رواجي ڪاغذ.

اتي اجتماعي عبادت جا ڪتاب به هيا ۽ پوسٽ ڪارڊ ماپ جا گروپ فوٽو، جن ۾ مشين گن يونٽ جي جوانن کي لائين ۾ سـَـرهو ۽ خوش ڏيکاريو ويو هو، جيئن ڪاليج جي سالياني مخزن ۾، فوٽ بال ٽيم جو گروپ فوٽو ڏيکاريو ويندو آهي. هينئر اهي سڄا ڍير ٿي گاهه ۾ پيا هيا. پر چارئي پوسٽ ڪارڊ به هيا، جن ۾ هڪ فوجيءَ کي، آسٽريائي ورديءَ ۾، هڪ عورت کي هنڌ تي ليٽائيندي ڏيکاريو ويو هو. هي تصويرون اثرائتي نموني ڪڍيون ويون هيون، ۽ دلڪش نموني پيش ڪيون ويون هيون ۽ انهن جي حقيقت ۾ زوري جنسي فعل سان ڪابه مناسبت ڪانه هئي، جنهن ۾ عورت جو فراڪ کنيل هوندو آهي ۽ کيس زبردستي سـُـتل ڏيکارڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻيو فوجي سندس منڍيءَ تي چڙهيو ويٺو هوندو آهي. اتي اهڙا ڀڙڪائيندڙ ڪيئي ڪارڊ پيا هيا، جي شايد حملي کان اڳ ورهايا ويا هيا، هينئر اهي ٻين ڪيترن ئي فوٽو ۽ ڪارڊن سان گڏ پکڙيا پيا هيا. ڳوٺاڻي فوٽو گرافر جي ڪڍيل ڳوٺاڻين ڇوڪرين جا فوٽو، ڪي ٻارن جا فوٽو ۽ خط، خط ۽ خط! مئلن جي آسپاس هميشه گهڻا ڪاغذ هوندا آهن. ۽ هن حملي جو اهو گند ۽ ڪچري جو ڍير، ڪا نئين يا ڪا خاص ڳالهه ڪانه هئي.

اهي تازو مئل هيا ۽ ڪنهن به سندن کيسن کان سوا”، ٻي طرف ڌيان نه ڏنو هو ۽ نه خيال ڪيو هو. اسان جا پنهنجا فوتي، يا جن کي هن اڃا پنهنجا فوتي پئي سمجهيو، حيرت جي حد تائين ٿورا هيا. نڪ اها ڳالهه سائيڪل تي لنگهندي ڌيان هيٺ آندي. هنن جا ڪوٽ به کوليا ويا هيا ۽ کيسا ڦاڙي ڪڍيا ويا هيا ۽ پنهنجي ڪريل پوزيشن رستي، حملي جي طريقي ۽ نوعيت جي نشاندهي ڪري رهيا هيا. گرم موسم سندن قومي فرق کانسوا”، سڀني کي سڃاڻي ڇڏيو هو.

ڏسڻ ۾ پئي آيو ته شهر کي بهرحال، هيٺاهين روڊ جي مورچي سان بچايو ويو هو ۽ ڪوبه آسٽريائي فوجي شهر ۾ مئل نه ڏٺو ويو هو. اتي هڪ گهٽيءَ ۾ رڳو ٽي لاشا پيل هيا، جي به ڀڄندي ماريل نظر پئي آيا. بمباريءَ جي ڪري شهر جا گهر ڊٺا پيا هيا، ۽ گهٽين ۾ پلستر ۽ خالي گولن جا ڍير لڳا پيا هيا. ڀڳل شهتير، ٽٽل سرون به اتي کوڙ هيون. ڪيترن گهرن ۾ گئس جي گولن سبب هيڊي رنگ جي ڊائري وارا سوراخ ٺهي پيا هيا. گولن جا به ڪيترائي ٽڪرا ۽ بارود لڳل لوهه جا ٽڪرا اتي پکڙيا پيا هيا. شهر ۾ ڪوبه بني بشر ڪونه هو.

فوزناسي مان نڪرڻ کان پوءِ نڪ ائڊمس ڪو ماڻهو ڪونه ڏٺو هو، حالانڪ رستي تان ايندي، سرسبز ۽ سائي ٻهراڙيءَ مان لنگهندي، هن توت جي وڻن ۾ لڪل بندوقون ڏٺيون هيون، جي رستي جي کٻي پاسي هيون. هوا جي گرم جهوٽن لڳندي هن، پتن مان، اهي ڏٺيون هيون، جي اس پوڻ ڪري چمڪيون پئي. هاڻي هو شهر مان لنگهي رهيو هو، جنهن کي ويران ڏسي هو اچرج ۾ پئجي ويو هو. هو اتان نڪري، نديءَ هيٺان، هيٺاهينءَ واري رستي تي آيو. شهر جي ٻاهران ئي هڪ خالي کليل ميدان هو، جتي رستو لهوارو پئي ٿيو، جتان هو نديءَ جو ماٺو وهڪرو، ٻي ڪناري جو هلڪو موڙ ۽ اُس سبب تپيل گپ ڏسي پئي سگهيو. جتي آسٽريائي فوجن خندقون کوٽيون هيون. اهو سڄو علائقو اڳ کان وڌيڪ سائو ۽ سرسبز پئي لڳو، جيئن هن پوئين ڀيري ڏٺو هو. تاريخ ساز خطي ٿيڻ به ان ۾ ڪا تبديلي نه آندي هئي.

