سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ويريون

باب: --

صفحو :4

 

ڀُري پيو ڀنڀور..!

        رات آهستي آهستي مٿان ڇائنبي پي وئي ۽ ٿڌ پنهنجا پير پي کوڙيا. فضا خاموش ۽ ماحول ڀيانڪ بڻبو پئي ويو. اچانڪ انهي خاموشي م هڪ ڀيانڪ آواز گونجيو. ڪوئلي جي کاڻين جو گهگهو هو. شاني ورهين کان انهي ماحول ۽ فضا ۾ رهي هئي پر اڄ هوءَ اهڙن خيالن ۾ گم هئي جو انهيءَ گهگهو کيس ڇرڪ وجهي ڇڏيو. هوءَ پنهنجين ڦاٽل ۽ بي نور اکين جي چڌن کي ڦيرائيندي رهي ۽ هن جو ڇرڪ وچان ساهه تيزي سان کڄڻ لڳو. گهگهوءَ آخري رانڀاٽ ڪري بس کڻي ڪئي. انهيءَ سان فضا، ماحول ۽ شاني پنهنجي اڳوڻي حالت ۾ اچي ويا.

        شاني  پاڻ کي گهڻو اڳوڻن خيالن ۾ گم ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي پر الائجي ڇو کيس محسوس ٿيو ته اهو سڀ بيسود آهي. آخر ماضي کي ياد ڪري به ڪيترو ڪبو. هن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ سمجهائين ته خيال سڀ هٽي ويندا. پر سورن سٿيل خيال ائين ڪٿي ٿا ڇڏين. چاڪ چڪي اٿيا، ناسور رسڻ لڳا ۽ هن جي بي نور اکين مان بي اختيار پاڻي وهڻ لڳو. اڳيان سڀ خيال موٽي آيا جن مان هن جند ڇڏائڻ ٿي چاهي.

        هن جي بي نور اکين جي آڏو ڪنهن جي تصورير تري آئي. موڪرو منهن وڏيون اکيون. چپن تي هلڪي مرڪ، هوءَ ان جي موهه ۾  موهجي وئي. الائجي ڇو اچانڪ کيس محسوس ٿيو ته اها تصوير چرپر ڪرڻ لڳي آهي. هر اها تصرير جبلن ۽ ٽڪرن جي ننڍين  چوٽين تي آهي، ڪنهن مهل ڪنهن سرسبز ترائي ۾ آهي، ڪنهن  مهل گهر جي آڳر ۾ آهي. پر هر ڪنهن هنڌ ساڻس ڪير آهي ئي آهي. شانيءَ انهيءَ کي سڃاتو...... هو پاڻ ئي هئي. جواني جي رتل حسن ۾ ورتل هڪ وڻندڙ ٽڙندڙ جسم، شاني پاڻ کي حسين سان ڏسي، خوش ٿيندي ٿيندي غمگين  ٿي وئي. هوءَ واپس پنهنجي ماحول ڏانهن موٽي آئي. پنهنجي موجوده حالت کي ياد ڪندي، هوءِ روئي ويٺي، روئندي روئندي کيس حسين جون مٺيون ڳالهيون ياد پيون، وري هوءَ پنهنجي انڌي دنيا ۾ گم ٿي  وئي.

        شانيءَ کي اهو وقت ياد آيو جڏهن حسين سندس هو ۽ هوءَ حسين جي هئي. ڇا ننڍپڻ  ڇا جواني، هنن هميشه گڏ گهاري ڄاتو هو.  شاني، سرسبز ماٿري جي هڪ نينگر هئي. حسين انهي ئي واديءَ ۾ ڦهليل ڪوئلي جي کاڻ جو مزور هو. کاڻ جي ڪاراڻ جي حسين تي ڪو به اثر  ڪو نه هو. هنجي صاف شفاف دل تي هميشه شانيءَ جو عڪس چٽيل هو.

