سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :24

اٽڪل هفتي کان پوءِ ٻن پهرن جو منهنجي ڪمري جو دروازو کليو، منهنجي نظرن جي طاقت گم ٿي ويئي، هوءَ منهنجي ويجهو الاجي ڪٿان اچي ويئي هئي! هوءَ منهنجي ڪمري ۾ ڪيئن آئي! پر عجب ته اهو آهي ته اوچتو ائين هڪٻئي جي سامهون ملڻ سان اسان مان ڪير جهجهڪيو ڪونه، جيئن ٻه نوان انسان ڇرڪندا آهن. ڄڻ ته اسان جي هيءَ اوچتي ملاقات هڪ رواجي ڳالهه هئي، مون کيس چيو ”ويهو“ ۽ هوءَ لاپرواهه منهنجي سامهون آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي. هن جي هٿن ۾ نيرو لفافو هو، جنهن تي هن جون آڱريون غيرارادي طور راند ڪري رهيون هيون. منٽ کان پوءِ منهنجي ڪنن ۾ ان جو مٺو آواز آيو. آواز ۾ مٺاس هئي. مون کي اعتبار ئي نه اچي ته اهو آواز ويهه سال پوڙهو هو. ”تڪليف نه ٿئي ته هي خط پڙهي ڏيو!“ هن لفافو وڌائي مون کي چيو. هن جون آڱريون آهستي ڏڪي رهيون هيون..... منهنجي آڱرين کان گهٽ. مون خاموش خط ورتو. خط انگريزيءَ ۾ هو، پهرين ته مون سمجهيو ته اهو خط ڪنهن جهوني پراڻي وسريل يادگار جو آئنو هوندو يا ڪنهن نئين شڪاريءَ جي آهه زاري هوندي، پر خط جي شروعاتي اکرن منهنجي خيال تي بجلي ڪيرائي..... ان جو مطلب..... اهو هو....

”منهنجي پياري امي!..... تنهنجو پيارو خط اڄ مليو، سپاهيءَ جي حياتيءَ جي ڪائي قيمت ڪانهي. پر پنهنجي پياريءَ ماءُ جي خط کي ڏسي شايد اهڙو ڪو جانباز سپاهي نه هجي جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٿوريءَ دير واسطي پنهنجي جان عزيز نه ٿئي. خبر اٿم ته تون هڪ رنڊي آهين ۽ آءٌ تنهنجو بدنصيب پٽ.... انهي ڪري هن وڏي ويڪريءَ دنيا ۾ توکي مون جهڙو ذليل و خوار پٽ ڪونه مليو هوندو، پر پنهنجي هر ڪنهن خط پڙهڻ کان پوءِ ۽ خبر ناهي ڇو منهنجي دل ائين ٿي چوي ته منهنجي امي معصوم پاڪ حور آهي، ۽ آءٌ دنيا جي سڀني کان قسمت وارو انسان!.... مون کي خبر آهي ته منهنجو ڪوبه پيءُ ڪونهي ۽ جي آهي به ته اهو جهڙو تهڙو نه آهي. پر امي جنهن کي تو جهڙي ماءُ ملي. انهي کي توکان سواءِ ٻيو گهرجي ڇا... خطن جا جواب تون انگريزيءَ ۾ لکائين ٿي... اهو بهتر آهي، هتي ڪنهن کي خبر ڪانهي، آءٌ ڪير آهيان. تنهن کان سواءِ انگريزي پڙهڻ وارو انگريزي کان سواءِ اسان جي فوج ۾ ڪوئي ڪونهي.... چڱو موڪلاڻي.... هينئر کان ئي جواب جو انتظار شروع ڪيو اٿم. ’تنهنجو فريد.‘