فوجي دستو ڪناري سان کٻي پاسي هو. ڪناري سان کڏن جو هڪ سلسلو هو، جن ۾ ڪيئي فوجي ويٺا هيا. نڪ تاڙي ويو ته مشين گنون ڪٿي کوڙيون ويون هيون ۽ ڏسڻا هوائي ٻاڦ ڪٿي نصب ٿيل هيا. ڪناري سان کـَـڏن ۾ موجود فوجي ستا پيا هيا. ڪنهن به هن کي للڪاريو نه. هو اڳتي وڌيو، ۽ جيئن ئي ڪناري سان هلندي هڪ موڙ وٽ پهتو ته هڪ نوجوان سيڪنڊ ليفٽيننٽ، ڪـَـڪـَـي ڏاڙهي ۽ رت ڳاڙيندڙ اکين سان، پستول سڌو ڪري سندس اڳيان اچي بيٺو.

”ڪير آهين؟“

نـِـڪ هن کي پنهنجي متعلق ٻڌايو.

”مان ڪيئن سمجهان؟“

نـِـڪ هن کي پنهنجا ڪاغذ، فوٽو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ آرميءَ جي مهر سان، ڏيکاريا، هن اهي ورتا.

”هي مان پاڻ وٽ رکندس.“

”نه،“ نـِـڪ چيو، ”ڪارڊ موٽائي ڏي ۽ پستول پاسي ڪري ڇڏ ۽ ان کي خول ۾ رکي ڇڏ.“

”مان ڪيئن سمجهندس ته تون ڪير آهين؟“

”چريو نه ٿيءُ، هي ڪارڊ ڪافي نه آهي.“

” جي ڪارڊ ڪوڙو هجي ته؟ اهو مون کي ڏيئي ڇڏ.“

”چريو نه ٿيءُ.“ نـِڪ کلندي چيس. ”مون کي پنهنجي ڪمپني ڪمانڊر ڏانهن وٺي هل.“

”مان تو کي هيڊ ڪوارٽر ٿو موڪليان.“

”ٺيڪ آ.“ نـِڪ چيس، ”ٻڌ، تون ڪئپٽن پاراوسني کي سڃاڻين؟ ڊگهڙو، ننڍين مڇن سان، جو ماهرِ تعميرات هو ۽ انگريزي ڳالهائيندو آهي؟“

”تون کيس سڃاڻين ڇا؟“

”ٿورو گهڻو.“

”ڪهڙي دستي جي مهنداري ڪندو آهي؟“

”ٻئي جي.“

”هو بٽالين جو ڪمانڊر آهي.“

”ڏاڍو سٺو،“ نـِڪ چيو. پارا جي زندهه هجڻ جو ٻڌي، نڪ جي ڳڻتي لهي وئي. ”هل ته بٽالين ڏي هلون.“

نڪ جيئن ئي شهر جي ويجهو پهتو ته پراڻي گهر ۾ هن ٽي ٺڪاءُ ٿيندي ٻڌا. پر شهر ڇڏڻ کان پوءِ هن ڪو ٺڪاءُ ٺوڪي يا ڌماڪي جو آواز ڪونه ٻڌو هو. پر هن عملدار جو چهرو اهڙو پئي نظر آيو جو اڪثر گولي بازيءَ هلندي ڏيک ڏيندو آهي. هو ائين ئي کڙو تڙو ۽ چست هيو، سندس آواز جو لهجو قدرتي نه پئي لڳو. هن جي پستول نـِـڪ کي ٿورو بدحواس ڪري ڇڏيو هو.

”اهو پاسي ڪر،“ نـِڪ چيو،”تنهنجي ۽ هنن جي (دشمن) وچ ۾ هيڏو سارو درياءُ آهي.“

”جي مان سمجهان تون جاسوس آهين، ته توکي هاڻي ئي گولي هڻي سگهان ٿو.“ سيڪنڊ ليفٽيننٽ چيو.

”اچ هاڻي“، نـِڪ چيو، ”هل ته بٽالين ڏي هلون.“ هن آفيسر کيس ڪافي بدحواس ڪيو هو.

ڪئپٽن پاراوسني، قائم مقام ميجر، سنهڙو ۽ انگريز لڳو ٿي، هو ان مهل اٿي بيٺو، جڏهن نـِـڪ خندق ۾، ”جا بٽالين جو هيڊ ڪوارٽر هئي“ ميز جي پويان فوجي سلام ڪيو.

”هلو،“ هن چيو، ”مون ته توکي سڃاتو ئي ڪين! ان فوجي ورديءَ ۾ ڇا پيو ڪرين؟“

”انهن پارائي آهي.“

”نڪولائي. توکي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“

”سٺو. تون به ٺيڪ  ٿو لڳين. معرڪو ڪيئن رهيو؟”

”اسان ڏاڍو سٺو حملو ڪيو. سچ پچ ڏاڍو عمدو حملو هو. اچ ته توکي ڏيکاريان، ڏس؟“ هن نقشي تي ڏيکاريو ته حملو ڪيئن ٿيو هو.

”مان فورناسيءَ مان ٿيندو آيو آهيان.“ نڪ چيو، ”مان سمجهي سگهان ٿو ته اهو ڪيئن ٿيو هوندو. اهو واقعي ڏاڍو سٺو حملو هو.“

”اهو غير معمولي هو. بلڪل غير معمولي. تون ڪنهن ريجمينٽ سان آهين يا نه؟“

”نه، مون کي رڳو گهمڻو ڦرڻو ۽ هنن کي وردي ڏيکارڻي آهي.“

”عجب آ.“

”جي هو هڪ آمريڪي وردي ڏسندا، ته سمجهندا ۽ اعتبار ڪندا ته ٻيا به اچن پيا.“

”پر هنن کي ڪيئن خبر پوندي ته اها آمريڪي وردي آهي؟“

”تون کين ٻڌائيندين.“

”اوهه، ها، سمجهيم. مان هڪ ڪارپول تو سان گڏي ڇڏيندس، جو توکي چڪر ڏياريندو ۽ تون ڇانوڻيءَ جو دورو ڪري سگهندين.“

”ڪنهن سياستدان جيان.“ نـِـڪ چيو.

