سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :16

انهيءَ حادثي کان پوءِ راڻيءَ موکيءَ کي مومل جي ڀيڻ ڪري ڇڏيو. موکي ۽ مومل گڏ رهڻ لڳيون. پر جڏهن مومل..... ڏند وڃائي..... ڪاڪ وسائي.... وڻجاري ٿي، عمرڪوٽ پهتي. ۽ نيٺ وڃي ڏاگهه چڙهي، ته ناتر ۽ موکي..... اڪيليون رهجي ويون..... دنيا جو دستور ئي اهو آهي......“

سومل ته ڦڪائيءَ کان ڪاڪ تان ئي ميرپور ماٿيلي ڏانهن وڃڻ جو بهانو ڪري...... الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. مومل کان پوءِ..... ناتر ۽ موکي...... سونگل ۽ سڦوران ۽ ٻيا.... ڪيڏانهن وڃن ۽ ڇا ڪن..... ڇا هو عمرڪوٽ ۾ رهي پون، يا ڪاڪ محل ڏانهن موٽن يا ميرپرو ماٿيلي وڃن..... ناتر سڀني کان وڏي هئي. ڌن دولت جي وٽس ڪمي ڪانه هئي..... هن ڪيترن ئي کي ڦريو ۽ لٽيو هو..... مومل وارو حصو به وٽس ئي رهيو هو..... عمرڪوٽ جتي مومل ۽ راڻو سڙي رک ٿي ويا هئا. اتي رهڻ هنن لاءِ دل آزاري هو، ڪاڪ ۽ ڪاڪ جي ته سرزمين مان..... جتي ڪيترا ڪونڌر ڪسجي ويا هئا، اتي.... اتي ته رت جي بوءِ پئي لامارا ڏنا.... ۽ ميرپور ماٿيلي، شاهي محل ۾ ڪهڙو نڪ کڻي بادشاهه ۽ راڻيءَ جي سامهون ٿي ٿي سگهيا.......

ناتر ۽ موکيءَ کي اندر ۾ وويڪ جا وڍ هئا ۽ هنن جا چهرا ته ضمير جي ملامت سان داغدار هئا.... ساڳئي وقت بادشاهه.... ۽ راڻيءَ جي ڊپ ۽ خوف هنن کي ڏهڪائي ڇڏيو هو...... ناتر جهڙي شاطر ۽ طرحدار عورت..... دل من هڻي، عمرڪوٽ مان ڪوچ ڪري نامعلوم منزل ڏانهن کڻي منهن ڪيو.... هوءَ ڏينهن جو لڪندي ۽ رات جو ڇپندي وسنهه کان پري پري ويرانن ۽ برپٽن کي اورانگهيندي پنهنجي ٽنهي ڌيئرن ۽ مال متاع سميت، ڏور ڏور اوڀر طرف، ”ڪونڪر“ وٽ وڃي منزل انداز ٿي. هيءَ اها جوءِ هئي جتي هڪ پاسي ته گهاٽو ٻيلو هو ۽ ٻئي پاسي اڙانگو جبل ڳاٽ کنيو بيٺو هو. آدم ذات جو اتي نالو نيشان به ڪونه هو. سڀني کي اهو هنڌ پسند پيو، پوءِ ته مڏيون کولي ۽ خيما کوڙي اتي آباد ٿيا.

محلن جا رهاڪو اچي پٽن تي پيا، انسان.... پر انسان کي ڇا نٿو کپي. خانه بدوش واري زندگيءَ مان هو بيزار ٿي پيا هئا. هنن مان هر هڪ هنر مند هو... ته ساڳئي وقت شاهاڻين عادتن جا هيراڪ پڻ هئا. اجهي ۽ آرام جي هر ڪنهن جاندار کي ضرورت آهي. سڀئي گڏجي اجهي ٺاهڻ کي لڳي ويا، گهرج آهر چڱو خاصو مڪان تيار ٿي ويو. مڪان جو ته نالو هو. منجهس اجهي ۽ آرام لاءِ سڀ ڪجهه موجود هو، کاڌ خوراڪ، ساز ۽ سرود، ڪلالڪي ڪوٺي، سرديءَ ۽ گرميءَ جي بچاءَ کان محفوظ ڪمرا، نرم نرم بسترا..... ته نظاري لاءِ خوش نما باغيچو.... ناتر ۽ موکيءَ جي ٽوليءَ جهنگل ۾ منگل برپا ڪري ڇڏيا. ڊاهڻ سولو آهي پر ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، سو جڏهن هنن جون رواجي گهرجون ۽ خواهشون پوريون ٿيون..... گهر کي سينگارڻ ۽ پاڻ کي پکارڻ کان پوءِ هو شطرنج ۽ چؤسر راند ڪري، ڳائي وڄائي، پيٽ ڀري کائي، ۽ ڪلالڪي بٺيءَ مان مٽ ڀري، سرڪيون چاڙهي... خمار جي ۽ بي خود ٿي سمهي رهندا هئا. کين نڪي اڄ جو ارمان هو ۽ نڪي وري سڀاڻي جوانديشو هو. هنن جي هرڪا ساعت خوشين ۽ مسرتن سان همڪنار هوندي هئي. گهڻن ڏينهن جي اوکاين کان پوءِ هنن سڀني سک جو ساهه کنيو هو. موکي جيڪا اڳئي چوکي هئي، سا ته هاڻي چوکي هئي، سا ته هاڻي چوڏهينءَ جو چنڊٿي چڪي هئي.

