سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روشني

باب: --

صفحو :5

تڏهن مون سندس ڪهاڻيون ”صنوبر ۽ چمي“ ويران راهن ۾ وکريل وجود“ ”وڇڙي ويل ڏينهن جا وڇوڙا“ ”خدا حافظ“ ”سج منهنجي هٿن ۾“ پڙهيون ته مون کي هن جي ڪهاڻين ۾ هڪ وڏو درد سمايل نظر آيو، سچ پچ ته ڪهاڻيون پڙهڻ جو شوق مون کي سليم چنا جي مٿين ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ ٿيو، سليم چنا جو طارق اشرف مرحوم تي لکيل مقالو ”راڻي جي راڄ ۾“ ۽ جيجي زرينه بلوچ تي لکيل ”نالي ڌڻي جي ٻيڙو تار منهنجو“ مقالو پڙهيم تڏهن خبر پيم ته سليم چنا مقالي لکڻ جو به ماهر آهي. جڏهن سال 1995ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”سج منهنجي هٿن ۾“ سامهون آيو ته سندس ڪيترين ئي ڳالهين جو پتو پيو ته سليم چنا انتهائي سينئر لکيڪ آهي. ۽ سنڌ جي نون توڙي پراڻن اديبن آڏو پنهنجو رچنائون پڙهي چڪوآهي. سنڌي ادبي سنگت جو ستر جي ڏهاڪي کان سرگرم ورڪر ۽ ليکڪ آهي. مختلف علمي، ادبي سماجي ڪم سر انجام ڏئي چڪو آهي.

مون کي حيرت ٿي ته پوءِ به سليم چنا اهڙو جو اهڙو ئي آهي! هن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. هو اڄ به ساڳي ئي نموني ادبي پروگرامن ۾ سماجي فنڪشنن ۾، علمي ميڙاڪن ۾ اهو ئي ماڻهن کي پاڻي پياريندڙ، ڪرسيون سيٽ ڪندڙ ۽ ورڪر ٿي هر اهو ڪم ڪندو رهي ٿو، جيڪو هن کي سونپيو وڃي ٿو، ادبي ميڙاڪن ۾ هو ڪڏهن شاعري ڪڏهن مقالو، ڪڏهن ڪهاڻي ته ڪڏهن ڪو مضمون به پڙهي ٿو ۽ ڪڏهن وري هو سماجي، علمي، ادبي، ميڙاڪن جي رپورٽنگ به ڪري ٿو.

تازو ڪينجهر جي پرچي ۾ آيل سندس ڪهاڻي ”ڳوليان ڳوليان ۾ ملان“ مون کي ڏاڍي وڻي آهي. ۽ ادبي دوست به انجي تعريف ڪن پيا، صوفي خيالن جو پوئلڳ هي شخص خوش نصيب آهي، جنهن وڏي جاکوڙ ڪري حيدرآباد مان هلي ڪري پيارو ڳوٺ اسٽيشن پريان ڳوٺ مرشد آباد ۾ وڃي صوفي فقير جانڻ چن کان پهريون انٽرويو ڪيو ۽ بعد ۾ فقير جانڻ چن جا ٻيا انٽرويو پڻ مختلف شهرن ۾ وڃي ساڻس ملاقاتون ڪري، ڪيائين ۽ ويجهڙائي کان سندس صحبت ۾ پڻ رهيو.

سليم چنا هر نئين دوست کي اڳتي ڪندو رهندو آهي. هن منصف چنا ۽ امراوڏ کي همتايو ته هو به سٺا ڪهاڻيڪار ٿي سامهون آيا، مطلب ته سليم ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جون لکڻيون کڻي، رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن تائين پهچائي ڇپرائي وٺندو آهي. جيتوڻيڪ هو هڪ اهڙي نوڪريءَ ۾ آهي، جتي هو کوڙ سارا ڏوڪڙ ڪمائي سگهي ٿو، پر هن پنهنجو پاڻ کي علم ادب سماجي ڪمن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ها سچ پچ ته هو جاکوڙي کاهوڙي ۽ ادب جو پانڌيئڙو آهي.