”تون شهري لباس ۾ وڌيڪ معتبر لڳندين. سياستدان ان ڪري ئي معتبر لڳندا آهن.“

”هن هومبرگ ٽوپلي سان؟“ نڪ چيو.

”يا وري بوجري ٽوپيءَ سان.“

”مون کي پنهنجا کيسا سگريٽن ۽ پوسٽ ڪارڊن سان ڀريل رکڻا آهن.“ نڪ چيو.

”هڪ پيٽي چاڪليٽن جي به هئڻ گهرجي، جي مان هنن جون پٺيون ٺپيندو، انهن ۾ ورهائيندس، پر نه سگريٽ آهن، نه پوسٽ ڪارڊ ۽ نه ئي چاڪليٽ. ڪيئن به، هنن چيو ته مڙيو ئي چڪر هڻي اچان.“

”مون کي يقين آهي ته تنهنجو ائين ئي گهمڻ ڦرڻ فوجين جي دل وڌائيندو.“

”منهنجي خيال موجب توکي ائين نه سوچڻ گهرجي.“ نڪ چيو، ”جيئن صورت حال آهي ته مان ائين نه ٿو سمجهان. اصولي طرح مون کي تو لاءِ به برانڊيءَ جي بوتل آڻڻ گهربي هئي.“

”اصولي طرح.“ پارا چيو ۽ پهريون ڀيرو پنهنجا پيلا ڏند ڏيکاري مشڪيو. ”ڪهڙو نه سهڻو اظهار آهي. ڪجهه گريپس وائن (انگوري شراب) پيئڻ پسند ڪندين؟“

”نه، مهرباني.“ نڪ چيو.

”ان ۾ ڪو نشو نه آهي.“

”مون کي ان جو سواد اڃا ياد آهي.“ نڪ کي اوچتو سڀ ڪجهه ياد آيو.

”توکي ته خبر آ، مون کي تيستائين پتو ئي ڪونه پيو ته تون ڪو پيتل هئين، جيستائين تو موٽي اچي بڙ بڙ شروع نه ڪئي.“

”مون مان هر حملي وقت بانس ايندي هئي.“ نڪ چيو.

”مان ائين نه ڪري سگهندو آهيان. پهرين ڀيرو ته مان به ائين ڪيو هو، پهرين حملي وقت، پر ان رڳو وڌيڪ پريشان ڪيو ۽ تاس ڏنائين.“

”توکي ان جي ڪهڙي ضرورت؟“

”حملي وقت تون مون کان وڌيڪ بهادر لڳندو آهين.“

”نه، ائين نه آهي. مون کي پنهنجي خبر آهي ۽ مان چاهيندو  هـُئس ته مون مان بدبوءِ ايندي رهي. مون کي ان لاءِ ڪا پشيماني نه آهي.“

”مون، توکي ڪڏهن به نشي ۾ نه ڏٺو آهي.“

”نه؟“ نڪ چيو، ”ڪڏهن به نه؟ ان رات به نه، جڏهن اسان ميسٽريءَ کان پوءِ رٽو گرانڊ گڏ سفر ڪري رهيا هياسين ۽ مون سمهڻ جو ارادو ڪندي سائيڪل کي ڪمبل وانگي پنهنجي مٿان کاڏيءَ تائين ڇڪي آندو هو؟“

”اهو ڪجهه ڪئمپ ۽ ڇانوڻيءَ ۾ ته نه هو نه.“

”مان ڪيئن آهيان، ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ نه گهرجي.“ نڪ چيو، ”مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته مان ڇا آهيان، ان ڪري وڌيڪ سوچڻ اجايو آهي.“

”تون ڪجهه وقت هت ترس،“ پاراوسنيءَ چيو، ”چاهين ته جهٽ اکيون به ٻوٽي سگهين ٿو. بمباريءَ دوران هت هو گهڻو ڪجهه نه ڪندا آهن. ٻاهر اڃا گرمي به ڏاڍي آهي.“

”منهنجي خيال ۾ ڪا تڪڙ ته آهي ڪانه.“

”هونءَ تون آهين ڪيئن؟“

”مان ٺيڪ آهيان، بلڪل ٺيڪ.“

”سچ سچ ٿو پڇانءِ؟“

”هونءَ ته ٺيڪ آهيان، پر ٿوري گهڻي روشنيءَ کان سواءِ ننڊ ڪونه ٿي اچي. بس رڳو اها ويڌن آهي.“

”مان سمجهان ٿو اها دماغي بيماري آهي. مان ڪو ڊاڪٽر ته ڪونه آهيان، پر مون کي اها خبر آهي.“

”برابر، هو چون ٿا ته مون کي اهو برداشت ڪري ان جو عادي ٿي وڃڻ گهرجي. مان به ائين پيو ڪريان. ڳالهه ڇا آهي؟ مان توکي خبطي ته ڪونه ٿو لڳان؟ يا لڳان ٿو؟“

”مون کي ته ٺيڪ ٺاڪ ٿو لڳين.“

”هڪ ڀيري جي هو خبطي يا سودائي ظاهر ڪن ته آزار ٿي پوندو.“ نـِڪ چيو، ”پوءِ ڪنهن جو به تو ۾ ويساهه ۽ اعتماد نه رهندو.“

”مان ٿوري ننڊ ڪندس، نڪولائي.“ پاراوِسنيءَ چيو، ”هي اهڙو بٽالين هيڊ ڪوارٽر نه آهي، جهڙي تي تون اسين هريل آهيون. اسان کي رڳو اهو انتظار آهي ته ٻاهر ڪڏهن ٿا ڪڍن. توکي به هاڻي گرميءَ ۾ ٻاهر نڪرڻ نه گهرجي. اها بيوقوفي ٿيندي. هن کـُڏڙي ۾ وڃي آرام ڪر.“

”مان رڳو ٿورو اَهلندس.“ نڪ چيو.

