سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :17

موکيءَ اکيون ته کوليون هيون، هوءَ هوش ۾ ته آئي هئي، مگر پنهنجي ماءُ ڏانهن اهڙيءَ خالي خالي نگاهه سان هاري رهي هئي، ڄڻ هوءَ ڪجهه ياد ڪري رهي هئي. هن جي چهري تي ڪوبه خوشيءَ ۽ رنج جو احساس ڪونه هو، شايد هوءَ بيمار هئي، شايد هوءَ ٿڪل هئي، شايد هن کي ڪجهه به ڪين ٿيو هو... ناتر کي اطمينان ٿيو، ٿوري عرصي کان پوءِ موکي پاسو ورائي، سامهون ڀت ڏانهن گهورڻ لڳي، ماڻس ويجهو آيس ته کيس ڏسي، مشڪي، کڻي اکيون پوريائين. ناتر کي هاڻي خاطري ٿي ته موکي هاڻي خطري کان ٻاهر آهي. ايتري ۾ موکي اکيون پوري سمهي رهي..... رات جو ناتر به ساڳئي ڪمري ۾ ستي.

ٻئي ڏينهن تي موکي معمول مطابق اٿي ويٺي ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ گهريائين، چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ موکي بلڪل تندرست ٿي ويئي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. هوءَ پنهنجي قيبلي جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف رهڻ لڳي. فرق رڳ اهو ٿيو، جو شروعات ۾ هو اڳئين وانگر مردانو لباس ڍڪي ٻاهر نڪري ويندي هئي. ۽ دير سان موٽندي هئي، يا ماڳهين پنهنجو زنانو وڳو ڍڪي، اڪيلي اڪيلي ويڳاڻي ويهي ڳائيندي هئي. هن جي ڳائڻ ۾ سوز هو.... هن جي اکين ۾ ڪنهن جو انتظار هو. ناتر پنهنجيءَ پر ۾ موکيءَ کي وندرائڻ ۽ خوش رکڻ جا ڏاڍا جتن ڪيا، پر خبر ناهي موکيءَ کي ڇا ٿي ويو آهي. جلدي قبيلي جي هرڪنهن ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويئي ته موکيءَ کي ”متاري“ جي جهوريءَ ئي جهوريو آهي. هن جي حالت ڏسي سڀني جي دلين ۾ همدردي پيدا ٿي، سڀئي متارن کي ڳولڻ لڳا. ۽ خبر ناهي هو متان لاءِ ڪيڏو دربدر ٿيا. پر خبر ناهي متارا ڪيڏانهن هليا ويا هئا، ڪٿي ٿي رهيا، ۽ ڇا ٿي ڪيائون.... هوڏانهن موکي هر روز ماري جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ وڌيڪ پريشان ۽ سرگردان رهڻ لڳي. موکيءَ کي ناتر باربار سمجهايو ۽ سيکاريو. پر موکيءَ کي انهن هدايتن تي ڪهڙي ضرورت هئي! وقت گذرڻ سان زخم ڀرجي ويندا آهن. دنيااريءَ جا واقعا، حادثا.... ۽ حقيقتون پنهنجو وجود مٽائي غائب ٿي وينديون آهن. پر موکيءَ ۽ ناتر جنهن هزارن ۽ بيشمار ماڻهن کي پڙهايو ۽ سيکايو هو، سي اڄ پاڻ پڇائينديون ۽ ڳولينديون ٿي رهيون. هفتا، مهينا ۽ سال گذري ويا. موکي روز رات جو..... انهيءَ رات کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ هنجون هاريندي هئي.

موکي مايوس ٿي، نااُميد ٿي وري به آسري ۽ اعتبار جي خوش فهمين ۾ مبتلا ٿي ويندي هئي. هن نئين سر وري پنهنجي مڪان کي وڌيڪ سڌاريو ۽ سنواريو. راڳ ۽ رقص جون محفلون.... ميخاني جا مت..... سوز ۽ ساز جا نغما.... موکيءَ جي مڪان ۾ وڏو انقلاب آيو... پر موکيءَ جي اندر جي آنڌ مانڌ..... هن جون معمولي خواهشون ۽ هن جون معصوم حسرتون....موکي محروميءَ جو اهڙو مدفن ۽ اهڙو مرڪز بنجي پيئي جتي ڄڻ ڪنهن عابد زاهد ۽ پارسا سئو سالن جي عبادت ڪئي هجي ۽ حقيقي معبود جي پرستش جي ذوق ۾ هزارين سجدا ڏنا هجن. رضا تي راضي، صابر ۽  شاڪر.... موکيءَ جو مان وڌي ويو.