بخت عابد

1996-10-20

اُڃ نه ملي آب...!

رات جڏهن مون پنهنجي ڪتابن جي الماري جي شيشي منجهان، تنهنجي شاديءَ وارو خوبصورت ڪارڊ هٽايو هو، ته سوچيم هئم، دل جي فريم ۾ فڪس ٿيل تنهنجي تصوير به آهستي آهستي ڪڍي ڇڏيندس. پنج مهينا اهو ڪارڊ منهنجي ڊرائنگ روم ۾ پيل ڪتابن جي الماري جي شيشي ۾ لڳل هو. جيڪو مون اتان هٽائي ڇڏيو، باقي سوا ڇهن سالن کان منهنجي دل جي فريم ۾ فڪس ٿيل تنهنجي تصوير ڪڍڻي اٿم. پوءِ بقول تنهن جي مان تنهنجي پيار جو پاپي نه رهندم. ها تو ڪيو پيار ته توکي ملي به ويو. تنهنجي گلي لڳي به ويو، تنهنجي چُمين جو سارو چمن آباد به ڪري ويو. تنهنجي سيج به سجائي ويو پيار به تو وٽ پيار ڪرڻ ئي ته آيو هو ته...!!! نه ته هن سنسار ۾ سڪ جي بدلي سڪ، دل جي بدلي دل، ڀاڪر جي بدلي ڀاڪر ۽ چُمي جي بدلي چمي ڪير ٿو ڪنهن کي ارپي، پيار جي پنڌ ۾، جيڪو گهڻي ڀاڱي اسان وٽ هڪ طرفو ٿو هلي، هر ڪو هيسيل ڊنل، سماجي سينسر کان وٺي سيني جي سڪ تائين ٻئي کان ڪيڏو نه مختلف ٿي سوچي ٿو، اُت تو هن کي چاهيو، هن توکي چاهيو، هن تو کي چاهڻ ڏنو، تو هن کي چميو، هن توکي چمڻ ڏنو. تو هن جي سيج سجائي هن تنهنجي سيج سجائي. اسان جي توسان الفت ٿي ويندي اجائي. اها پڪ مون کي به هئي، يقين سو تو به ڏياري ڇڏيو هو. پر پوءِ به تو چاهيو ته مان به توکي چاهيندو رهان. بنا ڪجهه گهرڻ جي، بنا ڪا اميد رکڻ جي، بنا دل وٺڻ جي، چپ چمڻ جي، ڳل ڇهڻ جي، تنهنجي نانءُ ٿيڻ جي... ..! مون اها ڳالهه به قبولي ورتي هئي. ۽ پنهنجين مڙنئي چت جي چاهتن کي سڪائي، سڪائي صرف تنهنجا اهي پير ڇهڻ چاهيا هئا. عقيدت، احترام ۽ پيار سان، ڇو ته انهن پيرن ئي توکي ڪيترائي ڀيرا مون تائين رسايو هو ۽ مون سان ڪو ته اهڙو ناتو به نڀايو هو. جو مون ڪيئي ڀيرا تنهنجي قدمن جا اُهي، ڪوڊ ورڊس سجهيا، جن ڄڻ ته مون کي چيو پئي، هاڻ ته هن سڀ ڪجهه حاصل ڪري ڇڏيو آهي. پنڇي کي پنڇي ملي به ويو آهي. آکيرو هنن جو آباد ٿيو آهي. پيار به پاريهلن جو ڏاڍو پڪو آهي، پوءِ به مون تي زور رکي، پنڌ لتاڙي ڪهڙي جذبي تحت هن جا سارا عضوا توڏي ورن ٿا ۽ تو کي ڏسي پوءِ اهي چپ ٿي وڃن ٿا. توڏانهن هن جا نه ڀاڪر کڄن ٿا، نه چپ هن جا توکي چمڻ لاءِ چرن ٿا، نه ئي چاهت جا ڪي لفظ هن جي دل جي ڳالهه ڪن ٿا. پر ڄاڻو ٿا اسين ڄاڻون ٿا هن جي دل ۾ تون ڀي آهين، اهو مون کي هن جا پير چون ٿا ۽ مان دل جي فريم ۾ فڪس ٿيل هن جي تصوير کي ڪڍڻ جا خيال ڇڏي ڏيان ٿو. ۽ اڃ کي اڃ ئي رهڻ ڏيان ٿو. مان به ڪيڏا نه سور سهان ٿو، پر اڃ کي آب نه ڏيان ٿو.

