سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :13

خانوءَ کي ورثي ۾ رهڻ لاءِ هڪ ڪچو گهر، هڪ جوڙو ڀلن ڏاندن جو، ۽ پنجاهي کن ٻڪريون به مليون هيون. خانو ۽ سندس ماءُ هڪٻئي جا بهترين ساٿي هئا. ٻنيءَ ٽڪري تي ٻئي گڏجي پورهيو ڪندا هئا، ۽ خوش گذاريندا هئا. نه هنن جو ڪنهن سان جهڳڙو هو ۽ نه وري هنن سان ڪنهن جي دشمني هئي. خانو باقاعدي پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو، ۽ جمعي جمعي تي ڳوٺ جي مسجد ۾ جمعي نماز با جماعت ادا ڪندو هو.

ٿڌي گهڙي کي ته هر ڪوئي ڇانو ۾ رکندو آهي. ٽن- چئن سالن ۾، پنهنجيءَ ماءُ جي صلاح سان، خانوءَ ٻه مينهون ۽ هڪ ٻيو جوڙو ڏاندن جو پڻ خريد ڪيو. ٻڪرين وارو هڪڙو ڌڻ ڦري، هاڻي پنجن ڌڻن جيترو ٿي ويو هو. ماءُ ۽ پٽ، ڏينهن- رات پنهنجي ئي ڪم ڪار ۾ رڌل هوندا هئا: نه ڪنهن جي آئيءَ ۾، نه ڪنهن جي وئي ۾. سندن ڪو ويجهو مٽ مائٽ به ڪونه هو، ته به هر ڪنهن ڳوٺ واري جا همدرد هئا. هو هر ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪندا هئا. ۽ وري پاڻ خدا کين سڀ ڪجهه ڏنو هو، هو ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪين ٽنگيندا هئا.

خانو جوان ٿي چڪو هو، پر ٻهراڙيءَ جي ٻين نوجوانن وانگر هو جوانيءَ جي ارهه زورائيءَ وارن ڪمن کان پري رهيو. حياءَ وري ايڏو هوندو هوس، جو پري کان جيڪڏهن ڪا زال ذات ڏسندو هو ته ڪنڌ جهڪائي، رستو مٽائي ويندو هو. انهن لڇڻن ڪري، ڳوٺ جا پريا مڙس خانوءَ کي ڏسي مٿانئس ٻلهار پيا ويندا هئا.

خانوءَ جي ماءُ هونئن به وهيءَ چڙهي چڪي هئي. گهر ۾ سڀڪجهه موجود هو، ۽ اکين اڳيان جوان پٽ، سو سوچي ويچاري، وڃي سدوريءَ جو سڱ گهريائين. سدوريءَ جهڙي سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري سڄي ڳوٺڙي ۾ ڪانه  هئي. خانوءَ جي وڏي ڌوم ڌام سان شادي ٿي. خانوءَ جي شادي ڇا ٿي، هن جي دنيا ئي بدلجي ويئي. خانوءَ جي منهن تي هميشه هڪ مرڪ ۽ بي انتها خوشي ڇانيل هوندي هئي. هن کي شايد اهڙي بي بها شيءِ ملي هئي، جا ٻين وٽ ڪانه هئي. سدوري ۽ خانو هڪ گهڙي به جدا نه گذاريندا هئا. ۽ جي اتفاق سان سدوري ڪنهن ڪم سان اورتي پرتي رهجي ويندي هئي، ته خانوءَ جون اهي ساعتون وڏي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ گذرينديون هيون. کيس ويهڻ وهه ٿي لڳندو هو. هو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو هو، ۽ کيس ڪجهه به ڪونه وڻندو هو. ۽ پوءِ جيڏيءَ مهل سدوري موٽي هن جي سامهون اچي مرڪندي هئي، ته دنيا جي ساري خوشي ۽ ساري راحت، سميٽجي، هن کي آسپاس واريءَ دنيا کان پري ۽ بنهه دور ڌڪي، هڪ عجيب سرور سان نوازيندي هئي؛ ۽ هو دل ۾ هزارن شڪايتن جي باوجود، ماٺ ڪري، کيس ڏسي ڏسي، نيٺ پاڻ به مرڪي ڏيندو هو.