پر ناتر.... هن دنيا جي ناتر، ناتر پنهنجي ڌيءَ کي ڏسي پاڻ کي هيچ ۽ ذليل سمجهڻ لڳي، هن جي ڌيءَ.... هن جي نه رهي هئي. ناتر کان اهو سڀڪجهه ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهيو.... پر هوءَ هڪ ماءُ ٿي.... ڪري، ڪري به ڇا ٿي سگهي...... وقت گذرندو رهيو. ماضي به ناتر کي نمائي ۽ بدلائي نه سگهيو، هوءَ ناتر..... اڃا به ڪجهه نه ڪجهه سوچي ويچاري ۽ رٿي رهي هئي. ڪي سال گذري ويا.... موکي زمين ڏانهن نهاريندي هئي ته ناتر آسمان کي تڪيندي هئي. نيٺ هڪ رات، هڪ موکيءَ جي مڪان تي متارا اچي وارد ٿيا.

متارا ڇا آيا. موکيءَ جي مڪان جو نقشو ئي ڦري ويو. محل جو بندوبست ٿيو، راڳ ۽ رقص جي مجلس شروع ٿي، ميخاني جا مٽ..... جام ۽ صراحيون ۽ پيمانا ٽڪرجڻ لڳا.... موکي پنهنجي اصلي عورت واري روپ ۾ هار سينگار ڪري اچي متاري جي اڳيان ويٺي، موکيءَ جي چهري تي ازلي حسن جلوي نما هو..... متارو..... اهو نظارو ڏسي.... حيران ٿي ويو.... هو خوابن جي دنيا ۾ هليو ويو،  جيئن موسيٰ طور جي تجليءَ جو تاب نه سگهي سگهيو هو، تيئن..... متارو به هوش و حوس وڃائي ويٺو، موکيءَ راز  و نياز سان ڳالهيون ڪري، کيس سهارو ڏنو..... ڪڪون جو دؤر شروع ٿيو، راڳ رقص پنهنجو رنگ ڄمايو.... اڄوڪي رات، گجر قبيلي جو هرهڪ انسان بي انتها خوش هو. ۽ متارا، جيڪي موکيءَ جي نئين روپ سان متعارف ٿيا هئا.... ۽ سندن سردار متارو ۽ موکيءَ جو مڪان.... شايد بهشت برين جو بهترين حصو زمين تي نازل ٿيو هو..... موکيءَ ۾ اڄ ڪائنات جو سارو سحر ۽ قدرت جي سموري سونهن سوڀيا، نزاڪت ۽ نفاست سمايل هئي، اچوڪي محفل جا نغما ۽ ساز.... بي خوديءَ جو جادو ۽ طلسم هئا.... موکي ۽ متاري ڀريءَ محفل ۾ ظاهر ظهور ڪي فيصلا ڪري ورتا..... نگاهن نگاهن۾ دلين جا سودا ٿيا. سري جي وٽين ۽ وٽين جي وار ڦير... عقل ۽ خرد کي رخصت ڏيئي دنيادارن ڏانهن روانو ڪيو. هرهڪ انساني جزبات کان بي نياز ٿي ويو هو. محفل جو لحظو لحظو ۽ هرهڪ ساعت... هر ڪنهن کي، نئين ۽ نرالي آگاهيءَ سان روشانس ٿي ڪرايو. هر هڪ فرد... ان وقت... ازل جو رازدان هو. گمان ۽ شڪ جا انديشا.... سچ ۽ حق جا پيغامبر بنجي آيا. حاضرين وجود جا فاصلا ختم ڪري عالم امڪان جي منزل تي پهتا. وقت ۽ زمانو، زماني جي رفتار ۽ دنيا جي گردش حيرت ۾ گرفتار ٿي، انسانن جو مشاهدو ڪرڻ لڳي. هستيءَ ۽ هئڻ جي حقيقت بي معنيٰ ٿي ويئي... شايد... گجر قبيلي ۽ متارن جي هيءَ گڏيل مجلس خواب و خيال هئي.

رات جو ٽيون پهر ٿيڻ وارو هو. ناتر متارن وٽ....ناتر... مهمان وٽ، هڪ بلوري صحرحي ۽ شيشي جا ساغر کڻي آئي. هن ڀري ڀري، متارن کي پُر پالا پيش ڪيا. جنهن جام ٿي چاڙهيون تنهن هڪڙي ڳيت ٿي ڏني... ۽ وري ٻئي جام جي ٿي تقاضا ڪئي... جيئن جيئن متارن تي نشا چڙهيا... تيئن تيئن... هو سرور ۽ ڪيف ۾ ٿي ڪڪوريا. سازن جا نغما پوري عروج تي هئا. ته موکيءَ ناتر کي چيو ”امان هڪڙو پيالو مون کي به ڏي ته پنهنجي هٿن سان متاري کي پياريان. پيالو موکي جي هٿن ۾ آيو پيالي واري منڌ ڇلڪي رهي هئي...ته متارو گھيراٽجي ڪري پيو. موکي پيالي واري چسڪي پاڻ چاڙهي متاري جو لڙڪيل ڪنڌ پنهنجي جوٽ تي رکي ۽ هوا هڻي هوشيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ناتر پوئتي هٽي، وري اڳتي وڌي...متاري...جا ٻيا دوست به وٺجي ويا... هر هڪ بولاٽي کائي جو جتي هو سو تتي وٽ کائيندي ڪري پيو... موکي... ناتر ڏانهن نهاريو... ناتر سڀني کي قاتل زهر پياريو هو. موکي ڏائڻ وانگر... نانگڻ نهاريو.... ناتر سڀني کي قاتل زهر پياريو هو. مکي ڏائڻ وانگر... نانگڻ ونگر... سرڪندي موکيءَ وٽ آئي... ميزبان جو خمار ۽ ڪڪوهه جي ڪڪور اکين اڳيان ٿيل حادثي ڪري... افور ٿي ويا... خوشي ۽ شادمانو... ماتم سراءِ ٿي ويو. هر ڪنهن کي ڏندين آنڱريون اچي ويون... موکيءَ به گھيراٽجي... پيچ تاب کائيندي... متاري جي لاش کي چهٽندي، بيوسيءَ جي عالم ۾ ”امان، امان.... متارا.... ۽ امان امان جي آخري آواز ڪڍيو....