نـِڪ ان کڏي ۾ ليٽي پيو. پاڻ کي ان حال ۾ ڏسي هن کي ڏاڍي مايوسي ٿي هئي ۽ ان کان وڌيڪ مايوسي هن کي ان تي به ٿي ته ڪئپٽن پاراوسني هن بابت سڀ ڪجهه چڱيءَ ريت ڄاتو پئي. کڏو ايڏو وڏو نه هو، جهڙو اهو جنهن ۾ 1899 واري بٽالين، مورچي کان ٻاهر سامهون، بمباريءَ دوران، چري ٿي رڙيون ڪرڻ لڳي هئي ۽ پارا هنن کي ٻه ٻه ڪري ٻاهر ڪڍيو هو، اهو ڏيکارڻ لاءِ ته ڪجهه ڪين ٿيو هو. هو به انهن ۾ هيو، ۽ پنهنجي ٽوپلي جي کاڏيءَ واري پٽي زور سان وات تي ڏني هئائين، ته جيئن سندس چـَپَ چـُپِ رهن. هن کي خبر هئي جي اهي هڪ ڀيرو ڦڙڪيا ته ماٺ نه ڪندا. هن کي خبر هئي ته اهو سڀ ڪجهه هنن جي برداشت کان ٻاهر هو. اهي ذليل گولا هيا. جيڪڏهن هو رڙيون ڪرڻ بند نه ٿو ڪري سگهي ته پنهنجو نـِـڪ يادون ڀڃي، خيال مٽائڻ لاءِ، ٻيو ڪو موضوع ۽ مسئلو پيدا ڪري پئي سگهيو. گولي هڻي هڪ کي ته ماري سگهان ٿو، پر هينئر کوڙ دير ٿي وئي آهي. اهو وڌيڪ خراب ٿيندو. نڪ ڀڄجي. هنن حملي جو وقت ڦيرائي پنج پنجويهه رکيو هو. اسان کي اڃا چار منٽ باقي آهن. ان ڪميڻي جو ته نڪ ڀڃ ۽ کيس لتون هڻي هتان ٻاهر ڪڍ. تون سمجهين ٿو ته ٻاهر نڪرندا؟ جي نه نڪرن ته ٻن کي گوليون هڻ ۽ ٻين کي ڪنهن ريت ٻاهر هڪالي ڪڍ. انهن جي پٺيان لڳو رهه، سارجنٽ ان ۾ ڪو فائدو ڪونهي ته اڳيان هلندو هلجي تان جو پتو پوي ته پويان ڪوبه نه آهي. توهان ويندي وقت سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪيڏا نه خطرناڪ گولا آهن. ٺيڪ آ، ٺيڪ آ. پوءِ گهڙيءَ ڏانهن نهاريندي، هو ان جو آواز ٻڌندو رهيو. آواز جو هن جو وڃائجي ويو هو ۽ جڏهن سڄو سارو هڪ پاسو ويهجي ويو هو، تڏهن ئي اهو ڪجهه شروع ٿيو هو. ان ڏينهن ئي هن نشو نه ڪيو  هو. جڏهن هو موٽيا ته اهو گهر سڙي رهيو هو، ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو. ڪي زخمي چار ڏينهن پوءِ هيٺ لٿا ۽ ڪي لٿائي ڪين. اسين هميشه هيٺ لهي ايندا هياسين. اسان مٿي به وياسين ۽ وري هيٺ به لهي آياسين. اتي هڪ گئبي ڊلي به هوندو هو، ڏاڍو عجيب ۽ غريب. هن کي پر پيل هوندا هيا. سال اڳ تو مون ان کي ننڍڙي گڏي سڏيو هو. تو مون کان پڇيو هو ته مون کي گڏي کنڀن سان وڻندي آهي يا بنان کنڀن جي ۽ منهنجو نالو هيري پلسر آهي. اسان ٽڪريءَ جي پرين پاسي کان چاڙهي چڙهندا هياسين ۽ هو هر رات اها ٽڪري ڏسندو هو، خواب ۾، صابڻ ڪي ڦوٽن جيان، ڪڏهن هن جي ڇوڪري اتي هوندي هئي ۽ ڪڏهن اها ڪنهن ٻئي سان هوندي هئي، ۽ هن کي اهو سمجهه ۾ ئي نه ايندو هو. پر اهي، راتيون هونديون هيون جڏهن درياءُ ڀريو ۽ سانتيڪو وهندو  هو، ۽ فوسالٽا جي ٻاهران هڪ هيٺاهون گهر هوندو هو، جنهن کي هيڊو رنگ ٿيل هو ۽ چوڌاري ساوڪ هئي. ان جي ڀر ۾ هڪ طنبيلو به هو ۽ هڪ واهه به. هو هزارين ڀيرا ات ويو هو، پر اهو ڪجهه ڪڏهن نه ڏٺو هيائين. پر هاڻي هو هر رات اهو ڪجهه ڏسندو هو، ائين صاف ۽ چٽو جيئن هو ٽڪري ڏسندو هو. اهو ڏسي هو ڊڄي ويندو هو، خاص طور جڏهن ٻيڙي واهه ۾ وڻڪار وٽ اڪيلي بيٺي هوندي هئي. اهي ڪنارا درياءَ جي ڪناري جيان نه هيا. اهي هيٺاهان هيا، جيئن پورٽو گرانڊ وٽ، جتي هنن کين رڙيون ڪندي ايندي ڏٺو هو، ڇر آيل پاڻيءَ مان رائيفلون کنيون، جيستائين اهي انهن سوڌو پاڻيءَ ۾ ڪري نه پيا. ان جو حڪم ڪنهن ڏنو هو؟ اها ڪا منجهيل ڳالهه نه هئي، هن سڀ سمجهيو پئي. اهوئي سبب هو جو هن کي هر ڳالهه تفصيل سان ياد هئي ۽ هن کي خبر هئي ته هو ڪٿي هيو. پر اوچتو بنا ڪنهن سبب جي هينئر وري هن جو ذهن منجهي پيو. هو بٽالين جي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ کـَڏَ ۾ ليٽيو پيو هو، جتي پارا بٽالين جي سالاري ڪري رهيو هو، ۽ هو رڳو آمريڪي ورديءَ ۾ هو. هو اٿي ويٺو ۽ چوڌاري نهارڻ لڳو، هو سڀ هن کي تڪي رهيا هيا. پارا ٻاهر هليو ويو. هو وري ليٽي پيو.