هڪ دفعي، اهڙي ئي موقعي تي، هيڏانهن هڏانهن نهاري، جڏهن سدوريءَ کي پڪ ٿي ته وٽن ويجهڙائيءَ ۾ ڪو ٻيو ماڻهو موجود ناهي، تڏهن هن خانوءَ کي چيو، ”خانڻ، تون ائين مون ڏانهن اهڙين نگاهن سان يڪ ٽڪ ڇو ٿو نهارين؟ مون تي اعتبار ڪونه  ٿو اچيئي ڇا؟“

خانوءَ ٽهڪ ڏيندي ورندي ڏني هئي، ”چري، آءٌ ته اهو ٿو ڏسان ته خدا توکي ڪهڙيءَ مٽيءَ مان جوڙيو آهي! آءٌ ته خوشنصيب آهيان، پر ڇا ڪريان، توکي نٿو ڏسان ته الائجي ڇا ٿيو وڃيم.“

الائجي ڇا ٿيو وڃيم!“ سدوريءَ خانوءَ جا چيل لفظ وري ورجايا، ۽ خانوءَ جي ڀرسان ويهي، چپن تي آڱر رکي، ڪنهن اونهي ويچار ۾ غرق ٿي ويئي.

ٻنيءَ تي ٻپهري لڙي چڪي هئي. چوڌاري چپ چپاٽ هئي، ته پرتي بيٺل ٻٻريءَ مان ڳيري جو گهوگهو- گهو جو چٽو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. خانو ۽ سدوري، ٻئي خاموش، ڄڻ ته مراقبي ۾ محو هئا. وقت بيهي رهيو هو. نيٺ سدوريءَ سجاڳ ٿي چيو، ”خانڻ، مون سان به ساڳي ويڌن آهي. توکان جدا ٿي ٿيان ته سک ڦٽيو پويم، خبر ناهي ڇو؟...... خبر ناهي ڇو؟“ ائين چئي، سدوري خانوءَ ڏانهن سوالي نگاهن سان نهارڻ لڳي. هن جو چهرو عجيب الجهن ڪري پُرڪشش ٿيندو ويو. ڪنهن اڻڄاتل جذبي هيٺ، هن جي اکين ۾ پاڻي اٿلڻ لڳو. ڳوڙهن کي روڪيندي، هن سوز مان چيو، ”خانڻ، خدا ڪري تنهنجن هٿن ۾ ئي سرهي ٿيان!“

”چري، اهو وري ڇا پيئي چوين؟“ هن جلدي کڻي سندس وات تي هٿ رکيو، پاسي کان ڀؤنتريو ڀڙڪو ڏيئي اُڏاڻو ۽ آسمان جي بلندين ۾ غائب ٿي ويو.

ٽپهري لڙي ته خانو ۽ سدوري، وڏيون وڏيون گاهه جون ڀريون کڻي، راز ۽ نياز جون اڻکٽ ڳالهيون ڪندا، پنهنجي گهر ڏانهن واپس موٽڻ لڳا.