ناتر موکيءَ جي ويجهو اچي ساڳئي قاتل زهر واري صراحي پنهنجي وات ۾ ليٽائي.... موکي.... منهنجي مٺڙي موکي.... ترس ته آءٌ توسان گڏ هلان ٿي.... ناتر موکيءَ جي پيرن ۾ ڪري پساهه پورا ڪيا... ۽ موکي... مون کي ته اڳ ۾ ئي.... عالم ارواح ۾ پهچي چڪي هئي... موکيءَ جي مڪان ۾ سردار ۽ سندس ست ئي يار.... اٺين موکيءَ ۽ نائين ناتر.... نون ڄڻن جا لاش بي ڪفن.... پيا رهيا.... گجر قبيلي جي باقي انسانن ڏاڍي ضبط ۽ تحمل سان موکيءَ جي مڪان واري دامن ۾ نون ئي ڄڻن کي دفن ڪيو ۽ پوءِ پاڻ مڪان کي خالي ڪري ٻيءَ منزل جي تلاش ۾ نڪتا.

متارا موکي ۽ ناتر.... صديون گذري ويون هن سرزمين جي گود مان نڪتا ۽ وري اتي ئي واپس موٽي آيا. هن ڪائنات جو ذرو ذرو فاني ۽ بي بقا آهي.... بقا ۽ فنا جو سلسلو.... ڪن فيڪون جي صدا.... ازل کان ابد تائين جاري ۽ ساري رهندي. هڪڙا پيا وڃن ته ٻيا اچيو انهن جي جاءِ والارين ۽ زندگي.... زندگيءَ جو ميلو... ۽ حياتيءَ جو هل هنگامو سدائين جاودان، متل ۽ موجود رهندو... تنهن کان پوءِ انسان جو عشق.... عشق جيڪو ازل کان اسان سڀني کي عنايت ٿيو آهي.... اسان وٽ امانت طور هميشه محفوظ رهندو..... وقت، حالات ۽ دنيا جا ٻيا حادثا اسان جي هن مقدس ورثي کي ڌرتيءَ کان الڳ ۽ جدا ڪري نٿا سگهن.... جاندار واقعي جر تي ڦوٽي مثال آهن.... پر زندگيءَ جو ميلو.... جِيوتَ ۽ جيوَت جو سَحَرُ لاڳيتو لڳو رهندو قائم ۽ دائم رهندو.... حق موجود.... سدا موجود!!

گلو باشا

 

گلو بادشاهه ڪو وڏو ماڻهو ڪونه هو، هو هڪ رواجي ۽ پوڙهو پٽيوالو هو. پر ٻين عام رواجي پٽيوالن کان هو بلڪل نرالو هو. هن جو اصل نالو ته گل محمد هو پر ماڻهو هن کي گلڻ، گلو يا گلو باشا ڪري سڏيندا هئا. ڪير به سڏ ڪندو هوس ته زور سان چوندو هو ”حاضر سائين، اجهو آيو.“ ۽ پوءِ هو ادب سان سراپا سوال بنجي اچي سامهون بيهندو هو. ڪم رڳو ٻڌايوس، ٻڌي سمجهي ۽ پوءِ گولي ٿي ويندو هو. نٽائڻ، لهرائڻ يا دير ڪرڻ ته هو سکيو ئي ڪونه هو. ڪوبه ڪم نه نڪري شل، هو زور ڪري پاڻهي ئي پاڻهي اچي همراهي ڪندو هو. پارٽي، محفل ۽ مجلس ڪا ٿيندي هئي ته سڄو ابر پنهنجي ڪلهن تي کڻندو هو. حاضر جواب ۽ چرچائي به ڏاڍو هو. هو جتي به هوندو هو اتي منڊيل مچايو ويٺو هوندو. واندڪائيءَ ۾ وٽس چار ماڻهو ويٺائي ويٺا هوندا هئا. پوءِ ڪڏهين وٽس چانهن جو دؤر ته ڪڏهن وري ٿاڌل جي گهوٽ گهوٽان، ته ساڳئي وقت يڪتاري ۽ دلي سان ڪن تي هٿ رکي ’الوڙي ميان‘ چئي بيتن، واين ۽ ڪافين جي ڌم لڳائي ڇڏيندو هو. پور پوندو هوس ته پنهنجا بيت ۽ پنهنجون ڪافيون ٺاهي پوءِ هر ڪنهن کي زورءَ پيو ٻڌائيندو هو. هو ڪو سٺو شاعر ته ڪونه هو ۽ نڪي وري ڪو آواز ئي مٺو هوس، پر هو جنهن جوش ۽ جذبي وچان ڳائي مست ٿي ويندو هو، سو جيڪو به ٻڌندو هو سو به مست ٿي ويندو هو.

