سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دل جي دنيا

باب: --

صفحو :5

 

ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا

 

جنھن ڏينھن سندس عزت لٽي ھئائين، تنھن ڏينھن خواب خيال ۾ بھ نھ ھئس، تھ فقط ڪجھھ مھينن کان پوءِ ھوءَ سندس جان جنجال ۾ وجھي ڇڏيندي، ۽ جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيندي.

ڳوٺ موٽيو تھ سيراج ٻڌايس، ”شاھو، باليءَ جي پيٽ ۾ تنھنجو ٻار آھي!“

مسلسل خيالن جا سلسلا شاھوءَ جي دماغ کي وڪوڙي ويا. ھڪ غريب، مسڪين ۽ مفلس ڀيلياڻي ھن لاءِ مسئلو ٿي پيئي. ھڪ آزاد، بي پرواھھ شخص جي پيرن ۾ ڄڻ زنجير پئجي وئي.

ھڪ ان ڏينھن کي ملامت ڪرڻ لڳو، جنھن ڏينھن ڀيلن جي ٽوليءَ روھڙي اسٽيشن ٻاھران گھانگھوٽي ميدان ۾ پنھنجا پکا ۽ جھڳيون اڏيون ھيون. منجھن بالي بھ ھئي، ميري، گدلي، جوئن واري بالي.

انھن ڏينھن ۾ شاھو وئڪيشن گذارڻ لاءِ ڳوٺ آيو ھو.

جوانيءَ جي روانيءَ کي نھ ذات پات روڪي، نھ دين ڌرم ڌيرج ڏئيس. باليءَ جي ڇلڪندڙ جواني جھٽ روھڙي شھر جي نگاھن جو مرڪز ٿي پيئي. سندس بدمست جوڀن چتين لڳل ڪپڙن مان جھاتيون ٿي پاتيون. آواره تھ بدنام ھوندا آھن. سندس عيش اکين جي الڪي ۽ ٻن چئن لذيذ لفظن تائين محدود ھوندو آھي، پر جن شريفن کي عطر ۽ سينٽ سان ھٻڪاريل جسم ميسر ھوندا آھن، سي بھ پنھنجون چمڪندڙ موٽرون ۽ ٽانگا ترسائي، باليءَ کي ڀنڀلائڻ لڳندا ھئا، پر ھوءَ جھنگلي گل ھئي. جنھن بھ ھٿ وڌايو، زخمي ٿي موٽ کاڌي. ھوءَ آدم کان حوا جو انتقام ھئي. سندس ڪم ھو صبح کان شام تائين کارا ٺاھڻ. شام جو جڏھن ٻھ چار کارا کڻي وڪڻڻ لاءِ نڪرندي ھئي، تڏھن سڄي ڏينھن جو ٿڪ لاھڻ لاءِ ھوءَ پنھنجي جسم کي ڪاريھر جھڙا ڪر ڏيندي ھئي. ڀلا ڪير نھ ڏنگجي!

ھوءَ ھئي بھ بيحد سلوڻي. پھرين ڏينھن باليءَ کي ڏسڻ شرط سراج شاھوءَ کي ڪن ۾ چيو، ”ڇوري نمڪين آھي.“

”قھر ڪندي بابل،“ شاھوءَ چپن تي زبان ڦيريندي چيو، ”روھڙيءَ کي اروڙ ڪري ڇڏيندي.“

”رڳن ۾ ڪنھن نيڪ خاندان جو خون اٿس.“

شاھوءَ ٽيڏيءَ اک سان سراج ڏانھن ڏٺو. ٽوڪ سھي ويو. چيائين، ”ڀيلن، مينگھواڙن ۽ اڇوتن جي جسم ۾ وڏن وڏن شريف خاندانن جو خون ھوندو آھي.“

بالي بھترين پيوند جو گل ھئي.

شاھو باليءَ لاءِ واجھائڻ لڳو.

شاھوءَ کان سواءِ سڀئي جوان پنھنجي پنھنجي قسمت آزمائي چڪا ھئا، پر ھر ڪنھن جو منھن وڃي ڀت سان لڳو. اميدوار جوانن مان فقط شاھو ئي بچيل ھو، جنھن سان باليءَ جي ڏي وٺ نھ ٿي ھئي. شاھو پراڻو پاپي ھو. عورتن جي معاملي ۾ خبردار رھندو ھو. اٽڪلن کان واقف ھو. ڪاليج کان وٺي پاڙي جي جوان عورتن تائين، ڪابھ سندس ڄار مان نڪري نھ سگھندي ھئي. عورت کي ڦاسائڻ ۽ راضي ڪرڻ جا ھن کي پنھنجا طريقا ھئا. آزمايل نسخا ھئس. راھون سڃاتل ھيس.

اول ھن باليءَ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ڏانھنس اک کڻي بھ نھ نھاريندو ھو. مٿس پنھنجي شرافت جو رعب ويھارڻ لاءِ مٿي تي ٽوپي رکي، سندس آڏو لنگھي مسجد ۾ ويندو ھو. مسجد جي در وٽ ترسي، اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسندو ھو. باليءَ جون نگاھون اڪثر سندس تعاقب ۾ مسجد جي در تائين ھليون اينديون ھيون. ھو نماز پڙھڻ بنا، مسجد جي پوئين در مان نڪري جندل ڪاسائيءَ جي جوئا جي ٽڪريءَ تي وڃي پھچندو ھو.

سراج، شاھوءَ جي ڳجھين، اٽڪلن ۽ حرفتن کان واقف ھو. پر جيڪا چال ھن باليءَ سان چلڻ شروع ڪئي ھئي، تنھن سراج کي بھ اچرج ۾ وجھي ڇڏيو. ھڪ ڏينھن سراج شاھوءَ کي ڏوري ۾ چھنڊڙي پائيندي چيو، ”شھر جا چڪن تڪا کائي ايڏو تھ ڍءُ ڪيو اٿئي، جو جھنگلي تتر کي ڪٿ ۾ ئي نٿو آڻين!“

شاھوءَ کنگھي نڙي صاف ڪئي. چيائين، ”ابابيلن جو شڪار تير ڪمان سان نھ ڪبو آھي.“

ھڪڙي ڏينھن شاھوءَ باليءَ کان کارو خريد ڪيو. باليءَ سامھون رکيل کارو شاھوءَ ڏانھن وڌايو.

”نھ نھ، اھو نھ. ھو، جيڪو پريان رکيو آھي.“ شاھوءَ ھڪ کاري ڏانھن اشارو ڪيو.

ھوءَ پنھنجي جاءِ تان اٿي. آرس موڙيائين. کارو کڻي آئي. شاھوءَ کارو جاچي ڏٺو. چيائين، ”ھن ۾ وڏيون وٿيون آھن.“

”شاجي لاءِ ٿو وٺين؟“

شاھوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. پاڻ سنڀالي باليءَ جي اکين ۾ نھاريائين. باليءَ جي چپن تي دل لڀائڻ جھڙي مرڪ ھئي. ٻيھر پڇيائين، ”شاجي لاءِ ٿو وٺين؟ انبن لاءِ، يا خارڪن لاءِ؟“

شاھوءَ پنھنجو ساھھ آجو ٿيندو محسوس ڪيو. وراڻيائين،  ”کارڪن لاءِ.“

”ترس. خارڪن لاءِ خارو مان ٿي ڳولي ڏيانءِ.“ ھوءَ کارا ھيٺ مٿي ڪرڻ لڳي. ھڪ کارو ڳولي کڻي آئي. ”ھي خارو اٿئي خارڪن لاءِ.“

کارو وٺندي شاھوءَ سندس اکين ۾ جھاتي پاتي. ڀانيائين، سندس اکين جي اونھي ساگر ۾ ٻڏي ويندو.

ويندي ويندي چيائين، ”ھڪ سٺو کارو ٺاھي رکجانءِ. سڀاڻي کڻڻ ايندس.“ باليءَ ڏانھن پيسا وڌايائين.

”خارو کنرر ايندين، تھ پيسا بھ سڀارين ڏجانءِ.“ ھن ڪنڌ کي خم ڏنو.

شاھوءَ جي دل وڃي ڪوڙڪيءَ ۾ اٽڪي.

