سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ

باب: --

صفحو :14

ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب

 

ٽرٌايالوجي Trilogy

1.                  ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو (ناول)

2.                 ڪجهه ٿيڻ جو حادثو     (ناول)

3.                 ڪجهه ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جو حادثو(ناول)

4.                 ديوارن تي لکيل نظم(شاعري)

5.                 بندو خان ڪاسائي (ناول)

 

 

رابطي لاءِ:0300-3293479

    


 

نسيم پڙهڻ پڙهائڻ جو ڪوڏيو جڏهن رات جو سڀ سمهي رهندا هئا ، هي ويهي پڙهندو هو ۽ صبح جو دير تائين جڏهن سمهي رهندو هو تڏهن مان چوندي هيس ته لطيف سائين هي شعر هنن ماڻهن لاءِ چيو هوندو.

تن  تسبيح  من  مڻيو  دل دنبورو جن

اهي ستا ئي سونهن ننڊ عبادت تن جي

                                                (شاهه)

        نسيم طعبيت جو انتهائي حساس، مذاقي. ڪنهن به ڳالهه جو جواب مذاق ۾ ڏيندو. ننڍپڻ کان کيس بي انتها پيار مليو جيڪا به عيد جي خرچي ملندي هيس ته ڪتاب ويٺي ايندو هيو. يونيورسٽي مان مڪلن جي ڏينهن ۾ حيدرآباد وڃي ڪتاب وٺي ايندو هو جڏهن لاڙڪاڻي واپس ايندو هو ته ٿيلهي ۾ ڪپڙن بدران ڪتاب هوندا هيس. اسان جو بابا چوندو هو  نسيم هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو ٿيندو. نسيم اڄ اسان سڀني سامهون آهي.

        نسيم جو نالو اسان جي وڏي ڀيڻ نسيم کرل کان متاثر ٿي رکيو هو. مون کي نسيم جي لکڻين ۾ ماڻڪ ۽ نسيم کرل جو اولڙو نظر ايندو آهي. مان هميشه نسيم کي چوندي آهيان، تون نسيم کرل ۽ ماڻڪ ٿيڻ جي ڪوشش ٿو ڪرين تڏهن هو کلي پوندو آهي. مان سمجهندي آهيان دل ۾ خوش ٿيندو آهي.

        نسيم خدا نه ڪري بيمار ٿي پوي سڄو گهر بيمار ٿي پوندو آهي. هڪ ڏينهن نسيم سخت بيمار ٿي پيو ته اسان ڀينر اهو پڪو پهه ڪيوسين ته اڳتي ڪنهن به ماڻهو جي گلا نه ڪنداسين.

        جيئن هن کي پيار مليو آهي تئين ئي هو به سڀني سان پيار ڪري ٿو. هو اڄ به ماءُ جي  هنج ۾ سمهي ٿو جنهن کي اسان سڀني کان کسي پاڻ سان گڏ سکر رهايو اٿئينس. اسان سڀ ڀينر، ڀائر چوندا آهيو نسيم، امان کي اسان کان کسي ويو آهي. هو امان سان الاهي پيار ڪري ٿو ۽  امان به هن سان.

 نسيم جون لکڻيون انتهائي وزنائتيون آهن ڇو ته هن ننڍي عمر ۾ الاهي مطالعو ڪيو آهي.  ڊزني لينڊ ( ٻارن لاءِ لکيل ڪالم) کان ويندي هن ڪتاب جو سفر نسيم ڪئين طئي ڪيو سندس راتين جو ننڊون شل سڦل ٿين.

        سندس هي پورهيو شل سڦلتا ماڻي ۽ زندگيءَ ۾ اڃان وڌيڪ ڪاميابيون نصيب ٿينس ۽ ائين ئي لکندو رهي ۽ خوش رهي.( آمين )

 

                                ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com