موکي ته محلاتن ۾ رهڻ لاءِ ڄائي هئي. پر هت آزاد فضا ۾ ٿڌيون ۽ ڪوسيون سهي، ويتر ڇڳُري ٿي پيئي هئي. شهزادين وانگر ته هن کي تربيت ملي هئي. جتي ناتر تيرنهن تالي هئي ته موکي هاڻي هزار تالي ٿي پئي هئي. هڪ دفعي جڏهين هنن جي محفل متل هئي، سڀئي سي جي سرور ۾ سرشار هئا، ته ناتر چيو ته.... موکي هن قبيلي ۾ تون ئي سڀني کان وڏي ۾ وڏي ۽ سياڻي آهين. آءٌ پنهنجي وهي کائي چڪي آهيان. مون کان پوءِ هن پنهنجي ننڍڙي قبيلي جي مُکياڻي توکي ئي ٿي چونڊيان. زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو..... زندگي ته پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي؛ تنهنڪري منهنجي اها وصيت دل سان هنڊاءِ، سڀئي ٻڌو ٿا نه! ها، هڪڙي ٻي به حسرت دل ۾ اٿم..... موکي تون پٽ راڻي نه ٿي سگهينءَ.... ڪاش هن برپٽ ۾ کٽ راڻي ٿي سگهين.... سڀني وٺي آمين ڪئي، پر موکيءَ جنهن ڪجهه چڪو سوايو چکيو هو، سا کلي کلي کيري ٿي، چوڻ لڳي ته امان اها قبيلي جي سرداري مون کي سونپين ٿي، سان ته آءٌ سنڀالي سگهنديس، پر تنهنجي اها، پٽ راڻي، ڇٽ راڻي ۽ نه نه اها کٽ راڻي.... منهنجي سونگل ۽ سڦوران کي بناءِ..... نه نه..... نه نه تون ئي کڻي پاڻ کي راڻي بناءِ.....ها ها..... هي هي.... تون ئي ته اسان جي راڻي آهين.... هن اسان جي قبيلي کي ڪنهن حاڪم جي ضرورت ناهي.... اسين پاڻ سردار آهيون.... ها ها..... آءٌ مکياڻي آهيان. آءٌ سردار آهيان..... پوءِ موکي سيٽجي وڃي سڀني کان مٿي ويٺي ۽ حڪم ڪيائن ته مجرو تيار ٿئي. راڳ ۽ رقص جي محفل پيش ڪجي! آهستي راڳ ۽ رقص جو آواز اڀري وڏو ٿي هلڪو ٿئي..... پوءَ ناچ ۽ راڳ جي محفل شروع ٿي ويئي. ناتر باقي رهيل اشرفيون خرزين ۾ کڻي آئي، ۽ موکيءَ تان گهوري گهوري، سڀني ۾ وري ورهائي.... خرزين خالي ڪئي. ناتر پاڻ ته ڪنگال ٿي ويئي.... پر قبيلي جي هر هڪ فرد کي سونو ڪري ڇڏيائين.... انهيءَ رات کان پوءِ سڄو قبيلو موکيءَ جي حڪم ۽ اشاري تي هلڻ لڳو... ۽ ناتر..... ناتر گوشي نشين ٿي ويهي رهي.

موکيءَ جون هاڻي مصروفتيون وڌي ويون. هن پنهنجي ڪلالڪي ڪوٺيءَ کي سڌاريو سنواريو. خاص بٺيون تيار ٿيون، منڌ جا مختلف مٽ ڀرجي ويا. چڪائڻ ۽ مچائڻ جا مختلف نسخا ايجاد ٿيا. سري جا سواد ۽ ذائقا ئي ڦري ويا.... نوان ساز ۽ نوان نغما ايجاد ٿيا....بورچيخاني ۾ طرح طرح جا طعام تيار ٿيڻ لڳا...... رقص ۽ راڳ ۾ تبديلي ٿي ويئي.. گهر ۾ مڪان وارو ننڍڙو باغيچو.... بُستان ۽ گلستان تي پيو.... اناجن جا گدام گڏ ٿي ويا... موکيءَ جي مزاج.... نزاڪت ۽ نفاست... ناتر جي مڪان کي... موکيءَ جو محلات بنائي ڇڏيو... موکي هاڻي پنهنجي محل جي سردار به هئي ته ساڳئي وقت راڻيءَ جي به ڏ ٿي ڏنائي. ناتر، موکيءَ جي ماءُ، پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳي. هن پنهنجي اکين سان موکيءَ جا سڀئي روپ ۽ رنگ ڏٺا. هوءَ دل ئي دل ۾ موکيءَ کي دعائون ڪرڻ لڳي.