خانو ۽ سدوريءَ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو ڪوسو واءُ ڪونه لڳو. ننڍرو ڳوٺ، ننڍڙي آڪهه، ننڍڙيون حسرتون، ٻهراڙي، ٻني ۽ مال- پنهنجيءَ ۾ ئي پورا هئا. شاديءَ کي اڃا سال به ڪونه گذريو هو ته سدوريءَ کي چنڊ جهڙو پٽڙو ڄائو. خانو ته ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي. زال ۽ مڙس لاءِ ڄڻ ته عيد اچي ويئي هئي. ٻيئي ٻار تان اور گهور پيا ٿيندا هئا. ٻي ڪا زال هجي ها ته گهر ۾ کپ کوڙي ويهي رهي ها، پر سدوري ويم وارو عرصو کٽ تي گذاري اٿي کڙي ٿي ۽ روزمرهه وانگر پنهنجي ڪم کي لڳي ويئي. خانوءَ جي ماءُ لاءِ وڏي وندر ٿي پئي. سدوري ٻنيءَ تي ويندي هئي ته پٺيان پوڙهي پوٽي کي سنڀاليندي هئي.

ڏينهن گذرندا رهيا، پر خانو ۽ سدوريءَ جي محبت ۾ فرق ڪونه آيو. ائين ٽي سال گذري ويا، ته سدوري وري اميدواري ٿي. هوءَ پڪن مهينن سان ٿي ته خانوءَ کيس ٻنيءَ تي اچڻ کان روڪيو. سدوريءَ ٻنيءَ تي وڃڻ بند ڪيو، ته خانو ٻنپهرن جو موٽي گهر ايندو هو. ماني کائيندو هو، پٽ کي کڻي ڀرسان ويهاري، سدوريءَ سان ڳالهيون ڪندو هو، ۽ وري موٽي ٻنيءَ تي هليو ويندو هو ۽ پوءِ دير سان گهر موٽندو هو.

هڪڙي ڏينهن خانوءَ کي ڏاڍي بک لڳي. هو ڪجهه سوڀر ڀرو گهر موٽيو. گهر اچي هن جي پهرين چلهه ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ سدوريءَ کي ڳولڻ لڳو. خانوءَ جي ماءُ پريان کٽ تي ويٺي هئي ۽ ڀرسان ننڍڙو رلين سان ڍڪيو پيو هو. هن حيران ٿيندي پڇيو: ”اما، خير ته آهي؟“

ماڻس ننڍڙي ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”گهور وڃانس تؤنس ٿي اٿس.“ خانوءَ ننڍڙي کي هٿ لائي ڏٺو. هن جو بت تنور وانگر گرم هو. ”ڪيڏيءَ مهل بخار آيو اٿس؟“ خانوءَ اتاولو ٿي پڇا ڪئي.

”بس، ابا، تو پٺ ڏني هئي ته پٺيان سيءُ سيءُ ڪري ڪِري پيو آهي.“

هو مٿي تي هٿ ڏيئي، ڳڻتين ۾ پئجي ويو. وري ڪنڌ مٿي ڪري پڇيائين، ”پر، امان، سدوري ڪٿي آهي؟“

”ابا، سدوري پاڙي ۾ نڪتي آهي، اجهو آئي ڪي آئي. ويئي آهي ننڍڙي لاءِ........“

ايتري ۾ سدوري ٻاهران آئي. خانوءَ کي الاجي ڪهڙي جوجڪي آئي، مڙس جو بگل ڦري ويو... نڪا ڪيائين هم نڪا تم، يڪدم چلهه وٽان ڪاٺي کڻي، ڀڻ-ڀڻ ڪندي، سدوريءَ کي هڻي ڪڍيائين ۽ چرين وانگر رڙيون ڪندي چيائين: ”ڇورو پيو هت تپ ۾ ٻڙڪي ۽ تون پئي پاڙا گهم!“

سدوري اوچتي حملي کان پاڻ کي بچائي ڪانه سگهي. ڪاٺيءَ جو ڌڪ ڪو ايڏو سخت به ڪونه هو، پر جيئن ڪاٺي سدوريءَ کي مٿي ۾ لڳي، تئين هوءَ اتي ئي غش کائي ڪري پيئي. خانوءَ وٺي ائين هڪو ٻڪو ٿي واويلا ڪئي، جيئن ڪو اوچتو ڦُريو هجي. ڳوٺڙي ۾ جيڪي انهيءَ مهل گهرن ۾ هئا، سي ڊوڙندا آيا. ماين مان ڪن سدوريءَ جون تريون مهٽيون، ته ڪي تيل هڻڻ لڳيون، پر سدوريءَ سامت ۾ ڪانه آئي. خانوءَ جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري ويئي. اهو به هوش نه رهيس ته هاڻي هو ڪري سو ڪري ڇا.

جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندي آهي، تيئن خانوءَ جي حالت به خراب ٿيڻ لڳي. هوڏانهن ساري ڳوٺ ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي. ڪنهن کي به ڳالهه تي ويساهه ئي نه اچي. هر ڪنهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. رات ٿي ته ڳوٺ جا سڀئي پريا مڙس ۽ زالون خانوءَ جي گهر آيا. سڀني گڏجي، شهر مان ڊاڪٽر گهرائڻ جو فيصلو ڪري، راتو واهه ماڻهو روانو ڪيو.

آڌيءَ آڌيءَ رات جو خانوءَ جي ڇوڪري جو بخار ٽُٽو، سدوري اڃا بيهوش هئي. اها رات خانوءَ جي لاءِ قيامت کان گهٽ ڪانه هئي. صبح جو ڊاڪٽر آيو. تنهن سدوريءَ کي تپاسي ڏٺو. سُئي هنيائين، دوا ڏنائين، ۽ خانوءَ کي چيائين: ”وڏي دل ڪر، الله کي وڏي طاقت آهي. مائيءَ کي ڌڪ بلڪل معمولي لڳو آهي. پر خيال ڪجو، بي پرواهه نه ٿجو، ٻن جيون سان آهي.“

ڊاڪٽر جي همدرديءَ ۽ خاطريءَ خانوءَ جي دل ۾ اميدن جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو. ڊاڪٽر موٽي ويو ته خانوءَ چار ٻڪريون ڪهائي خيرات ڪئي؛ مسجد ۾ نمازون پڙهيائين ۽ دعائون گهريائين. ٻيو ڏينهن به گذري ويو، پر سدوري اڃا بيهوش هئي. ٻي رات به خانوءَ سڄي رات نماز پڙهي ۽ خدا کي ٻاڏايو ۽ وري خير خيراتون ڪيون. پر سدوري....؟ سدوريءَ جا ڏينهن ڪي پڄي آيا هئا. هن ٽئين ڏينهن صبح جو دم ڏنو—

خانوءَ اهو ڏسي روئڻ شروع ڪيو. هن زار زار روئي ڪجهه ساهي پٽي، ته ماڻس اچي سندس مٿي تي هٿ رکيو ۽ ڏکاري آواز ۾ چيائين: پٽ، ڌڻيءَ جي اها مرضي هئي، هر ڪنهن کي اوڏانهن هلڻو آهي. صبر ڪر، روئندين ته ميت کي عذاب ٿيندو.“ ماءُ جي واتان انهن سادن سودن اکرن خانوءَ جي دل تي ٿڌا ڇنڊا وڌا. هن رضا تي راضي رهي، آهستي آهستي چيو، ”برابر، امان، جيڪا خدا جي مرضي.“

ٿوري وير گذري هوندي ته ڳوٺڙي جي دائي، مائي مٺان، لنگهي اندر آئي، ۽ چوڻ لڳي، ”سدوريءَ کي ته پڪا مهينا هئا. مون کي به اجازت ڏيو ته آءٌ کيس ڏسان.“

ايتري ۾ گهر جي ٻاهران وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ در تي ڪنهن زور زور سان سڏ ڪيو. ڏهن ميلن جي مفاصلي واري پوليس ٿاڻي جو جمعدار، پنهنجي اٽالي سميت، ڏاڍيان ڳالهائي رهيو هو. ڳوٺڙي جا چڱا مڙس گڏ ڪيا ويا. ٿرٿلو مچي ويو. نيٺ ٻن- ٽن ڪلاڪن جي ردبدل کان پوءِ، خانوءَ کي هٿڪڙيون هڻي ۽ سدوريءَ جي لاش کي ڍڳي گاڏيءَ تي رکائي، ڳوٺڙي کان ويهه ميل پري هيڊ ڪوارٽر واريءَ اسپتال ڏانهن روانا ٿيا.