ٻئي ڏينھن کارو وٺڻ ويو تھ باليءَ چيس، ”ھي خارو تولاءِ ٺاھيو اٿم.“

”منھنجي لاءِ؟“

”ھائو.“ ھوءَ کارو کڻي آئي. کارو شاھوءَ ڏانھن وڌائيندي چيائين، ”کيال سان ٺاھيو اٿم.“

”سچ؟“

”ھائو.“

”ڇو؟“

بالي منجھي پيئي. جواب نھ پئي سجھيس. نيٺ ڳيت ڏيندي چيائين، تون نماجي آھين نھ، ان ڪري.“

شاھوءَ ٽھڪ ڏنو. کيس جواب نھ ڏنائين.

باليءَ چيو، ”ھن خاري جا ٻھ رپيا وٺندي مانءِ.“

”ڇو؟“

”کيال سان جو ٺاھيو ٿم.“ باليءَ ڪنڌ کي خم ڏنو ۽ شاھوءَ ڏانھن چتائي ڏٺائين.

شاھوءَ ساڻس اک ملائي نھ سگھيو. کانئس پڇيائين، ”ڏينھن ۾ گھڻا کارا ٺاھي وٺندي آھين؟“

”ڪڏھن ٽي، ڪڏھن چار.“

”تڏھن تھ ڪافي ڪمائي وٺندي ھوندينءَ!“

”سڀئي تھ نھ وڪامندا آھن. ڪڏھن ٻھ، ڪڏھن ٽي.“

”پوءِ بھ تولاءِ کوڙ آھن.“

”مان ھيکلي تھ نھ آھيان. منھنجي ڪراري ماءُ آھي. انڌو پيءُ آھي.“ باليءَ عام رواجي نموني چيو.

”تنھنجو پيءُ انڌو آھي؟“ شاھوءَ جي چپن تي ٺٺولي ڪندڙ مرڪ ڦھلجي ويئي.

”ھا.“

”ڪيئن ٿي چوين.“ شاھوءَ جي منھن تي بدستور مرڪ مھڪندي رھي.

باليءَ حيرت مان ڏانھنس نھاريو. ھوءَ سندس سوالن جي تھھ تائين پھچي نھ سگھي. تڏھن بھ چيائين، ”منھنجو پيءُ انڌو آھي. مان کيس پارين ڀرين ڏيندي آھيان. ھو ڏسي بھ نھ سگھندو آھي.“

”سمجھيم، تھ اھو انڌو شخص تنھنجو پيءُ آھي.“ شاھوءَ جي منھن تان مرڪ گم ٿي ويئي. چپن ۾ ڀڻڪيو، ”ويچارو.“

باليءَ جي حيرت دور نھ ٿي. سندس ھٿ اڌ ٺيھل کاري وٽ بيھي رھيا. شاھوءَ ھڪ ئي سوال سان ماٺي پاڻيءَ جي اونھائي پرکي ورتي ھئي.

ڳالھھ جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ چيائين، ”پاڻ ۾ گھڻا ڀاءُ ڀيڻ آھيو؟“

”ھڪ ڀاءُ ۽ ٻھ ڀينرون.“

”ھو بھ کارا ٺاھيندا آھن؟“

”اون ھون،“ ھن کارو ٺاھيندي جواب ڏنو، ”منھنجو ڀاءُ گڏھن تي مٽي ڍوئيندو آھي.“

”۽ ڀينرون؟“

ھن ڪنڌ کڻي شاھوءَ ڏانھن ڏٺو. گھڙي کن شاھوءَ ڏانھن ڏسڻ کان پوءِ ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين. وراڻيائين، ”ٻئي ڌنڌو ڪنديون ھيون.“

”ڇا!“ شاھوءَ کان حيرت مان دانھن نڪري ويئي.

”ھلنديون ھيون،“ باليءَ جي چپن تي زھر آلود مرڪ تري آئي. ڄڻ ٻنھي تي ٺٺولي پئي ڪيائين.

”پوءِ؟“

”وڏي ھڪ پنجابي بدمعاش سان سادي ڪري ڀڄي وئي،،“ ھن کارو ڪشيندي چيو، ”۽ ھن وڃي بجار ۾ ويھاريس.“

ننڍي ڀيڻ جي باري ۾ شاھوءَ کانئس ڪجھھ نھ پڇيو، پر ھن پاڻ ئي کيس ٻڌايو، ”ننڍي ھڪ ٻروچ سان شڪارپور ڀڄي ويئي.“

ھوءَ اوچتو اداس ٿي ويئي. آواز ڀرجي آيس. اکين جي چمڪ اجھامي ويس. گھٽيل آواز سان چيائين، ”ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ منھنجي ڀير جو اگھارو لاس سنڌوءَ جي ڪپ تي پيو ھو.“

اکيون آليون ٿي ويس.

شاھوءَ جھيڻي آواز ۾ چيو، ”مرد بيحد ظالم ھوندو آھي، بالي“

”تون بھ تھ مرد آھين.“

”مان باغي آھيان، بالي.“

ھن جواب نھ ڏنو، خاموش رھي. نھ وري شاھوءَ ئي ڪجھھ ڳالھايو. ھن کارو کنيو ۽ ڪنڌ جھڪائي اڳتي نڪري ويو.

شاھو سامونڊي ڌاڙيل وانگر ھوا جي رخ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ھڪ ڏينھن مسجد ڏانھن ويندي، باليءَ وٽ کن لاءِ ترسندي چيائين، ”بالي، تو جھڙي محنتي ڇوڪري مون عمر ۾ نھ ڏٺي آھي.“

ھن منھن مٿي ڪري، ڪارن ڪارن نيڻن سان شاھوءَ ڏانھن نھاريو. شاھوءَ سندس ذھن کي سوچڻ جي فرصت نھ ڏني. چيائين، ”محنت عيب آھي نھ پاپ. محنت عورت جو شان آھي، بالي.“

۽ جڏھن شاھو مسجد ڏانھن وڌي ويو، تھ الاءِ ڪيتريءَ دير تائين ھوءَ پنھنجي رڏ مغز سان ڌڙڪندڙ دل کي سمجھائيندي رھي.

تتل منجھند کان پوءِ جيڪا ٻوسٽ واري شام آئي ھئي، تنھن ۾ ھوءَ شاھوءَ جي ڪمري جي دريءَ وٽان لنگھي ھئي. سانورو رنگ اس ۾ ٽامڻي ھڻي ويو ھئس. سھڪي رھي ھئي. شاھوءَ کيس سڏ ڪري بيھاريو. ھوءَ دڪيءَ تي کارا رکي، ھڪ ھٿ چيلھھ کي ڏيئي بيھي رھي. ٻي ھٿ جي آڱرين سان نرڙ تان پگھر اگھيائين. شاھوءَ در کولي کيس اندر سڏ ڪيو، ”اندر اچ بالي. ٻاھر اس آھي.“

”نھ نھ. ٻاھر ٺيڪ آھيان.“

”مون کان ڊپ ٿو ٿيئي ڇا؟“

باليءَ جي منھن تي مرڪ اچي ويئي. جواب نھ ڏنائين. کارا کڻي اندر ھلي ويئي. کارا فرش تي رکي اليڪٽرڪ پکي ھيٺان ٿي بيٺي. ٻانھون مٿي ڪري وار سلجھايائين تھ ٺوٺين مان پگھر جا ڦڙا ٽمڻ لڳس. شاھو ريفريجريٽر مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي گلاس ڀري ڏنس. يخ جھڙو گلاس ھٿ ۾ جھلي ھوءَ گلاس جو پاڻي جاچڻ لڳي.

”ٻيو ڪجھھ تھ ناھي.“

”مون تي بھ شڪ اٿئي بالي!“

ساڳي مرڪ باليءَ جي چپن تي تري آئي. جواب نھ ڏنائين. ڳيت ڏيئي، يڪ ساھي سمورو گلاس پي ويئي. شاھوءَ ٻيو گلاس ڀري ڏنس. ٻھ چار ڍڪ ڀري، ٿڌو ساھھ کڻي، ھوءَ غاليچي تي ويھي رھي. ساھھ جائيتو ٿيس تھ پڇيائين، ”تون ھت رھندو آھين، نماجي؟“

”منھنجو نالو نمازي ناھي،“ ھو کلي پيو، ”منھنجو نالو شاھھ محمد آھي. مونکي شاھو سڏيندي ڪر.“

”ھت رھندو آھين؟“

”ھا، مان ھتي رھندو آھيان.“

ھن ڪمري ۾ چئني طرف پنھنجون نگاھون ڦيرايون.

نظرون پردن تان ترڪنديون شوڪيس تي وڃي کتس. اڳتي وڌي شوڪيس جي سامھون وڃي بيٺي. گوڏن تي ھٿ رکي جھڪي بيٺي.