        شاني کي اچانڪ اهو وقت ياد پيو جڏهن هن کي پنهنجو گهر ٺاهي گهڻا ڏينهن به ڪو نه  ٿيا هئا. ڀلا ٻن ورهين جون  راتيون به ڪي راتيون ٿينديون  آهن. ان وقت اڃا شادي جي خوشي، خوشي ئي هئي. شانيءَ جو پيار، اڃان پيار ئي هو. حسين جي جذبات جي اڀام اڃان اڀامندڙ هئي. مطلب ته چوطرف رنگ هئا. بهار هو ڇا ڪجهه نه هو. اچانڪ هڪ ڌڪ سان هڪ ڌڌڪاءُ جي آواز ۾ اهي سڀ ڳالهيون گم ٿي ويون. نه رڳو شاني جي دنيا ۾ ويراني ڇائنجي وئي پر انهي سان گڏ سندس دنيا انڌي پڻ ٿي پئي.

         کيس چڱي پر ياد هو ته انهيءَ ڏينهن هوءَ حسين سان گڏ هڪ ٽڪري تي ويٺي هئي، هن حسين لاءِ ماني آندي هئي. هو خوش خوش ٿيو ماني کائي رهيو هو. پهاڙي علائقي جي وڻندڙ منجهند ۾ چوگرد پسگردائي ۾ ساوڪ دل کي فرحت پي ڏني. شاني البيلي ٿيو، هيڏي هوڏي ٺينگ ٽپا پي ڏنا. جيئن هوءَ جسم کي لچڪائيندي ڦٿڪائيندي، گهمي پئي، تئين سندس نظر ٿورو هيٺ ڀرو ترائي ۾ هڪ منظر تي پئي. هوءَ هٽڪي بيهي رهي. کيس الائجي ڇو اهو نظارو ڏسي لڱن ۾ سياٽ پوڻ لڳا. هوءَ انهيءَ ڳالهه کي چڱي پر سمجهي ٿي سگهي پر ته به هن جي دل کي الائجي ڇا ٿيڻ لڳو. هيٺ ڪتن جوهڪ وڏو ميڙ هو. ڪتن جي ميڙ جي وچ ۾ هڪ ڪاري رنگ جي ڪتي ماٺ ڪيو بيٺي هئي. چوڌاري ڪتن جي ميڙ کيس هراسي ڇڏيو هو. رکي رکي ميڙ مان تکا آواز ٿي آيا، نه ته هو سڀ تيز ۽ تکين نظرن سان ڪتيءَ کي تڪي رهيا هئا. انهي سان گڏ هوگهيري کي تنگ پڻ ڪندا ٿي ويا. شانيءَ کي ائين پي لڳو. ڄڻ ته ڪتيءَ جون سهميل نظرون چوگرد ڦريون پئي ۽ فرار جي راهه ٿي ڳوليائون پر چوڌاري ڪافي وڏو ميڙ هو، جن جي تکن سهڪن ۽ ڪوڪراٽن نه رڳو ڪتيءَ کي وڌيڪ هيسائي ڇڏيو هو ۽ هوءَ هڪ هنڌ خاموش بيٺي هئي. تيستائين هوءَ انهيءَ ۾ گم هئي، جسين حسين پاڻ اچي سندس ڪلهي تي هٿ نه رکيو.

        ” ڇاٿي ڏسين شاني“ ڪا مهل لاڪر اتي بيٺي آهين.“

        ” تون!........ تو ماني کائي بس به ڪئي......؟“

        ” ها سويل....... توکي پي تڪيم، ڏٺم ٿي ته نيٺ ايندين پر تون، اتي بيهي وئين......... مان به ته ڏسان ته آهي ڇا.....؟

        شاني شڪجي وئي ۽ يڪدم حسين کي ڇڪي  پري وٺي وئي جيئن هو ڪجهه به نه ڏسي. الائجي ڇو اهو نظارو شاني جي دل تي اهڙو ته چٽجي ويو جو حسين جي ياد ايندي ئي اهو نظارو پڻ سندس اکين آڏو ڦري ويندو هو.

        شاني حسين کي اڃا پري ڇڪي وئي ئي ڪا نه ته پريان هيٺ ترائي مان حسين کي ڪير سڏڻ لڳو.