موکي اصل کان ئي عجيب هئي، هوءَ اڪثر مرادنو ويس ڪري ٻيلي ڏانهن اڪيلي شرڪار ڪرڻ هلي ويندي هئي، هن جي ڪلهي تي هميشه ڪشيل ڪمان ۽ هن جي ترڪش ۾ لاتعداد تير هوندا هئا. هوءَ پاڻ سان هڪ تيز ڀالو ۽ نيزو به هن جي تڪرش ۾ لاتعداد تير هوندا هئا. هوءَ پاڻ سان هڪ تيز ڀالو ۽ نيزو به کڻندي ئي. ۽ پوءِ جڏهن موٽندي هئي هن جي گهوڙي تي هرڻ، ڦاڙهو يا ڪنهن شينهن يا چيتي جي کل يا تترن جو ڍير هن سان لٽڪيو ايندو هو. ڪنهن مهل ته هوءَ جنسي جيئرا جانور به جهلي ايندي ئي، هن طرح طرح جا طوطا به ڦاسايا... موکيءَ جي مڪان سان لاڳيتو چڙيا گهر به موجود ٿي ويو... قدرت انسان ذاتي کي ڪيڏيءَ نه ڏات سان نوازيو آهي.. جي هر ڪنهن کي آزادي هجي... جي هر ڪنهن کي وه ملي ته هيءَ دنيا هوند هتي ئي جنت بنجي پوي. موکي سچ پچ ته پنهنجي قبيلي جي جنت ۽ جنت جي خالق هئي. قبيلي جو هر ماڻهو هن سان پيار ڪندو هو ته هن کي عزت به ڏيندو هو.

