سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: پٿر تي ليڪو ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :8

 

 

پير جو لوڻ

 

٭

        سج پنهنجو سفر پورو ڪريم غائب ٿي ويو آهي. ڌنار ڌڻ واڙي، کير پيا ڏهن. هاري ناري واپس موٽي رهيا آهن. گهرن ۽  جهوپڙين مان دونهين جا بادل پيا نڪرن. اوندهه پنهنجا پَرَ ڦهلائڻ شروع ڪيا آهن.

        قاسم کي نارَ تي نماز پڙهڻ ڪري دير ٿي ويئي آهي. هاڻي هو مٿي تي ڪڙٻ جو بند رکي، ڪو مولود جهونگاريندو موٽي رهيو آهي. جڏهن گهر جي ٻاهران پهتو، تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪو ڪنڊو زور سان هن جي ساڄي ڄنگهه ۾ چڀي ويو. ساڳئي وقت ساڙيندڙ سورَ جي سُوٽ به اڀري. هيٺ نهارڻ سان پنهنجي پيرن وٽ، هڪ چٽڪمرو نانگ، ور وڪڙ ڏيندو، ڀڄندو ڏٺائين. هن تي خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو. بَندُ ڪري پري ڦٽو ڪيائين.

        ”ڀڄ ادا نورل! نانگ کائي وڌم.“ هن پنهنجي ڀاءُ کي رڙ ڪري چيو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجي ڄنگهه کي کڻي پڪڙيو. نورل ڊوڙندو آيو.  نانگ ته ڀر واري لوڙهي ۾ لڪي ويو هو. هو پنهنجي ڀاءُ کي ٽيڪ ڏيئي اندر وٺي ويو. هڙئي ڀاتي اچي مڙيا. قاسم ڪنجهي رهيو هو.

        پوتڙو نوڙ وانگر ويڙهي، هن جي ٽنگ ۾ زور سان ٻڌو ويو. هيءَ خبر بجليءَ وانگي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي. دوست ۽ همدرد ٻيا ڪم ڪاريون ڇڏي، قاسم جي گهر اچي سهڙيا.

        سڀ ڪنهن پنهنجي معلومات ۽ تجربي جي لحاظ کان مشورو ڏيڻ شروع ڪيو. ڌڻي بخش هاريءَ چيو ته ملان موسي کي گهرايو ته اچي ڦيڻو وجهي. صديق دڪاندار ڏَسُ ڏنو ته ڀر واري ڳوٺ جي حڪيم همت عليءَ وٽ وڃو؛ هن وٽ نانگ بلا جي چڪ واسطي هڪ خانداني نسخو آهي، بس وڃڻ جي دير آهي. مائي ڄامل صلاح ڏني ته، حليما شڪارڻ کي گهرايو ته اچي چوسي زهر ڪڍي ۽ ڄورون هڻي ڏنگ جي پاسن وارو ڪنو رت نيڪالي ڪري. ماستر عرض محمد جا هڪ ٻه عزيز شهر جي سول اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ جو علاج ڪرائي چڪا هئا. هن ٻڌايو ته ”ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪک سنگهيل چوويهن ڪلاڪن اندر، يا جيترو به جلد ٿي سگهي، اسپتال ۾ پهچايو وڃي ته اهڙي دوا آهي، جنهن سان سؤ فيصدي يقين سان هن کي بچائي سگهن ٿا.“ ماستر پنهنجي مائٽن جا مثال پڻ ٻڌايا ۽ هنن کي صلاح ڏني ته قاسم کي بنا دير اسپتال ڏانهن کڻائي وڃن.

        جعفر خان چيو ته ”ڏهن ڪوهن تي هڪ جوڳي رهي ٿو، ڌڻيءَ هن جي هٿ ۾ به چڱي شفا ڏني آهي.“

        هنن اڃا ڪو فيصلو ڪو نه ڪيو هو. قاسم به سڀڪهه سڻي رهيو هو. اوچتو هن کي هڪ خيال اچي ويو، ۽ ڏاڍو ارمان ٿيس ته اهو خيال کيس هڪدم ڇو نه آيو.....