آءٌ ڪنڌ جهڪائي کيس خط جو جواب سمجهائي رهيو هوس، پڇاڙيءَ جو ڪنڌ کڻي، مٿي ڏسان ته هوءَ روئي رهي هئي. مون محسوس ڪيو ته منهنجو ڪمرو خوفناڪ رفتار سان ڦري رهيو هو. خاموشي هيبتناڪ هئي. ڳالهائڻ جي بهاني سان مون چيو.... ’فريد.... تنهنجو!‘.... ”هائو“ هن روئڻ بند ڪري چيو ۽ وري ترسي چوڻ لڳي، ”تڪليف نه ٿئي ته هن خط جو جواب انگريزي ۾ لکي ڏيو“ مون لکڻ شروع ڪيو هو لکائيندي رهي.... پنهنجي پٽ جي ياد.... ماءُ جي محبت.... ملڻ جو شوق....انهن چند ڳالهين کي هوءَ وري وري ڦيرائيندي لکائيندي رهي، مون سمجهيو ته هن جي مامتا بلڪل زبردست هئي، هڪ رنڊي هوندي به هو گهري ۽ پاڪ محبت ۾ غرق هئي، جا شايد فرشتن ۾ به نه هجي. هن ڳالهه منهنجي زندگيءَ ۾ انقلاب پيدا ڪيو ۽ اهڙو حيرت انگيز انقلاب، جهڙو آءٌ گناهگار نوجوان کان ڦري اخلاق جو صاحب پروفسر ٿي ويو هوس. هر آچر تي هوءَ مون کان پنهنجي پٽ جو هڪ خط پڙهائڻ ۽ لکائڻ ايندي هئي، آچر جي ڏينهن صبح کان انتظار ڪرڻ لڳندو هوس ويندي ٻن پهرن تائين. وري ڪيترائي ڀيرا ان جي ماڙيءَ جي دروازي کي ڏسي اٿي اٿي وري اچي ويهندو  هوس، هزار ڀيرا ارادا ڪيم ته هن کان سڀڪجهه پڇان.... ان رات جي انهيءَ حيرت ناڪ ناچ جو سب پڇان وغيره. انهن اسرارن کي بي نقاب ڪرڻ جي واسطي هن جي غير حاضريءَ ۾ ڏاڍو منتظر رهندو هوس. پر جڏهن هوءَ ايندي هئي تڏهن شرم ۽ حياءَ جي ڀت وچ ۾ اچي ويندي هئي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي يقين ٿي ويو هو ته هن کي مون سان محبت ڪانه هئي ۽ نڪا ڪا هوءَ پاڳل عورت هئي. پر انهيءَ جي باوجود منهنجي دل نامعلوم بار جي هيٺيان دٻجي پئي وئي. ڪيتري ۽ ڪهڙي نه عجيب هئي هن جي هستي!.... هوءَ جنهن محبت ۽ گناهه جي رانديڪن سان راند ڪري ڪري پنهنجي جواني ۽ حسن جا پاڪيزه جزا ڪچلي ڇڏيا هئا، اها اڄ پنهنجي پت واسطي هڪ لاطمع فقير جي حياتي گذاري رهي هئي.... اُهو پٽ، جو هن جي گناهه جو يادگار هو، جنهن جي هستي هن جي واسطي دائمي شرم ۽ زلت کان گهٽ نه هئي.....!

ڇا، هُن جا عادت جي ههڙي پاڪيزگي ان جي لائق نه هئي ته ساريءَ دنيا جو اخلاق ۽ پرهيزگاري هن جي قدمن تي قربان ڪجي؟ ڇا، سماج جي ”پاڪ ۽ معزز عورت“ ماءُ ٿي، ان کان زياده ڪجهه ڪري ڏيکاير سگهي ٿي؟.... پر انهيءَ انڌن اصولن جي جيئڻ واري سماج وٽ اکيون آهن ئي ڪٿي، جو گناهن جي اونداهيءَ کان پري اُڏامندڙ چڻنگ کي ڏسي سگهي.