”رانديڪا شو رکيا ٿئي؟“ ھن شاھوءَ ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ٻار اٿئي شا؟“

”اڃا شادي نھ ڪئي اٿم.“

”تھ پوءِ رانديڪا شو رکيا ٿئي؟“

”اھو فيشن آھي، بالي.“

باليءَ کي شاھوءَ جو جواب سمجھھ ۾ نھ آيو. رانديڪا ڏسندي پڇيائين، ”ھي شاھي؟“

”رڇ.“

”رش تھ ڪارو ٿيندو آھي.“

”ڪي رڇ اڇا بھ ٿيندا آھن.“

”۽ ھي ڀولڙو بھ رکيو ٿئي!“

”ھا ڀولڙن ۾ ھڪ خوبي ٿيندي آھي.“

”ڪھڙي؟“

”ڀولڙا بھترين نقل ڪري سگھندا آھن.“

ھوءَ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. پڇيائين، ”ھي سڀ رانديڪا ڪيتري جا ھوندا؟“

”فقط ھن اڇي رڇ جي قيمت ساڍا ٻارھن رپيا آھي.“

ھوءَ ڏندن ۾ آڱر ڏيئي ھڪدم شوڪيس وٽان ھٽي ويئي. وڃي ڪتابن جي ڪٻٽ وٽ بيٺي. ڪتابن جو ڪٻٽ قد ۾ کانئس ڊگھو ھو.

”ھي سڀ تو پرھيا آھن؟“

”ھا،“ شاھوءَ جو ڪنڌ آڪڙ ۾ سيٽجي ويو.

باليءَ تي شاھوءَ جي جواب ۾ ڪوبھ اثر نھ ٿيو. ھوءَ موٽي وڃي رانديڪن جي شوڪيس وٽ بيٺي. ڪجھھ دير رانديڪا ڏسي، کارن وٽ اچي بيٺي، پڇيائين، ”خارو وٺندين؟“

”وڏا آندا اٿئي.“

”وڏو ئي کرين وٺ.“

”نھ. وٺندس تھ ننڍو. اڄ نھ، تھ سڀاڻي.“

”تھ پوءِ سڀارين تنھنجي لاءِ ٺاھي کرين اينديس.“ ھوءَ کارا کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي.

”پر اچجانءِ جلد.“

”ھن مالھھ نھ؟“

”نھ، ھن مھل مان نماز تي ويندو آھيان.“

”منجھند ڌاري اچان؟“

”ھا.“

ھوءَ دڪي لھي ويئي.

شاھو ايندڙ منجھند جي تات ۾ لڳي ويو. سندس ڪمري کان پوءِ اوطاق ھئي، ۽ اوطاق کان پوءِ ھئي حويلي. شاھوءَ کي اھا بھ ڄاڻ ھئي تھ سنڌ جي اونھاري جي منجھند، سياري جي اڌ رات جھڙي ويران ھوندي آھي.

ٻئي ڏينھن جي منجھند روز کان وڌيڪ گرم ھئي. گھرن جون ڀتيون تپي لوھھ ٿي ويون ھيون. ڏامر جا رستا نرم ٿي ويا ھئا. اليڪٽرڪ پکن مان اوٻر پئي نڪتو. شاھو منجھند جي ماني کائي پنھنجي ڪمري ۾ اچي ويٺو. جڏھن پاسي واري سنڌي اسڪول کي موڪل ملي ۽ ٻارڙا ٺينگ ٽپا ڏيندا، گھٽيءَ مان لنگھي ويا، تڏھن شاھوءَ ريفريجريٽر مان لنڊن بيئر جي بوتل ڪڍي ۽ پکي ھيٺان آرام ڪرسي وجھي ويھي رھيو. دريءَ وٽان سنڌي اسڪول جا ٻھ ڪراڙا ماستر اچي لنگھيا، اس کان بچڻ لاءِ مٿي تي ٽوال وڌا ھئائون. شاھوءَ جي ڪمري جي کليل دري ڏسي کيس کيڪاريائون، ”ننڍا شاھھ خوش تھ آھين؟“

”توھان جون دعائون گھرجن،“ شاھوءَ رکائيءَ سان وراڻين.

”ڇو ٿو اسان امتي گنھگارن کي لڄارو ڪرين شاھھ،“ ھڪ ماستر ذري گھٽ ٻاڏائيندي چيو، ”اسان جو ٻنھي جھانن ۾ آسرو توھان ئي تھ آھيو.“

شاھوءَ سندس جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. منھن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين. ماستر اڳتي ھليا ويا. ھن بيئر گلاس ۾ پيٽيو. کن ۾ گلاس تي ٻاھران موتين جھڙا قطرا نمودار ٿيا.

ان وقت بالي، پگھر ۾ آلي، سھڪندي، کارا کڻي دڪيءَ تي اچي بيٺي. شاھوءَ جھٽ اٿي سندس لاءِ در کوليو. ھوءَ اندر گھڙڻ شرط کارا اڇلائي پکي جي ھوا ۾ ٿي بيٺي. گھڙي کن بيھي، ويھي رھي. شاھوءَ ٻئي گلاس ۾ بيئر وجھي ڏانھنس وڌايو. ٿڪل ھئي، اڃايل ھئي، ٻھ چار ڍڪ لاڳيتا پي ويئي. ڪسارو لڳس تھ پڇيائين، ”شاھي؟“

”نم جو شربت،“ شاھوءَ ٺھھ پھھ وراڻيو.

”گھرون ٿڌو آھي.“

”ھا.“

”ٻھ ٽي ڍڪ ڀري چيائين، ”نم جي شانو بھ ٿڌي ھوندي آھي.“

”ھي شربت بھ ٿڌو آھي.“

”ھا،“ باليءَ لاپرواھيءَ سان وراڻيو، ”پر اسان گريب آھيون، فقط نموريون چوسيندا آھيون.“

شاھو خاموش رھيو.

ھن گھگھري سان منھن اگھندي چيو، ”ڏاڌو ٿڌو آھي.“

”ھڪ گلاس سان سڄي رگھھ ختم، تراوت محسوس ڪندينءَ.“

ھن گلاس چپن سان لڳايو ۽ سپ سپ ڪري پيئڻ لڳي. شاھوءَ کان اڳ گلاس خالي ڪري ڇڏيائين. شاھوءَ لوڻيل باداميون ۽ کاڄا اڳيان آڻي رکيس ۽ گلاس ٻيھر ڀري ڇڏيائينس. ھن ٻھ چار بادامن جا داڻا وات ۾ وجھي، بيئر جو ڍڪ ڀريو.

پڇيائين، ”ھي سربت تون روج پيئندو آھين، نماجي.“

”ڏس بالي،“ شاھوءَ سندس ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”مون کي نمازي نھ سڏيندي ڪر.“

”شو؟“ باليءَ لاڏ مان پڇيو.

”بس ائين ئي،“ شاھوءَ سندس ٻانھن ڇڏي ڏني.

”سڄي روھڙيءَ ۾ ھڪ تون ئي اسراف آھين.“ ھن ڍڪ ڀريو، ”ٻيا تھ ڄرن– ڄرن-“ ھن جملو پورو نھ ڪيو. ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي.

شاھوءَ رستي ڏانھن کلندڙ دري بند ڪري ڇڏي.

”تون نماجي آھين.“ ھن کلندي کلندي بيئر جو ٻيو گلاس بھ خالي ڪري ڇڏيو. شاھوءَ سندس گلاس ٽمٽار ڪيو ۽ ڀر ۾ ويھي رھيس. باليءَ ٻھ ڍڪ ڀريا ۽ ٻانھون ڪنڌ ھيٺان ڏيئي ليٽي پيئي.

شاھوءَ صبر جو دامن نھ ڇڏيو. کيس خبر ھئي تھ عورت کي الجھائڻ جو بھترين طريقو آھي سندس تعريف! ڀل تھ عورت کڻي پڙھيل ھجي يا جاھل، سادي ھجي يا چالاڪ، گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتل ھجي يا پياسي؛ تعريف ۽ ساراھھ جا ٻھ ٻول سندس پيرن ۾ نيئر وجھي ڇڏيندا آھن.

”بالي تون ڪنھن ملڪ جي راڻي ھجين ھا.“

”شو ڀلا؟“ ھن البيلائيءَ سان پڇيو.

”بڌايانءِ؟“ شاھوءَ ٺونٺ غاليچي تي رکي ۽ ڏانھنس سري ويو.

”ھا نماجي، ٻڌاءِ،“ آواز وچڙيس. بيئر سندس اکين ۾ سرخي آڻي بيھاري ھئي.