موکي هڪري ڏهاڙي دستور مطابق شڪار ڪارڻ ٻيلي ۾ گهڙي، اتي کيس هڪڙو هرڻ نظر آيو. ٻيلي ۾ اڄ اوندهه هئي. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، فضا ۾ هوا جو غيرمعمولي شور هو. پر موکيءَ، جو هرڻ کي ڏٺو، ته ڪلهي تان ڪمان لاهي تير چاڙهي هرڻ جو نشانو ورتو، هوءَ به بهترين تيزانداز هئي. هن جو ڪمان لاهي تير چاڙهي هرڻ جو نڙگهٽ ۾ لڳو. نشان ڪارِي هو. هرڻ ڪرڻ تي هو ته هرڻ تي ٻين تيرن جو وسڪارو ٿي ويو، اهي تير نه موکيءَ جا ڪين هئا، هن کي باهه وٺي ويئي. هوءَ سڄي ڪاوڙ وچان ڳاڙهي ٿي ويئي. هن سمجهيو ته اڄ ٻيلي ۾ ڪو ٻيو به آهي. هڪ ٻيلي ۾ ڪاوڙ وچان ڳاڙهي ٿي ويئي. هن سمجهيو ته اڄ ٻيلي ۾ ڪو ٻيو به آهي. هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن ڪيئن ٿي سمائجي سگهيا! هن چوڌاري نهاري چڪاسيو پر کيس ڪجهه به نظر نه آيو. لاچار، بي ضبط ٿي، هن رڙ ڪئي. ”اڄ هن مهنجي ٻيلي ۾ ڪنهن پير پاتو آهي. ڪنهن شڪار ٿيل هرڻ تي هلان ڪئي آهي.... ڪير آهي اهو تستاخ، ڪير آهي... موکيءَ جو گجڪار وارو آواز ٻيلي ۾ ٻُرڻ لڳو. چوڌاري خاموشي هئي، رڳو هوا وڻن ۾ سوساٽ ڪري رهي هئي، ڄڻ ته موکيءَ جي چيڙائي رهي هئي... ڪو هن تي چٿرون ڪري رهيو هو. موکي غصي ۾ لالُ ٿي ويئي، ته هن ويجهو تمام هلڪو کڙڪو ٻڌو. موکي چيتي وانگر ٽپ ڏيئي گهوڙي تان لٿي.... کُڙڪي واري پاسي نيزو سنڀاليندي، ڪڙڪو ڪري چيائين، ”اچئي ٿو منهنجو وار، هاڻي تون پاڻ کي بچائي نهو سگهين.“ نيزو سرڙاٽ ڪري غائب ٿي ويو... ته هڪ جوڌو جوان موکيءَ جي سامهون نمودار ٿيو، هن جا ٻيئي هٿ مٿي هئا.... هن موکيءَ کي مرد سمجهي، چيو، ”آءٌ سمون سردار آهيان.... تون ڪير آهين؟..... ڪير به هجين پر تون بيشڪ بهادر آهين... شينهن جو پٽ آهين.... پر ايڏي لاابالائي ۽ الغرضائي ڇو......!“ موکيءَ تاڻيل ڀالو هيٺ ڪري حشمت سان چيو، ”سما سردار..... هن ملاقات جي مهرباني. آءٌ به گجر قبيلي جو سرواڻ آهيان“ سمي سردار ٻانهون هيٺ ڪري کيڪار لاءِ ويجو اچي هٿ ملايو. موکيءَ سمي سردار ڏانهن نهاريو. سمي سردار جون اکيو موکيءَ سان چار ٿيون. موکي سردار جي اکين کي ڏسي دهلجي ويئي. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. بي خوديءَ وچان موکيءَ جو هٿ سردار جي هٿ ڏانهن وڌيو.... سمي سردار هٿ سان هٿ ملايو. موکيءَ جي سڌ ٻڌ نوکيءَ کان موڪلائي رخصيت ٿي ويئي... سمي سردار اک ڇنڀ ۾ هٿ جدا ڪري چيو، ”اي گجر قبيلي جا سردار.... تنهنجا هٿ ته بخمل کان به وڌيڪ نرم آهن..... انهن هٿن ۾ اهي ڀالا ۽ تير ته ڪونه ٿا سونهن!“ موکي، جنهن سالن کان، ڪنهن ڌارئي مرد جو، پاڇولو به ڪونه ڏٺو هو، سا پنهنجي سامهون خوبرو سردار کي ڏسي، اصلي اپسرا واري روپ ۾، موٽي، قدري شرمائجي ويئي، ۽ شرمائجي به ائين ويئي، جيئن شرم ٻوٽي ڪنهن شرير ڇوڪري جي هٿ لائڻ سان ڪومائجي ويندي آهي. حُسن ۽ حيا، موکيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ خبر ناهي الائي ڪيترو اضافو آندو. موکيءَ کي جواب ڏيڻ وسري ويو. ڄڻ هوءَ ٻوڙي ۽ گُنگي هئي. هن جي خاموشيءَ ۾ به ڪي هزارين حروف هئا، هوڏانهن سمون سردار به ماٺ ۾ هو، ايتري ۾ سمي سردار جا ٻيا ست يار به اچي سهڙيا، رنگ ۾ ڀنگ پئجي ويو. موکيءَ کي ويساهي ۽ وٿي ملي ويئي، هن پاڻ کي سنڀاليندي، سڀني کي سلام ڪيو ۽ پوءِ لغام ڇڪيندي لانگ ورائي، گهوڙي تي چڙهي، هُن سڀني مانجهن  کي مهمانيءَ جي دعوت ڏني. سمون سردار ۽ ان جا ست يار... اٺئي ڄڻا، موکيءَ جي مڪان ته پهتا. انهيءَ رات... انهيءَ رات، موکيءَ جي مڪان جي بات ئي ڪا اور ٿي پيئي. مهمانن جو آڌر ڀاءُ قبيلي جي هر فرد ائين ڪيو، جيئن ڄڻ اهي مهمان هنن جا ڪي پير مرشد هئا، هر ڪنهن نمي ۽ نوڙي ڪورنش ڪئي. مهمان خاني ۾ عطر ۽ عنبير جون اگربتيون ٻاريون ويون. طعام ۽ قيام جو اهتمام ٿيو، ميخاني ۾ مٽن جا منهن کلي پيا، سونگل صراحين ۾ سرور اوتي، وٽيون وارڻ لڳي، اٺئي يار مئي پياڪ هئا. موکيءَ جي ميخاني جي منڌ جو ذائقو ئي ٻيو هو. سري جون سرڪيون پيتائون.... چڪا چکيائون ته ڪيف ۽ خمار سان ڪڪورجي ويا، هر هڪ جي هيٺانءَ تان حجاب جا پردا کڄي ويا، حجاب پاسيرو ٿيو ته حجتون ٿيڻ لڳيون. ڄڻ ڪي ورهين جا وڇڙيل جگري دوست مليا هجن، ڄن ڪي رٺل يار وري پرتا هجن، موکيءَ جي قبيليءَ ۽ اٺن يارن جي ٽوليءَ ۾ ڪو فرق، ويڇو يا گمن ڪين بچيو. مهمانن ۾ ٻه سمان، ٻه سومرا، ٻه چنا ۽ ٻه چَوهاڻ هئا. هو سڀئي سورهيه، هو سڀئي هوڙه هئا، جيڏانهن نڪرندا هئا ته رڻ ٻاري ڇڏيندا هئا. سمي سردار جو نالو ”تارو“ هو، انهيءَ ڪري سڄي ٽوليءَ کي ”متارا“ سڏيندا هئا. متارا جنهن پاسي منهن ڪندا هئا ته راڄ، ڳوٺ ۽ شهر سندن ڏهڪاءُ کان خالي ٿي ويندا هئا. هو اڪثر ڦرلٽ ڪندا. ڌن دولت سميٽيندا، اڇين ڪڇين هڪڙي هڌان ٿي ٻئي پاسي وڃي نڪرندا هئا..... پر اهي متارا.... موکيءَ جي مڪان ۾ گنگي گانءِ وانگر گگدام ٿيو ويٺا هئا....