         ” ڏس ته سهي الائجي ڪير سڏي پيو، ڀانيان ٿي ڪم جو وقت ٿي ويو آهي.“

        ” ها، وقت ته ٿي ويو آهي، شايد هن ٽڪري واري کاڻ کي ٿا بارود ڏين“

        ” تون به هل کڻي شايد هننن بارود وڇائي نه ڇڏيو آهي. هلو ڀلا هلو، لهو......... مان به هلان ٿي......... چڱو........... گهر سويل اچجان متان ڪچهرين ۾ ويهي رهين..“

        ” ها، ها، تون ڀلي هل...“

         شاني حسين جو آواز ڪجهه پرڀرو ٻڌو، پاڻ تکي تکي ٽڪري جي ڇيڙي تي پهتي ۽ ٺهيل پيچري تان لهي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳي. هوءَ اڃان پيچري تي پهتي ئي مس ته کيس هڪ ڌڌڪاءُ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ کائنس هڪ دانهن نڪري وئي.

        ”منهنجو حسين.....!“

        هن ٽڪري پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ڪئي، پر پوءِ جيئن تيئن گهلجندي. سلهجندي، ڌڪا کائيندي  انهي پيچري تائين  پهتي. جنهن تان حسين لهي هيٺ ويو هو. هيٺ اوندهه انڌڪار هو. هوءَ انهيءَ انڌڪار ۾ ٽپ ڏئي لهي پئي. کيس خبر ڪا نه  ٿي پئي.  هوءَ ٿيڙ کائيندي اڳتي وڌي، اچانڪ سندس پير ڪنهن نرم شيءَ تي پيو. هوءَ يڪدم هيٺ جهڪي، هڪ انساني هٿ هو. هن کان دانهن نڪري ويئي. سندس پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. هن لٿڙندي اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو.......... شاني کي اهو سڀ ڪجهه چٽي طرح ياد هو. کيس اهو سڀ ڪجهه ياد هو ته انهيءَ ڏينهن کان سندس دنيا ويران هئي.

        اڄوڪي رات به انهن راتين مان هڪ هئي، جيڪي هن ڦٿڪي گذاريون هيون. روئي گذاريون هيون. جاڳي گذاريون هيون. اکين کي ڇنڀيندي خال ۾ ڪجهه ڳوليندي  گذاريون هيون، پر هن دانهن کان سواءِ ڪنهن جي ياد ۾ پاڻ وڃائي گذاري ڇڏيون. هاڻ ته پاڙي اوڙي واريا ٻيا مزور جيڪي کيس ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيندا هئا تن به  وساري ڇڏيو هو. اڄ شام لاڪر کيس ماني به ڏيڻ ڪير ڪو نه آيو کيس بک ته ڪانه هئي پر ته به الائجي ڇو هير هئڻ ڪري کيس ننڊ نه ٿي آئي. پاسا  اٿلائيندي پٿلائيندي هن کي گهٽ محسوس ٿي. لاچار اٿي ويهي رهي. نيٺ آرام  نه آيس. لٺ ٽيڪيندي ٺڙڪا ڪندي، آڳر ۾ نڪري آئي. اتي ڪجهه بيهڻ کانپوءِ  خيال آيس ته ڇو نه وک پنڌ تي، مائي زينا جو گهر آهي. اتان ٽڪر وٺي اچان. نيٺ سندس قدم وڌيا ۽ هوءَ در کولي صفا ٻاهر رستي تي آئي ۽ پنهنجي اندازي تي وکون وڌائڻ لڳي. ” ڀانيان ٿي ته دير ته ڪافي ٿي آهي، الائجي، در کولين الائي نه، سمهي نه پيا هجن.“ اهي وسوسا پچائيندي وڌايائين. ” ڀانيان ٿي گهر اچي ويو، ڳالهائڻ جو آواز پيو اچي.“