مون کي چوڻ ۾ ذرو به شڪ ڪونهي ته هن سان هڻ مون کي همدردي ٿي ويئي هئي. جنهن جو مطلب مون کي خود معلوم نه ٿي ٿيو. هن جا مون ڪيترا خط پڙهيا، ۽ جواب به لکيم. ظاهري طرح ٻيو ڪجهه نه هجڻ جي به هوءَ خط ٻڌي روئي پوندي هئي. منهنجي دل ڏڪي اٿندي هئي. جوابين لکڻ ۾ به هن جي خيالن کان سواءِ آءٌ پنهنجو اظهار ڪندو هوس. ڇا ”هوءَ“ ۽ ”آءٌ“ ٻئي گڏجي ”هڪ“ ٿي رهيا هئاسون؟ هن جي سادگي ڏسي آءٌ ديوانو ٿي ويندو هوس، ۽ دل چوندي ئي ته هوءَ ڪجهه چوي ۽ ڪجهه آءٌ کيس ٻڌايان.... اهڙيءَ طرح گڏجي هڪ اهڙي ڪهاڻي ٻين کي ٻڌايون، جا دنيا جي سماج کي ٺڪرائي ڇڏي. پر اُف... هن جي بي نيازي ۽ خاموشي!.... منهنجا لفظ چپن تي اچي اچي رڪجي ٿي ويا ۽ هوءَ منهنجي واسطي اهڙي هئي جهڙو هڪ پٿر. ڇا، هوءَ مون کان بدلو وٺي رهي هئي؟.... ڇا اهو بدلو آهي، جو هو چوويهه سال اڳ جو کيس مون سمجهيو ٿي سو ڪوڙ هو.... اهي خيال ڪري دل چوندي هئي ته ڊوڙي هُن جي پيرن ۾ وڃي ڪران ۽ پنهنجي لڙڪن جي طوفان سان ويهن سالن وارا پردا ٽوڙي ڇڏيان. ها پر هن جي بي نيازي، خودداري ۽ اڻ ڄاڻائي زياده ٿيندي ويئي. هن منهنجي سامهون روئڻ به ڇڏي ڏنو..... خط تمام ننڍا لکائڻ لڳي. اهڙا ننڍا، جو اسان جون هفتيوار ملاقاتون بلڪل مختصر ٿينديون هيون. هيءَ اها نشتر هئي جا مون کي بيقرار ڪري رهي هئي. هوءَ جيترو دور ٿيندي وئي آءٌ اوتر دربدر ٿيندو ويس. دنيا ۽ دنيا وارن کان بي خوف ٿي، آءٌ هُن کي پوڄڻ لڳس. رڳو انهيءَ خون کان ته متان ڪٿي هوءَ پري ٿيندي ٿيندي گم ٿي ويئي ته منهنجا سجدا هن منافق دنيا ۾ ڪهڙي ڪم جا ٿيندا! پر جڏهن آءٌ هن تبديليءَ ڪري ديوانو ٿي چڪو هوس، ته هن منهنجا هٿ اڇلائي، پنهنجو دامن ڇڏائي، ڇڏيو! ٻه هفتا ٿي ويا ته هوءَ خط لکائڻ نه آئي. ڪيترا ڀيرا آءٌ هُن جي در تي وڃي، موٽي آيس. هن جو ڪمرو خالي ۽ بند هو..... ڪمري جو سارو سامان ائين جو ائين رکيو هو. شيشن مان مون جهاتي پائي ڏ‎ٺو ته اهو غاليچو به اتي پيو هو. جتي هُن کي مون هڪ رات نچندي ڏٺو، پر هوءَ اتي نه هئي ۽ اندر وڃڻ جو به ڪو رستو ڪونه هو... هاءِ.... منهنجي بيتابي!.... اوهين شايد سمجهي نه سگهو..... نازڪ ريشمي ڪپڙي کي ڪنڊن تي وجهي ڇڏيو وڃي.... اهڙو ئي حال هو منهنجي دل جو. جذبات ۽ خيالن منهنجي زندگيءَ ۾ طوفان مچائي ڏنو ۽ آءٌ بيمار ٿي خبر ناهي ڪيترا ڏينهن بستري تي پيو رهيس.