”تون محنتي آھين، ايماندار آھين.“

”تون بھ تھ ايماندار ۽ نماجي آھين،“ لفظ لھجي ۾ ڇڄندا رھيس.

”تو وٽ ھي ڪارا ڪارا نيڻ بھ تھ آھن.“ شاھوءَ سندس ڳالھھ اڻٻڌي ڪندي چيو.

”منھنجي ماءُ چوندي آھي- ملا کوڦناڪ ٿيندا آھن.“ لفظ ٽٽل مالھا جي موتين وانگر منتشر ٿيندا رھيا.

”۽ مان؟“ شاھوءَ سندس ڳل تي ھلڪي ٿڦڪي ڏني، ”مان تھ خوفناڪ ناھيان نھ؟“

”اون ھون.“

”تون اسان جي ملڪ جي راڻي ھجين ھا.“

”مان سچ پچ اھري آھيان؟“ باليءَ شاھوءَ جي اکين ۾ ڏٺو.

”ھا چري،“ شاھو سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو، ”سوچيان ٿو، منھنجي زال تو جھڙي ھجي.“

باليءَ ڪرڙيءَ وانگر شاھوءَ جي ٻانھن ۾ پاسو مٽايو. خماريل اکين سان شاھوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيائين، ”۽ ڪارا ڪارا نير بھ ھجنس؟“

”ھا، بالي ھا،“ شاھوءَ واءُ جو رخ پرکي ورتو. ڪن جي پاپڙين تان آڱريون ترڪائيندو ڪنڌ تائين کڻي آيو. باليءَ جي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو.

”اوھھ، نماجي،“ باليءَ پنھنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون.

شاھوءَ پنھنجو منھن باليءَ جي منھن ۾ ايترو تھ ويجھو ڪيو، جو ٻنھي جا ساھھ وچڙڻ لڳا. ھن سندس ڪن ۾ سرگوشي ڪئي، ”بالي.“

”ھون.“

”جيڪڏھن تون کارا ٺاھڻ ڇڏي ڏين، تھ مان جيڪر توسان شادي ڪيان.“

”اوئي الا!“ باليءَ بند اکيون کولي شاھوءَ جي اکين ۾ چتائي ڏٺو.

”مان پنجابي بدمعاش نھ آھيان، جنھن تنھنجي ڀيڻ کي وڃي بازار ۾ ويھاريو آھي.“

ھوءَ پٿر وانگر خاموش رھي.

شاھوءَ ڳالھايو، ”مان ٻروچ نھ آھيان، جنھن تنھنجيءَ ٻيءَ ڀيڻ جو لاش سنڌوءَ جي ڪپ تي اڇلائي ڇڏيو ھو.“

باليءَ جي اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو.

شاھوءَ سندس ذھن کي سوچڻ جي مھلت نھ ڏني. چيائين، ”سڀ مرد ھڪجھڙا نھ ٿيندا آھن.“

باليءَ جو رڏ مغز لاجواب ٿي ويو. فقط ايترو چئي سگھي، ”چرچا تھ نٿو ڪرين، نماجي.“

”نھ بالي، نھ،“ شاھوءَ ھڪدم وراڻيو. ”مان مڪار ۽ دغاباز نھ آھيان بالي، جو مٺڙيون مٺڙيون ڳالھيون ڪري توکي لٽي ڇڏيان.“

بالي ھيڪلائيءَ جي دائرن ۾ غرق ٿيندي ويئي. اکر نٿي اڪليس. بيئير سندس ذھن ۾ پولار پيدا ڪري ڇڏيو.

شاھوءَ پنھنجي گرفت مضبوط ڪندي چيو، ”ڀلا ھڪ غريب ڇوڪريءَ جي عزت لٽڻ مان مون کي ڇا ملندو.“

ھڪ لمحي لاءِ باليءَ جي خماريل اکين ۾ روشنيءَ جا قنديل روشن ٿي، اجھامي ويا. نڙي خشڪ ٿي ويس. دل ۾ ھٻس محسوس ڪيائين. لفظ سندس ذھن ۾ وچڙيا پي. نيٺ چيائين، ”مان مشلمين بھ تھ نھ آھيان.“

”مان سيد آھيان، جنت جو حقدار آھيان،“ شاھوءَ کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيندي چيو، ”اسلام ۾ سڀ کان وڏو ثواب ڪنھن غير مسلم کي مسلمان ڪرڻ آھي. مان توکي مسلمان ڪندس.“

ھوءَ خيالن ۾ لڙھي ويئي.

”چئھ تھ تون کارا ٺاھڻ ڇڏي ڏيندينءَ.“ شاھوءَ جذباتي آواز ۾ چيو، ”مان توسان شادي ڪندس. توکي پڙھائيندس. چڱي خاندان ۾ اٿڻ ويھڻ سيکاريندس.“

شاھو ڪجھھ دير باليءَ جي جواب جو انتظار ڪندو رھيو. باليءَ آھستي آھستي پنھنجو منھن شاھوءَ جي ڇاتيءَ تي رکندي چيو، ”مان کارا ٺاھر شڏي ڏينديس.“

پوءِ بنا دير جي شاھوءَ باليءَ تي ائين لامارو ڏنو، جيئن باز جھرڪيءَ تي ڏيندو آھي. باليءَ کي ائين سوگھو ڪيائين، جيئن بگھڙ ڊنل ڇيليءَ کي سوگھو ڪندو آھي. جھنگلي گل کي ڪنڊن سميت چيڀاٽي ڇڏيائين. معصوميت جي مکڙي مھٽي ڇڏيائين. گھائل پنڇي پرڙا ھڻي ساڻو ٿي ڪري پيو.

تتل منجھند کان پوءِ جڏھن اداس ۽ ويران شام جا پاڇا پيا، تڏھن باليءَ پنھنجو پاڻ سنڀاليو. وکريل وار سنواريائين. اٿي بيٺي تھ قدم ٿاٻڙيس. پاڻ سنڀالي وک وڌايائين. ھڪ ھٿ آرام ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي بيھي رھي. ڪنڌ مٿي ڪري ٿڌو ساھھ کنيائين. گينڊيءَ وٽ وڃي، منھن تي ٻھ چار ٻڪ پاڻيءَ جا ھڻي، منھن گنديءَ سان اگھي ڇڏيائين. سانورو رنگ ڳاڙھاڻ مائل ٿي ويو ھئس. شاھوءَ کان نظرون پي بچايائين. شاھو بھ ساڻس اک ملائي نھ سگھيو. ڳالھائڻ لاءِ وٽس ڪجھھ بھ نھ ھو. باليءَ جي موجودگيءَ ۾ ککو پي ٿيو. مرڪڻ جي ڪوشش ڪيائين، تھ لڳو ڄڻ روئي پوندو. شڪاريءَ جو ترڪش خالي ٿي چڪو ھو. ھن زندگيءَ ۾ ڪنھن بھ عورت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي محنت نھ ڪئي ھئي. ايترا سانگ اڳ ڪڏھن بھ نھ رچايا ھئائين. ھن پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪيو.

باليءَ جو ڪنڌ جھڪيل ھو. منھن مان پريشاني پي بکيس. ھوءَ کارا کڻي در طرف وڌي ويئي. در جو بلٽ لاھي، طاق کولي، چائنٺ وٽ وک روڪي، منھن ورائي شاھوءَ ڏانھن ڏٺائين. ھوءَ وياڪل ھئي. ڄڻ تھ ڪنھن مساڻ جي ويراڳڻ ھئي.

ڪجھھ چوڻ لاءِ سندس چپ چريا، ”مان خارا ٺاھر شڏي ڏينديس.“

شاھوءَ کيس جواب نھ ڏنو ۽ نھ ئي ھن جواب جو انتظار ڪيو.

ھوءَ ٿڙندي ٿاٻڙندي دڪي لھي ويئي. شاھوءَ دريءَ جي شيخن مان ڏانھنس نھاريو. نانگڻ جا ڪر ڪمزور ٿي چڪا ھئا ۽ ھوءَ زخمي ڊمڻ وانگر چري رھي ھئي. شاھوءَ جون نگاھون سندس تعاقب ڪنديون رھيون، ۽ پوءِ جڏھن گھٽيءَ جي ڪنڊ وٽان ھوءَ بندر ڏانھن ڦري ويئي، تڏھن ھڪ فتح جو ٽھڪ، ڪامرانيءَ جو ٽھڪ شاھوءَ جي اندر مان ڦاٽ کائي نڪتو.