پئرس وارو حصو پوءِ پئي آيو، ۽ هو ان کان نه پئي ڊنو، سواءِ ان جي جڏهن هوءَ ڪنهن ٻئي سان هلي وئي هئي، ۽ هن کي ڀؤ هو ته هو ساڳيو ئي ڊرائيور ٻيهر نه کڻن. اها ڳالهه ئي ان واقعي بابت ڊيڄاريندڙ هئي. محاذ بابت هن کي ڪوبه ۽ ڪڏهن به ڊپ نه ٿيو هو. هينئر هن ڪڏهن جنگ جي مورچي بابت خواب نه پئي ڏٺو، پر جنهن ڳالهه هن کي ڊيڄاريو پئي ۽ جنهن مان جان نه پئي ڇڏائي سگهيو، سا ڊگهو هيڊو گهر ۽ درياءَ جي گهٽ وڌ ويڪر هئي. هاڻي هو وري درياءَ تي موٽي آيو هو، هو ان شهر مان لنگهيو هو ۽ اتي ڪوبه اهڙو گهر ڪونه هيو، نه ئي درياءَ اهڙي نموني هيو، ته پوءِ هو هر رات ڪيڏانهن ويندو هو ۽ اها ڪهڙي آفت هئي جو هو هر رات جاڳي پوندو هو، پگهر ۾ شل، بمباريءَ کان خائف ڊنل، هڪ گهر، طنبيلي ۽ واهه جي ڪري؟

هو اٿي ڄنگهن کي لوڏي هيٺ لڙڪائي ويٺو. سندُس ٽنگون جي گهڻو وقت سڌيون رکڻ سان ته سيٽجي سخت ٿي وينديون هيون. ائڊجوٽنٽ، ٻه سگنلر ۽ ٻه قاصد در وٽ بيهي هن کي چتائي ڏسي رهيا هيا. هن به واپسيءَ ۾ هنن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ خندق وارو ڪپڙو لڳل لوهي ٽوپلو پاتو.

”چاڪليٽن، پوسٽ ڪارڊن ۽ سگريٽن جي نه هجڻ لاءِ مان معافي ٿو وٺان.” هن چيو، “وردي ته بهرحال مان پايان ٿو.“

”ميجر جلد ئي موٽي ٿو.“ ائڊجوٽنٽ چيو، ان فوج ۾ ائڊجوٽنٽ ڪميشن حاصل ڪيل آفيسر نه هوندو آهي.

”وردي ٺيڪ نه آهي.“ نڪ هنن کي چيو، ”پر ان مان توهان اندازو لڳائي ويندؤ. جلد ئي هت لکين آمريڪي پهچي ويندا.“

”توهان سمجهو ٿا ته هو آمريڪن کي هيڏانهن موڪلي ڏيندا؟“ ائڊجوٽنٽ پڇيو.

”هائو، بلڪل اهڙا آمريڪي جي بدن ۾ مون کان ٻيڻا هوندا. صحت مند، صاف دل، رات جو آرام سان سمهندڙ، ڪڏهن به زخمي نه ٿيل، نه ڪڏهن بم جو شڪار ٿيل، نه ڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪندڙ ۽ پناهه وٺندڙ، نه ڪڏهن ڊڄندڙ، شراب جي ويجهو به نه ويندڙ، پويان ڇڏي ايندڙ ڇوڪرين سان وفادار ۽ انهن مان ڪيترن کي ڪڏهن ڳڍڙيون به نه پيون آهن، اصلي عجيب ۽ پيارا ڇوڪرا. توهان پاڻ ڏسندؤ.“

”توهان اتالوي آهيو؟“ ائڊجوٽنٽ پڇيو.

”نه، آمريڪي وردي ڏس نه، اسپئگنولنيءَ تيار ڪئي آهي، پر سٺي نه ٺاهي اٿائين.“

”اتر يا ڏکڻ آمريڪا جو؟“

”اتر جو.“ نـِـڪ چيو. هن محسوس ڪيو ته هاڻي ڪم خراب پئي ٿيو. هن چپ رهڻ جو فيصلو ڪيو.