۽ پوءِ اهو صبح!..... اُف..... منهنجو موت به ان کي وساري نه سگهندو! هي ٽيون هفتو بيماريءَ جي ڪمزوريءَ کان پوءِ مون پهريون دفعو اکيون کوليون. منهنجي نظر وهاڻي جي ويجهو رکيل لفافي تي وڃي پيئي..... اهو ئي نيري رنگ جو لفافو.... اهو ئي لفافي جو نفيس ڪاغذ!.... مون ان کي کوليو ۽ جو پڙهيم..... ان کي اوهين به پڙهي ڏسو..... ”پروفيسر!.... تنهنجي نالي جي اڳيان سٺو لفظ لکڻ چاهيم ٿي مگر لکي نه سگهيس. سچ ته مون وٽ اهڙو نئون لفظ باقي رهيو ئي ڪونهي. مو پنهنجا خوبصورت لفظ انهيءَ رات تنهنجي واسطي استعمال ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن پاڻ ٻنهي جاڳندي هڪڙو سهڻو خواب ڏٺو هو، اُهو خواب گناهن سان ڀرپور هو پر ان جو تعمبير ڪهڙو نه  پاڪ هو. پر توکي ٻڌايان ته ٻڌائي نه سگهان ۽ جي ٻڌايان ته شايد توکي ان تي اعتبار به نه اچي.... سمجهين ٿو ته آءٌ ڇا چئي رهيو آهيان؟ ٻڌ! تو مون کي عورت مان ’ماءُ‘ بنايو ۽ هٿان منهنجي پٽ جهڙي بي بها معصوم هستي قوم جي گنهگار هٿن ۾ سونپي!.... آه تنهنجو احساس غير فاني آه!.... تنهنجي عنايت سان منهنجو روح قيامت تائين رتو رهندو.... ۽ تنهنجي اها مهرباني، جو هڪڙيءَ ٺڪرايل ڇوڪريءَ کي پنهنجي علم جو فيض ڏنو... ها مون وٽ اهڙو ڪوبه لفظ ڪونهي، جو تنهنجي نالي جي اڳيان لکي، پنهنجي احسانمنديءَ جو اظهار ڪريان.... ڪاش آءٌ ان جي قابل ٿيان ها ته تون مون کي احساس فراموش نه سمجهين ها! توکي خبر ناهي ته آءٌ انهيءَ يادگار کي پاڻ وٽ رکي نه سگهيس.... اهو زردي داستان آهي!.... آءٌ توکي نه ٻڌايان ته ڇا ڪريان.... ها توکي خبر ناهي ته منهنجو پٽ آخر ڇو مون کان رسي ويو. تنهن فلسفي اخلاق ۽ مذهب.... تنهنجي سماج جي بي رحم اصول هو.... تنهنجي دنيا کي تباهه ڪندڙ پاڪيزگي يا پرهيزگاري.... انهن سڀني ملي منهنجي پٽ کي رنجائي ڇڏيو..... هو اهو سهي نه سگهيو ته دنيا هُن کي گناهه جو يادگار سمجهي نفرت جي نگاهن سان ڏسي. هن کان اهو برداشت نه ٿي سگهيو، جتي هر ڪو کيس ’رنڊيءَ جو پٽ‘ ڪري سڏي. سماج جا طعنا تُنڪا، حقارت، هن جي معصوم دل لاچاري کان ٻڏندي رهي، ڏسندي رهي، پر ڪيستائين؟.... هڪ ڏينهن هجو پنهنجي ذليل ماءُ کي اڪيلو ڇڏي دنيا ۾ گم ٿي ويو ۽ پنهنجي پويان هڪ چٺي ڇڏي ويو هو ’امي! آءٌ وڃي رهيو آهيان اُتي جتي ڪنهن کي خبر ڪانه پوندي ته آءٌ هڪ گناهه جو زندهه نقش آهيان.‘ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين...... زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين..... مون پنهنجي لال کي نه ڏٺو.... موت کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ زمانو جهڙيءَ طرح من گذاريو ان جي ڀلا ٻين کي ڪهڙي خبر؟..... مصيبتون ۽ غم پهاڙ وانگر منهنجي روح تي ٽُٽي پيا ۽ آءٌ مجبور سهڪندي رهيس، رڳو انهيءَ اميد ۾ ته من منهنجو ٻچو پنهنجي دکايل ماءُ کي ڳوليندو، ڀلجي اچي نڪري!..... مون سڄيءَ دنيا جي خاڪ ڇاڻي ڇڏي، زمين جي ذري ذري تي پنهنجي گهايل مامتا سان کيس ڳوليم پر.... ناڪام!.... پر اميد وڃي ئي نه شايد.... متان.... اچي نڪري!.... انهي آسري مون کي جيئڻ سيکاريو ۽ جيئڻ جي ضرورت خود فريبيون سيکاريون.... نه ته ڀلا بنا آسري ڪو جي سگهي ٿو؟ تون مون کي پاگل سمجهندين، جو آءٌ سچي ڪريان ته اهي سڀ خط جي مون تو کان لکايا پڙهايا سي هٿرادو هئا. پاڻ کي ڌوڪي ڏيڻ سان هڪ غمزده کي ڪجهه آرام ملي ٿو. اهو ته تون به سمجهي سگهندين. هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ کان پنهنجي پٽ جي طرفان پنهنجي نالي تي خط لکائي وري کڻي توکان اچي پڙهائيندي هيس ۽ جواب لکائيندي هيس. شرسوعات ۾ ته آءٌ پاڻ کي ديوانو سمجهڻ لڳيس پر نيٺ هن خود فريبيءَ جي مزي ۾ ايترو ته ڦاسي پيس، جو من کي جيئڻ لاچار ٿي پيو ۽ سچ پچ آءُ ائين سمجهڻ لڳيس ته اها هڪڙي حقيقت هئي.... تون مشڪي رهيو آهين؟.... ٻڌ..... جڏهن رات ٿئي ٿي ته آءٌ پاڳل بنجي بي اختيار هار سينگار ڪري اڪيلو نچندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ياد ۾ سڄي رات به ختم ٿي ويندي هئي، ٻڌ ته سهي ته ون پنهنجي پاڳل پڻي  ۾ ڇا ڇا نه ڪيو.... ها انهيءَ ناچ وقت آءٌ اهو ئي لباس پائيندي هيس، جو ان رات منهنجي بت تي هو، جڏهن تو مون کي منهنجو پٽ ڏنو هو.... خبر آهي توکي ته مون کي منهنجي چريائپ مان ڪهڙي نه فرحت ٿي آئي... دل هلڪي ڪرڻ لاءِ شاعر شعر چوندو آهي... گويو ڳائيندو آهي... جي آءٌ ائين نه ڪريان ها ته آءٌ سچ به چري ٿي پوان ها، آخر دل جو دک ڪنهن کي ٻڌايان. هڪ رنڊيءَ حال جو حال ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ٿئي ها.... آءٌ ڪهڙي ريت دنيا وارن کي سمجهائي سگهان ها ته رنڊي به ’عورت‘ ئي آهي، جنهن جي سيني ۾ هڪ زناني دل آهي، جا گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ٻچي جي واسطي تڙپي سگهي ٿي. آءٌ ڪجهه چوان ها ته هو کلي چون ها ’ڏسو ذليل‘ مڪار.... شريف ماءُ ٿيڻ ٿي چاهي!‘ پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ٻڌايان ها ته هڪ رنڊي به ’ماءُ‘ ٿي مري ۽ جي سگهي ٿي.... انهيءَ صورت ۾ ڪنهن اڳيان آءٌ روئي روئي پنهنجي دل هلڪي ڪريان ها، ۽ جي آءٌ ڪجهه به نه ڪريان ها ته ڇا پنهنجي هٿن سان پاڻ ئي پنهنجي پٽڙي کي نه وڃايان ها؟.... پر آهه پروفيسر..... منهنجو هي سارو فريب مون کي زندهه رکي نه سگهيو. تنهنجي محبت به مون کي زندگي ڏيئي نه سگهي.... مون اڄ ڏينهن تائين توکي هڪ لفظ به نه چيو، رڳو ائين سمجهي ته هيءُ غم منهنجو غم هو ۽ انهيءَ غم کي مون کي اڪيلو ئي سهڻ کپي. تنهنجا احسان ڇا ٿورا هئا، جو توکي اجايو پنهنجي سور کان واقف ڪري، توکي سور ڏيان ها، پر اڄ جڏهن قدرت مون تي ترس کائڻ لاءِ مجبور ٿي آهي ۽ نمونيا جي خوفناڪ بيماري منهنجي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ واري آهي... ٻڌ توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌائينديس.... ياد رکجان ۽ ٻڌ.... آءٌ وڃي رهي آهيان..... جتي خدا جو راڄ آهي.... سماج جي غلامي ڪانهي.... هتي تون ۽ آءٌ هڪ هوندي به ٻه رهياسين ۽ منهنجو پٽڙو ٻنهي جي وچ ۾ گم ٿي ويو..... پر اتي پنهنجي ’چنڊ‘ جي ويجهو پاڻ ٻن تارن وانگر گڏوگڏ چمڪنداسين.... پاڻ ٻئي هميشه لاءِ..... خدا حافظ.... غم نصيب.....“