اھڙا لاتعداد ٽھڪ ھن موٽي وڃي ڪراچيءَ جي ھوٽلن ۽ ڪلبن ۾ ڏنا. ڪراچي بين الاقوامي شھر آھي، جتي لبنان، ايران ۽ يورپ جون حسين ساحرائون پاڪستاني پيسن ۾ وڪامنديون آھن. الاءِ ڪيترا رنگين لمحا، الاءِ ڪيتريون حسين راتيون شاھوءَ ديسي ۽ ولائتي عورتن جي آغوش ۾ ڪاٽي ڇڏيون.

ڪھنھ مشق شڪار جو تعداد ياد نھ رکندو آھي. شاھوءَ باليءَ کي وساري ڇڏيو.

پر ڪجھھ مھينن کان پوءِ شاھو جڏھن ڳوٺ آيو تھ، سراج کيس ٻڌايو، ”بالي جي پيٽ ۾ تنھنجو ٻار آھي.“

شاھوءَ سراج جي ڳالھھ چرچي ۾ ٽارڻ چاھي، پر سراج کيس ٻانھن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ”ھوءَ تنھنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري آھي، شاھو.“

شاھوءَ پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو. مٺيون ڀڪوڙي سڄيءَ قوت سان ڪرسيءَ جي ٻانھن تي وھائي ڪڍيائين.

”اڪيلي سر مال ھضم ڪرڻ چرچو ناھي، شاھھ سائين، ”سراج مٿس کلندي چيو، ”يارن سان دغا ڪئي اٿئي.“

شاھوءَ ڏانھنس ڌيان نھ ڏنو. سراج شاھوءَ ڏانھن چتائي ڏٺو. کيس گنڀير ڏٺائين تھ پاڻ بھ گنڀير ٿي ويو. کيس اھا پڪ نھ ھئي، تھ شاھوءَ جھڙو آزاد مرد اھڙي معمولي مسئلي کي ايڏي اھميت ڏيندو، پر سندس ھڪ ئي جملي شاھوءَ جي پيرن ھيٺان ڌرتي ڪڍي ڇڏي. ھڪ ئي جملي دماغ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باھھ لڳائي ڇڏيس. اٽڪلن جي جنھن جبل کي ڍال سمجھيو ھئائين، سو آتش فشان نڪتس. دل جنڊ جي پڙن ۾ چچرجڻ لڳس. ميري، گدلي، جوئن واري ڀيلياڻي منھنجي ٻار جي ماءُ! نھ نھ. ھوءَ منھنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ لائق ڪونھي. لفظ سندس روح جي ويرانين ۾ پڙاڏا ڪندا رھيا. باليءَ جي پيٽ ۾ گناھھ! پگھر جا ريلا نرڙ ۽ لوندڙين تان ڪندا، سندس منھن آلو ڪندا رھيا. سندس ڀڪوڙيل مٺيون ڍريون ٿيڻ لڳيون. اندر ۾ اٿيل طوفانس سندس جسم کي نستو ڪري ڇڏيو.

سراج سندس حالت ڏسندي چيو، ”سخت گيدي آھين شاھو.“

شاھو خاموش رھيو.

”الائي ڪيترن خاندانن جا ناجائز ٻار ڀيلن وٽ پلجي ڀيل ٿي ويندا آھن.“ سراج کيس دلداري ڏيڻ لاءِ چيو، ”تون ڇو ٿو پرواھھ ڪرين.“

”مان سيد آھيان سراج.“ شاھوءَ تلخ لھجي ۾ وراڻيو.

ھو ڪرسيءَ تان اٿي ڀت ڏانھن منھن ڪري بيھي رھيو. ڪجھھ دير ڪمري ۾ ماٺ ڇانيل رھي.

”دل ڇو لاٿي اٿئي؟“ سراج شاھوءَ جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ”تون انڪار ڪري ڇڏجانءِ، تھ ٻار تنھنجو ناھي.“

ٻار جو نالو ٻڌنديئي شاھوءَ جي تن بدن ۾ ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿيا. آٺريل من تي ميرو پاڻي پئجي ويس.

”کيس بدناميءَ جو ڀؤ ڪونھي؟“

”بدناميءَ جو ڀؤ ٿيندو آھي عزت وارن کي. ٽڪي جي گمنام ڀيلياڻيءَ جي ڪھڙي عزت!“

”پر ھوءَ گناھھ ڇو پالي رھي آھي.“ شاھوءَ بيچين ٿي پڇيو.

”ڇوري ڏاڍي چالاڪ آھي.“ سراج سگريٽ دکائيندي وراڻيو، ”تو کان پيسا ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آھي.“

”مان پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“

”توتي کل ٿي اچي يار،“ سراج کلندي چيو.

”مان چرچي لاءِ تيار ناھيان.“

”تھ وڃي چوانس گناھھ ختم ڪري ڇڏي؟“

”ھا، ھڪدم. پر سڄو ڪم ماٺ ۾ ٿيڻ گھرجي.“

”دلجاءِ ڪر. فرشتن کي بھ خبر نھ پوندي.“

سراج ٻاھر وڃڻ لاءِ در ڏانھن وڌيو. شاھوءَ کيس روڪيو. ھو در وٽ  بيھي رھو، ”ڇو؟“

شاھوءَ ڳوري آواز ۾ چيو، ”ڪنھن اسپتال ۾ ھلڻ لاءِ راضي ٿئي تھ چڱو ٿيندو. ڪجھھ ڊاڪٽرياڻيون ۽ دايون منھنجون سڃاتل آھن. ھو ڪم ئي اھو ڪن.“

”يار تون تھ صفا احمق آھين،“ سراج بيزار ٿيندي چيو، ”تون انڪار ڪري ڇڏ تھ ٻار تنھنجو ناھي. ٽڪي جي رن، ڪھڙي وڃي جھانگيري انصاف جو گھنڊ لوڏيندي؟“

شاھو خاموش رھيو. خيال ڀٽڪڻ لڳس، ڇولين ۾ ڇلڻ لڳس.

سراج چيو، ”ڪھڙو ثبوت ڏيئي سگھندي تھ ٻار تنھنجو آھي، چئھ آھي ڪو ثبوت.“

شاھوءَ کيس جواب نھ ڏنو. سراج سامھون اچي بيٺس. سراج کيس سمجھائيندي چيو، ”ڪنھن جي بھ نرڙ تي لکيل ناھي تھ ھو ڪير آھي، ڪنھن جو اولاد آھي ۽ جيڪڏھن ائين ھجي ھا، تھ دنيا جي آدمشماريءَ ۾ اڌو اڌ ماڻھو حرامي سڏائين ھا. تون انڪار ڪري ڇڏ.“

”ڪيئن انڪار ڪيان! مان ڪيئن انڪار ڪيان. توکي خبر ناھي، ڇا مون کي خبر ناھي تھ باليءَ جي پيٽ ۾ منھنجو ٻار آھي؟“

”ان مان ڇا ورندو؟“

“ڪجھھ بھ نھ،“ شاھوءَ گھٽيل آواز ۾ وراڻيو، ”پر مان پنھنجي ٻار کي ڀيلن جي ٽوليءَ ۾ ڀٽڪندو ڪيئن ڏسي سگھندس.“

”ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ بالي ٻار سميت ھتان ڌڪا کائي ھلي ويندي.“

”۽ مان ڀيلن جي ھر ٽوليءَ ۾ ھڪ ھڪ ٻار کي پنھنجو ٻار سمجھي سيني تي بڙڇيون کائيندو رھندس.“

”ٻار سان تنھنجو ڇا! ڀل پيو ڌڪا ٿاٻا کائي.“

”بيوقوف تھ ناھين سراج،“ شاھوءَ خارن مان چيو، ”سيدن جو ٻار ڀيلن ۾ ڀٽڪندو رھي، اھا تنھنجي لاءِ ڪابھ ڳالھھ ڪونھي؟“

”ان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھجي؟“ سراج لاپراوھيءَ سان وراڻيو.

”باليءَ جي ٻار کي زنده جنم نھ وٺڻ گھرجي. ڪنھن بھ حالت ۾،“ شاھوءَ فيصلو ڪري ڇڏيو.

سراج در ڦھڪائي ھليو ويو.