ست رپيا ڏهاڙي!!

ان ڏينهن اداسيءَ جا بادل منهنجي من تي ڇانيل هئا، نوڪريءَ جو انٽرويو ڏيڻ ويس ته اتي به ڪو سفارشي ۽ ڪو رشوتي سيلڪٽ ٿي ويو. مان ٻين اٻوجهه ۽ نڌڻڪن اميدوارن سان گڏ مايوس ٿي گهر موٽي آيس. مان پوليٽيڪنيڪل ڪاليج واري امتحان جي تياري دوران هڪ دڪان تي پريڪٽيڪل ڪم سکڻ لاءِ بيٺس. ته مهيني اندار بيزار ٿي پيس، تمام چيپ ۽ رف لينگويج ٻڌڻي ٿي پئي.

”جاڙي چائي لي آ“ استاد کي کپڙي لانڊري پي دي آئي او، ”لپک کي سگريٽ تو لي آ“ پان بهر لي آنا ڊبل پتي مرادا بادي“ ۽ پوءِ سگريٽ ۽ تماڪ جي پان جي عجيب بوءِ پان جون ٿڪون ۽ پچڪاريون ۽ سگريٽ جو هر وقت دونهون ڪپڙا هر وقت تيل، آئل ۽ گريس ۾ خراب، رڳو پٽ تي ويهي ڪم ڪرڻ“ ادهر صاف کريو ادهر صاف کريو. کام سيکهنا هي، تو جهاڙو بهي لگانا پڙي گي.

مون کي دوستن صلاح ڏني هئي ته ميان سعودي عرب وڃڻ چاهين ٿو تجربو به سک، ڪنهن مڪينڪ وٽ وڃي لڳ، رڳو پوليٽيڪنيڪل جو پاس سرٽيفڪيٽ ڪم ڪونه اينديئي؟ پر هتي بي اي پاس نوجوان شخص اهڙن حالتن ۾ جي ڪم سکيو ته پوءِ علم ادب ۽ سائنس جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هن کي ڇا ڏنو؟

ننڍو ٻار ته ناهيان جو پاڻ ۾ اٿنديئيءَ ئي انهيءَ ڌنڌي ۽ ڌنڌي سيکارڻ وارن جي ڳالهين ۽ عادتن سان پاڻ کي Adjust ڪري سگهان، ڳالهه نه وڻي ڇڏيم اهو به ڌنڌو ۽ هنر سکڻ.