”پر تون ته اتالوي ٿو ڳالهائين؟“

”ڇونه، توکي منهنجو اتالوي ڳالهائڻ نٿو وڻي ڇا؟ مون کي اتالوي ڳالهائڻ جو حق نه آهي ڇا؟“

”توکي اتالوي ٻلا به آهن.“

”رڳو پـَٽيون ۽ ڪاغذ، ٻلا پوءِ ملندا آهن. ٻلن جو ڇا آهي، ڪنهن کي رکڻ لاءِ ڏيندؤ جي اهو هليو ويو ته ٻلا به ويا يا ڪنهن سامان سان گڏ اهي به گم ٿي ويا. توهان ملان مان وري ٻيا خريد ڪندءُ. سڄي اهميت انهن ڪاغذن ۽ سرٽيفڪيٽن کي آهي. توهان کي انهن لاءِ ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي، جي توهان گهڻو وقت مورچي تي رهيؤ، ته توهان کي به ڪجهه ٻلا ملندا.“

”مان ايريٽيريا واري مهم جو ويڙهاڪ آهيان.“ ائڊجوٽنٽ کـَڙڪي سان چيو.

”مان طرابلس ۾ به وڙهيو آهيان.“

”تو سان ملي واقعي خوشي ٿي؟“ نـِڪ پنهنجو هٿ وڌايو، ”اهو ته ڏاڍو ڏکيو وقت هوندو، مان تنهنجي ورديءَ جي پٽين ۽ ڦيٿن ڏي هاڻي ڌيان نه ڏنو آهي. توکي ڪارسو تي هجڻ جو موقعو به مليو؟“

”مون کي هاڻي هن لڙائيءَ لاءِ سڏيو ويو آهي. منهنجو ڪلاس ڏاڍو پراڻو آهي.“

”ڪنهن وقت مان مقرر عمر جي حد کان گهٽ هئس.“ نڪ چيو،”پر هينئر مان لڙاين ۾ گهڻو تجربو حاصل ڪري چڪو آهيان.“

”پر تون هينئر هت ڇا لاءِ آيو آهين؟“

”مان آمريڪي ورديءَ جو مظاهرو ٿو ڪريان.“ نـِـڪ چيو، ”توکي اها خاص اهميت واري ڳالهه نه ٿي لڳي؟ اها ڪالر وٽان ڪجهه تنگ آهي. پر تون لکين ماڻهن کي اهي وردي پايون ماڪڙ جي ڪٽڪ جيان ايندو ڏسندين. اڪ ٽٽيئڙا، ڏس نه، اسان جنهن کي آمريڪا ۾ اڪ ٽٽيئڙو سڏيندا آهيون، سا سچ پچ ماڪڙ آهي. اصل اڪ ٽٽيئڙو ننڍڙو، سائو ۽ نسبتن سنهڙو هوندو آهي. بهرحال، توکي ست سالي عمر واري ماڪڙ يا سڪاڊا کي، جو هڪ خاص قسم جو آواز ڪندو آهي، جيڪو مون کي هينئر ڪڍڻ نه ٿو اچي، اڪ ٽٽيئڙو سمجهڻ جي غلطي نه ڪرڻ گهرجي، مان ان آواز کي ياد ڪرڻ جي ڪريان ٿو پر زبان تي نه ٿو اچي. مان اصل اهو آواز ويٺو ٻڌان پر ڪڍي نه ٿو سگهان. جي ڳالهه ٻولهه هينئر بند ڪريون ته دل ۾ ته نه ڪندين؟“

”ڪٿي ميجر کي ته ڏسي اچو!” ائڊجوٽنٽ ٻن مان هڪ قاصد کي چيو، ”مان سمجهان ٿو ته توهان ڦٽيا آهيو.“ هن نڪ کي چيو.

”ڪيترن ئي جاين تي.“ نڪ چيو،”جي توکي زخمن جي نشانن ڏسڻ ۾ دلچسپي آهي ته مان توکي ڪيترائي دلچسپ نشان ڏيکاري سگهان ٿو، پر مان اڪ ٽٽيئڙن بابت ڳالهائڻ کي ترجيح ڏيندس. اسان جنهن کي اڪ ٽٽيئڙو چئون ٿا، سي سچ پچ، ماڪڙ آهن. انهن جيتن، ڪنهن وقت منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالهه توکي وڻندي. تون منهنجي ڳالهه ڪرڻ وقت، منهنجي ورديءَ ڏانهن نهاري سگهين ٿو. ائڊجوٽنٽ هٿ لوڏي ٻي قاصد کي اشارو ڪيو، ۽ هو هليو ويو.

