سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ

باب: --

صفحو :12

مئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا

 

” مون کي وساري ڇڏ.“

” پر....ڇو؟“

” بس ...ائين  ئي!!“

” نه ....وري به ٻڌاءِ نه .... توکي ڇو وساري ڇڏيان؟“

” چيم نه، بس ائين ئي.“

” پوءِ به، اها ته ڪا ڳالهه نه ٿي، جو مان توکي وساري ڇڏيان.“

” مونکي وساري ڇڏ، مان ڪنهن به طرح نٿي چاهيان ته مان ڪنهن جي خوابن جو بسيرو بڻبي رهان.“

” پر مان توکي ڪيئن ٿو وساري سگهان. ڪنهن خواب جيان منهنجي ساهن ۾ سمائجي وئي آهين ۽ مان توکي هوا جيان ساهن ۾ اوتڻ لڳو آهيان ۽ هاڻ اهو ڪيئن ممڪن آهي. مان توکي وساري ڇڏيان.“

” نه... بس تون مونکي وساري ڇڏ هميشه لئه.“

” ...............“

” ..............“

” ٻڌ، مون کي وساريئه يا نه؟“

” نه، مان توکي وساري نه ٿو سگهان.“

” .............“

” .............“

” پر ٿيو ڇا آهي؟ جو تون چاهين ٿي ته مان توکي وساري ڇڏيان.“

” ٿيو ته ڪجهه به ناهي.... پر......!“

” پر ..ڇا.........؟“

” اهو ته مان ڪنهن جي سوچن جو محور بڻجي جيئڻ نه ٿي چاهيان. مان پنهنجي زندگي گذارڻ ٿي چاهيان. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي مان چاهتن جي ٻنڌڻن ۾ ڦاسي پنهنجي شناخت وڃائي ويٺي آهيان ۽ مان انتظار جي لذتن ۾ پيڙجي رهي آهيان.“

” ...................“

” ..................“

” ها مان شام، رات، موسمن ۽ خوبصورت لمحن جي انتظار جي اذيتن کان مڪت ٿيڻ ٿي گهران. مون کي ائين ٿو لڳي، مان انڪري زندهه آهيان جيئن تنهنجي اچڻ ڳالهائڻ، ڇهڻ جي انتظار ۾ زندگي گذاري رهي هجان. ڏس نه محبت ماڻهو کي وقت، موسمن، ڏينهن، راتين جي ڪيفيتن کي ڇهڻ، محسوس ڪرڻ جي سگهه ارپي ٿي. مان ان سگهه مان جند ڇڏائڻ ٿي چاهيان ڏس نه..... صبح جو انتظار، پوءِ شام جو، تنهنجي اچڻ جو انتظار، تنهنجي ڳالهين جو انتظار،  تنهنجي ڇهڻ جو انتظار ۽ رات وچ ۾ جنم وٺندڙ وحشتن جو انتظار. مون کي ائين ٿو ڀاسي منهنجو هر لمحو انتظار ۾ گذري رهيو آهي ۽ مان زندهه رهڻ لئه اداڪاري ڪري رهي آهيان.“

” ...................“

” ..................“

” مان نه ٿي چاهيان ته منهنجو موڊ ڪنهن جي طابع هجي. مان هڪ ئي وقت، رنج، خوش ۽ غمگين ٿيڻ ٿي چاهيان.“

” ياد اٿئي؟“

” هون ......“

” ڪالهه تو چيو هو. اڄ اداسي تنهنجي چپن تي ناچ ڪري رهي آهي.“

” مون ائين محسوس ڪيو، تون مونکان اداس ٿيڻ جو به حق کسي رهيو آهين. اسين  محبت ۾ فقط ڍونگ ڪري رهيا آهيون جتي اسين هڪ ٻئي کان موٽ ۾فقط مرڪون چاهيون ٿا کوکليون مرڪون. درحقيقت اسين هڪ ٻئي کي مرڪن ۽ ٽهڪن جا تحفا گهري ڪري، پنهنجي آزادي کي دفن ڪري رهيا آهيون. مان پنهنجي آزادي کي دفن ڪرڻ نه پئي چاهيان.“