ميخاني واري محفل متل هئي ته موکيءَ، سڦوران جي ٽوليءَ کي ڳائڻ لاءِ اشارو ڪيو، ٽوليءَ جي راڳ، مجلس ۾ رونق پيدا ڪري ڇڏي. هر هڪ جهومڻ لڳو.... راڳ ڍرو ٿيو ته سونگل نچڻ شروع ڪيو.... سونگل جي ناچ، ناچ جي آواز ۽ آواز جي سرتار ته سڳئي وقت سري جي وٽين جي وارو وار..... سڀني ميخوارن کي مخمور ۽ مدهوش ڪري ڇڏيو. اهو سارو وقت موکي سمي سردار کي ڏسندي رهي. موکي سوچيندي رهي، موکيءَ جي دل موکيءَ کي ۽ موکي دل کي سمجهائيندي رهي..... هوڏانهن سمي جي حالت به ساڳئي هئي....

ناچ ختم ٿيو... ته سمي سردار پنهنجن ٻن ساٿين سومرن کي ڪو اشارو ڪيو، سومرن مجلس مان اٿي اٺن گهوڙن جي خرجينن وارا خزانا کڻي آڻي موکيءَ جي اڳيان رکيا. سمي سردار نهايت نهٺائيءَ سان چيو، ”اي گجر قبيلي جي سردر توهان جي مهماني ته اسان قبول ڪئي.... هاڻ اسين ته رڻ پٽن جا رولاڪ آهيون. تنهنڪري جتي اوهان اسان جي هيڏي عزت افزائي ڪري اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن، هتي جيڪي ڪجهه هن وقت اسان وٽ موجود آهي سو نذراني طور پاڻ وٽ رکو ۽ اسان جو به مان مٿاهون ڪريو.“

سڀني وٺي ”صدق صدق“ ۽ ”مرحبا مرحبا“ ڪئي. موکيءَ جي مڪان ۾ هرڪو ماڻهو محفل جي رنگ رلين ۾ مصروف هو، پر جيڪڏهن ڪو بي چين ۽ بيقرار هو ته هڪڙو هو سمون سردار ۽ ٻي هئي موکي. موکيءَ جي دل ڪيترائي ڀيرا ڇڪي کاڌي، هن جي دل هن کي هر هر متاري ڏانهن ڏسڻ لاءِ مجبور پئي ڪيو، هن چاهيو ٿي ته مردانو لباس ڇڏي، وڃي سردار جي قدمن ۾ پوان، ته ساڳئي وقت سندن دل دليل ڊوڙائڻ لڳي... خبر ناهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. بيوقوف ته ڪانه آهيان، عورت جو عقل ڏائيءَ کڙيءَ ۾ چئبو آهي... سمون سردار.... پنهنجي ٽولي جو مهندار ئي ته آهي.... نه نه..... هو نڪي سردار آهي ۽ نه وري ڪو مهندار...  هڪ ڌاڙيل آهي. ڪٿي هڪ ڌاڙيل ۽ ڪٿي هڪ موکي.... کوڙوئي ڪين ٿو لڳي...ها ها..... هو برابر هڪ چور آهي. هن منهنجي دل چورائي..... ڀلا ..... هو ور ور ڪري مون ڏانهن ڇو ٿو نهاري.... ڇو، ڇو آءٌ پاڻ بي حيا ٿي، کيس هر هر پيئي ڏسان.... هاءِ هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي، خدا ڪري..... خدا ڪري، اڄوڪي رات اتي بيهي رهي.... سمون سردار سدائين منهنجي سامهون ائين ئي ويٺو رهي... ۽ائين ئي مون ڏانهن ڏسندو رهي. خبر ناهي..... هو ته هڪ ڇڙواڳ جوڌو جوان آهي. جيڪڏهن هو شادي شدهه آهي ته پوءِ منهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو..... آءٌ برباد ٿي ويس. آءٌ بدبخت آهيان. منهنجي ماءُ مون کي مرندي مرندي جنم ڏنو.... ماٿيلي جي محل مان نڪتيس ته ڪاڪ تي بيشمار ڪوپا ڪسجي ويا، مومل ڏاگهه چڙهي.... مينڌرو جلي رکي ٿي ويو.... سومل منهن واهه ڪري دربدر ٿي. خود منهنجي ماءُ.... منهنجي ڪري دربدر خاڪ بسر ٿي آهي. آءٌ نڀاڳي آهيان. نڀاڳ کي وري ڪي سڱ ٿيندا آهن؟

’راڻي جي گود ورتل شهزادي..... سونن هندورن ۾ لڏڻ واري لاڏلي.... ۽ ڌاڙيل لاءِ چري! چري؟ هو ته پاڻ کي سمون سردار ٿو سڏائي.... تون... تون ته هڪ ٻانهيءَ ۽ نوڪرياڻيءَ جي لاوارث ڌيءُ آهين. حيف آهي تنهنجي حقيقت تي. لعنت آهي تنهنجي زندگيءَ تي.... ڪوهان ڪوهه دنيا کان پري.... برپٽن ۾ مڪان ٺاهي... لئيءَ مان لٺ ڀڃي سردار ٿي آهين.... لعنت آهي تنهنجي وجود تي..... سمي هردار جي شادي ٿيل هجي ته.... هن جي شادي ٿيل هوندي ته زهر کائي مري ويندس. قربان ٿي ويندس.... عشق ۽ محبت ۾ اها قرباني تڇ آهي......‘