ٽائيپ جو سرٽيفڪيٽ کڻي انٽرويو لاءِ ويس ته چيائون شارٽ هينڊ سکي اٿئي؟ چيم سائين!توهان نوڪري ته ڏيو، اها به سکي وٺندس، في الحال جڳهه ڀرجي ويئي آهي. پوءِ توهان کي انفارم ڪنداسين، سائين انفارم ته توهان ڪري ڇڏيو، پر ائين ڪونه ٿا چئو ته سليڪٽ ڪنداسين، خير مان ذڪر پئي ڪيو، ان اداس شام جو. جنهن ۾ مان دربدر ۽ خاڪ بسر هئس. اها نوڪري منهنجي آخر اميد هئي، سا به هٿن مان ويئي هلي، ضرورت برائي سعودي عرب، ابوظهبي، عراق، دبئي، ڪويت، وغيره لاءِ ايجنٽن جا فراڊ ۽ هزارين روپيا ڪميشن، صوبي ۽ ملڪ جي ادارن ۾ جايو ڀر جيو وڃن. نااهليت جا ڪيترائي سرٽيفڪيٽ گڏ ٿي ويا آهن. ڪٿي ايپليڪيشن رجيڪٽ ڪٿي ڪاغذ نامڪمل ڪٿي فارملٽيز پوريون نه هجڻ ڪٿي فٽنيس سر ٽيفيڪيٽ نه هجڻ ڪٿي فوٽو اسٽيٽ ويري فائيڊ نه ٿيل ته ڪٿي بانڊ نه ڀري ڏيڻ جا حوالا... ! الاءِ ڇا جو ڇا! ۽ گهر ۾ پيل Registered A/D جون موٽ رسيدون، ڪجهه انٽرويو ڪال جا ليٽر، ٽن سالن کان هڙ پيسه انهن تي خرچ ڪندو پيو اچان. ها سو مون ڳالهه پئي ڪئي، ته ادا شام جي جنهن ۾ منهنجي ڳرن قدمن، مون کي ساڻو ۽ بدحواس ڪري ڇڏيو هو، ان ڏينهن الاءِ ڪئين چئن پنجن دڪاندارن ۽ هوٽل وارن کان جواب ملڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جي هڪ سنڌيءَ جي سفارش تي ۽ ضمانت کڻڻ تي هڪ هوٽل تي ٽيبل وارو ٿي لڳو هئس. منهنجو شناختي ڪارڊ سيٺ پاڻ وٽ رکيو ۽ مان ماضيءَ کي وساري حال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ جهڙن غريبن، مسڪينن، مزدورن ۽ عام ماڻهن آڏو، چانهه، بسڪوٽ رکندي، پاڻي جا جڳ ڀريندي سرهو پئي ٿيس ۽ پاڻ کي هلڪو پئي محسوس ڪيم. گهر اچي ڪوڙ هنيو هئم ته نوڪري کي لڳي ويو آهيان ۽ مل ايريا ۾ وزن تورڻ واري مشين تي منشي آهيان. مون کي انهيءَ مزدوريءَ ۾ اڃان ٽي ڏينهن مس ٿيا آهن. مون واري سيٺ منهنجي تعليم کي ڏسندي، لاڙڪاڻي واري سنڌي منهنجي خانداني پس منظر کي ڏسندي مون کي اها رعايت يا سهولت به ڏني آهي ته سيٺ جي غير موجودگيءَ ۾ منجهند جو ٽي ڪلاڪ آءٌ ڪائونٽر تي پڻ ويهندو آهيان. ۽ سامهون لڳل شيشي ۾ پاڻ کي داخل تي ويٺل ڏسي دل ۾ گد گد ٿي، کيسي مان ڦڻي ڪڍي پاڻيءَ سان وار آلا ڪري وارن جي وحيد مراد واري اسٽائيل ٺاهي لاڙڪاڻي واري همراهه کي حجت ۾ هڪل ڪري چوندو آهيان.

مائٽ!! اڦٽ مار چانهه ته پيار!!!

پر اڄ جڏهن گهر موٽيس ته ڳالهه کلي چڪي هئي، ڪنهن واقفڪار وڏي ڀاءُ کي ٻڌايو هو ته تو وارو ننڍو ڀاءُ هوٽل تي ڪم پيو ڪري، ۽ چوٿين ڏينهن صبح جو بابا سائين نيرن ڪري آفيس وڃڻ لاءِ ٻاهرئين در ڏانهن وڃڻ لڳو ته مون کان رهيو نه ٿيو، يڪدم وات مان نڪري ويو، صاحب سي ناشتي کي ساڍي چار روپي لو!!!

ڇورا......  !! اهيئي ست روپيا ڏهاڙي، روز مون کان وٺ، پر هوٽل تي وڃي، اسان جو نڪ نه وڍائجانءِ. ست روپيا تري تي رکي چيائين، ”ايم اي ڇو ڪونه ٿو ڪرين ته ڪا چڱي نوڪري ته ملنئي“! امان کي تاڪيد ڪري چيائين جيسين مان آفيس مان موٽان اندران تالو هڻي ڇڏ. ڇورو ڀڄي وينديئي، لڳي ٿو ته هوٽل جي هير ٿي  پئي اٿس. ”چنڊو ڪنهن جاءِ جو.“!