        شانيءَ جيئن خوش خوش ٿي قدم تکا پي کنيا تيئن محسوس ڪندي وئي ته منزل ته اڃا دور آهي. آواز ساڻس هلندا رهيا. هلڪا، سس پس جهڙا آواز، چند، مردن جو ڳالهائڻ، هوءَ ڪجهه دير بيهي رهي کيس ڪجهه ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو.  آوازهٽڪي بلڪل سندس قريب اچي چڪا هئا. بوٽن ۽ پٿرن ملي ڏاڍو کڙڪو ٿي ڪيو.  سندن سس پس، شاني کي ڏڪائي وڌو. اچانڪ ويجهو ئي ڪٿان شاني کي چند ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. شاني سڄي ڇرڪجي وئي. سندس بي نور اکين آڏو هڪ نظارو ڦرڻ لڳو.  ڪتن جو هڪ ميڙ، تن ۾ هڪ سهميل ڪتي، هينئر هوءَ سڄي هراسجي وئي.  جڏهن  سندس چوڌاري گڏ ٿيل ميڙ مان کلڻ ۽ ٽهڪن  ڏيڻ جا آواز اچڻ لڳا.“ انڌي آ ته ڇا ٿيو ٺاهوڪي آهي....“ سندس بت ست ڇڏڻ لڳو. دماغ ڦرڻ لڳو، سڄو جسم نستو محسوس ڪيائين.  هن چوڌاري اوندهه ۾ اکين جي چڌن کي ڦيرايو، هن جون اکيون ٻوٽجڻ لڳيون. کيس ائين لڳو ته واقعي هوءَ ڪتي آهي، چوڌاري ڪتن جو هڪ ميڙ آهي. اچانڪ ڪنهن سندس هٿ سوگهو جهليو. هن کي يڪدم ڪجهه ياد آيو ۽ هن هڪ وڏو ساهه کڻي رڙ ڪرڻ چاهي، پر ڄڀ تارون سان لڳل محسوس ڪيائين. سڪل ڄڀ کي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪليائين، پر اچانڪ ٻئي هٿ سندس وات بند ڪري ڇڏيو،  هن ڦٿڪڻ چاهيو، نستي بدن ٿورو سندس ساٿ ڏنو، پر سوگهن مضبوط هٿن ۾ بي بس ٿي ويتر نستو ۽ بي ساهو ٿي وئي ۽ پوءِ جي کيس خبر نه رهي ته ڇاٿيو.

        سندس بي حسي ۽ بيوسي جي انتها اها هئي جو هن ڪجهه به محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هن پنهنجي جسم سان گڏ دماغ کي ۽ دل کي پڻ ڪجهه به محسوس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هو هڪ بي جان بت هو ايستائين جيستائين سندس پٺي ۾ نوڪيليون پٿريون لڳيون. هن پاڻ کي هيٺ پٿرين تي ڪپڙن کان بي نياز ولهه ۾ پيل محسوس ڪيو. هن جي بي حسي دور ٿيندي ٿي وئي. هن هاڻي ڪجهه نه ڪجهه محسوس پي ڪيو. ٿڏ، نوڪيليون پٿريون،  اوگهڙ ۽ انهي سان گڏ ڦر ۽ لٽ جو احساس،  اهي سڀ ڳالهيون سندس ذهن تي چٽبيون ٿي ويون. احساس وڌيو ٿي ويو. هوءَ ڦٿڪڻ لڳي، نيٺ  دک درد جي پيڙا وچان کانئس دانهن نڪري ويئي ۽ پوءِ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. هن جو روئڻ تيز ٿيندو ٿي ويو. هن شايد سمجهيو ٿي ته دک درد جو احساس ائين گهٽجي ويندو. پر هن محسوس ڪيو ته هن کي سڀڪجهه محسوس ٿي رهيو آهي. سڀ ڪجهه، جيڪي ڪجهه هن سان ٿيو آهي. سڀ ڪجهه هوءَ محسوس ڪري رهي آهي، هن انهي احساس کان جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻو ئي ڪنڌ کي ڌوڻيو، ٽنگن کي سٽيو، ڀت کي اٿلايو، پٿلايو، نيٺ هڪ ڏاڍي دانهن ڪئي. جنهن دانهن سان گڏ هوءَ ساڻي ٿي اتي پئجي وئي.