آڌي رات لڙي چڪي هئي، متارن جي مهمانيءَ جو ٻيو دؤر شروع ٿيو، مزمانن کي سري ۾ سوڪ ٿيل گوشت پيش ڪيو ويو..... راڳ جي ٻي محفل شروع ٿي ويئي. مجلس ۾ هڪ ٻي جان به هئي جيڪا پريشان ۽ سرگردان هئي. اها هئي موکيءَ جي جيجل ماءُ، ناتر.... ناتر بظاهر ته شريڪ محفل هئي.... ناتر جيڪا تيرنهن تالي هئي، ناتر جيڪا شاطر هئي، اها ناتر جنهن ڪاڪ ۾ ڪِيس ڪيا... اها ناتر جنهن دنيا جون لاهيون چاڙهيون ڏٺيون هيون.... تنهن سمي سردار کي پنهنجي جگر جي ٽڪري تي پنهنجي ئي گهر ۾ ڌاڙو هڻندي ڏٺو.... ڌاڙو هڻندي ڪين ڏٺو پر ان کي چوريءَ ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيو هو. قبيلي وارا موکيءَ کي نڀاڳي ڪري سمجهندا هئا.... پر ناتر موکيءَ کي چوکي ۽ سڀاڳي ڪري ڪوٺيندي هئي. موکي نه ڄمي ها ته ناتر جو مانُ هڪ تڪي جو به نه هجي ها. ناتر جون ست پيڙهيون محلن ۾ ڇاڻيندي ٻهاريندي ختم ٿيون هيون.

ناتر موکيءَ کي هڪڙي ڌاڙيل جي پٺيان ڪيئن ٿي لڳائي سگهي..... موکيءَ جيئن سمي سردار اڏنهن پئي نهاريو تيئن ناتر جک پئي کاڌا..... پر ڇا ڪري.... قبيلي جي رواج مطابق گهر آيل مهمان جي هوءَ ڪيئن بي عزتي ڪري، تنهن کان سواءِ هو ”متارو“ ڌاڙيل ناتر جي آنڊن ۾ هٿ وڌا هئا. ناتر بکايل اڪ جي ماکي ڪانه هئي...... ڌاڙيل ناتر جي آنڊن ۾ هٿ وڌا هئا. ناتر بکايل شينهڻ وانگر ڇتي ٿي پيئي هئي. هن جي مرضي هئي ته.... متاري کي چيري ڦاڙي ڪچو کائي وڃان. ناتر جيتوڻيڪ هن وقت پوڙهي هئي، پو موکيءَ کي، پنهنجيءَ ڌيءُ کي غلط رستي تي هلندو ڏسي، هن کي مومل ياد آئي. مومل کي ياد ڪندي ئي ناتر جا لڱ ڪانڊارجي ويا.... پر موکيءَ کي مرداني لباس ۾ ڏسي هن کي وڏو آٿت آيو. ناتر پاڻ سکي سمجهائڻ لڳي. ”موکي، موکي ته منهنجي ڌيءَ آهي. ناتر جي ڌيءُ پاڻ کي ڪيئن ٻوهي ۾ وجهندي. موکي جنهن پنهنجي ماءُ، جيڪا ناتر آهي ناتر، ناتر سان گڏجي هن بيشمار شهزورن کي شهه ڏئي مات ڪري ڇڏيو هو، سا ڪيئن ٿي پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻي.....! نه نه..... مون کي يقين آهي ته اهي متارا موکيءَ جي وار کان پاڻ کي بچائي ڪين سگهندا.... بيوقوف..... جتي ٺوڳي هجن، اتي لوڀي بک نه مرن.ڳوهه کي کٽي کڻندي آهي ته شڪارين جا گهر ڳوليندي آهي.... مون کي پڪ آهي هو شڪار ٿي ويندا. متارا ٿا سڏائين پاڻ کي. موکي، تو ته پهرينءَ رات ۽ پهرينءَ ئي ملاقات ۾ متارن کان سموري دولت ڦري ورتي. وڏا آيا آهن نذرانو پيش ڪرڻ! هيءَ ته اڃا پهرين ٽڪي آهي، ٻي به ڏيندو الله..... ناتر دل ئي دل ۾ اٺسٺا ڪرڻ پاڻ کي پرڀايو.... ۽ پرچايو.

رات جو ٽيو پهر ختم ٿيڻ تي هو، محفل جو ٻيو دؤر ٿورو سرد ٿيڻ تي هو ته موکيءَ متاري ڏانهن منهن ڪري چيو، ”سمان سردار، هاڻي مجلس جو ٽيون ۽ وڌيڪ دلچسپ دؤر شروع ٿيندو.“

”واهه..... واهه.... موج ٿي ويئي. توهان جي ذوق ۽ شوق جي ڪهڙي ساراهه ڪجي، ههڙا بندوبست ته محلن ۾ ٿيندا آهن. سوچيان پيو.... توهان جا هي احسان ڪيئين لاهي سگهدناسين. دل ٿي چوي ته هيءَ رات ۽ هي رنگينيون سدائين رهن..... تاقيامت رهن......“ متاري جون اکيون ڪلاڪ جي سان ڪڪورجي ويون هيون. هن جون اکيون ٽانڊن وانگر چمڪي رهيون هيون.... اوچتو موکيءَ جي ڪڪڙن دس هنيا.....