بجليءَ جي جهٽڪي وانگر آءٌ پنهنجي ڪمزور ٽنگن تي اٿي بيٺس. گهلبو، ان جي گهر ويس پر آه اتي ڪجهه به ڪونه هو.... ٻه ڏينهن ٿي ويا هئا، جو ماڻهو کيس دفن ڪري چڪا هئا. آءٌ موٽي آيس، منهنجي اکين اڳيان اونداهي ڇانئجي ويئي. مون نوڪر کان پڇيو جيئن ڪو ننڊ ۾ ڳالهائيندو آهي..... ”هيءُ خط ڪڏهن آيو هو؟“ ”ٽيون ڏينهن،“ نوڪر جو آواز آيو، ڄڻ ته ڪو ٻيءَ دنيا کان ڳالهائي رهيو هو.

رڪشا وارو

رڪشا وارن سان ٻه چار ڳالهيون.

لطيف آباد نمبر 2 ماڇي ڳوٺ ڪا ڪتنا لوگي؟

صاب صرف 15 روپيا. دوست مجهي شهر ڪي دوسري ڇيڙي په تو نهين جانا، يقين ڪرو مجهي ماڇي گوٺ هي جانا هي.

هان صاب پيٽرول پمپ، گدو حسين آباد، والي ڪا چڪر ڪتنا هوگا؟ ڀائي صاحب آءٌ هتي واس گارڊن، پير الاهي بخش گارڊن نه نه هاڻي راڻي باغ وٽ کان پيو توکان پڇان. آئون ته هميشه پنج روپيا ديتا تها پر هاڻي ست روپيا پاڻ خودبخود ديتا هون،

چلنا هي تو چلو. نهين صاب ميرا وقت ضايع نه ڪرو مين جاتا هون. پندرنهن روپيا سي ڪم نهي لونگا. تيل پئٽرول مهنگا هوگيا هي. آپ ڪو کبر نهين. ميرا وقت برباد نه ڪرو.

۽ هو رڪشا وارو وڌيڪ سوال جواب ڪرڻ کان سواءِ مون کي لاجواب ڪري پنهنجي رڪشا کي ڪاهي هليو ويو...........!

اها رات

رات هئي ۽ اونداهي رات..... اوڻٽيهينءَ رات جي ڪاراڻ پنهنجي پوريءَ پهچ سارو، ذري ذري کي اونداهو ڪيو هو. دنيا ننڊ جي آغوش ۾ بي پرواهه آرامي هئي. آسمان ڪڪرن سان ڇانيل هو. آءٌ ڪنهن جي وسريل يادگيريءَ کي سيني ۾ دل وانگر لڪايو...... اڪيلو شهر کان ٻاهر..... پري چشمي جي ڪنڌيءَ تي بيخبر ڪنهن جي خيالي پوڄا ۾ محو هوس. آبشارن جو آواز منهنجي دل کي بيچين ڪري رهيو هو.

جبل جي چوٽيءَ تان ڪو سريلي سر سان ڳائي رهيو هو. جهن جو مطلب ڪجهه هن ريت هو..... اي محبت جي شروعات!..... تنهنجي آرزو..... ڪيتري نه حسين ۽ دلڪش هئي..... مگر افسوس! ان جي پڇاڙي به جيتوڻيڪ خوشرُو هئي..... پر موت جو سياهه نقاب..... پهري.....