سدوريءَ جو لاش ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽر تپاسيو. خانوءَ کي ٻٽي خون جي الزام هيٺ جيل اماڻيو ويو. ڳوٺ جا چڱا ماڻهو، گهڻيءَ گهل کان پوءِ، سدوريءَ جو لاش کڻائي واپس ڳوٺ پهتا. خانوءَ جو ڀريو ڀڪليو گهر تباهه ۽ برباد ٿي ويو. خانوءَ جي ماءُ جي دل تي الاجي ڇا وهيو واپريو. هر ڪنهن ساڻس ٻه- چار ڏينهن همدردي ڪئي، پوءِ سڀڪنهن کيس وساري ڇڏيو. هوءَ پنهنجي پوٽي کي ڇاتيءَ سان لائي، روئي روئي، خدا کي ٻاڏائيندي ۽ خانوءَ جي واپس موٽي اچڻ جي آسري تي جڏي جيءَ کي جياريندي رهي.

هوڏانهن خانو جيلخاني ۾ رهندي رهندي، هڪ نئينءَ دنيا سان واقف ٿيو- چور، ڌاڙيل، خوني، ٺڳ، بدمعاش، عادتي ڏوهاري، جيل جا آفيسر، چوڪيدار، وغيره؛ دنيا وارن ته انهن تي اهي ئي نالا رکيا هئا، پر هتي انهن جي براري ٻيءَ طرح هئي. حالتن خانوءَ کي هتي آندو هو. خانو ته هونئن به نيڪ نمازي هو، پر هتي جيل ۾ هن نفل ۽ تهجد به پڙهڻ شروع ڪري ڏنا. هتي جيل ۾ خانوءَ کي هرڪو عزت ڏيندو هو، ۽ کيس معصوم ۽ بيقصور سمجيهو ويندو هو. پر قانون جي نگاهه ۾ هو وڏو گنهگار هو. هتي ئي خانوءَ کي صلاح مشورا مليا ته هو ڪورٽ ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙو بيان ڏئي. جيئن هن کي گهٽ ۾ گهٽ سزا ملي. ظاهري طرح ته خانو هنن جون صلاحون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندو هو، پر جڏهن هو هر رات سومهڻي ۽ تهجد نماز پڙهي دعا گهرندو هو، ته پهرين سدوريءَ جو تصور ڪري، انهيءَ ڏانهن وارا سدوريءَ جا چيل اکر- ”خانڻ، خدا ڪري، تنهنجي ئي هٿن ۾ سُرهي ٿيان!“- بار بار وظيفي وانگر پڙهي، ڳوڙها وهائيندي دعا گهرندو هو: ”الله سائين، مون کي به سدوريءَ تي سُرهو ڪر! تون ڏسين پيو، توکي سڄي خبر آهي. سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم..... آءٌ خوني آهيان! تون انصاف ڪندڙ آهين، مون کي سزا ڏي..... آءٌ قاتل آهيان! مون کي مهلت ڇو ڏني اٿئي! منهنجو امتحان نه وٺ، آءٌ قبولدار آهيان، آءٌ خوني آهيان.... آءٌ خوني آهيان!“ خانو اها دعا پڙهي پوءِ معصوم ٻار جيان سمهي رهندو هو.