” .............“

” .............“

” مان نه ٿي چاهيان ته هر وقت ڪنهن لئه خوبصورت بڻبي رهان، منهن تي مرڪ هجي، اکين منجهه محبت جا تجلا هجن ۽ مان هر وقت خوشبوئن ۾ وهنتل هجان. مان ٿوهر بڻجي به جيئڻ چاهيان ٿي. مون محسوس ڪيو آهي اسين محبت ۾ هڪ ٻئي کان پنهنجي داخليت  ڦرڻ جي چڪر ۾ آهيون. مان پنهنجي آزادي ۽ داخليت کي ڇهڻ ٿي چاهيان. مان پاڻ کي پنهنجي حوالي سان محسوس ڪرڻ گهران ٿي. انڪري چاهيم پئي ته تون مون کي وساري ڇڏ. مان موسمن، لمحن، چاهتن کان بي نياز ٿي ڪري جيئڻ ۽ مرڻ ٿي چاهيان.“

” .............“

” .............“

” پر مان ائين ڪري نه سگهندس. توکي وساريندي مري ويندم.“

” ...............“

” ...............“

” ٻڌ.....“

” چئه.....“

” هيئن ٿا ڪيون. تون مون کي فقط هڪ منٽ لئه وسارڻ جو وعدو ڪر. ان هڪ منٽ ۾ مان پاڻ کي سڃاڻي وٺنديس ۽ پنهنجي آزادي کي ڇهي سگهنديس.“

” پر، مان ان هڪ منٽ ۾ مري ويندس ۽ دفن ٿي ويندس.“

” نه توکي ائين ڪرڻو پوندو. سڀني محبتن جي عيوض، هڪ منٽ لئه وسارڻ جو وعدو ڪر جيئن آئون پاڻ کي تلاش ڪري وٺان.“

” ...........“

” ...........“

” ٺيڪ آ. پر ان جو نتيجو ڀيانڪ هوندو.“

” مون کي قبول آ.“

” ...........“

” ...........“

” ٻڌ......“

” چئه.....“

” مان مري ويس.“ هو کيس ڦوٽاريل اکين سان چوي ٿو.

” ڪوڙ.....“

” سچ ٿو چوان. مري ويمءِ.“

” نه.... تون ساهه کڻي رهيو آهين.“

” تون نه ٿي سمجهي سگهين، هر ساهه کڻندڙ ماڻهو زندهه ناهي هوندو. هو ڪٿي نه ڪٿي مئل ضرور هوندو آهي.“

”  بڪواس نه ڪر، تون مئو ناهين.“

” نه سچي مان مري ويو آهيان. تو چيو نه هڪ منٽ لئه وساري ڇڏ. ان هڪ لمحي ۾ توکي وساريندي مري ويم ۽ مئل ماڻهو سان ڪوبه محبت ناهي ڪري سگهندو. تون هاڻ آزاد آهين. منهنجي موت توکي پنهنجي سڃاڻپ ڏني آهي. هاڻي تنهنجي سڃاڻپ منهنجي موت کانسواءِ اڻپوري آهي. اڳ مان، تون لاءِ خواب ڏسندو هوس ۽ هاڻ تون، مون لئه خواب ڏسندينءَ ۽ مون کي پاڻ ۾ جذب ٿيندي محسوس ڪندينءَ...“

” نه...تون بڪين ٿو.“

” سچي مان مري ويو آهيان. هاڻ تنهنجي ذات جو اٽوٽ حصو بڻجي پيو آهيان. مان موت بڻجي تنهنجي روح ۾ سمائجي ويو آهيان. تنهنجي سڃاڻپ مون کانسواءِ اڻپوري آهي. مون کي ڀاڪي پائي پاڻ کي سڃاڻي وٺ.“

” نه.... موت سڃاڻپ ناهي. مان پنهنجي سڃاڻپ تو بنا ڳولهي لهنديس. تون مئو ناهين.“

” نه.... سچي مان مري ويو آهيان.“

” واقعي؟....“

” ها واقعي. مون کي ڇهي ڏس. توکي وساريندي مان دفن ٿي ويو آهيان. تو سان گهاريل لمحن ۾، تنهنجون ڏنل چميون ڪفن بڻجي منهنجي جسم سان ويڙهيل آهن.“

” پر تون مئين ڇو؟“

”  تو چيو نه مون کي وساري ڇڏ. ان هڪ منٽ ۾ توکي وساريندي توکي پنهنجي سڃاڻپ حوالي ڪندي مري ويم.“

” ها چيو ته هيم، پر منهنجو اڌ تو وٽ رهجي ويو آهي. هاڻ پاڻ کي ڪيئن سڃاڻي سگهندم. مون کي پنهنجو اڌ موٽائي ڏي.“

” پر مئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا.“

*
 

خوابن جي رنگينيءَ مان اسرندڙ ڪائنات

 

ماکيءَ جي مکين جي ڀونءِ ڀونءِ جي آواز تي سجاڳ ٿيندو آهيان ۽ اڏامندڙ ماکي جي مکين جي ڀون ڀون مان ماکيءَ جي مٺاس چکي وٺندو آهيان.