سمون سردار ٽپ ڏيئي اٿيو، سردار اٿيو ته هن جا ساٿي به سنوان ٿي اٿيا، سردار چيو، ”دوستو، مهرباني..... هاڻي موڪلاڻي ڪانهي، اسان جي اسهڻ جو وت ٿي ويو آهي. اجازت ڏيو ته جڳي رمندا رهن.“ موکيءَ چيو ”جيڪي وڃان وڃان ڪن سي رهي رهندا ڪيترو.... پر مهرباني ڪري هڪ ٻه ساعت ترسو..... جيڪر ويهو.... ته محفل جو آخري جام آڻيون.“

”اوهان جي هجت اسان لاءِ حڪم جي برابر آهي، پر ميڙو متل ڇڏجي......اسين هاڻي هڪ پلڪ به وڌيڪ ترسي نٿا سگهون.“ ائين چئي متارا ميدان خالي ڪري مڪان کان ٻاهر نڪتا.

موکي اڃا به مرداني لباس ۾ هئي، موکي به خاص حلقي سان متارن کي الوداع ڪرڻ لاءِ آئي.... ڇوڻ لڳي، ”سردار ڀيرو نه ڀڃجو. موکيءَ جي مڪان کي نه وسارجو. وري ڪڏهن ديدار ٿيندا.....؟ واعدو ڪريو...... وري ڪڏهن ايندا.“

سردار تعجب مان وراڻيو، ”سردار..... موکيءَ جو مڪان وري ڪهڙي بلا آهي.“

”هيءُ غريب خانو! نه نه هي ته گجر سردار جو دولت خانو آهي. ڪيئن سچ آهي نه؟ پر سردار اها موکي ڪير آهي؟“

فضا ڀنل هئي، آسمان ستارن سان جڙيل هو، موکي متاري جي سوال جو ڪهرو جواب ڏئي. اسمان يت پوئين پهر جي اڇ وڌڻ لڳي. متارن جا گهوڙا سنجيا هڻڪارون ڪري رهيا هئا، موکيءَ متاري ڏانهن نهاري ڪنڌ جهڪائي چيو ”سردار.... موکي اسان مان ئي آهي پر... پر وري ڇا..... سردار ڇا اسان کي ايرو به پڇڻ جو حق ڪونهي.... موکي منجهندي منجهندي جواب ڏنو. سردار.... اوهان کي شايد..... اوهان کي اندازو ئي ڪونهي...... توهان جو..... نه نه معزز مهمان جو اسان تي..... ڪيڏو حق آهي.“...... واقعي.... واقعي سرڪار..... ائين چئي اٺئي پار گهوڙن تي سوار يٿا، موکيءَ وڌي وڃي متاري واري گهوڙي جي واڳ کي جهليو ۽ پڇيو..... ”اي سردار، ڀلا اوهين، وري ڪڏهين منهن ڏيکاريندا..... اي.... دوست.... اوهين ڪٿي ٿا رهو؟

متاري لغام کي تاڻيندي ٽهڪ ڏيندي..... چيو.... ”معزز ميزبان.... ميلو ۽ ملاقات قسمت جي اختيار آهي. مصلحت انهيءَ ۾ آهي ته اوهين وڌيڪ اتاولا نه ٿيو. اسين رهون ڪٿي ٿا، هينئر ۽ هن وقت ته تنهنجي اڳيان بيٺا آهيون. اسان جي دنيا ئي نياري آهي. اسين ڪٿي به ڪونه ٿا رهون، جوڳين جي ڪا جوءِ ٿيندي آهي؟ اڄ هتي ته سڀاڻي هُتي....“ ائين چئي، متاري گهوڙي کي اڙي هنئي، ته اٺن جوانن جي اٺن، گهوڙن، جي ”ڪڙپٽ ڪرپٽ“ جو آواز يڪساهي آسمان ڏانهن بلند  ٿيو.... زمين دهلجي ويئي. موکيءَ سرد آهه ڀري، اُتي ئي مٿي تان مولهاٽو لاهي زمين تي ڦٽو ڪري وٺي مڪان ڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ دروازو بند ڪري ڦان ٿي ڪري پئي.