         کيس اچانڪ ائين لڳو ته ڪي ماڻهو اچي رهيا آهن، سندن ڳالهائڻ  ويجهو پوندو پي ويو. پٿرن تي هلڻ جي کڙ کڙ صرف ٻڌڻ ۾ پي آئي. آواز شايد هن غار منجهان ٿي آيو....” اچو، تکا اچو............“ هوءَ صفا ڏڪي وئي. الائي ڇو يڪدم سندس ذهن ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ اتي ساڻو ٿي ويو. هوءَ اتي ساڻي ٿيو پئجي رهي. هن چاهيو ته جلدي اٿي ڪپڙا پائي پر سندس لڱ ٿڌ ۾ ساڻآ ٿي چڪا هئا. بدن چرپر کان معذور هو، اچانڪ ڪنهن رڙ ڪئي. ” اجهو هتي آهي........ پر   بيهو..... توهان سڀ ٻاهر بيهو.......... ڪجهه ترسو“ هن جي ٿڌي جسم آخري لوڏو کاڌو  ۽ وڌيڪ ساڻو ٿي ويو.  اچانڪ هن ڪجهه محسوس ڪيو. ڪنهن جي بوٽن جو آواز هو ۽ پوءِ بوٽن جا آواز وٽس اچي رڪجي ويا. ڪنهن هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ مٿس ڪو اوڇڻ وڌو ۽ پوءِ اچانڪ هن پنهجي،  بت ۾ ڪجهه گرمي محسوس ڪئي، سندس ٻانهن ڪنهن جي هٿ ۾ هئي. يڪدم هن کي ڪجهه محسوس ٿيڻ لڳو. هوءَ سڄي ڇرڪجي وئي ۽ ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي، بي اختيار هن هڪ رڙ ڪئي، ” وري نه وري نه!........ نه.........! نه......! نه.......!!!“

         هوءَ رڙيون ڪندي رهي ۽ روئندي پڻ رهي. هن پوءِ زمين تي کڻي منهن رکيو ۽ اتي لڙڪ هاريندي رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي هن جا سڏڪا ڍرا ٿيندا ويا، هن شايد محسوس ڪيو هو ته هاڻ ڀنڀور ڀري پيو آهي.

*

 

 

 

ٽڪنڊو

 

”هڪ ٻه ٽي، چار، پنج......“

” هاڻي بس، وڌيڪ نه“

” زري، هيءُ پٿر جڏهن پاڻي مان لهر ۽ لهر مان دائرو بڻائي ٿو تڏهن مون کي خيال  ٿيندو آهي ته جڏهن زندگي جي هن اٿاهه ساگر ۾ انسان پنهنجو جسم ڇڏي ٿو تڏهن ڪابه لرزش پيدا نه ٿي ٿئي. ڪا به  لهر، لهر کي لوڏو نه ٿي ڏئي ۽ ڪو به حياتيءَ جو مسئلو دائرو بڻجي نه ٿو ڦري“

” توبهه، آخر توکي ٿيو ڇا آهي. تون مون کي هت انهي لاءِ وٺي آيو  هئين ته مان ويهي يا  ته تنهنجو منهن ڏسان ۽ تون لهرون ڳڻين يا ويهي تنهنجون تقريرون ٻڌان.“

” اهائي ته ڳالهه آهي زري. مون مان تون مطمئن ناهين، مون مان ڪير به مطمئن نه آهي پر يقين ڄاڻ ته مان به ڪنهن  مان مطمعن ڪو نه آهيان.... سواءِ هڪ هستي جي جنهن کان لاپرواهه ٿي ڪري مان پنهنجو پاڻ ٻين موجهارن ۾ منجهايان ٿو. جي اها هستي منهنجو مونجهارو هجي ته جيڪر مان هنن دوستيءَ جي مسئلن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيان.“

” اها هستي ڪير آهي؟“

” تون ڄاڻين ٿي زري؟“

“ پر سليم، آخر ڪهڙو مونجهارو اٿئي، دوستن جا سور هوندا به تو وٽ تمام گهڻا آهن، نه تون ڏانهن توجه ڏين  نه هو توکي ڏکوئيندا.“

”زري توکي خبر آهي ته مان انتهاپسند آهيان پيار ۾، دوستيءَ ۾، قرب ۾ ۽ جيئڻ ۾. مان فراخ دلي سان جيئڻ ڄاڻان ۽ وڏي دل سان مات کائيندو آهيان.“

” سليم سچ وڏو زهر آهي، پر جي مان ائين چوان ته تون جيئڻ نه ٿو ڄاڻين تون هر قدم  تي صرف مات کائڻ ڄاڻين ۽ تون نه زندگي مان مطمعن آهين، نه زندگي جا دائرا تو مان مطمعن آهن.“