ڪابه موڪل ٿيندي هئي ته گلو شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ ڏانهن هليو ويندو هو. هو گهڻو ڪري پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ئي ويندو هو يا ڪنهن يار دوست وٽان ٿي، موٽندو هو. هو موٽندو هو ته اتان ڪانه ڪا موسم جي شيءِ کڻي اچي ورهائيندو هو. ڪڏهن هو ٻير آڻيندو هو ته ڪڏهن هو مڪائيءَ جا سنگ، ڪڻڪ جا آڀُون، ليسوڙا، گيدوڙا، ڇپڙ، گدرا، ڇانهيون، ونگا، پيرون ۽ کنڀيون ۽ انب آڻيندو هو. مطلب ته گلو ٻاهر وڃي ۽ خالي هٿين موٽي اچي، سا ڳالهه هن لاءِ ڄڻ ته اڻ ٿيڻي هئي، تنهنڪري گلو جڏهن به موڪل تي ويندو هو، ته ڪيترائي هن جي موٽڻ جو انتظار ڪندا هئا.

گلوءَ جو انتظار رڳو وڏا ڪونه ڪندا هئا، پر هو جتي جتي رهندو هو يا ٺلهو ويهندو هو، ته اتي جا ننڍڙا ٻار ته هن لاءِ جنسي چريا هوندا هئا. هن کي پري کان ڏسي خوشِيءَ وچان چوندا هئا، ”گلو باشا اچي پيو، گلو باشا اچي ويو.“ ۽ پوءِ تاڙيون وڄائي، هن جو استقبال ڪندا هئا. گلوبه ٻارن تان اور گهور پيو ٿيندو هو. اول ته گلوءَ وٽ جيڪي به ٻار هئا. گلو به ٻارن تان اور گهور پيو ٿيندو هو. اول ته گلوءَ وٽ جيڪي به ٻار ايندا هئا سي هوندا هئا غريبن جا ٻار، تنهنڪري اهي اڪثر اڌ اگهاڙا ۽ ميرا گدلا هوند اهئا، گلو پنهنجي پٽڪي جي پلاند سان هنن مان ڪن جا نڪ ۽ منهن صاف ڪندو هو. ۽ اڪثر هنن کي کٽمٺا، ڀڳڙا يا کاڄا وڍي ڏيندو هو، ته ڪن کي ڪڇ تي کڻي گهمائيندو هو يا ڪلهي تي ويهاري عجيب غريب ٻوليون ڪري وندرائيندو ۽ کلائيندو هو. ڪي اهڙا به ٻار هوندا هئا جي گلوءَ کي ’بابا بابا‘ ڪري وٽس سمهي رهندا هئا ۽ پوءِ ٻارن جا مائٽ پريشان ٿي، ڳولي ڳولي، گلوءَ وٽ پهچندا هئا، ته وري ڪي عورتون ٻارن جون مائرون به پنهنجي ننڍڙن جي آر ڪري گلوءَ جو آڌرڀاءُ ڪنديون هيون. قدرت جي اها بي رحمي هئي، جو گلوءَ جي زال جوانيءَ ۾ مري ويئي ۽ هن کي پنهنجو ڪوبه اولاد ڪونه هو ۽ نڪي وري ڪي ٻيا ويجها مٽ مائٽ هئس، پر گلوءَ ان جو ڪڏهن به ڪو ارمان ظاهر ڪونه ڪيو. هو زندگيءَ جون ٿڌيون ڪوسيون سهي پڪو ٿي ويو هو. گلوءَ هر هنڌ پنهنجا يار دوست ايترا ته پيدا ڪري ڇڏيا هئا، جو هن کي اڪيلائي ته محسوس ئي ڪانه ٿيندي هئي.