رات کٽي، باک ڦٽي، پرڀات موڪلايو ۽ صبح صادق ظاهر ٿيو... رات جي تات قبيلي جي سڀني انسانن کي ٿڪائي ڇڏيو هو، سڀئي.... نشي ۽ خمار ۾ سرشار هئا، جيڪو جتي هو سو اتي ئي ڊهي... سمهي رهيو. موکيءَ جي مڪان تي چپ چپات جو قبضو هو، سورج شاخون ڪڍيون. آسپاس جي ڪائنات، ڪر موڙي سجاڳ ٿي، ڏينهنجو هڪڙو پهر چڙهيو ۽ ٻيو پهر لٿو. پر مڪان جا اوجاڳيل انسان اڃا موڳا ٿيل هئا. سچ پچ ته ننڊوري ننڊ موت جي ڀيڻ آهي. سڀني کان پهريائين ناتر سجاڳ ٿي. سجاڳ ٿيڻ سان ئي ناتر کي نامعلوم ڊپ ۽ خوف وڪوڙي ويو. هن کي اهو انديسو ٿيو ته متان متارا، ڪٿ موکيءَ کي وري موٽي کڻي نه ويا هجن. ناتر چوڪيدار وانگر مڪان جا چڪر هنيا. هر ڪا شيءِ پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي موود هئي. سڀڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هو. پر موکيءَ جي ڪوٺيءَ جو دروازو بند هو، ناتر وڌي دروازي تي زور لاتو. موکيءَ جي ڪمري جو دروازو ڪو اندران بند هو. ناتر دروازو ڪو اندران بند هو. ناتر دروازي جي ڪڙي کي پهرين هوريان ۽ پوءِ ڏاڍي کڙڪايو. هن موکيءَ کي سڏ ڪيا، ناتر کي ڪوبه جواب نه مليو، البت گهر جا سڀئي ڀاتي اکيون مهٽي اٿيا ۽ انهن مان ڦري گهري ڪيترائي ناتر وٽ آيا ۽ منجهيل منجهيل ڏسي، کائنس سوالن تي سوال ڪرڻ لڳا. دروازي تي وري زور آزمائي ڪئي ويئي، نتيجو ڪجهه به ڪين نڪتو، نيٺ هڪڙي ڄڻي ڇت جي دريءَ مان ٽپو ڏيئي اندران وڃي دروازو کوليو.

موکي اندر موجود هئي. پر هن جو ابتر حال هو، هوءَ بيهوش هئي، هن جا وار ڇڙوڇڙ هئا. هن جي جسم تي پيل زنانو جامون ليڙون ليڙون ٿيل هو، هنڌ بسترو ڇا جو؟ هوءَ اونڌيءَ منجيءَ تي ابتي ليٽيل هئي، ناتر.... ديوانن وانگر ”موکي، موکي، موکي“ ڪري روئڻ ۽ پٽڻ لڳي. هڪڙي چڻي موکيءَ کي سبتو ڪري مٿس چادر وڌي، ٻئي ڪنهن هن جي هٿن پيرن جون تريون مهٽيون، قبيلي جي ڏاهي ويڄ، موکيءَ جي نبض ڏٺي.... عطر گلاب جو ڌوپ جلايو ويو. چميگويون شروع ٿي ويون. هر ڪنهن پنهنجو خيال ظاهر ڪيو چي، ”موکيءَ تي پرين جو سايو پيو آهي. موکيءَ کي ڪو صدمو رسيو آهي. موکيءَ سان ڪنهن ڊوهه ڪيو آهي. نه نه هن کي حساب ٿيو آهي، متارن موکيءَ سان کريب ڪيو آهي. ڏنڀ ڏيوس ته هوش ۽ سرت ۾ اچي.“ مطلب ته جيترا منهن اوتريون ڳالهيون..... ناتر بيزار ٿيندي، سڀني کي دڙڪا ڏيئي، ٻاهر هڪالي ڪڍيو. باقي وڃي ويڄ ۽ ناتر بچيا. ناتر ويڄ جي پيرن تي ڪري پئي ۽ چوڻ لڳي.... مهرباني ڪري مون کي جلدي ٻڌاءِ ته منهنجي لاڏليءَ سان ڪهڙي ماجرا آهي! هن کي ڇا ٿي ويو آهي.... ناتر موکيءَ جي وات ۾ ماکيءَ جا قطرا وڌا ۽ پٽ تي ليٽي پيئي دانهون ڪري دعائون گهرڻ لڳي، ته ويڄ ناتر کي چيو، ”ڏس ڏس، موکيءَ اکيون کوليون آهن. خدا جو شڪر آهي، موکياڻي مهندارِ زندهه آهي. موکيءَ برابر اکيون کوليون هيون، ناتر موکيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي زندهه آهي. موکيءَ برابر اکيون کوليون هيون، ناتر موکيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيرائيدني چيو، ”منهنجي مٺري توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”منهنجي مٺڙي توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ تو سان ههڙو ڪلور ڪنهن ڪيو آهي؟ منهنجي موکي مون کي معاف ڪر.... رات منهنجيءَ دل توکي بد دعا ڏني هئي. آءٌ پنهنجي ڪاري زبان وڍي اڇلائي ٿي ڇڏيان. منهنجي ٻڇڙي، مون کي معاف ڪر..... آءٌ تنهنجي ماءُ آهيان. مون سان دل جو حال اور، ڇو ٿي وهلور وڃين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com