سراج جي وڃڻ کان پوءِ ڪمري جي خاموشي شاھوءَ کي ڏنگڻ آئي. در ۽ دريون ڄڻ تھ ڏند ڪڍي مٿس کلڻ لڳا. ھو ٺٺولين جو تاب سھي نھ سگھيو ۽ اونڌي منھن پلنگ تي ليٽي پيو. پاڻ کي ملامت ڪندي اک لڳي ويس. ذھن بيحد پريشان ھئس، تنھن ڪري ڀوائتا خواب پئي ڏٺائين. ڪڏھن وڇون ڏنگ ھڻي سيني تي ھلندا ڏٺائين، تھ ڪڏھن ڪاريھرن جا ھار پئي پاتائين. باليءَ کي ڏٺائين. ھٿ ۾ ڀالو ھئس. ھوءَ سندس ئي تلاش ۾ ھئي. ھڪ بدصورت جلاد سندس سر لاھڻ لاءِ تلوار کنيو ٿي آيو. ڪڏھن ڀانيائين تھ ڄڻ پلنگ کي باھھ جا ڀنڀٽ وڪوڙي ويا. اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. باليءَ تي چڙ پئي آيس، جنھن سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو. سامھون ھجيس ھا تھ جيڪر ريوالور جي گولين سان سينو پرڻ ڪري ڇڏيس ھا.

ان وقت در کڙڪيو. شاھوءَ پلنگ تي اٿي در کوليو. در ٻاھران بالي بيٺي ھئي. منھن تي تڪليف جا آثار ۽ چپن تي عجيب مرڪ ھئس. اکين ۾ اميد ڀري شاھوءَ ڏانھن ڏٺائين. شاھوءَ جي ٽنگن جون مشڪون سيٽجي ويون. قدم چانئٺ کي چنبڙي پيس.

باليءَ جا سڪل چپ ڪجھھ چوڻ لاءِ ڦڙڪيا، پر ھوءَ ڪجھھ چئي نھ سگھي. شاھوءَ جي منھن ۾ ڏٺائين تھ چپن تان مرڪ مري ويس. دل سيني ۾ سسي ويس. ھمت ڪري چيائين، ”ٻڌايائون تھ تون آيو آھين.“

شاھوءَ پرس ڪڍندي چيو، ”گھڻن پيسن جي ضرورت اٿئي.“

”پيشا!“

”ھا پيسا.“ شاھوءَ کھري آواز ۾ چيو.

باليءَ کي ڪنبڻي وٺي ويئي. چيائين، ”مون خارا ٺاھر شڏي ڏنا آھن.“

”بڪواس بند ڪر،“ شاھوءَ دٻيل آواز ۾ رڙ ڪئي، ”ھن گناھھ جي قيمت وٺڻ آئي آھين نھ.“

”گناھھ!“ باليءَ تي ڄڻ ٽھڪندڙ تيل پئجي ويو. اٻاڻڪي ٿي ويئي.

”ھا، گناھھ،“ شاھوءَ پرس مان نوٽ ڪڍي، باليءَ جي منھن تي ھنيا.

ھوءَ ھيسيل ھرڻيءَ وانگر شاھوءَ ڏانھن ڏسڻ لڳي.

”ڏسين ڇا ٿي؟ کڻ ڪاغذ جا ٽڪر ۽ ھتان ھميشه لاءِ گم ٿي وڃ.“

باليءَ ان ننڍڙي ٻار وانگر شاھوءَ ڏانھن ڏٺو، جنھن جو رانديڪو ڀڄي پيو ھجي. ڏسنديئي ڏسندي ٻنھي ھٿن ۾ منھن لڪائي روئي پيئي.

سڏڪن ۾ چيائين، ”مون خارا ٺاھر شڏي ڏنا آھن.“

”تھ مان ڇا ڪريان.“

”ٽوليءَ وارا بھ مون کي ڇڏي ھليا ويا آھن.“

”تون بھ ھي پيسا کڻ ۾ منھنجي جند ڇڏي ڏي.“

ھوءَ خاموش رھي. لڙڪ پي ويئي.

شاھوءَ سندس پيٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ھن دوزخ ۾ پلجندڙ گناھھ کي بھ ختم ڪري ڇڏ.“

”ھيءُ گناھھ ناھي،“ باليءَ ڪنڌ مٿي ڪندي چيو.

”ھيءُ گناھھ آھي،“ شاھوءَ سخت لھجي ۾ وراڻيو.

”مان ايماندار آھيان،“ باليءَ پھريون دفعو پختي لھجي ۾ ڳالھايو، ”مان تنھنجي امانت ۾ کيانت نھ ڪنديس. ھي گناھھ ناھي.“

”مان توکي ريوالور جون ڇھھ گوليون ھڻندس.“ شاھو لوھھ جي ڀت وانگر سامھون وڃي بيٺس. ”مان ھن گناھھ کي زنده جنم وٺڻ نھ ڏيندس.“

”ھي گناھھ ناھي، تنھنجو ٻار آھي.“

”ڪميڻي، ڪم ذات، تون ٽڪي جي ڀيلياڻي آھين،“ شاھوءَ کيس چوٽيءَ کان وٺي سٽ ڏيندي چيو، ”۽ خبر اٿئي، مان سيد آھيان، سيد.“

شاھوءَ جي اکين ۾ رت لھي آيو. ڀر ڪري باليءَ جي ڀريل پيٽ ۾ گوڏو ھنيائين. باليءَ جي وات مان فقط ھڪ ھلڪڙي آھھ نڪتي. ڪرڻ تي ھئي، جو شاھوءَ کيس در وٽان ڌڪو ڏيئي، در بند ڪري ڇڏيو. چپ چٻاڙيندي چيائين، ”اسان جي امتين تي ئي اک نھ ٿي ٻڏي ۽ ھيءَ ڪافر ڀيلياڻي آئي آ سيد سان پرڻجڻ.“

غريبن کي خوب دل ڀري گاريون ڏنائين. تکا تکا قدم کڻندو، ڀتين کي مڪون ھڻندو، اوطاق مان ٿيندو، حويليءَ ڏانھن ھليو ويو. ٻھ ڀائٽيون ۽ ھڪ ڀائٽيو ڊوڙندا اچي سندس ٽنگن سان چنبڙيا، ”چاچا راند ڪيون.“

پريشان ھو. بيچيني دور ڪرڻ لاءِ چيائين، ”اچو تھ اک- ٻوٽ راند ڪيون.“

”ھا، ھا،“ ٻارڙن پتڪڙن ھٿن سان تاڙيون وڄايون، ”اچو تھ اک- ٻوٽ راند ڪيون.“

دل کي پرچائڻ لاءِ شاھو ٻارن سان راند ڪرڻ لڳو. لڪڻ جون وارو آيس تھ وڃي اسٽور- روم ۾ لڪيو. ڪوٺيءَ ۾ ھر طرف گگھھ اوندھھ ھئي. ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ پئي آيس. ساھھ منجھندو محسوس ڪيائين. ڀانيائين تھ ھٻس ۾ گھٽجي مري ويندو. وک وڌايائين تھ ڀڳل ٽٽل ڪرسين، ميزن ۽ خالي کوکن سان وچڙندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو پراڻي پينگھي سان وڃي لڳو. پينگھو چيڪاٽ ڪري لڏڻ لڳو. کڙڪي تي جارن ۾ ويٺل ڪبوتر ڦڙ ڦڙ ڪندا اڏامي ويا. ھڪ چمڙو لامارو ڏيئي، سندس وارن سان لڳندو شھتير جي ٻيڪڙ ۾ گم ٿي ويو. دل ڄڻ تھ پنھنجي جاءِ تان پٽجي، سيني جي قيدخاني ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس. اکين آڏو ننڍڙا ننڍڙا دائرا جھرمر ڪرڻ لڳس. ڪرڻ تي ھو، جو وڃي ڀت سان لڳو. ڪوٺيءَ ۾ ماٺ مسلط ٿي ويئي. فقط پينگھي لڏڻ جو چيڪاٽ خاموشيءَ  کي چيري رھيو ھو. ذھن جو گھمسان واچوڙن وانگر خيالن کي ورائي ويس. ويچارن جا ھزارين سلسلا ٺھيا ۽ ٽٽل تاري وانگر روشنيءَ جي ليڪ ٺاھي گم ٿي ويا. موھن جو دڙو کن ۾ ٺھي، ڊھي ويو. روح جي کنڊرن ۾ پڙلاءَ واڪا ڪرڻ لڳس. آخر ڪيئن ھڪ ڀيلياڻيءَ کي ايڏي ھمت ٿي! ڪيئن سيد جي ٻار کي پنھنجي غليظ، گنھگار پيٽ ۾ پالڻ جي ھمت ڪيائين! مان کيس ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي ختم ڪري ڇڏيندس. ھڪ دفعو ٻيھر ڪوٺيءَ ۾ ھر طرف خاموشي ڇانئجي ويئي. وحشتناڪ اوندھھ ۽ ماٺ ۾ کيس پنھنجي دل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. تڏھن اوچتو، ڪنھن ٻھ ھٿ سندس سيني تي ھنيا ۽ ھن کان دانھن نڪري ويئي. ننڍڙا، معصوم ٽھڪڙا ڪوٺيءَ ۾ ڪل ڪل ڪرڻ لڳا، ”چاچا ڏڪي ويو، چاچا ڏڪي ويو.“

شاھوءَ پنھنجي ڀائٽي کي ھنج ۾ کڻي سيني سان ڀڪوڙيندي چيو، ”ھا، مان ڏڪي ويو ھوس. مان ڏڪي ويو ھوس.“

ھن ڀائٽي کي اتي ئي ھنج مان لاھي ڇڏيو ۽ ذري گھٽ ڊوڙندو، پنھنجي ڪمري ۾ پھچي، اونڌي منھن ليٽي پيو.