خانوءَ کان جڏهن به پڇا ٿيندي هئي ته انهيءَ ڏينهن وارو سربستو واقعو ٻڌائي، پڇاڙيءَ ۾ ائين چوندو هو: ”آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو!“ نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو بچاءَ جي وڪيل اچي هن سان ملاقات ڪري ڳالهايو ۽ هن کان حال احوال ورتو ۽ پوءِ کيس وڏي تقرير ڪري هدايتون ڪرڻ لڳو: ”مون پنهنجيءَ ڄمار ۾ خون جو هڪڙو ڪيس به ڪونه هارايو آهي. تون جوان آهين. خدا جي مرضي اها هئي. ٻڌ، ڪورٽ ۾ چئجانءِ: سدوري کريل هئي، مون هن کي روڪيو ته هوءَ مڇرجي ويئي، ۽ لڳي گارگند ڪرڻ، عزت ۽ غيرت جو سوال هو، ڪني آڱر وڍي ڀلي....... بس، پوءِ تون ڇٽو آهين، اڳتي آءٌ پاڻيهي منهن ڏيندس ۽ ڪيس مٿي کڻندس.“

اوڏيءَ مهل ته خانوءَ چيو، ”حاضر سائين، جيئن اوهين ٻڌايو ٿا، ائين ئي اکر به اکر چوندس“، پر اتي جو اتي ڪجهه ويچاري چوڻ لڳو، ”پر سائين، دل ۾ نه ڪريو ته ٿورو عرض ڪريان؟“

”بيشڪ“، وڪيل خوش ٿيندي چيو.

”سائين، خانوءَ نماڻائيءَ سان چيو، ”سدوري مرڻ کي مري ويئي، مون کي به مري جهان ڇڏڻو آهي.......... جيئري هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي، پر هاڻي مئل ۽ معصوم تي تهمتون ڪميڻن جو ڪم ۽ ذليلن جو وڙ آهي.“

وڪيل صاحب کي مرچون لڳي ويون. هن ڪاوڙجي چيس: ”آءٌ تنهنجون اهي نصيحتون ۽ واعظ ٻڌڻ ڪونه آيو آهيان. بيوقوف، مري ويلن جي پٺيان مربو ڪونهي. پنهنجي پير تي پنهنجن هٿن سان ڪهاڙو نه هڻ. مون توکي جيڪي ٻڌايو آهي، ان تي وري ويچار ڪر. مون وٽ وڌيڪ وقت ڪونهي. مون پنهنجو فرض پاڙيو. جج صاحب به تنهنجي فائدي ۾ آهي. اڳتي تنهنجي مرضي. ”ائين چئي، وڪيل هليو ويو.

۽ جڏهن خانو ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ته سڄو سربستو حال ٻڌائي، آخر ۾ چيائين: ” حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“

بچاءَ جو وڪيل، جيڪو انساني همدرديءَ وچان جوابدار جو بنهه خيرخواهه ٿي چڪو هو، سو هٿن مان ڍارو ڪرندو ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي عرض آهي ته جوابدار گهڻي غم ۽ ڏک ڪري ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي؛ انصاف جي تقاضا آهي ته خانوءَ کي علاج لاءِ پهرين اسپتال موڪليو وڃي.“

جج صاحب ڪنڌ لوڏي اتفاق ظاهر ڪيو.“

وڪيل خانوءَ سان وري پنج دفعا ملاقاتون ڪيون. ٻيا اٺ مهينا گذري ويا. خانو چرين جي اسپتال مان نڪري، وري ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جڏهن خانوءَ جو وارو آيو، ته ”زمين جنبد، نه جنبد گل محمد!“—ساڳيو بيان، ۽ ساڳي التجا. چي، ”حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“

شاهدن جا بيان ۽ آڏيون پڇائون ٿيون. ڪيس جي ڪارروائي هلي پوري ٿي. جج کي فتوا ڏيڻي هئي ته هو منجهي پيو. ٻه ڄڻا مري ويا، ۽ ٽيو ڦاسيءَ لاءِ گهُر ڪري رهيو هو! هڪ طرف حقيقتون هيون، ٻئي پاسي ڏوهه جو اقرار ۽ ان جي سزا، ته ٽئين پاسي هئي، هڪ عدل ۽ انصاف ڪندڙ جي جوابداري.