        قاسم ڪڙمي هو. هن کي پنهنجو زمين جو ٽڪرو هو، جنهن کي هو پاڻ ئي آباد ڪندو هو. هو سائين ڪرڙ شاهه جباريءَ جو مريد هو. هن جو پنهنجي مرشد سان عشق هوندو هو. اهڙو اعتقاد ڪن ٿورن مريدن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. هو پنهنجي پير کي بي انداز غيبي ۽ ظاهري طاقتن جو مالڪ سمجهندو هو. هن گهر جي ٻين ڀاتين جو به مرشد ۾ ايترو ئي ويساهه هو.

        ها ته، قاسم پاڻ تي ڦٽڪار وجهڻ لڳو ته هن جي ايمان ۾ ايتري لرزش به ڇو آئي، هن کي ايتري دير پنهنجي پِير جو ”لوڻ“ ياد ڇو نه آيو.

        مريد هن پير کان لوڻ پڙهائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا هئا. جڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو، ته ان پڙهيل لوڻ جي چپٽي پاڻيءَ ۾ ڳاري، هن کي اهو پياريندا هئا. ٻين جي ته خبر ناهي، پر قاسم جو اهو آزمودو هو، ته هن کي جڏهن به پيٽ، مٿي يا ڪن ۾ سور پيو ته هن اهو لوڻ پاڻيءَ ۾ وجهي پيتو ۽ هميشه خير ٿي ويو. چئي نه ٿو سگهجي، پر شايد هي مريد پنهنجي زخمن تي به اهو لوڻ ٻرڪيندا هئا!

        قاسم دانهن ڪئي ”اڙي نورل! انهن اجاين ڳالهين ۾ ڇوٿا وقت وڃايو، اسان کي ڪنهن وٽ به وڃڻ جي ضرورت ڪانهي، سائينءَ جو پڙهيل لوڻ پيو آهي، سو کڻي اچو.“

        اهو ٻڌي، هن جي ماءُ، ڀاءُ ۽ ٻين ڀاتين جا چهرا ٻهڪي پيا. ڄڻ ته، اچانڪ ڪو پوريل خزانو هٿ اچي ويو هون؛ ڄڻ ته هنن کي موت جي اونداهين ۾ حياتيءَ جي جوت نظر آئي هئي؛ ڄڻ ته هنن جي بدنصيبن جي ماٿريءَ ۾ نصيبن جو سورج اڀري آيو هو. هنن اطمينان جو ساهه کنيو. هاڻي هنن به ٻين ڳالهين کي فضول سمجهيو.

        هن جي ٽنگ سڄندي ويئي هئي. سارو جسم سور ڪرڻ لڳو هو. بي آرامي وڌڻ لڳي. پير جي لوڻ جو پاڻي پياريو ويو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هن جي اڌ تڪليف دور ٿي ويئي. هن پنهنجي پير جو نعرو لڳايو ”حق سچا جباري!“ گهر وارن کي پڪ ٿي ويئي ته سڀ خير ٿي ويندو. ايتري قدر جو ٻهراڙيءَ جي ٽوٽڪن “مثال طور گيهه پيارڻ) کي به هنن نظر انداز ڪري ڇڏيو. ڪلاڪ منو گذريو. وري تڪليف ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. وري هن کي گلاس پاڻيءَ ۾ چپٽي لوڻ جي وجهي، اهو پياريو ويو. ڪجهه وقت هن پاڻ کي بهتر سمجهيو. وري ساڳي حالت ٿي ويئي. هن تي غنودگي طاري ٿيڻ لڳي..... ان غنودگيءَ جي حالت ۾ قاسم کي سپنو نظر آيو. هن ڏٺو: مرشد سائين اچي سامهون بيٺو آهي. قاسم هڪدم هن جي قدم تي ڪري التجا ڪرڻ لڳو ”سائين!.....“ هن اڃا اهو لفظ مس ڪڍيو ته مرشد روڪي چيس ”بس، ابا، اسان کي ساري خبر ملي چڪي آهي. اسان کي خبر آهي ته توکي ڪک سنگهيو آهي. اهو به ٻڌائي ڇڏياءِ ته اهو تنهنجو امتحان هو. اڳئين سال، تنهنجي عقيدي ۾ ٿوري لرزش آئي هئي ۽ تو ڏن ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي. ان ڪري اسان نانگ موڪلي تنهنجو امتحان ورتو. پر تون امتحان ۾ ڪامياب ٿئين ۽ ٻيا وسيلا ساري رڳو اسان جي لوڻ ۾ ويساهه رکيو اٿئي، هاڻي تون نو بنؤ ٿي ويندين.......“

        هو ”حق يا جباري!“ جو نعرو هڻي، ننڊ مان سجاڳ ٿي پيو.