”پنهنجون نظرون ورديءَ تي رک. توکي خبر آ ته اها اسپئگنولنيءَ تيار ڪئي آهي. تون پڻ ان ڏي نهاري سگهين ٿو.“ نڪ سگنلر کي چيو. ”مون کي ڪوبه عهدو نه آهي. اسان آمريڪي ڪائونسل جي ماتحت آهيون. توهان جو هت ٽڪڻ بلڪل مناسب آهي، جي چاهيو ته گهوري به سگهو ٿا. مان هاڻي توهان کي آمريڪي ماڪڙ بابت ٻڌائيندس. اها هميشه ان کي پسند ڪندا آهن جا وچولي ناسي رنگ جي هوندي آهي. اهي پاڻيءَ ۾ چڱو وقت رهي سگهن ٿيون ۽ مڇين کي ڏاڍيون وڻنديون آهن. وڏيون جي اڏرڻ وقت سرڙاٽ ڪندڙ نانگ جيان آواز ڪنديون آهن، ڏاڍو خشڪ آواز، تن جا پر صاف ۽ شفاف هوندا آهن، ڪي چمڪندڙ ڳاڙها ته ڪي ڪارن ڌٻڪن سان پيلا، پر انهن جا پر پاڻيءَ ۾ پوڻ سان ئي پرزا پرزا ٿيو پون، سي سٺي سڻڀي خوراڪ نه ٿينديون آهن. جڏهن ته وچولي ناسي رنگ واريون ڏاڍي سٻر، سڻڀيون ۽ سوادي ٿينديون آهن. مان توهان کي انهن جي سفارش ڪندس. توهان معززن کي صحيح سفارش ئي ڪرڻ گهرجي. پر مان ان ڳالهه تي به زور ڏيندس ته مڇين مارڻ لاءِ انهن جيتن جو توهان چڱو چوکو تعداد، هنن سان جهلڻ يا لٺين سان ڪيرائڻ رستي، هٿ نه ڪري سگهندا. اها هڪ حماقت ۽ وقت جو زيان آهي. هاڻي مان اوهان لاءِ ان جو طريقو بيان ڪندس، صحيح طريقو، ۽ جو هر فوج ۾ نوجوان عملدارن کي سيکارڻ گهرجي، جيڪو مون کي ٻڌائڻ به گهرجي، اهو آهي ته ان لاءِ عام رواجي مڇردانيءَ مان ڄاري ٺاهي وڃي. ٻه عملدار ان ڄاريءَ جي ڇيڙن کي جهلي بيهن ۽ پوءِ وٺي هوا ۾ ڊوڙن. هوا ۾ اڏندڙ اڪ ٽٽيئڙا، ڄاريءَ جي سامهون اڏامندي، ان ۾ ڦاسي پوندا. انهن جو وڏو تعداد جهلڻ ۾ ڪا خاص ٻي اٽڪل نه گهربي آهي. مڇردانيءَ جي ڊيگهه جيتري هڪ ڄاري ئي ڪافي آهي. مان سمجهان ٿو ته توهان منهنجي ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهي ويا هوندا. ڪو سوال پڇڻو آ؟ جي ڪا ڳالهه توهان کي سمجهه ۾ نه آئي هجي ته توهان سوال ڪري سگهو ٿا. ڳالهايو! ڪو سوال ڪونهي؟ ته پوءِ ان موضوع کي اتي ختم ڪندس. عظيم سپاهي ۽ شخص، سر هينري ولسن جي لفظن ۾: مانوارو، يا ته توهان حاڪم ٿيو، يا محڪوم. مانوارو مان وري ورجايان ٿو. مان توهان کي هڪ ڳالهه ياد رکڻ لاءِ چوندس. هن ڪمري ڇڏڻ کان اڳ، هڪ ڳالهه مان توهان کي ذهن نشين ڪرائڻ چاهيندس، اها، هيءُ ته: يا حاڪم ٿيو يا محڪوم. بس، مهربانو! خدا حافظ.“

هن پنهنجو ڪپڙو چڙهيل لوهي ٽوپلو لاٿو، وري پاتو ۽ جهڪي کـُـڏَ جي لنگهه ڏانهن ويو. ٻن قاصدن سان گڏيو، پارا هيٺاهين رستي کان هن پاسي پئي آيو. اُس ڏاڍي تـِکي هئي ۽ نڪ پنهنجو ٽوپلو لاهي ڇڏيو.

”ههڙين شين کي آلي رکڻ جو ڪو سرشتو هئڻ گهرجي.“ هن چيو. ”مان ته هن کي وڃي درياءَ تي پسايان ٿو.“ هن ڪپر طرف وڌڻ شروع ڪيو.

”نڪولو،“ پاراوسني ڪيو، ”نڪولو، ڪاڏي پيو وڃين؟“

”سچ پچ مون کي وڃڻ گهرجي.“ نڪ ٽوپلو هٿ ۾ ڪيو ڪناري تان هيٺ لهي آيو.

”مڙيوئي آزار آهي، آلو هجي يا سڪل تون ته سدائين پايو وتين.“

”سارو وقت،“ پارا چيو. ”مون کي ته گنجو ڪري وڌو اٿائين. آءُ، اندر اچ.“

اندر اچي پارا هن کي ويهڻ لاءِ چيو.

”توکي ته خبر آ ته اهي قطعي ٺيڪ نه آهن.“ نڪ چيو. “مون کي ياد آهي ته پهريون پائڻ وقت اسان کي اهي ڏاڍا آرام ڏيندڙ لڳندا هيا. پر مان انهن کي ميڄالي سان ڀريل ڏٺو آهي. ڪيترائي ڀيرا.“

”نڪولو،“ پارا چيو، ”منهنجي خيال ۾ توکي موٽي وڃڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ بهتر ٿيندو، تون تيستائين محاذ تي نه اچ جيستائين اها کيپ ملي نه وڃئي، هتي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. جي ڪڏهن تون رڳو هيڏي هوڏي گهمندين ئي، ڪنهن سٺي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ئي، ته ماڻهو اچي مڙندا ۽ اهڙو ميڙ، بمباريءَ کي دعوت ڏيندو، مان اها گولي بازي نه ٿو چاهيان.“

”مان سمجهان ٿو اها بيوقوفي آهي.“ نـِڪ چيو، ”پر اها منهنجي تجويز نه هئي. مون ٻڌو ته برگيڊ هتي هئي، ان ڪري سوچيم ته توکي يا ڪنهن ٻئي کي ڏسي اچان. مون کي زين زون يا سانڊونا وڃڻ گهربو هو. مان سانڊونا وڃڻ چاهيندس، پل ڏسڻ.“

”مان تنهنجو اجايو ڦرڻ گهرڻ نٿو پسند ڪريان.“ ڪئپٽن پاراوسنيءَ چيو.