بابا کي ته ڪجهه ڪونه چئي سگهيس. امان کي ڪاوڙ ۾ چيم، ”اڳتي گهر ۾ مون کي ڪوبه بيروزگاري جو طعنو نه ڏئي. ست روپيا گيدي ۾ رکي، دل ۾ سوچيم ڀلي بابا موٽي اچي شام جو ”گنزاف نيوران“ فلم تي ويندس. ست روپيا روز ملندا ته فلمون به پيو ڏسندس. دوستن سان به پيو ملندس. ايم اي وري ڪهڙي ڏکي آهي؟ اها به ڪري وٺنداسين. بابا ڄڻ منهنجي سڄي فرسٽريشن ختم ڪري ڇڏي هئي. پڙهنداسين ته پاڻهي پيو ٻيا خرچ به ڏيندو. پيا عيش ڪنداسين. تڏهن ئي ته چوندا آهن آپ ڪمائي ۽ باپ ڪمائي ۾ فرق آهي ۽ پوءِ  اهو مزو ئي ڪو مزيدار آهي.

هوائن منجهه هڳاءُ

شهر مان يونيورسٽي جي بس ۾ چڙهندي، هوُءَ مون کي سڃاڻي سلام ڪري، زنانيون سيٽون سڀ ڀريل ڏسي، تڪڙ ۾ الاءِ ارادتن بس جي اسٽارٽ ٿيڻ تي، منهنجي ڀر سان ويهي رهي، مان سوڙوهو ٿي دريءَ جي پاسي ٿيس.

بس ڊرائيور شهر جي ٽرئفڪ واري گوڙ ۾ وري گانن جو به اضافو ڪيو، حيدر چوڪ کان پوءِ هُن مُشڪي مون کان پڇيو ”اڄڪلهه ڪالوني ۾ نظر ڪونه ٿا اچو.“

”پنهنجن دوستن سان ملڻ اسان جي گهر ڏانهن به نٿا اچو؟

هينئر ڪٿان پيا اچو... ؟“

”سڌو ڊيوٽي تان پيو اچان، ٻئي جي حصي جي ڊيوٽي به ڪيو پيو اچان. انهيءَ ڪري دير ٿي ويئي.“

”ڇا پئي پڙهين...؟“

”فرسٽ ايئر ۾ آئي آهيان.“

”ڏاڍي خوشي ٿي.“

”ڇاجي...  ؟“

”تنهنجي فرسٽ ايئر ۾ پهچڻ جي.“

”توهان جي شاعري پڙهندي آهيان.“

”مهرباني“

شاعري ڪيئن ڪندا آهيو.؟

ٿي ويندي آهي.

پاڻهي...  پاڻهي...؟

”ها“

”مون کان نٿي ٿئي“

مان چُپَ دريءَ کان ٻاهر ڏسان ٿو.

بس هيرآباد پهتي: ته هُوءَ جهُولي ۾ رکيل ڪتاب ٺاهي رکي ٿي. سندس ٻانهون لڏن ٿيون، ۽ بس جي هلڪي بريڪ تي سندس ڪُلها منهنجن ڪلهن سان لڳن ٿا.

”اسپيڊ بريڪر آهي ڇا... ؟“

”شايد اڳيان ڪو رڪشي وارو آهي“

مان اڃان به سوڙهو ٿي، دري ٻاهران ڪنڌ ڪڍي، روڊ ڏي ڏسان ٿو، هيرآباد جو ڀڳل روڊ، ڪسين مان وهي ايندڙ گندو پاڻي مون تي چٿرون ڪري ٿو،

ڄڻ عامل ڪالونيءَ جا هندو مون لڏايا ها... !

”تو نه لڏايا ها، پڻهين ۽ ڏاڏهين ته لڏايا ها نه... !!؟

”ڏاڏو ته ويو گذاري، باقي بابو هتان لنگهي ته اهي شڪايتيون انهيءَ کي ڏجان.“

مون ڀڳل روڊ تي وهي آيل گندي پاڻيءَ کي خيالي جواب ڏنو.

”توهان وٽ کٽمٺڙو ڪونهي.“

منهنجي ڀرسان ويٺل مکڙي جا چپ وري چُرن ٿا

۽ ٽيڏي اک سان اُنهن جي لالاڻ پسي چوان ٿو ”نه...!