        هاڻي ڏنگ واري جڳهه مان رت وهڻ شروع ٿيو. ريلو ڪيائين ته اهو پڻ رت ڪري ڳاڙهو هو.

        ٻئي ڏينهن ٻن پهرن تائين هن جي حالت ۾ ڪا به.

 تبديلي ڪا نه آئي. هو پير جو لوڻ ڏيندا رهيا، ڪن چڱن مڙسن هنن کي بار بار سمجهايو ته مرشد جي دعا سان گڏ ٻيو حيلو به ڪريو، مڙس پؤڻو پوندو ٿو وڃي. مگر هنن جو، ۽ خود مريض جو پنهنجي پير ۾ پورو ڀروسو هو ته سائين اچي سير ۾ حامي ٿيندو.

        ماستر عرض محمد پنهنجي مدد جي آڇ ڪئي. صديق چيو ته ”مان پاڻ ٿو وڃي حڪيم کي وٺي اچان.“ پر هنن خشڪ جواب ڏيئي ڇڏيو. مائي ڄامل ته حليما شڪارڻ ساڻ ڪري اچي نڪتي، پر خود قاسم اکيون ڦوٽاڙي، اهڙي ڇڙٻ ڏنن، جو ٻئي عورتون شرمنديون ٿي موٽي ويون. ٻين جو حيلو قبول ڪرڻ ۾ هنن پنهنجي ڪام مرشد جي گهٽتائي ٿي سمجهي، دنيا جي ڪا به طاقت هنن جي اعتقاد جي پهاڙ کي لوڏي ڪين سگهي.

        منجهند جو نڪهير شروع ٿي ويئي، ۽ شام تائين ٽي دفعا رت جي قئه ڪيائين. هن جو چهرو هئڊ جيان پيلو ٿي ويو هو، نِستائيءَ جي ڪري چري پري نه ٿي سگهيو، ۽ هاڻي ته هن جا هوش حواس گم ٿيڻ لڳا هئا. هو رکي رکي ”پهچ پير!“ يا ”رس جباري!“ چئي رهيو هو. هن جا عزيز هن کي پير جي لوڻ جو ڊوز ڏيندا رهيا. هنن جو ته ساري عمر اهو عقيدو رهيو هو ته اهو لوڻ هر درد جي دوا آهي.

        قاسم جي حالت هيڻي ٿيندي ويئي. هر گهڙي هن کي موت جي ويجهو آڻي رهي هئي. هن جي جسم  مان رت جو سيلاب جاري هو. زخم مان رت، وات مان رت، نڪ مان رت، پيشاب ۾ رت..... ۽ لاڳيتو چوڏهن پندرهن ڪلاڪ وهندو رهيو. هو ڪنهن جي ڪو نه پيا ٻڌن. اهو ئي يقين ته آخري لمحي به مرشد سائين پنهنجي غيبي طاقت سان اچي مددگاري ٿيندو؛ سڪرات ۾ به موت جي ملائڪ کي تڙي ڪڍندو ۽ هڪل ڪري چوندو ته ”هٽي پري ٿيءُ، هيءُ اسان جو مريد آهي!“

        جڏهن قاسم صفا بي سرت ٿي ويو، هن جي نبض مشڪل سان محسوس ٿي ٿي، تڏهن خبر ناهي ڇو هنن جو اعتقاد زلزلي ۾ اچي ويو. ماءُ هنجون هارڻ لڳي ۽ نورل گهوڙي تي چڙهي حڪيم هدايت عليءَ کي ڀر واري ڳوٺ مان وٺي اچڻ لاءِ ڀڳو ...... حڪيم سان واپس جڏهن گهر ٻاهران پهتو، تڏهن اندر رئڻ ۽ پار ڪڍڻ جو آواز ٻڌائين، ۽ گهر ۾ گهڙڻ سان پڌر ۾ ٺڪر جي پيالي جا ٽڪر ۽ لوڻ پکڙيل ڏٺائين!

 

 

٭

ڄامشورو، ۴ – جولاءِ 1955ع

انسان:  ٢ – نومبر 1959ع

 

طوفان ۽ ڏيو

 

٭

        نرگس کي وئي اڌ ڪلاڪ ٿي ويو هو. هو ويچارن ۾ ويٺو رهيو. هن جي پريشاني وڌندي ٿي نظر آئي.