ٽن ڏينهن کان پوءِ فتوا لکجي تيار ٿي.

انهيءَ ڏانهن عدالت ۾ تر اڇلاءِ ته پٽ نه پون. خانوءَ جي ماءُ، خانوءُ جو پٽ، خانوءَ جا ڳوٺائي، پوليس وارا، ۽ ٻيا به گهڻائي ماڻهو حاضر هئا، ته فتوا پڙهي ويئي. فتوا جي آخر ۾ هو: ”عدل ۽ انصاف کي ڌيان ۾ رکندي، خانوءَ کي ٻن خونن ڪرڻ جي الزام هيٺ جنم ٽيپ ڏني وڃي ٿي.“

خانوءَ جي ماءُ مورڇا ٿي ڪري پئي. پر خانو، سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، هڪل ڪري چوڻ لڳو: ”حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!...... مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“

وڪيل وري چيو: ”خانو چريو آهي!“

جج صاحب فرمايو: ”خانو فرشتو آهي!“

حسرتن جو ڦيرو

 

هي ان وقت جو ذڪر آهي، جڏهن آءٌ انگلينڊ ۾ برسٽل شهر جي مصوريءَ واري ڪاليج ۾ تعليم وٺي رهيو هوس. سامهون هڪ انگريز خاتون، ماڊل طور ويٺي هئي. جلد ئي موڪل ملڻ واري هئي ته ڪلاس جو بند ٿيل در کليو. هڪ اجنبي اندر لنگهي آيو. ڪو هوندو، منهنجو ڇا؟ آءٌ رنگن ڀرڻ ۾ مشغول هوس. اهو ڪاليج جو خاص ڪلاس هو. انهيءَ ڪلاس ۾ اندر اچڻ جي اجازت هر ڪنهن کي ڪانه هوندي هئي. ڪلاس ۾ ماڊل ۽ مون کان سواءِ ٽي- چار شاگرد ٻيا به هئا. هر هڪ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. اهو اجنبي، هر هڪ شاگرد وٽان ٿيندو، سڌو اچي منهنجي ڀرسان بيٺو. ڇو؟ هو منهنجي ڀرسان بيهي رهيو هو؟ مون ڪوبه ڌيان نه ڏنو. هن وري ٻه- چار چڪر ڪلاس ۾ لڳايا، ۽ وري اچي منهنجي ويجهو بيٺو. آءٌ بدستور، بي نياز، پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوس. هن کان رهيو نه ٿيو. ٿورو ڪنڌ جهڪائي، تمام ويجهو ٿي، آهستي آهستي چوڻ لڳو: ”مسٽر عبدل اوهين آهيو؟“

مون صرف ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي، ۽ بدستور پنهنجي تصوير ۾ رنگ ڀريندو رهيس. هو کپ کوڙي اتي بيهي رهيو. ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو: ”مسٽر عبدل، ٻه منٽ مون کي به ڏيو ۽ ٻاهر هلو.“ هن دفعي هن جي آواز ۾ ڏاڍي نهٺائي هئي. آءٌ قدري حيران ٿيس ۽ کيس ڏسندو، ڪم ڇڏي ٻاهر نڪتس. هو بت ۾ ڀريل، ڳاڙهو ڳٽول انگريز هو. قد پورو پنو، ۽ عمر ۾ ڪرڙوڍ پئي لڳو، پر اکين ”۾ شوخي ۽ شرارت سمايل هئيس. هو بيصر ۽ بيقرار به نظر پئي آيو. مون کيس اڃا پوريءَ طرح ڏٺو به ڪونه هو ته هو يڪدم هٿ وڌائي چوڻ لڳو: ”منهنجو هٿ ڏسو، قسمت جو احوال ٻڌو. توهان جي تعريف ٻڌي اٿم. آءٌ هن ڪاليج ۾ استاد آهيان. چارلس نارمن نالو اٿم. ورڪشاپ واري حصي ۾ ڪم ڪندو آهيان. گاڊفري منهنجو دوست آهي. چارلس اهي سڀئي ڳالهيون يڪساهيءَ ٻڌائي ويو.