... ڇو...“؟

ها اڪثر هوندا آهن. پر هينئر ڪونهن،

توهان اسان کي کثمٺڙا ڏيندا هئا نه...؟

ها پاڙيسري جي حيثيت ۾ فيملي ٽرمس هجڻ جي حيثيت ۾ ڏيندو هئس،

”توهان هڪ دفعو مون کي عيد تي پنج روپيا خرچي به ڏني هئي.“

”ها مون کي ياد آهي، تڏهن تون هاءِ اسڪول ۾ پڙهندي هُئين،“ پر مون فقط اُن لاءِ ڏنا هئا جو توکي ڏٺو هئم ته تون شيون کائيندڙ ڇوڪرين ۽ گول ڦيريءَ ۾ ڦرندڙ ٻارن کي وڏي حسرت سان ڏسي رهي هُئين.

ڀائينم شايد تو وٽ عيد جي خرچي ختم ٿي ويئي آهي.

”نه مون وٽ خرچيءَ جا پيئسه هئا، پر مون وڌيڪ کپائڻ نه پئي چاهيا.“ اڃان عيد ٻه ڏينهن باقي هئي. پوءِ توهان جي ڏنل خرچيءَ مان گول ڦيري ۾ ويٺي هيس،

۽ شيون به کاڌيون هئم.

تڏهن ڪانؤن درجو پڙهندي هُئين؟

”اٺون.“

بس ڀٽائي نگر  وٽ بريڪ هڻي ٿي.

هڪ ليڊيز لهي ٿي، هُوءَ خالي ليڊيز سيٽ ڏسي به منهنجي ڀرسان ئي ويٺي رهي ٿي. مان دريءَ کان ٻاهر ڏسندو، هن جي يادن ۾ گم ٿي وڃان ٿو، جڏهن هُوءَ اٺين درجي ۾ آئي هئي ته اسان جي گهر وارن سان هن جي گهر وارن جي دوستي ڪجهه وڌيڪ پڪي ٿي ويئي هئي، سبب هن جي وڏي ڀيڻ جي شادي هُئي. جنهن تي مان ڏاڍيون ڏورون اچلايون، پر بلبل اڳي ئي ڪنهن جي پريت ۾ پڃري ۾ پاڻ وڃي ويٺي هئي. منهنجا سڀ کٽمٺڙا، ٽافيون، ۽ ٽيسٽي سوپاريون کائي ويندي هئي، ۽ پوءِ منهنجيءَ ئي ڏنل چيو گم کي چٻاڙي ڳَلَ سڄائي ڇڏيا هُئائين. وري مٿان چيو گم چِٻاڙي وات مان ڦوڪڻا ٺاهي ٺهڪاءُ ڪڍندي هئي، هوڏانهن هُن ڀٽاريءَ لاءِ هو مال مفت ۽ هيڏانهن منهنجي ٺونٺ مان به ٺڪاءُ نڪري ويندا هئا، جڏهن ڪاٺ جي وڏي ڏاڪڻ ڏانهن اشارو ڪري چوندي هئي ته، ”اِهيا پهرئين هيٺ لاهه، پوءِ ڇت سان لڳائي، هيٺ پٽ تي تون قابو جهلي بيهه. ته مان تنهن جي ڪوٺي تي چڙهي وڃي ڪبوتر ڏسي اچان.“

”مون کي ڪهڙي خبر ته منهن جا ڪبوتر پئي ڏسي، يا هُوءَ ٻيا ڪبوتر پئي تاڙي...! اهي انگل هو تڏهن ڪندي هُئي، جڏهن هُوءَ منهنجون مئٽرڪ جون فئير ڪاپيون مون کان وٺڻ ايندي هئي،  ۽ هيءَ ننڍڙي پوپري به گڏ هوندي هيس، ۽ هوءَ ڀنڀوري پئي منهنجي ڪوٺي تي ڀؤن ڀؤن ڪندي هُئي، چڱو ٿيو مائٽن جلدي پرڻائي ڇڏي،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com