هن جي نيڻن ۾ نهاريندي چوانس ٿو:

” مون کي پنهنجون پنبڻيون ڏي، ان منجهان پر ٺاهڻ ٿو چاهيان.“

” مون ته پنبڻيون وڪڻي ڇڏيون ۽ اهي خواب به وڪڻي ڇڏيا جي ٽڪ جي رليءَ جيان مون پنبڻين تي سجائي رکيا هئا.“

” تو ڪيڏي نه ويساهه گهاتي ڪئي آهي. خواب جي مون توکي ارپيا ها سي وڪڻي ڇڏيئه. چري ڇوڪري! خواب ناهن وڪڻبا... خواب پکيڙبا آهن. خواب وڪڻڻ کانپوءِ ماڻهو بي جان شيءِ بڻجي پوندو آهي. توکي خبر ناهي ته مان خوابن جي پيدائش آهيان، مون کي ڇهڻ سان توکي احساس ٿيندو ته مان ڪنهن خواب جيان آهيان، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر ڇهي نه ٿو سگهجي. تون نه ٿي سمجهي سگهين ته مان ڪنهن  خواب جيان  تنهنجي  وجود ۾  رهڻ لڳو  آهيان. ٻڌاءِ  خواب وڪڻڻ کانپوءِ سونهن جو تصور توکي ڪيئن ٿو لڳي؟“

هو چپ ڪجهه ڪڇي ئي ڪين ٿي.

” ٻڌ، اسين خواب انڪري ڏسندا آهيون، جيئن سونهن پنهنجي جوهر ۾ نکري ۽ اڀري اچي. خواب اسان جي وحشتن جو عملي روپ هوندا آهن. خواب وڪڻي تون پنهنجون جبلتون وڪڻي ڇڏيون آهن. جبلتون وڪڻندڙ انسان ائين آهي، جيئن ڪنهن آرٽسٽ جو خالي ڪينواس. تون گهٻراءِ نه.... مان ان خالي ڪينواس تي ڪي خواب پينٽ ڪري توکي پنهنجون جبلتون واپس وٺي ڏيندس.“

هوءَ منهنجي ڳالهين کان بي نياز ٿي، ڪمري ۾ پسار ڪندي چوي ٿي:

” تنهنجي ڪمري ۾ ڪيڏي نه بي ترتيبي آهي. ڪابه شيءِ ترتيب ۾ ناهي.“هوءَ وکريل شين کي ترتيب ڏيندي رهي ٿي.

کيس گهوريندي چوان ٿو.

” مون کي ترتيب ناهي وڻندي، بي ترتيبي تخليقي حسن پيدا ڪندي آهي. هي ڪائنات بگ بئنگ Big Bang جي بي ترتيبي جو مظهر آهي ۽ مان هر بي ترتيبي جو خالق آهيان، جڏهن توکي چوٽي ٿيل ڏسندو آهيان، توتي جک ايندا اٿم. تون وارن کي چوٽيءَ ۾ قيد ڪري کائن بي ترتيبي کسي سونهن جي تصور کي ختم ڪري ڇڏيندي آهين. تنهنجا وکريل وار ڪيڏو نه ڀرپور رومانس جو احساس ڏياريندڙ هوندا آهن؟ چري! جيڪو مزو  بي ترتيبيءَ  ۾ آهي. اهو  ڪٿي  به ناهي. مان وکريل وارن جي بي ترتيبيءَ جيان وکري وڃڻ چاهيان ٿو.“

” خبر اٿئي  خوابن  جو  رنگ  ڪهڙو  ٿيندو  آهي؟ خوابن جي رنگيني خوابن جي بي ترتيبيءَ ۾ ئي هوندي آهي. بي ترتيبيءَ کان وڌ ڪابه رنگيني ناهي ٿيندي. خوابن ۾ سانوري رنگ جهڙي ڪشش ٿيندي آهي جيڪا تنهنجي سانوري جسم ۾ آهي. خواب ڏسندو آهيان ائين ڀاسندو اٿم ڄڻ تنهجي سانوري بدن کي ڇهي رهيو هجان.“

هوءَ خفي ٿي چوي ٿي:

” مان وڃان ٿي، مون کي خوابن جي رنگينيءَ مان خط لکجانءِ.“

هوءَ هلي وڃي ٿي. هن جي پيرن ۾ پاتل پازيبن جي آواز تي ماکيءَ جي مک ڀون ڀون ڪندي منهنجي ڀرونءَ تي ويهي ٿي رهي.