        نرگس کي ٻاهر اماڻڻ بعد، در جو ڪنڍو بند ڪرڻ وقت، هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا، ۽ جڏهن هو هنڌ تي اچي ليٽيو، تڏهن هن کي پنهنجي جسم جو عضوو عضوو لرزندو محسوس ٿيو. پر اڃا تائين هو خوشيءَ جي خمار ۾ مست هو.     

        جلدئي هن کي ان انديشي اچي گهيرو ڪيو ته ڪنهن ڏسي ته نه ورتو آهي؟ ڪنهن کي شڪ ته نه پيو؟ متان ڪنهن نرگس کي پنهنجي گهر ۾ گهڙندي، يا ٻاهر نڪرندي ڏٺو هجي. جي ائين آهي ته هن ڪهڙو انومان ڪڍيو هوندو، ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو!

        هن ڪوٺيءَ ۾ نظر ڊوڙائي. ڪا دري کليل ته ڪا نه رهجي ويئي هئي، ڪو اهڙو ته سوراخ ڪونهي جتان ٻاهر واري جي نظر اندر پئجي سگهي. اوچتو هڪ روشندان جو ڪجهه حصو کليل ڏسي، هن جي دل دهلجي ويئي. ان مان سامهون وارن گهرن مان ته ڪنهن ڏسي ڪو نه ورتو. هو اٿي روشندان هيٺان ويو، ۽ غور سان جاچڻ لڳو. خاطري ڪري وري کٽ تي آيو.

        خيال ڪيائين ته بالڪنيءَ ۾ وڃي، اوڙي پاڙي کي ڏسان ته ڪٿان اهڙو شڪ جو اهڃاڻ ته ڪو نه ٿو ڌسجي. پر هن کي اوڏانهن وڃڻ ۾ ڄڻ ڊپ محسوس ٿي رهيو هو. بالڪنيءَ مان پهرين ته هيٺ رستي تي يا سامهون گهرن ڏانهن نهارڻ جي جرئت نه ٿي ٿيس. پر پوءِ نظرون مٿي ڪيائين. ڪي گهر بند هئا، ۽ ڪن ۾ عورتون پنهنجي ڪم ڪار ۾ رڌل هيون. هو واپس ڪوٺي ۾ آيو.

        دروازي ته ٺڪ ٺڪ ٿي. هن جي دل زور سان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. هيءُ ڪير آهي؟ ضرور ڪنهن کي شڪ پيو آهي، ۽ مون کي بالڪنيءَ ۾ ڏسي، هن کي پڪ ٿي آهي، ۽ هاڻي هو مون کا آڏي پڇا ڪرڻ آيو آهي. آءٌ ڪيئن هن جي منهن مقابل ٿي سگهندس. هو چُريو ئي ڪو نه. وري زور سان در کڙڪيو. ٻيو چارو ڪو نه هو. در کوليائين. سامهون ٽپالي بيٺو هو.

        ”سائين، ڏٺم ته اڄ ڪلف لڳل ڪونهي، ان ڪري خيال ڪيم ته در کڙڪائي توهان کي سلام به ڪندو وڃان.“ هو خط ڏئي هليو ويو.

        هن کي پاڻ تي کل اچي ويئي ته مان به ڪهڙو نه احمق آهيان. اجايو چريائپ جا خيال ڪري، پاڻ کي پريشان پيو ڪريان. سڀ ڪجهه خبرداري ءَ سان ڪيو ويو آهي، جنهن جو منهنجي ملائڪن کي به گمان ڪو نه پيو هوندو. هو اهي وهم وساري، نرگس سان گذاريل پيار ۽ الفت جون گهڙيون ياد ڪري، پاڻ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

        هن جو نرگس سان ناتو ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن کان هن جي زال پيڪين وئي هئي. هن جي زال پيٽ سان هئي، ۽ پهريون ويم سندس پيءُ ماءُ جي گهر ٿيڻو هو. ويم ۾ اڃا ٻه مهينا کن هئا، ۽ ان کانپوءِ به اتي مهينو کن رهڻو هوس. هو هاڻي گهر ۾ اڪيلو هو. نرگس وارن جو گهر انهيءَ عمارت ۾ هو، ۽ دروازا آمهون سامهون هئا. انڪري جو جلدي جلدي هڪٻئي جي وجهو ايندا ويا.