سانجھيءَ جي ميرانجھڙي روشنيءَ کي ڪارن ڪڪرن اونداھو ڪري ڇڏيو ھو. ماحول ۾ ھٻس ھئي. درياءَ مان ڄڻ اوٻر پي اٿيو. جڏھن بھ روھڙيءَ جي شام ۾ گھھ ۽ ٻوسٽ انتھا کي پھتي آھي، تڏھن، ڪٿان نھ ڪٿان، واءَ جا واچوڙا ۽ مٽي ڀريل آنڌي اچي نڪرندي آھي.

شاھوءَ کي اندر ۾ آنڌ مانڌ ھئي. وھاڻي ۾ منھن لڪائي ڇڏيائين.

سراج در کڙڪائي سڏ ڪيو.

شاھوءَ کيس در کوليو. ھو سھڪندو سھڪندو اندر آيو. سڄو جسم پگھر ۾ ڀت ٿي ويو ھئس. لڳو ٿي ڄڻ ميلن جا ميل ڊوڙندو آيو ھو. پاڻ کي موڙي تي ڇڏي ڏنائين. قميص جي ٻانھن سان پگھر اگھندي چيائين، ”ڪمبخت ٻار ڄڻي وڌو.“

”اف،“ شاھوءَ ٻئي مٺيون وارن ۾ وڌيون ۽ پاڻ کي پلنگ تي ڇڏي ڏنائين. ڪيتريءَ دير تائين ٻئي دوست خاموش رھيا. پنھنجن پنھنجن خيالن ۽ ويچارن سان وچڙندا رھيا.

”ڪٿي آھي؟“ شاھوءَ خاموشي ختم ڪندي پڇيو.

”ھيرانند جي پراڻيءَ جاءِ  ۾ وڃي ڪارو منھن ڪيائين.“ سراج وراڻيو.

ڪجھھ پڇڻ لاءِ لفظ شاھوءَ جي نڙيءَ مان نڪري، چپن تائين پھچي، پٺتي موٽي ٿي ويا. جيڪي ڪجھھ پڇڻ چاھيائين، تنھن لاءِ پاڻ ۾ ھمت نھ ڀانيائين. جواب جي تصور کان ڪنبڻيءَ ٿي ورتس.

نيٺ سموري سگھھ سھيڙي پڇيائين، ”ٻار، ڇوڪرو آھي، يا-“

”ڇوڪري.“

”ڇوڪري!“ شاھوءَ جي وات مان رڙ نڪري ويئي.

ڀانيائين، ڄڻ تھ ڪنھن کيس زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ابتو لٽڪائي ڇڏيو ھو. دنيا کي بولاٽيون کائيندي ڏٺائين. ڪائنات کي ڪيڪون ڪندي ٻڌائين.

”مون کي اڪيلائي گھرجي،“ شاھوءَ زخمي لھجي ۾ چيو، ”تون ھليو وڃ سراج.“

سراج شاھوءَ جي دل جي ڪيفيت پرکي ورتي ھئي. کيس جواب نھ ڏنائين. پنھنجي جاءِ تان اٿي شاھوءَ وٽ اچي بيٺو. سندس ڪلھي تي ھٿ رکيائين ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڪمري مان نڪري ويو.

سراج جي وڃڻ کان پوءِ ھيبتناڪ اوندھھ، اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ ۾ شاھوءَ جو ھنييون جھرڻ لڳو. ٻن متضاد جذبن جا گھوڙا سندس سيني جي زمين پٽيندا رھيا. پاڻ کي جنھن پھاڙ جي چوٽيءَ تي بيٺل سمجھيائين، سو ڌٻڻ جو دڙو ٿي پيو، پگھر جا ريلا ڪنن جي وٿين ۽ ڪنڌ تي جوئن وانگر چرندي محسوس ڪيائين.

اکيون مھٽي بيچينيءَ مان پاسو ورايائين. تصور خزان جي سڪل پن وانگر وھمن جي واچوڙن ۾ ڀٽڪڻ لڳس. اھا گھڙي ياد آيس، جڏھن باليءَ جي عزت لٽي ھئائين. اھا ساعت ياد آيس، جڏھن باليءَ در وٽان ويندي ويندي، منھن ورائي چيو ھو، ’مان کارا ٺاھڻ شڏي ڏينديس.‘ باليءَ جون اھي دردناڪ نگاھون ياد آيس، جن ۾ ھن پويون دفعو ڏانھنس نھاريو ھو، ۽ اھي راتيون ياد آيس، جن ۾ ھن باليءَ کي ھميشه لاءِ وساري ڇڏيو ھو. اوچتو اکين آڏو ’ايڪسيلشر‘ جي يوناني رقاصھ اچي بيٺس، جنھن اڌ رات جو سندس ڪپڙا دريءَ کان ٻاھر ڦٽا ڪري، کيس ڌڪو ڏيئي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ھو. ان شرمناڪ لمحي ۾ ھن پاڻ کي ھوٽل جي ورانڊي ۾ اگھاڙو بيٺل ڏٺو ھو. اوچتو، ڀيلن جي ٽوليءَ ۾ پنھنجي ڌيءَ کي ڀٽڪندي محسوس ڪيائين. کيس خيرات لاءِ ھٿ ٽنگيندي ڏٺائين. کيس جوان ٿيندي ڏٺائين. ڏٺائينس تھ ڄڻ کارا ٺاھي رھي ھئي. آخر ۾ ڪنھن عيار ۽ مڪار مرد جي وعدن تي پنھنجي ڌيءَ کي عصمت جو انمول زيور ٻليدان ڪندي ڏٺائين.

ھو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. اوندھھ ۾ اکيون ڦاڙي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين. ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ آيس. دل سيني ۾ کامي رھي ھئس. خيال ڪنھن ڀٽڪيل قافلي جيان مختلف رخن ڏانھن مڙندا رھيس. سرت جا ليڪا ڪنھن ابھم ٻار جي ٺاھيل نقش وانگر منجھيل محسوس ڪيائين.

پر اوچتو، ھڪ ليڪ، ھڪ واٽ کيس نظر آئي.

ھو ٽپ ڏيئي پلنگ تان اٿيو، بتي نھ ٻاريائين. اوندھھ ۾ ڪٻٽ جي خاني مان ريوالور ٻاھر ڪڍيائين. ريوالور ۾ گوليون ڀري، ڪٻٽ کي پٺي ڏيئي بيھي رھيو. اڳ جھڙي خاموشي نھ ھئي. ڪمري جا در ۽ دريون ھوا ۾ کڙڪڻ لڳا. ھن پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو.

ٻھ چار ڊگھيون ٻرانگھون کڻندو دڪيءَ تي اچي بيٺو. ريوالور تي رومال ويڙھي پتلون جي کيسي ۾ وجھي ڇڏيائين. ريوالور جو ڳن ٻاھر رھجي ويو، جنھن ۾ ھن پنھنجي مٺ قابو ڪري ڇڏي. ڪمري جو در بند ڪري ھيرانند جي پراڻي جاءِ ڏانھن روانو ٿي ويو.

سڄي ڏينھن جي جلائيندڙ گرمي ۽ شام جي ٻوسٽ کان پوءِ واچوڙا لھي آيا ھئا. شاھو اکيون مھٽيندو، سوڙھين گھٽين مان ذري گھٽ ڊوڙندو ھيرانند جي پراڻيءَ جاءِ ۾ اچي بيٺو. اونداھين ڪوٺين ۾ ھوا گھوگھاٽ ڪري رھي ھئي.