گاڊفري منهنجي مصوريءَ واري ڪلاس جو نوجوان استاد هو. ٽي- چار ڏينهن مس گذريا هوندا ته گاڊفري ڪنهن ڪلاس جي شاگرد جي زور ڀرڻ تي مون کي پنهنجو هٿ ڏيکاريو هو. گاڊفري کي ٻين ڳالهين سان گڏ آخر مون چيو هو: ”سائين، توهان جهڙو حسين ۽ نوجوان، پر، محبت جي معاملي ۾ حيران آهيان ته توهان جي زال توهان کي ڇڏي ڏيندي. مون کي اوهان سان دلي همدردي آهي.“ هو نه نه ڪندو، نئينءَ ڪنوار وانگر شرمائجي ويو هو، ۽ پوءِ چپڙي ڪري ٻاهر وڃي پاڻ پنهنجي سر منهنجي لاءِ چانهه ۽ ڪيڪ- پيسٽريءَ جو ٽِري کڻي واپس موٽيو هو.

آءٌ نڪو نجومي آهيان، ۽ نه وري منهنجو هٿ ڏسي قسمت ٻڌائڻ ۾ عقيدو آهي. ڏهاڪو کن ڏينهن مس گذريا هوندا، رسيس ۾ ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءَ، مس سئوزن، هڪ انگريزي رسالو کڻي، هر ڪنهن کي پنهنجيءَ پسند جي رنگن جا نالا پڇيا ۽ پوءِ سڀڪنهن کي رسالي مان سندن طبيعت جو مختصر تفصيل پئي ٻڌايو. ننڍي هوندي البت ڪو هڪ- ٻه ڪتاب پڙهي پنهنجن هٿن جا ليڪا ضرور جانچيندو هوئس سو، جڏهن مس سوزن رسالي جي آڌار تي هر ڪنهن کي ڪتاب مان پڙهي پئي ٻڌايو، تڏهن مون به چرچي چرچي ۾ ڪلاس جي سڀني شاگردن جا هٿ ڏسي گشا هنيا هئا.

گاڊفري هونئن هو ته نوجوان، پر هميشه ويڳاڻو، ويران ويران ۽ وساميل پيو نظر ايندو هو. ڪپڙا لٽا ڇا جا، ڏاڙهي به شايد هفتي- ٻن کان پوءِ ڪوڙيندو هو. انهيءَ ڪري اهو سمجهڻ آسان هو- هجي نه هجي، همراهه مڙيئي عشق جي چوٽ کاڌل آهي. اهي سڀيئي ڳالهيون منهنجي ذهن تي تري آيون. خير، چارلس نارمن سان هٿ ملايم، ۽ سندس چهري کي ڏٺم ته مون کي سر چارلس نيپئر، انگريز سپهه سالار ياد آيو. سر چارلس نيپئر، جنهن منهنجي سنڌ فتح ڪئي وئي. چارلس نارمن جا هٿ نرم ۽ نازڪ هئا. هن جون آڱريون ڊگهيون ۽ ڀريل هيون. سر چارلس نيپيئر کي ياد ڪري نفرت ٿيم، ته چارلس نارمن هڪ انگريز بهادر صاحب جي چهري کي ڏسي قياس آيم- ۽ آءٌ مشڪڻ لڳس. وري وا ڏانهن نهاري کيس چيم، ”چارلس صاحب، شام جي موڪل ۾ باقي پنج- ست منٽ آهن. بهتر ائين ٿيندو، مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ پنهنجو سامان سڙيو ڪلاس مان کڻي اچان ته پوءِ ڪا ويهي يڪي ڪچهري ڪريون.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com