” ماکيءَ جي مک، منهنجي ڀرونءَ تي نه ويهه. ڏس منهنجون ڀرون گهاٽو جهنگ اٿئي، انهن ۾ گم نه ٿي وڃين... پوءِ توکي ڪٿان ڳولهي لهندس، چيم نه گم ٿي وينديئنءَ، چڱو ڀلا ٻڌاءِ توکي ڇا کپي؟“

” ..........“

” چپ ڇو آهين؟“

” مانارو ٺاهڻو اٿم.“

” بس ڳالهه به ايتري منهنجي ڀرون مان ڪي وار پٽي، ان مان مانارو ٺاهي وٺ.“

ماکي جي مک ڀون ڀون ڪندي وتي ٿي.

ڀون .... ڀون....

”..................“

” واهه! تو ته مانارو ٺاهي ورتو. مان به توسان گڏجي ان ماناري ۾ رهندس.“

” مون هن ماناري ۾ خوابن جي ماکي جو مٺاس اوتي ڇڏيو آهي. هي مانارو خوابن جو اٿئي.“  ماکيءَ جي مک چوي ٿي.

” ها، مان خوابن جي ماکي کائي، دلربا کي چمندس ته هوءَ خوابن جي رنگينين ۾ اڏامڻ لڳندي.“

ڏسان ٿو ته ماڪڙ مانارو کائي رهي آهي.

” او ماڪڙ، خوابن جو مانارو نه کاءُ.“

” نه، مان خوابن جو مانارو کائي وينديس، ۽ هن کي کائڻ کانپوءِ دنيا جا سمورا خواب کائي وينديس.“

” نه... توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس. ماڪڙ کي ورندي ٿو ڏيان. هٿن کي مهٽيان ٿو ته هٿن جي مر لهي ٿي اچي. هٿن جي مر منجهه ساهه ٿو ڦوڪيان، هزارين تڏيون پيدا ٿي شور مچائڻ لڳن ٿيون. تڏين جي شور مچائڻ سان ماڪڙ بدحواس ٿي وڃي ٿي ۽ مان ماڪڙ جي پيٽ مان خواب کڻي اکين ۾ اوتي ٿو ڇڏيان ۽ سوچن ۾ گم ٿي ٿو وڃان. ڀرون مان ٺهيل خوابن جي ماناري ۾ ويٺل ماکي جي مک چوي ٿي.“

” ڇا ٿو سوچين؟“

” مون کي پر ڏي. مان آسمان کي ڇهڻ ٿو چاهيان.“

آسمان ڏانهن اڏران ٿو، ماکي جي مک جي ڏنل پرن ساڻ. ايتري ۾ ڪاٺ ڪٽو مون کي ٽڪڻ لڳي ٿو.

” ڪاٺ ڪٽا، مان وڻ ناهيان. ٻيلي مون کي نه وڍ. تنهنجي ٽڪڻ

سان مان ٻه اڌ ٿي وکري ويندس، ڏٺئي مان اڌ اڌ ٿي وکري ويو آهيان.“

 مان ٽٽي ۽ وکري ويو آهيان. منهنجي دل ڪٿي آهي؟

” بلبل دل نه کاءُ، هيءَ منهنجي دل آ، گلقند ته ناهي جو تون کائڻ لڳي آهين. بلبل... مون کي دل موٽائي ڏي.“

پر بلبل دل کڻي اڏامي وڃي ٿي. مان چاگيءَ جي ريگستان ۾ ڪريو آهيان. بلبل منهنجي دل کائي رهي آهي. اوچتو ڌماڪي سان چاگيءَ جو ريگستان اونهي غار ۾ غرق ٿي هيٺ لهندو وڃي ٿو. مورن جا رنگ ڌماڪي سان ڇڻڻ ۽ رجڻ لڳن ٿا.