هيءُ محبت جو پيغام بلڪل معمولي پر پُرسوز هو. منهنجي ناسور تي نشتر لڳي وئي. دم گهٽجڻ لڳو..... آهستي سڏڪا لڙڪن ۾ لڙڪ خيالن ۾ ڦرڻ لڳا. گذريل ۽ وسريل زمانو محبت جو..... لحظي لحظي جي تصويرن سان دل خوش ڪندڙ رات..... اها رات..... جنهن جي يادگيري منهنجي حياتيءَ جي قيمتي خزانو هو.... ياد آئي.... سامهون آبشار جي ڪناري تي ويهي.... ڪنهن سان گڏ...... چاندوڪيءَ رات..... ۾ اڪيلا!.....پريت جي ريت ٻڏائڻ لاءِ..... منتظر..... بس نه ڪندا هئاسين..... چنڊ چمڪي چمڪي ڪائنات کي سونو ڪري ڇڏيندو هو..... پريتم جا وار...... سونا.... زمين به سوني.... آبشار به سونو..... پاڻي سونو.... وڻ ٽڻ به سونا..... هوا ۾ مستي ۽ خوشبوءِ.... آبشار جي آواز سان.....! اسان جون دليون..... گڏ ...... هڪ ئي وقت تڙپيون ٿي..... مکڙيون اسان جي محبت ڏسي مشڪيون ٿي. چنڊ شرمائجي گم ٿي ٿي ويو.... تارا اکيون پوري پٽي ۽ شڪي ٿيڻ لڳا.... سج بيتاب ٿي ليو پاتو..... پکيئڙن چهه چهه لائي ڏني..... ٿي.

مگر افسوس! هينئر به ساڳيون راتيون هيون.... اهي ئي وقت جا رنگين. نظارا..... مکڙيون..... گل ۽ آبشار.... پر دنيا بلجي چڪي هئي.... منهنجي لاءِ.... بلڪل بدلجي چڪي هئي... بي مزي.... بي روح ۽ بي خيال ٽُلڪي رهيو هوس..... دنيا ۾..... آءٌ..... زندگيءَ مان بيزار هوس..... آهه! آخر ڇو! هيڏيءَ وڏيءَ ۽ ويڪري دنيا ۾ هن جي لاءِ رهڻ گناهه سمجيهو ٿي ويو. ها گناهه سمجهيو ٿي ويو. بددل انسانن.... حريصن..... انهيءَ کي گناهه ٿي چيو... پاپ.... مها پاپ..... ڇو جو هوءَ منهنجي دل ۾ گهر ڪري چڪي هئي.... منهنجي ٿي چڪي هئي.... ۽ آءٌ ان جو.....

آءٌ ماضيءَ جي هلڪين مگر ڦٽل تصويرن جي نقش تي..... گذشته حالاتن تي غور ڪري رهيو هوس. اوچتو بادل ڦاٽو..... ۽ هڪڙو چمڪندڙ تارو مشڪندو مون ڏانهن وڌڻ لڳو...... ڇا هو منهنجي بي ڪسيءَ تي کلي رهيو هو.... نه..... پر هيءَ اهڙي مسڪراهٽ هئي ڄڻ هڪڙي وڇڙيل ساجن جي يادگيريءَ کان ڪنهن جي چپن تي آئي هجي......

ويران دنيا ۾ آسمان جي ڪنوار تجليءَ جي سنهڙي نقاب ۾ منهن ڇپايو..... اهي ئي نگاهون هن رنگين ستاري جي مٿان نچڻ لڳيون..... تارو آهستي..... مون ڏانهن وڌي رهيو هو...... هاڻي تمام ويجهو.... بلڪل ويجهو هو.... ايسين تائين جو منهنجي رڳ رڳ جمال جي تابش جي زير اثر ٿيڻ لڳي.... مون ان کي غور سان ڏٺو..... آءٌ! اها ساڳي..... هوبهو...... تصوير...... نه نه..... منهنجو ساجن هو....... سچ پچ....... آءٌ ته کيس خيال جي گود ۾ تصوير ٺاهي ويٺو هوس.....

سائين ايتري ننڊ..... نوڪر بڙ بڙ ڪري رهيو هو..... مون زور ڪري اکيون کوليون....... ڪڏهين کان صبح ٿي چڪو هو ۽ سج پڻ نڪري آيو هو.....

تون وساري ڇڏ

ڪماري!

آءٌ توکي ڪيئن وساريان.... وساڻ جو خيال ئي منهنجي دل کي لوڏيو ڇڏي... آءٌ ڏڪيو وڃان. ياس و حسرت گهيرو ڪيو وڃن. منهنجا حواس گم ٿيو وڃن.