شل نه گلوءَ جو ڪو دوست ۽ واقفڪار، بيمار ٿئي. بيمار کان وڌيڪ سک گلوءَ جي ڦٽي پوندو هو. بيمار جي ٽهل ٽڪور دوا درمل کان ويندي کاڌي پيتي تائين بندوبست ڪرڻ ڄڻ گلوءَ جو فرض هوندو هو. راتيون جاڳي پيرن ڀر بيٺو هوندو هو. گلوءَ جا دوست ڪي امير ماڻهو ڪونه هوندا هئا، اهي هن جهڙائي غريب هوندا هئا. ٻاهران ڪو سندس مهمان اچي سهي، هو ان جي پنهنجي حال سارو ڏاڍي آجيان ڪندو هو. هٿ جو به ڇوٽ هو. ضرورت وقت ٻين کي سؤ يا پنجاهه اڌارا به ڏيئي ڇڏيندو هو. هو اڌارا ته ڏيئي ڇڏيندو هو پر هو هيڪر ڏئي پوءِ پچاريندو به ڪين هو. ظاهر آهي ته هن دؤر ۾ جتي گُهرجائو گهڻا آهن اتي ڪيترائي گلوءَ جا قرضي هئا. گلوءَ جا دوست چوندا هئا ته گلوءَ جا ڪيترائي پئسا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به کائي ويا آهن. پر گلو پاڻ، جي اهڙي ڳالهه نڪرندي به هئي، ته چوندو هو ته ”ادا منهنجا آهن حق حلال جا پئسا ۽ مايا آهي هٿ جو مير، جيڪو ٻين جي آئيءَ ويل ۾ مدد نٿو ڪري سو سچ پچ ته انسان ناهي. هوندي تي هونگار آهي. جن وٽ هوندا آهن، جن وٽ هوندا آهن سي ته مون کي گهر ويٺي پهچائي ويندا آهن، باقي جن وٽ ڪجهه هوندو ئي ڪونه تن تي ڪهڙي ميار؟“

گلو ڳالهين جو ڳهير هو، ته ساڳئي وقت ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هوندو هو. چرچي ڀوڳ ۽ ڳجهارتن ۾ ته ڪنهن کي وٺ ڪونه ڏيندو هو. جتي گلوهوندو هو، اتي محفل متل هوندي هئي. الله سائينءَ جتي هڪ غريب گلوءَ کي ايڏين خوبين سان نوازيو هو، اتي قدرت جي ستم ظريفي چئبي، جو گلوءَ ۾ هڪ وڏو عيب پڻ موجود هو. هونءَ ته هرڪو انسان عيبن هاڻو آهي پر ساڳئي وقت ته انسان جي قدر ۽ قيمت جو ڪاٿو به ڪير ڪري؟ گلو ته سارو سون هو، منجهس جي عيب هو ته صورت جو- ڄائي ڄم کان هن جو مٿيون چپ ٻن هنڌان چيريل هو. انهن چيرن مان هن جا وڏا وڏا ڏند پڌرا پيا ڏسبا هئا. هن جي شڪل هيڪر ته ڊيڄاريندڙ پئي لڳندي هئي. بس انهيءَ عيب کان سواءِ هن جو ٻيو سڄو سارو جسم عام انسانن جهڙو ئي هو. سهڻا ته ٽوهه به پيا آهن. ظاهري سهڻي صورت ۾ ته شيطان به آسانيءَ سان روپ سروپ جي چادر اوڍي فرشتو ٿيو پيو هلندو آهي. اهڙي سونهن ۽ صورت کان گلو بنهه وانجهيل هو. پر هو سيرت جو اهڙو ئي تونگر هو. هو هر هنڌ ماڻهن جي وچ ۾ ويهڻ وارو هو. هن جي هر هنڌ آڌر ڀاءُ ٿيندو هو. البت دنيا ۾ پنج ئي آڱريون برابر ڪينهن، ڪي ڪي نيچ ۽ بيوقوف انسان هن کي ’چپو چپو‘ به ڪري ڪوٺيندا هئا. چپو چوڻ واري کي به گلو کلي، ڪونه ڪو ٺهه پهه جواب ڏيئي، هن جي مرلي بند ڪري ڇڏيندو هو. ڪيڏيءَ مهل ڪي گستاخ دوست گلوءَ جي قميص پٺيان ٽاچني يا ڪانٽي سان ڪپڙي جي ريڙ اٽڪائي، پڇ ٺاهي، تماشو ڪندا هئا. پر جڏهن گلوءَ کي اها خبر پوندي هئي ته هو کلي ڪنهن نه ڪنهن ڏانهن نهاري ميڇ ڏيئي چوندو هو. ”اک ۾ آهين اک ۾“ ۽ پوءِ ته گلوءَ جي بدران ڪو ٻيو تماشو ٿي پوندو هو.