 ” زري .... مان.... مان..... ٺهيو زري، اٿ ته هلون“

” ساڳي مان مان نه ڪر، تون اهو ته ٻڌاءِ ته تون پريشان ڇو آهين.“

” زري – جي ڪير  منهنجون نظرون چورائي منهنجي نظرن سان توکي ڏسي ۽ توسان ڳالهائي ته ڏک ڪرڻ ته آءُ به لهڻان.“

” تون ته اجاين غلط فهمين ۾ پئين پيو. تنهنجي نظر منهنجي نگاهه جو پهريون رخ آهي. چورائڻ جي همت مون کي نه ٿي ٿئي ته ڪير وڌي تنهنجي نظر چورائيندو.“

” پر زري مان دوستن يا دنيا ۾ ڪنهن جي به تو ڏانهن نظر سهي نه ٿو سگهان.“

” سليم تون يقين رک، حياتي جو هر مسئلو اسين گڏجي طي ڪنداسين.“

” اهو ته آءُ به ڄاڻان ٿو، ايترو ته يقين آءُ به ڪيان ٿو“

”پوءِ سليم اهوسڀ ٿي  ڇو ٿو؟ تون پنهنجي پاڻ مان نڪري ڇو نه ٿواچين. ” اها دنيا آهي. اهو جيئاپو آهي. شايد ڪو وقت اچي  ته مان توکي ڏيکاريان ته ڪنهن رستي بيٺي هوندينءَ ۽ مان هنن وڻن جي جهڳٽن ۾ هن پاڻي ۾ پاڻي گڏيندو رهندو هوندس“

” ائين نه چئه سليم ، زري دنيا نه آهي، زري تنهنجي محبوبه نه آهي. زري تنهنجي عاشق آهي. زري تنهنجي چپن جي رٺل مرڪ آهي. زري تون ۽ تون زري...آهين، سمجهئيه!“

” زري ايترو ته پيار جي پينگهي کي لوڏو نه ڏي جو ڪنهن وقت رسي ٽٽڻ سان پاڻ سنڀالي نه سگهان. مان ڊڄان ٿو زري، مان ڊڄان ٿو.“

*********************************

ريشمان هت روشني نه آهي ته اوندهه جو  به راڄ نه آهي، مون وٽ مرڪ نه آهي ته ڳوڙها به ڪونهن، منهنجي اکين ۾ ڪي به پاڇولا ڪونهن جو تون ڊڄين، تون ڊڄ نه، مان توکي هن ويراني ۾، هن وهندڙ واهه جي ڪناري تي ڊيڄارڻ نه آيو آهيان. مان اڪيلائي مان پاڻ ڪڍڻ ٿو چاهيان ۽ تون ڳالهائين نٿي. تون ڪجهه ته چئه، مون کي ائين محسوس نه ٿئي ته مان هن سڄي جڳ ۾ اڪيلو آهيان.“

” جي – جي – توهان جو نالو ڇا آهي.“

” مان سليم آهيان، پر رڳو نالي جو ، نه شڪل جو نه دل جو، نه حالتن جو، نه پيار جو، مان نالي جو سليم آهيان.“

”هڪ ڳالهه پڇانءِ“

” پڇ تون هر اها ڳالهه پڇ جنهن مان تون مونکي سڃاڻين ۽ مان توکي سڃاڻي سگهان.“

” توهان ائين ڇو ٿا ڳالهايو. مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي.“

” تون چاهين ٿي ته مان توسان پيار جون ڳالهيون ڪيان ۽ پيسا وصول ڪيان ائين نه. ريشما! تون جي وڃڻ چاهين ته وڃين سگهين ٿي. مان تنهنجي رات خراب ڪرڻ نه ٿو چاهيان. اچي کڻ پيسا.“

” سليم صاحب، توهان ناراض ٿي ويو. سليم صاحب.“

” ريشما تون وڃ هلي، مان اڪيلو چڱو آهيان. مون کي تنها ڇڏ ته مان انهن پاڇن تي غور ڪيان جنهن ۾ مان زري ۽ ظفر جي پاڇولن کي هڪ ٻئي ۾ گم ٿيندو ڏسان. مان انهن پاڇن جي تاريڪي پنهنجي منهن تي وڇائڻ ٿو چاهيان. مان ان زري جي چپڙن تي وفا جي نشانين کان ڪجهه پڇڻ ٿو چاهيان. ظفر جي قرب ۽ پيار ۾ پاڻ ڳولڻ ٿو چاهيان ۽ کيس مان زري جي جهوليءَ ۾  ڏسي نه ٿو سگهان. مون کي ظفر کپي. مونکي زري کپي. پر مونکي شايد ڪير نه گهرجي. مان اڪيلو چڱو آهيان.“