منهنجو روح تڙپيو اٿي. مون کي ائين معلوم ٿو ٿئي ته منهنجي درد جو داستان..... الفت جو.... جو دنيا جي ٽڪري ٽڪري تي ڇانيل آهي. وري اهي خاموش اشارا..... پوشيده ملاقاتون...... راز و نياز جون ڳالهيون...... ياد اچي اچي گذريل زماني جون يادگيريون وري تازيون ڪن ٿيون ۽ آءٌ ”تنهنجي وسارڻ“ کي وساري ٿو ڇڏيان......

آءٌ تنهنجي وسارڻ جي ڪوشش به ڪيان ٿو. دام محبت کي ٽوڙيان ٿو. ليڪن ٽٽل ٽڪرا زنجير وانگر دل کي چهٽيو وڃن. منهنجي دل واري انهيءَ ٽٽل دام جي ٽڪرن ۾ اٽڪيو منجهيو بيهيو رهي.... ڪماري! تون ئي ٻڌاءِ ته هيءُ سڀڪجهه ڇو آهي؟

تو ته چئي ڏنو ”وساري ڇڏ“. مگر ڪماري.....! ذرا سوچ ته سهي، هن نادان دل کي ڪيئن سمجهايان؟ ڪهڙي نموني..... هن اندروني آزار کي ڪيئن لڪايان؟.... نيم بسمل کي تڙپڻ کان ڪيئن جهليان..... ڪماري!....... آءٌ اهو سوچي سوچي پاگل ٿي ويو آهيان.

مون هر ڪا ممڪن ڪوشش ڪئي.... تنهنجي وسارڻ واسطي چنڊ ۽ ارن سان آسمان تي اکيون اٽڪائي ڳالهيون ڪيم.... مو شراب پيئڻ شروع ڪيو..... هڪڙو پيالو خالي ڪري.... ٻيو ڀري چپن تائين آندم..... شراب ۾ تنهنجي تصوير ڇلڪڻ لڳي...... صاف........ ها تنهنجي تصوير....... توکي ياد آهي...... هڪ ڀيري تو منهنجي هٿن مان پيالو ڦري اڇلائي ڇڏيو هو. منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي مون کان انجام ورتو هو ته آءٌ ان کي وري هٿ به نه لائيندس..... آءٌ وري اچي اونهي اوڙاهه ۾ ڪريس..... منهنجي هٿ مان پيالو ڪري پيو...... ۽ ڀچي پرزا پرزا ٿي ويو....... ۽ ان سان گڏ منهنجي دل به.....

وري دل جو ساز وڳو...... سوز سَٽون ڏنيون... لڙڪن جا موتي اکين جي رستي کان ڪرڻ لڳا...... خبر ناهي مون اهڙا ڪيترا موتي..... ناياب گوهر تنهنجي خيالي قدمن تي قربان ڪيا آهن......

نه! نه! ڪماري...... آءٌ توکي وساري نٿو سگهان.... تون وساري ڇڏ...... مو کي ياد ڪرڻ ڏي..... منهنجو خزانو..... تنهنجي ياد کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي...... آءٌ ان کي نٿو وڃائي سگهان..... نٿو لٽائي سگهان..... اڻ کٽ خزانو...... اهو ئي منهنجو سڀڪجهه آهي.... زندگي ۽ آشا.....

لاش

آڪاش جي گود ۾ چنڊ جا ڦڪا ڪرڻا ويڙهجي اونداهي پکيڙي رهيا هئا.... زمين خوفناڪ اونداهيءَ جي خزاني سان ڀرپور هئي.... ۽ سامهون ڪنهن جي لاش جلي رهيو هو.....

ڪيڏيءَ ڪيڏي مهل بجليءَ جي چمڪاٽ سان ساريءَ دنيا دل کولي ٽهڪ ٿي ڏنا.... نديءَ ۾ غضب جو پاڻي هو.... طوفان هو.... هُنَ پارِ ميلن تائين پاڻيءَ پالوٽجي ڇَرون ٺاهيون هيون.... ۽ ننڍيون ننڍيون لهرون ڪنارن سان ٽڪرجي ٻارن وانگر روئي رهيون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com