        صبح جو نرگس جو مڙس، پنهنجي ڌنڌي پٺيان ويندو هو. نرگس پويان اڪيلي هوندي هئي. هوءَ هن جي ويجهو آئي ۽ ملاقاتن جو سلسلو وڌڻ لڳو. ڪنهن ڌاري عورت سان ملڻ، هن جي لاءِ پهريون تجربو هو.

        هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. دروازي تي هوريان هوريان ٺڪ ٺڪ ٿي رهي هئي. هن جي دل وري گهٻرائڻ لڳي. هيءَ رازداني نموني ۾ ٺڪ ٺڪ ضرور منهنجي لاءِ بري ثابت ٿيندي. شايد ڪو ان قصي کان واقف ٿي ويو آهي. هاڻي ڇا ڪجي؟ پر اتي ئي هن جي اندر ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي .... اها پڪ نرگس آهي. شايد سندس مڙس جي موٽڻ ۾ دير آهي، ان ڪري وري ملڻ آئي آهي. پر ڪهڙو پتو، متان ڪا خراب خبر ٻڌائڻ آئي هجي.

        سامهون شمشاد کي ڏسي، هن جي منهن جو پنو لهي ويو. هوءَ نرگس جي نڻان هئي. مڙس سان ناسازيءَ سبب ڪجهه ڏينهن کان ڀاءُ جي گهر ٽڪيل هئي. دستور موجب اڄ به صبح جو هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ وٽ ويل هئي، پر شايد وقت کان اڳ واپس آئي هئي.

        هوءَ اندر گهڙي آئي، ۽ در ٻيڪڙي ڇڏيائين. سليم پيلو پئجي ويو هو، نڙي سُڪي وئي هئس، ۽ نظرون زمين ۾ کڻي کپايون هئائين.

        ”مسٽر سليم! مان سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسي چڪي آهيان. توهان کي ائين ڪرڻ جو ڪو حق ڪو نه هو.“ هن غصي مان چيو.

        ”ڇو، ڇا ٿيو آهي؟“ هن چپن تي زبان ڦيريندي چيو.

        ”ڇا ٿيو آهي، ڇا ٿيو آهي، مان انڌي ڪو نه آهيان، توهان اسان جي عزت تي حملو ڪيو آهي. اسين نه بي غيرت آهيون ۽ نه بازاري. جي ڇوري اهڙي هئي، ته توهين هن کي سمجهايو ها ۽ پاڻ کي روڪيو ها، چڱي پاڙي جي لڄ رکي اٿو.“

        سليم کي اکيون ملائڻ جي همت ڪا نه هئي.

        آخر جواب ڏنائين ”شايد توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.“

        ”مان وري به چوان ٿي ته اجايا بهانا نه بڻايو.“

        ”آءٌ ڀلا ڪيئن توهان جي غلط فهمي دور ڪريان.“

        ”ڏسو جي وڌيڪ ضد ڪندا ته مان ساري ڳالهه ادا کي ٻڌائينديس، ۽ تنهنجي زال ۽ مائٽن ڏي به لکي موڪلينديس ته  هن شريف زادي جا هي ڪرتوت آهن. توهان کي شرم به نه آيو، پنهنجي ننڍي نيٽي زال هوندي به پراون ڏانهن تڪيندا وتو.“

        سليم کي نگاهون مٿي ڪرڻ  جو حوصلو ئي ڪو نه رهيو هو، نه ته شمشاد جي چهري تي شرير مسڪراهٽ ڏسي سگهي ها. هن جي عمر ٢۸ سال هئي، نڪ نقشا ڏاڍو وڻندڙ هئس.

        ”مهرباني ڪري مون کي هينئر اڪيلو ڇڏيو. مان ڪجهه به وڌيڪ ٻڌڻ نٿو چاهيان.“ سليم چيو.

        ”مان هلي ٿي وڃان، پر ياد رکجو، ان جو نتيجو چڱو نه نڪرندو.“ شمشاد دڙڪو ڏيندو چيو.