هڪڙي دفعي جو واقعو آهي. اونهاري جي موسم هئي. رات جو ڪچهري متل هئي ته مجلس ۾ هڪَ نام ڪٺئي شيديءَ کي، کڻي ٿي کٽي، جو اچي گلوءَ سان چرچن ۾ دوبدو ٿيو. واري وٽي شروع ٿي ويئي.تئي کان به بنهه ڪارو، نڪ منو ۽ ڊول بلاڙو ٿيندي، گلوءَ کي وٺ ئي نه ڏي. ڪافي وقت گذري ويو. کلي کلي سڀئي کيرا ٿي پيا. گلو به هرون ڀرون ڪو ويل ڪين هو؛ رکي رکي اهڙي ٿي هنيائين، جو سوناري جا سؤ ڌڪ ۽ بس لوهار جو هڪڙو ئي گنج. شيديءَ کي کڻي ٿي کٽي سو ڪيائين گلوءَ جي چپن تي چرچو. انهيءَ تي گلوءَ وراڻيس، ”ڏاڏا، آءٌ ته تنهجي قوم ۾ رڳو هڪڙو اتفاق سان کريل نڪتس پر تنهنجو ته سڄو سارو نسل، ڇو ٻُوٿ سڄايو ۽ منهن تي رنگ هنيو پيو هلي......“ پوءِ ته ٽهڪڙن جا هوڪرا پئجي ويا، سڀئي کل ۾ وٺجي ويا ۽ هو شيدي پاڻ به کل ۾ ٻڏي ويو ۽ جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن هٿ ٻڌي چوڻ لڳو، ”گلو باشا، گلو باشا، بيشڪ تون استاد آهين.“

هڪڙي ڏينهن گلوءَ کي آفيس مان هڪ ليٽر مليو. اهو ليٽر سول سرجن کي ڏيکاري، گلوءَ کي فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو هو. گلوءَ کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن چوڻ لڳو آءٌ ماڳهين نوڪري ٿو ڇڏيان. اهڙي نوڪري گهوري جا سٿڻ لهرائي. گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ نيٺ همراهه دل ٻڌي وڃي ڊاڪٽر جي اڳيان پيش پيو. ۽ ٻئي ڏينهن تي فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺي آيو. هو سرٽيفڪيٽ ته وٺي آيو پر گلوءَ جا دوست گلوءَ کي ورائي ويا. آخر هن پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ چيائين، ”ڊاڪٽر مون کي برابر چيو هو ته اندر هل، مون چيو مانس سائين معاف ڪريو. مون کي اتي ئي ڏسو. پر جڏهن مون کي چيائين ته جلدي ڪر ڪپڙا لاهه تڏهن هٿ ٻڌي چيو مانس سائين آءٌ غريب ڪليٽري جي ڪرسي تي ڪونه وهندس. آءٌ ته پٽيوالو آهيان. عمر ۾ تنهنجي پيءُ جيڏو هوندس. پيءُ جيڏي سان اهڙي جٺ توکي ڪيئن ٿي جڳائي، پوءِ ته ڊاڪٽر کلي پيو، ۽ چيائين بيشڪ مڙس مانجهي ٿو ڏسجين!“ سو گلو فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ اعتبار ڪريو نه ڪريو وٺي ائين آيو.

ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي. گلو هونءَ هو ته، دودستو ڄٽ، پر هن جهڙو ايماندار ۽ فرض شناس ماڻهو ڳوليو نه لنڀدو، آفيس ۾ نائڪ جي جاءِ خالي ٿي ته صاحب گهرايس ۽ پڇيائينس ”گلو، نائڪي ڪندين؟“ ”جيڪا سائينءَ جن جي مرضي!“ گلوءَ جواب ڏنو، پر وري اتي جو اتي چيائين، ”سائين آءٌ جتي آهيان اتي ٺيڪ آهيان. باقي رهيو ڪم سو هڪل ڪري ڏس.“ ”گلو، تون هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهين،“ صاحب همدرديءَ وچان چيو. ”هائو سائين سڀڪا ڳالهه وهيءَ ۽ عمر سان آهي. اڄ به ڪنهن سان ملهن جي جوڙي ڪرائي ڏسو.“ خبر ناهي صاحب کي ڪهڙو ريچڪ آيو سو ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن اشارو ڪري پڇيائين، ”گلو هينئر گهڻا لڳا آهن.“ ”سائين هينئر ته سڀئي لڳي ويا آهن.“ ”سو وري ڪيئن“ صاحب وري پڇيس. ”سائين اهو هيئن آهي، جو آءٌ ته رڳو سال ڳڻي سگهندو آهيان. حقيقت اها آهي ته وقت کي اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ڏسي نه سگهيو آهي. فيشن خاطر هرڪو کڻيو ٻانهن ۾ واچ ٻڌي. آءٌ ته پٽيوالو آهيان. مون کي وقت جي ڪهڙي ضرورت!“ خبر ناهي صاحب ڪيترو وقت، گلوءَ جا گفتا ٻڌندو رهيو، پر پڇاڙيءَ ۾ صاحب کيس ٻڌايو ته ”گلو ايندڙ مهيني کان توکي نائڪ جو پگهار ملندو.“