” مور تنهنجا رنگ ڇڻي رهيا آهن. اف... ڪيڏي نه تپش آهي. ڌماڪي کانپوءِ مور، مان تنهنجي وکريل رنگن کي پنبڻين سان ميڙيان ٿو. ان رنگن سان خوابن کي رنگيني ارپيندس.“

 مان ٽٽي وکري ويو آهيان. ڪاٺ ڪٽي مون کي اڌ اڌ ڪري ڇڏيو آهي. بلبل منهنجي دل کائي رهي آهي. واڍو منهنجي ڄنگهه مان ٻيڙي ٺاهي رهيو آهي. واڍا، مون کي ڄنگهه واپس ڪر. ٻڌين نه ٿو. چڱو هيئن ڪر، مون کي ٻيڙي ۾ چاڙهي سنڌو درياهه ڏانهن کنيون هل، پوءِ درياهه ۾ ٽٻي هڻي پلي جي پيٽ ۾ هليو ويندس. مون پلو به ته ناهي کاڌو، کائي ڍءُ ڪندس.

اف! منهنجو مرداڻوانگ گلدان ۾ڪنهن رکيو آهي؟ ڀنڀوري منهنجي مرداڻي انگ تي ويٺي آهي.

” ڀنڀوري منهنجي مرداڻي انگ تي ڇو ويٺي آهين؟ مون کي شرم ٿو اچي. اٿ شاباش... اٿ اتان، وڃي گلن تي ويهه.“

” نه...نه، مان ويهندس، توکي خبر ناهي، مان ڀورل پير جي وڏي ڌيءَ آهيان. منهنجي قرآن سان شادي ٿي آهي. مان تنهنجي انگ مان لپسٽڪ ٺاهيندس ۽ ان کي ڪڇي (انڊرويئر) طور استعمال ڪندس. پوءِ ڪنهن کي خبر به نه پوندي.“

ڀنڀوري منهنجو انگ کڻي اڏري وئي. مان ٽڪرن ۾ وکري منتشر ٿي ويو آهيان، اکيون ٿي گهمي رهيون آهيان. مون کي خوف ٿو ٿئي ڪٿي اکين ۾  پوئيل ۽ اوتيل  خواب وکري  ميرا نه  ٿي وڃن. مان  خوابن کي پينٽ ڪرڻ گهران ٿو. ڪنهن جي حوالي ڪرڻ گهران ٿو.

اکيون ٿڪجي پيون آهن. اکين ۾ اوتيل ڪائنات مرجهائڻ لڳي آهي. مان هن ڏانهن خوابن جي رنگينيءَ مان خط لکي، پاڻ خوابن جي رنگن ۾ دفن ٿي، خواب هن ڏانهن پوسٽ ڪري ڇڏيندس.

” تڏيون شور نه ڪيو، شور نه مچايو. اک ڦسي پوندي ۽ خواب هارجي پوندا.“

اکين آڏو رڪاوٽ آهي. لنمبي آسمان تائين ويندڙ ديوار، پار ڪرڻ گهران ٿو پار ڪري نه ٿو سگهان.

” ڪاٺ ڪٽا، هيڏي اچ! مون کي وڍي اڌ اڌ ڪري ڇڏيئه. هاڻ هن ديوارکي ٽڪي پرزا پرزا ڪر.“

ڪاٺ ڪٽو ديوار ٽڪي ٿو. پر ديوار ٽڪجي ئي نه ٿي. ڪاٺ ڪٽو ٿڪجي چور ٿي، ڦهڪو ڪري هيٺ ڪري پوي ٿو.

” تڏيون گوڙ نه ڪريو، مون کي خط لکڻ ڏيو.

 خط ٿو لکان اکين سان:

” تو چيو هو نه، توکي ايترو پيار ڏيندس جو تون ڪنهن گل جيان ٽڙي پوندين. نه مون کي ايترو پيار نه گهرجي، جي تون مون کي ڏيئي سگهين ته خوابن جهڙي بي ترتيبيءَ جهڙو پيار ۽ سڀاءُ ڏي. خوابن ۾ ٽڙيل پکڙيل ننگائپ ۽ پنهنجائپ جو احساس ۽ خوابن جيڏي اڏام ۽ رواني جهڙو پيار.....“

تڏين جو شور وڌندو وڃي ٿو. تڏين جي شور ۽ پرشور گوڙ تي اکيون ٽڪرائجي ديوار سان لڳن ٿيون ۽ خواب جاڳي پون ٿا. ديوارون خوابن جي رنگينيءَ سان رنگجي وڃن ٿيون ۽ آسمان تائين ويندڙ ڊگهيون ديوارون خوابن سان رنگجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com