        هن جي اکين آڏو انڌيرو اچي ويو. انهيءَ انڌيري ۾ هن کي خودڪشيءَ جو خيال آيو.... نيٽي چيٽيءَ وٽ سمنڊ ۾ ٽپو يا ننڊ جي گولين جي سڄي شيشي پيٽ ۾! هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان ته تباهه ٿي ويس. پاڙي وارا هتي رهڻ ڪو نه ڏيندم، ۽ مائٽ به ٿڪون هڻندم. ساري عزت خاڪ ۾ ملي ويئي. دوستن جي نظرن ۾ پڻ ڪِري پوندس. چئن گهڙين جي مزي جي ايڏي ڳري قيمت. اها دنيا وارن جي بي انصافي آهي.... ۽ نرگس جي خاوند جو ردعمل ڪهڙو ٿيندو؟ اوچتو هن کي خيال آيو ته جيڪڏهن منهنجي زال جي اهڙي ڳالهه ٻڌجي ها، ته مان ڇا ڪريان ها؟..... مان هن جي يار کي خون ڪريان ها،  نه نه، پنهنجي جوءِ کي قتل ڪريان ها، نه نه مان ٻنهي کي ماري وجهان ها.... ۽ هاڻي ڇا ٿيندو؟ پر  اها اٻهرائي آهي، اها حماقت آهي. انسان اردگرد جي حالتن ۽ فطرت جي تقاضائن جي اثر هيٺ ڪجهه ڪري وهي ٿو؛ اهو گناهه ناهي، اها غلطي ٿي سگهي، ۽ غلطيءَ جي سزا اهڙي سخت هجڻ نه جڳائي..... ان جو مطلب ته نرگس جو مڙس مون کي ختم ڪري ڇڏيندو......!

        اهو خيال ايندي ئي هو اٿيو، ۽ گهر جا هڙئي دروازا چڱيءَ طرح اندران بند ڪيائين ته متان اچانڪ حملو نه ٿئي.

        پوءِ ڀلا ڇا ڪريان؟ هڪدم گهر ڇڏجي. پر ڪراچيءَ ۾ ٻيو گهر ڪٿان ملندو؟ يا ڪنهن بهاني موڪل وٺي هليو وڃان. گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن دوست کي ته ضرور گڏي اچي رهائجي. ڪو مددگار ته هجي. هو پاڻ وٽ ته پستول رکڻ فضول سمجهندو هو، پر اڄ احساس ٿيس ته هٿيار هجي ها، ته ڏکئي وقت پنهنجي حفاظت ڪري سگهجي ها.

        نيٺ ڇا ڪجي؟ اها نڀاڳي گهڙي ڇو منهنجي زندگيءَ ۾ آئي؟

        زال هتي هجي ها، ته ڇو منهنجي هيءَ حالت بڻجي ها. پنهنجي دوست کان پڇان، من هو ڪا چڱي صلاح ڏئي. پر نه، اهي ڳالهيون ٻئي ڪنهن کي ٻڌائڻ معنيٰ پاڻ کي وڌيڪ خوار ڪرڻ.

        ”خدايا، هيءُ گناهه بخش، هن دفعي پناهه ڏي، اڳتي اهڙو ڪچو ڪم ڪو نه ڪندس. مون سچي دل سان توبهه ڪئي!“ هن جي نيڻن ۾ ڳوڙها تري آيا.

        رستي تي بگيءَ جي بيهڻ جو آواز آيو. هن جي بي آرامي وڌي ويئي. شايد نرگس جو گهر وارو اچي ويو هو. هاڻي مون کي ڀڄڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. هو ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. ڏاڪڻ تي ڪنهن جي چڙهڻ جو آواز ڪو نه ٿيو. ٽانگي ۾ ڪو ٻيو ماڻهو هو.

        خيالن جي طوفان نئون موڙ کاڌو. منهنجي ساري عزت هاڻي شمشاد جي هٿ آهي. نرگس ڀاڄائي اٿس، ضرور ڪهڪاءُ ايندس. هروڀرو تڪڙ ڪا نه ڪندي. پر ڪهڙي خبر، سس ۽ ننهن، نڻان ۽ ڀاڄائيءَ جا پاڻ ۾ سخت جهڳڙا ٿيندا آهن. متان شمشاد کي ڪو وير وٺڻو هجي، پوءِ هوءَ دير ڪا نه ڪندي.

        هن پاڻ به شمشاد سان ڪو نه رهايو هو. نرگس جي شوق ۾، هن شمشاد کي سدائين نظر انداز ڪيو هو. شمشاد، ڪيترائي گهمرا هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هو هر دفعي رکائيءَ سان پيش آيو هو. ڪيترائي دفعا هن جي اکين محبت جو پيغام ڏنو هو، مگر هن بيرخيءَ جو ورتاءُ ڪيو هو. هاڻي ته هن کي موقعو مليو هو. هوءَ هڙئي ڪسرون ڪڍندي، پورو پورو بدلو وٺندي.