چئن پنجن ڏينهن کان دستور جي برعڪس گلو پريشان پريشان نظر اچڻ لڳو. پڇڻ تي گلوءَ ٿڌو شوڪارو ڀري ٻڌايو، ”سائين، منهنجو هڪڙو پاڙيسري دوست بيمار آهي. بيماري سيماري ته هر ڪنهن کي ٿئي ٿي. هن کي به مهينا ٿي ويا آهن. کٽ تي سمهي سمهي ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. هاڻي ته کاڌو به کائي نٿو سگهي. غريب جو ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. مزوري ڪندو هو. جيڪا ميڙي چونڊي هيس سا ته ڪڏهوڪي خلاص ٿي وئي اٿس. بروقت ته مون کي خبر ئي ڪانه پئي. ۽ هاڻي ته ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جون دوائون پياريون اٿومانس پر ڪو فرق ئي ڪونهي. توبهه توبهه، خدا جا ڳجهه خدا پاڻ ڄاڻي. ويچارو غذابن ۾ آهي. مون کان ته هاڻي ڏٺو به نٿو ٿئي. آءٌ ته منجهي پيو آهيان. سائين اوهان کي ڪو سٺو ڊاڪٽر سجهي؟ ثواب ٿيندوَ. مون ته پنهنجي وسان گهتايو ڪونهي.....“ ”گلو، ڀلا فلاڻو ڊاڪٽر ٻڌو اٿئي؟“ ”هائو سائين، هائو، انهيءَ به ڏهه ڏينهن دوا ڏني. يارنهين ڏينهن چيائين ته ”گلو هاڻي تنهنجي دوست کي دوا جي نه پر دعا جي ضرورت آهي! سو سائينءَ جو ٿو ٻڌايان ته پاڙي جي سڀني معصومن کي کارايو اٿم، فقيرن کي خيرات به ڏني اٿم. سچي ساڳئي ڊاڪٽر ٻي صلاح به ڏني هئي ته هن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايان. هو به غريب ۽ آءٌ به مڙس مولائي. ڇا ڪريان. هتي گهر ۾ آهي ته ڳالهه سولي آهي. اسپتال ۾ ويندو ته اکين کان پري هليو ويندو. خير آءٌ ته روز رات جو نماز پڙهي هن لاءِ دعا گهرندو آهيان. هو دانا بينا آهي ضرور ٻڌندو، هو ضرور ڏسندو.“

اڄ جمعي جو ڏينهن هو. گلو نوان ڪپڙا پائي ٽاٽ ٿي آيو هو. اڃا اڌ ڪلاڪ ئي ڪونه گذريو هوندو، جو گلو مون کان موڪل وٺڻ آيو. مون چرچو ڪندي کانئس پڇيو هو، ”گلو ڪنهن سان انجامي آهين ڇا؟“ مرڪي ٻڌاڻ لڳو، ”سائين، اُهو زمانو ۽ اهڙو دؤر ته گذري ويو.“ هاڻي ته رات جو روز ذڪر ڪندو آهيان.“ سائين آءٌ وڃان ٿو، او، هُن ڳوٺ واري حڪيم وٽ. لاثاني طبيب آهي. نه رڳو ايترو پر هو نهايت پرهيزگار ۽ خدا پرست پهتل درويش پڻ آهي. انهيءَ کان هن ويچاري مڙهي، پاڙيسريءَ لاءِ دوا وٺندس- سائين مهرباني ڪري موڪل ڏيو. متان گاڏي ڇٽي نه وڃي. سائين پري ڪونه ٿو وڃان، ٽن چئن ڪلاڪن ۾ موٽي ايندس.“

انهيءَ رات دستور موجب آءٌ پنهنجي گهر ستو پيو هوس، ته ڪملهو دروازي کي ڪنهن زور زور سان کڙڪايو. اکيون مهٽي اٿي دروازو کوليم. سامهون هڪ شخص زاروقطار روئي رهيو هو. هو گلوءَ جو دوست هو. آءٌ دهلجي ويس. نيٺ دل جهلي پڇيو مانس، ”هيڏيءَ مهل ۽ هت! خير ته آهي، روئين ڇو ٿو؟“ منهنجو ايترو چوڻ هو، هو وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ پوءِ جڏهين ڪجهه ڍرو ٿيو ته سڏڪا ڀريندي چيائين:...... سائين گلو باشا، گلو باشا..... ڳاڙهو گهوٽ ٿيو ويٺو آهي..... هلو ته هلي هار پايونس..... توهان کي سڏي پيو...... سائين گلوءَ اسان کان موڪلايو به ڪونه...... سائين گلو..... گلو مري ويو آهي.....“