”ٺيڪ آ.“ نڪ چيو. هن وري ڪجهه ٿيندي محسوس ڪيو.

”سمجهيئي؟“

”بلڪل.“ نڪ چيو، هن پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

”اهڙي قسم جي ڳالهه رات جي وڳڙي ۾ ڪرڻ گهرجي.“

”صحيح ته ائين ٿو لڳي.“ نڪ چيو. هن سمجهيو ته هاڻ روڪڻ مشڪل آهي.

”ڏس نه، مان هڪ بٽالين جي مهنداري ٿو ڪريان.“ پارا چيو.

”توکي ڪرڻ به ڇونه گهرجي؟“ نڪ چيو. اوچتو وري چيائين، ”تون لکي پڙهي سگهين ٿو نه؟“

”هائو.“ پارا ڌيرج سان وراڻيو.

”مصيبت اها آهي ته توکي مهنداري ڪرڻ لاءِ ننڍي بٽالين ملي آهي. جيئن ئي اها وڌائي ويئي ته توکي واپس پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ موڪليو ويندو. هو مئلن کي دفنائن ڇونه ٿا؟ مان هينئر هنن کي ڏٺو آهي. مان وري اهي ڏسڻ نه ٿو چاهيان. منهنجي خيال ۾ جيترو جلد ٿي سگهي، هنن کي دفنائي ڇڏڻ گهرجي ۽ تولاءِ به اهو بهتر ٿيندو. نه ته توهان سڀ بيمار ٿي پوندؤ.“

”سائيڪل ڪٿي ڇڏي اٿئي؟“

”هـُن آخري گهر ۾ اندر آهي.“

”سمجهين ٿو اها سلامت هوندي؟“

”ڳڻتي نه ڪر.“ نـِڪ چيو، ”مان جلد ئي هليو ويندس.“

”جهٽ کن ليٽُ، نڪولو.“

”ٺيڪ آ.“

هن اکيون ٻوٽيون. هن ڏٺو: ڏاڙهيءَ سان هڪ ماڻهو رائيفل مٿان لڳل دوربينيءَ مان ڏانهس نهاري رهيو هو. هن اوچتو ئي ڪنهن ڏنڊي جهڙي سخت شيءِ جي، پنهنجن گوڏن تي چمڪ محسوس ڪئي. گرم پگهر ۽ گهُٽ محسوس ڪندي ۽ کنگهندي هو هن وٽان لنگهي ويا ۽ هن وري ڊگهو هيڊو گهر، ڪجهه هيٺ ڀرو طنبيلو ڏٺو ۽ درياءَ جيڪو وڌيڪ ويڪرو ۽ ڀريل هو، پر ماٺو وهندي ڏٺو.

”اي يسوع مسيح!“ هن چيو، ”مون کي ته وڃڻ گهرجي.“

هي اٿي بيٺو.

”پارا، مان وڃانءِ ٿو.“ هن چيو، ”مان وري شام جو واپس موٽي ايندس. جي ڪابه کيپ پهچي وئي ته مان رات جو آڻيندس. جي نه ته مان تڏهن ئي رات جو ايندس، جڏهن مون کي ڪجهه آڻڻو هوندو.“

”اڃا گرمي آهي. توکي سائيڪل به هلائڻي آهي.“ ڪئپٽن پاراوسنيءَ چيو.

”توکي فڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.“ نڪ چيو، ”مان هاڻي بلڪل ٺيڪ آهيان. چڪر آيو هيو پر ڏکيو نه هيو. هاڻي هو سولا ٿيندا پيا وڃن. مان به آسانيءَ سان سمجهي ٿو وڃان ته اچي پيو، ڇو جو ان وقت مان ڏاڍو گهڻو ٿو ڳالهايان.“

”هڪ ماڻهو تو سان گڏ روانو ڪريان.“

”منهنجي خيال موجب ان جي ضرورت ناهي.“ نڪ چيو، ”رستو منهنجو ڏٺل آهي.“

”جلد ئي موٽي ايندين نه؟“

”بلڪل.“

”ماڻهوءَ جي ضرورت...“

”نه،“ نـِـڪ چيو، ”مان رستو لهي ويندس.“

”چڱو، ته پوءِ خدا حافظ.“

”خدا حافظ“، نڪ چيو. هو هيٺاهون رستو وٺي اڳتي هليو، اوڏانهن جتي سائيڪل ڇڏي آيو هو. هڪ ڀيرو واهه سان لنگهيو هو ته رستو شام ڌاري ڇانوري وارو هيو. ان جي پريان ٻنهي پاسن کان وڻ هيا، جنهن تي ڪڏهن به گولي باري نه ٿي هئي. اها ئي رستي جي پـَـٽي هئي. جتان لنگهندي، هو ٽرزا سـَووئيا سوار ريجمينٽ وٽان لنگهيا هيا، جا پنهنجن گهوڙن تي، برف مان وڃي رهي هئي. گهوڙن جي ساهه جو سهڪو، ٿڌ ۾ دونهي جا گولا ڪڍي رهيو هو. نه اهو ڪنهن ٻئي هنڌ هيو. اهو ڪجهه هن ڪٿي ڏٺو ضرور هو؟

”بهتر آهي، ته مان سائيڪل وڃي کڻان.“ نڪ پاڻ کي چيو، ”مان فورناسيءَ ڏانهن ويندڙ راهه وڃائڻ نٿو چاهيان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com