        خون خرابيءَ کان بچڻ لاءِ آخرين اُپاءُ اهو آهي ته مان ڪنهن نموني شمشاد کي سرچايان ۽ راضي ڪريان. ڪاش! مون کي شمشاد جي ڪنهن يار جي ڄاڻ هجي ها، ته مان کيس ان جو دڙڪو ڏيئي، خاموش ڪري ڇڏيان ها. هاڻي هن جي پيرن تي ڪري پوندس ته هي دفعو پردو رک؛ مان هن جي خوشامد ڪندس، هوءَ ضرور مڃيندي. پر ها، زالون زيورن ۽ ڪپڙن تي هرکجي وينديون آهن، ڇو نه مان هن کي ڪا قيمتي سوکڙي وٺي ڏيان..... ساڙهي، واچ، واليون، سينگار-پيتي، يا جو ڪجهه هوءَ چوي. رشوت سڀ ڪجهه ڪري سگهي  ٿي.

        اهڙا خيال ڪري، هن جي دل جو بار ڪجهه هلڪو ٿيو. نرگس جي مڙس جي موٽڻ ۾ اڃا گهڻو ئي وقت هو. هن سوچيو ته: شمشاد کي گهران سڏي، اهو سڀ ڪجهه هتي چئي ڇڏيان. هن هڪ دفعو وري به سچي دل سان توبهه ڪئي.

        ايتري ۾ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. هن اٿي دروازو کوليو. شمشاد هئي. هوءَ در بند ڪري اندر آئي ۽ ڪوٺيءَ ۾ عطر جي خوشبوءِ ڦهلجي ويئي. سليم هيسجي ويو. هن همت ڪري هن ڏانهن نهاريو. هوءَ اهڙي حالت ۾ هئي، جو سليم هن ڏانهن هڪ دفعو وري به ڀرپور نگاهن سان نهارڻ کانسواءِ پاڻ کي روڪي نه سگهيو. هوءَ ٺهي ٺڪي، هيروئن بڻجي آئي هئي، ڄڻ ته ڪنهن سيٽ تي ڪئميرا جي سامهون پارٽ ادا ڪرڻ واسطي وڃڻو هجيس. وار هاڻوڪي فيشن تي ٺهيل، چپن تي سرخي، ڳلن تي پائوڊر، اکين ۾ ڪجل. بدن ڀريل ۽ ڊولائتو هوس. کليل گلي وارو چولو پهريل هوس، ۽ گوريون گوريون ٻانهون ڪلهن تائين اگهاڙيون هيون. سليم جي دل ۽ دماغ تي سُروُر ڀريو خمار ڇائنجڻ لڳو.

        ”مان توکي وري اهو ٻڌائڻ آئي آهيان ته تو اهو ڪم ٺيڪ نه ڪيو آهي. تو اسان جي خاندان تي ٽِڪو لاتو آهي، ان جو بدلو توکي ڏيڻو پوندو. ادو اچي ته مان سڀ ڪجهه ٻڌائينديسانس، هو پاڻهي توسان حساب ڪتاب سمجهندو.“

        سليم غور سان هن کي ڏٺو ۽ ٻڌو. هن جي آواز ۾ لرزش ڇو آهي؟ ڇا هن جي ڪاوڙ بناوتي ته نه آهي؟

        ”مان توکي هڪ تحفو پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.“ هن چيو.

        ”ڇو؟“ شمشاد، ناز سان پڇيو.

        ”بس منهنجي دل ٿي چوي.“

 

        ”دل ان لاءِ چوندي آهي، جيڪو پسند هوندو آهي، ڇا مان توکي پسند آهيان؟“

        سليم هلڪو ڇرڪ ڀري هن ڏانهن چتائي ڏٺو. هوءَ مرڪي رهي هئي، پر اکيون ملڻ کانپوءِ شمشاد جون نظرون جهڪي ويون، ڇاتيءَ جا ڏاڙهون تڪڙو تڪڙو هيٺ مٿي ٿي رهيا هئا.... ۽  جوانيءَ جي تيز طوفان ۾ توبهه جو ٽمڪندڙ ڏيو وسامي ويو.

 

٭

        ڄامشورو، ٢ – نومبر 1956ع

        ماهوار عبرت: جولاءِ 1960ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com