ھو ورانڊي ۾ وڃي بيٺو. تاريڪيءَ ۾ کيس ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ آيو. ھن کيسي مان باڪس ڪڍي تيلي ٻاري. گندرف جو شعار لاٽ ٿيڻ کان اڳ اجھامي ويو. ھو جو زور ويو ٿي وڌندو. ھن اڳتي وک وڌائي. پاسي واري ڪوٺيءَ مان کيس ٻار جي روئڻ جو آواز ڪن تي پيو. سندس دل ڪنبي وئي. بنا آواز ڪرڻ جي ھو ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيو. قدم ڪنھن نرم شيءِ سان لڳس ۽ گڏوگڏ ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز وڌي ويو. ھن ھڪدم پنھنجو پير پوئتي ڪري ڇڏيو، ڄڻ تھ ڪنھن بلا سان وڃي ٽڪريو ھو. ٻيھر تيلي ڪڍي ٻاريائين. ھڪ لمحي لاءِ لاٽ جاڳي ۽ وري گم ٿي ويئي. ان لمحي ۾ ھن باليءَ کي در وٽ بيسڌ ستل ڏٺو. ھو ڪجھھ دير تائين پنھنجي ھمت ۽ قوت ڪٺي ڪندو رھو.

نيٺ شاھو ھيٺ ٿيو ۽ ٻارڙيءَ کي ھنج ۾ کڻي ورتائين. ٻارڙيءَ کي ھڪ ٻانھن ۾ جھلي، ساڄي ھٿ سان ريوالور ڪڍي ٻارڙيءَ جي مٿان جھلي بيٺو. ٻارڙيءَ جو منھن کانئس ايترو پري بھ نھ ھو، جو کيس ڏسڻ ۾ ئي نھ اچي ھا. ھن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ ريوالور جي نالي روئيندڙ ٻارڙيءَ جي وات ۾ داخل ڪيائين. اوچتو ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز بند ٿي ويو. ھوءَ ٻچڪارون ڏيئي ريوالور جي سرد لوھھ کي چوسڻ لڳي. شاھوءَ جي آڱر ٽريگر تي ڄمي ويئي.

واچوڙا زمين تان مٽيءَ جا بادل کڻي آسمان ڏانھن اڏامڻ لڳا. بڙ ۽ پپر جا سڪل پن پراڻي جاءِ جي ورانڊي ۾ ڦٿڪڻ لڳا.

شاھوءَ جي دل ۾ ڊپ جا ٻھ جذبا جاڳي اٿيا- گناھھ، ۽ ڏوھھ جا جذبا. اول ھن خدا جي باري ۾ سوچيو ۽ پوءِ پوليس جي باري ۾. سوچيائين تھ پوليس کي راضي ڪرڻ سندس ڏائي ھٿ جو ڪم ھو. دولت ھئس. پٺِ ھئس. اھڙن جو پوليس وار بھ ونگو ڪري نھ سگھندي آھي. پتڪڙي ٻارڙي تھ ڇا، ڏينھن ڏٺي، ڀريل بازار ۾ جانٺو جوان بھ ماري وجھي ھا، تھ بھ پوليس ڏانھنس اک کڻي نھ ڏسي ھا. ائين ٿيندو  رھيو ھو. اھو ئي دستور ھو، کيس ڄاڻ ھئي. باقي رھيو خدا! سو خدا کان ايترو ڊپ محسوس نھ ڪيائين. پاڻ کي پرچايائين، تھ اھو ڪم خدا جي راھھ ۾ ڪري رھيو ھو. ساداتن جي ٻارڙيءَ کي ڀيلن ۾ ڀٽڪڻ کان بچائڻ لاءِ ڪري رھيو ھو. آخرت ۾ الله اجورو ڏيندس. سوچيائين، تھ جيڪڏھن ائين نھ ٿيندو، ۽ الله ناراض ٿي ويو، تھ پوءِ خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ وٽس زبردست خانداني شجرو ھو. لوھھ ٿيل دماغ ۾ خيال آيس، تھ جن سندس شجري جي ارتقا ڪئي ھئي، سي سڀئي جنت ۾ ھوندا. الله سائينءَ کي راضي ڪرڻ ۾ دير نھ ڪندا.

سندس خيالن جو سلسلو ڪچي ڌاڳي وانگر ڇڄي پيو. وھمن ۽ سنڪن جا موتي منتشر ٿي ويا. ڪرڻ تي ھو جو ڀت سان وڃي لڳو. باليءَ پنھنجون ٻانھون سندس ٽنگن ۾ قابو ڪري ڇڏيون ھيون. شاھوءَ کان ھمت موڪلائي ويئي. دل جو پکي پرڙا ھڻڻ لڳس.

”ڪير آھين؟“ باليءَ ڪمزور آواز ۾ ڳالھايو.

شاھو خاموش رھيو.

”ڪھرو آھين؟ منھنجي ڌيءَ کي توئي کنريو آھي.“

شاھو خاموش رھيو.

”ٻڌائين شو نٿو؟ ڪھرو آھين؟“ باليءَ ليلايو، ”ڪير آھين تون.“

شاھو خاموش رھيو.

ھوءَ روئي پئي. ”تون منھنجي ڌيءَ کي ماررن آيو آھين،“ ھن جھيڻي آواز ۾ چيو، تھ مون کي مار، ھن کي نھ مار.“

شاھو خاموش رھيو. ھن سندس ٽنگون ڇڏي ڏنيون. ھوءَ دانھن ڪري اٿي بيٺي. اوندھھ ۾ شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.

اوندھھ ۾ ٻئي ڪجھھ دير تائين اجنبين وانگر ھڪ ٻئي جي سامھون بيٺا رھيا. لوھھ جي نالي ٻارڙيءَ کي ممتا نھ ڏيئي سگھي. ھوءَ روئڻ لڳي. باليءَ کان رھيو نھ ٿيو. زخمي عقاب جيان جھٽ ڏيئي، پنھنجي ڌيءَ شاھوءَ جي ٻانھن مان کسي ورتائين. شاھوءَ ٻارڙي موٽائي وٺڻ جي ڪوشش نھ ڪئي. جنھن ھٿ ۾ ريوالور ھئس، سا ٻانھن ھيٺ ڪري ڇڏيائين.

باليءَ ٻارڙيءَ کي پنھنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ ڊنل ڊنل نگاھن سان شاھوءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر ھوءَ شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.

ھوءَ آھستي آھستي سخت فرش تي ويھي رھي. ٻارڙيءَ کي ٿڃ ڏيندي، شاھوءَ کي چيائين، ”کبر ٿئي ھي ڪھجي ڌيءَ آھي؟“

شاھوءَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ھن جواب نھ ڏنو. خاموش رھيو.

ٻارڙيءَ کي ٻانھن ۾ ڀڪوڙيندي باليءَ ٻيھر چيو، ”ماررن آيو ھئينس نھ! کبَر بھ ٿئي ھيءَ ڪھجي ڌيءَ آھي؟“

شاھوءَ جون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. لوندڙيءَ جون رڳون سيٽجي ويس ۽ دماغ ڌنوڻ لڳيس.

باليءَ جي ممتا اٿلي پئي. ٻارڙيءَ کي پيار منجھان چمڻ لڳي، پشم جھڙا وار، ڪپھھ جھڙا ڳل ۽ پتڪڙا پتڪڙا، نازڪ نازڪ ھٿ ور ور ڪري چمڻ لڳس. ايتريون تھ مٺيون ڏنائينس جو ٻارڙي روئي پئي.

”نھ منھنجي جيجان توکي ڪيل مالي،“ ھوءَ ٻارڙيءَ کي سرچائڻ لڳي. اوچتو ڪو خيال اينديئي، منھن مٿي ڪري، اوندھھ ۾ بيٺل شاھوءَ ڏانھن ڏسندي چيائين، ”کبر ٿئي ھيءَ ڪنھنجي ڌيءَ آھي؟“

شاھوءَ جواب نھ ڏنس. کيس خاموش ڏسي باليءَ پاڻ ئي وراڻيو، ”ھن جو ڪوبھ پيءُ ڪونھي. ھن جو ڪوبھ پيءُ ڪونھي.“

بالي اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي.

شاھو ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاھر ورانڊي ۾ اچي بيٺو. ڪجھھ سڪل پن سندس قدمن ۾ چيچلائي خاموش ٿي ويا. ھوا جو زور وڌي ويو ھو. پراڻي جاءِ جا بنياد ڪنبي رھيا ھئا. ماحول کي تاريڪي وڪوڙي وئي ھئي. گھگھھ اوندھھ ۾ بالي شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.

 

²

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com