”زري ڪير آهي.“

” ريشمان اها ڪير به ڪانهي – تون  هلي وڃ – مان توکي انهي لاءِ چوان  ٿو جو تون هلي ويندينءَ ۽ مان خيالن جا ڄار اڻندو هندس.“

” اهو  صحيح آهي ته مان ريشمان آهيان ۽  زري نه پر جي خود غرض ٿي چاهيان ته زري جي جاءِ ولاريان. شايد والاري سگهان.“

” شايد نه. تنهنجي ڳالهائڻ ۾ ڪا نواڻ ڪانهي تون رات گذاري هلي ويندين ۽ شايد ڪڏهن ياد به نه ڪرين، مان جي هن اونده ۾ گهرو ٻڏندس ته شايد اک به نه پٽيان.“

” ايئن  نه چئو. توهان جي اونده  توهان جي  روشني آهي. جي توهان زري کي خلوص ڏنو هوندو ته هوءَ به خلوص آڇيندي. سليم صاحب، عورت جي وفا جو مجسمو نه آهي ته پيار جو پالوٽ ته آهي.  جي پالوٽجي ته دريا وهيو وڃن ۽  حيات جي اکين ۾ مشعالون ٻريون پون.“

” پيار – پيار جي پالوٽ -  حيات،  حيات جون مشعالون – اهڙو مذاق مون سان ٿيو ناهي.“

” توهان پيار جي پينگهه لڏيا آهيو پر شايد ان جي جهوٽي سهڻ جي طاقت توهان ۾ نه آهي. توهان جو پيار توهان  کي ملندو. ظفر توهان کي ملندو. زري موٽي ايندي ۽ دوستي ۽ پيار هميشه قائم رهندو. پر مان توهان کي وساري نه سگهنديس. مان وڃان ٿي وري نه ملون مان هت پيار ۽  قرب جا پاڇولا ٿي ڏسان. شايد توهان پاڻ کي انهن خيالن جي ڄار مان ڇڏائي سگهو ۽ غلط فهمين کي دور ڪري سگهو. توهين ڏاڍا سٺا آهيو پر منجهيل آهيو. توهين وڻو ٿا پر منهنجو جسم توهان کان دور چڱو آهي.“

” ريشمان، ريشمان، تون ڪاڏي هلي وئين. هي اونده هيءُ پاڻي، هيءَ چمڪ هي ءَ جهڪي روشني، هيءُ اک جو پاڻي، هت ته ڪير به ڪونهي. شايد منهنجو پنهنجو ڄار آهي. منهنجي پنهنجي انا آهي جا هر فرد، هر ماحول سان وچڙي ٿي. هت به تسڪين نه آهي. مان شايد مان آهيان. پنهنجي انا جو غلام، سرڪش انا جو رانديڪو. هر هنڌ  وفا ۽ پيار جو مجسمو ۽ مليم ٿي بي وفائي ڪنهن جي پيار جي. شايد اهائي آهي بي وفائي انا جي – خودي جي -! هيءُ قميص ڇو ڦاٽي پئي آهي. هيءُ منهنجي مغز مان رت ڇو ٿو وهي، هيءُ رت ۾ لال پٿر، هيءُ فضا سڀ لال، ڇو شايد پنهنجي انا زخمي ٿي پئي آهي. انا مري رهي آهي اونده انڌوڪار، روشني ڪيو. مونکي هن اوندهه مان ڪڍو.  روشني ڪيو. هي اوندهه هي تاريڪي.

روشني ڪٿي  آهي. هيءُ ترورا ڇا جا آهن. مستطيل چوڪور – ٽڪنڊا – منهنجو جسم هن ٽڪنڊي ۾ ڦاسي پيو آهي. مون کي هتان ڪڍو -  روشني ڪيو ڏينهن ڪيو، روشني-!

 

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com