منهنجي پيرن هيٺان ڄڻ زمين کسڪي وئي. صبح جو ته هو مون کان موڪلائي ڳوٺ ويو هو. چي ”پاڙيسري حڪيم کان دوا آڻيندس.“ گلوءَ جي شڪل بار بار منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. مون جيئن گهران اٿي در کوليو هو، تيئن ئي هن دوست سان گلوءَ جي گهر ڏانهن ويس. غريبن جي محلي ۾ گلوءَ جي ڪوٺڙيءَ اڳيان غريبن جو انبوهه گڏ ٿيل هو، هر ڪنهن جون اکيون آليون هيون، ننڍا وڏا، زالين مڙسين سڀئي روئي رهيا هئا. آءٌ دير سان پهتو هوس. تنهنڪري پڇاڙيءَ جو کانئس موڪلائي به ڪين سگهيس. گلو پنهنجي بيمار پاڙيسريءَ لاءِ ڳوٺ جي حڪيم کان دوا وٺڻ ويو هو. ڀاڙو به پنهنجي کيسي مان ڪڍيو هئائين. گلو غلطيءَ وچان ميل گاڏيءَ ۾ چڙهيو هو. اها اسٽيشن ننڍي هئي. اها ميل گاڏي اتي بيهڻي ڪانه هئي. انهيءَ ڏانهن نيرن به ڪانه ڪئي هئائين. چيو هئائين ته ”اجهو ٿو ٻي گاڏيءَ ۾ موٽي اچان.“ خير، گلوءَ جا ڪي ڏينهن پورا ٿي آيا هئا. هو جيئن هلندڙ ميل گاڏيءَ مان ڳوٺ واريءَ اسٽيشن تي لٿو، تيئن خبر ناهي ڪيئن ان جي هيٺان اچي بلڪل قيمون ٿي ويو. اتفاق سان هن جي منهن وارو چيريل چپن وارو حصو بچي پيو هو، نه ته هوند هو سڃاپي به ڪين سگهجي ها.

بربٽ ۽ بهشت

 

اسين ٽيئي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي کان واپس حيدرآباد موٽي رهيا هئاسين. موٽر، دوست جي هئي. هن ڊرائيور کي ڏاڍيون پارتون ڪيون. ڊرائيور مشڪندي چيو، ”سائين رکو الله تي... موٽر نئين ۽ ٺيڪ ٺاڪ آهي، ٽانڪي ڀريل آهي، دعا ڪجو.

دراصل وڃڻ انهيءَ ڪري ٿيو هو، جو هڪ دل گهرئي دوست دعوت ڏني هئي. هن دوست پنهنجي دستوري مهمان نوازيءَ جا حق بجا آندا. کاڌو پيتو. وندر، ڪچهريون، راڳ روپ..... پر اسين ٽيئي شهر جا ماڻهو، پوئتي جي ڇڪ ۽ دنيا ادريءَ جا ڪم ڪار، لاچار ٽي راتيون مزا ڪري. چوٿين ڏينهن دوست کان موڪلائي، وري اچڻ جو واعدو ڪري، کيس خدا حافظ چئي، اچي موٽر ۾ ويٺاسين.

هو وڏي ڀروسي سان اچي اسٽيئرنگ تي ويٺو ۽ الله توهار ڪري گاڏي هلائڻ شروع ڪيائين. هو اڳيان اڪليو هو ۽ اسين ٽيئي دوست، اڪبر، اختر ۽ آءٌ پٺيان هئاسين. اختر وچ ۾ هو. ۽ آءٌ اڪبر پاسن کان هئاسون. اختر ته ڪتابن جو ڪيڙوآهي، سو ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو. اڪبر آرٽسٽ جو ٿيو، سو دريءَ کان ٻهراڙيءَ جي نظام ڏسڻ ۾ غرق هو ۽ آءٌ.... خالي ذهن هوا، ويران ۽ جابلو علائقو.... موٽر واقعي تيز هلي رهي هئي.

اڪبر پٺئين پاسي واري شيشي مان پٺتي نهاري رهيو هو. اختر کان رهيو نه ٿيو. هن چيو ته، ”اڪبر ڇاکي پيو تڪين.“

اڪبر سڌو ٿيندي ۽ اکيون پوريندي چيو، ”هن بربٽ ۾ اهو ٻٻرن وارو جهڳٽو، هيٺان ڇانولي ۾ بَرين ٻڪرين جو ولر ۽ پريان جلبن جي قطار ۽ مٿان صاف نيرو آسمان......

فلسفاني انداز ۾ اختر چيو، ”واهه واهه.... قدرت ڪيڏي نه فياض آهي، برپٽن ۾ به منگل لڳا پيا آهن. رڳو ڏسڻ لاءِ اکيون هجن......“ موٽر الائجي بيٺي هئي يا هلي پئي. البت رستو نهايت ئي تيزيءَ سان ويڙهجي رهيو هو. مون وري سئيءَ ڏانهن ڏٺو..... هن دفعي رفتا واري سئي اسي ۽ نوي جي انگن تي لڏي رهي هئي. مون اختر ڏانهن ڏٺو. هو ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هو ۽ اڪبر ڀر واريءَ دريءَ جي شيشي مان شايد جبلن جي قطار جو مشاهدو ڪري رهو هو. موٽر رستي جي ورن وڪڙن تان وڄ وانگر وراڪا ڏيندي اڳتي ڪاهيندي پئي وئي، ته....... ته اوچتو وڏو ٺڪاءُ ٿيو. بريڪ جو چرڙاٽ ٿيو، موٽر به اڃا بيٺي مس ته ممونءَ چيو، ”سائين ٽائر ڦاٽي پيو آهي. ڊرائيور هيٺ لٿو، اسين به هراسجي ٻاهر نڪتاسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com