سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: دنيا جا عظيم افسانا

باب: --

صفحو :11

ماڻهوءَ کي ڪيتري زمين کپي

 

وڏي ڀيڻ، شهر مان ڪَهي پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ سان ملڻ ائي. وڏي ڀيڻ هڪ واپاريءَ سان پرڻيل هئي، ۽ ننڍي ڀيڻ هڪ ڪڙميءَ سان.

جنهن وقت هو ٻيئي چانهه پي ڳالهيون ٻولهيون ڪري رهيون هيون، ته وڏي ڀيڻ فخر ۽ وڌاءَ سان پنهنجي شهري زندگيءَ جو بيان ڪرڻ لڳي. چئي: ”آءٌ ڪهڙي نه سک ۽ آرام سان حياتي گهاري رهي آهيان! ڪيئن نه پنهنجن ٻارن کي سٺا ۽ عمدا وڳا پهرائيندي آهيان. کائڻ پيئڻ ۾ ڪهڙيون نه عمديون، لذيذ ۽ اُچيون شيون استعمال ڪندا آهيون، برف تي رانديون کيڏڻ، گهمڻ ڦرڻ، ناٽڪ ڏسڻ، مطلب ته سڀ سک شهر ۾ ميسر آهن.“

وڏيءَ ڀيڻ جي انهن ڳالهين، ننڍيءَ ڀيڻ کي ڪجهه رنج پهچايو، ۽ جواب ۾ هوءَ واپاريءَ جي زال جي زندگيءَ کي نِنديندي، پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳي ”جيتري قدر منهنجو سوال آهي، آءٌ جيڪر پنهنجي زندگيءَ تنهنجي زندگيءَ سان ڪڏهن به نه مَٽيان. آءٌ تنهنجي اها ڳالهه مڃان ٿي ته اسان جي زندگيءَ ۾ تنهنجي زندگيءَ جهڙِ رونق نه آهي، ۽ اسين عيش جي چاهنا ڄاڻون ئي ڪونه. پر ان جي اُبتڙ، اوهان کي سڀني راحتن هوندي به پنهنجي واپار کي وڌائڻ لاءِ سخت محنت ٿي ڪرڻي پوي، نه ته هوند تباهيءَ جو منهن ڏسڻو پئيوَ. ٻڌو ڪونه اٿئي ته ’نقصان نفعي جو وڏو ڀاءُ آهي!‘ بيشڪ، اڄ اوهين آسودا آهيو، پر سڀاڻي ٿي سگهي ٿو ته اوهين ڏتڙجي وڃو. هُتي، ڳوٺ ۾، اسين اوهان کان وڌيڪ سکيا آهيون. ڪڙمي ٿوري کَٽئي ته به راضي آهي، هو شاهوڪار نه آهي، تڏهن به وٽس هميشه گهڻو ڪي آهي.“

وڏيءَ ڀيڻ پنهنجيءَ ڳالهه کي مٿي ڪرڻ لاءِ هڪدم چيو: ”اَٿوَ به ته رڳو ڏتڙيل ۽ وهڪايل ڳئون ۽ گابا نه؟“ گهڻو ڪههه به اهو اَٿوَ، جو پهرڻ لاءِ پوري پوشاڪ به ڪانه اٿوَ! پنهنجو گهر ته ڏسو! تنهنجو مڙس کڻي ڪيڏو به پورهيو ڪري، پر نصيب ۾ اها ئي خاڪ اَٿو- جنهن ۾ رهو ٿا، ۽ جنهن ۾ مرندؤ، نه صرف اوهان کي، پر اوهان جي اولاد کي به اها ئي پلئه پوندي!“

”بلڪل نه،“ ننڍيءَ ڀيڻ جواب ڏنو، ”تو غلط سمجهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان کي سخت پورهيو ڪرڻو پوي ٿو، پر گهٽ ۾ گهٽ زمين ته اسان کي پنهنجي آهي نه! اسان کي ڪنهن بئي جي محتاج غلام ٿيڻ جي ضرورت نٿي محسوس ٿئي. پر اوهين شهري، خواريءَ ۽ ذلت جي ماحُل ۾، حياتيءَ جا ڏينهن پيا گهاريو. اڄ اوهان جي زندگيءَ سٺي گذري رهي آهي، پر سڀاڻي جي اوهان تي بدبختيءَ جو پاڇو پوي، ۽ تنهنجو مرس شراب ۽ جوئا ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويهي، ته پوءِ اوهين سڀ پاڻ کي تباهيءَ جي اوڙاهه ۾ ڏسندؤ. ائين آهي نه؟“

ننڍيءَ ڀيڻ جو مڙس، پاکم، بخاري جي ڀرسان ويٺي اها سموري گفتگو ٻڌي رهيو هو. ”اهو سچ آهي.“ هن چيو. ”آءٌ نڍي هوندي کان وٺي پنهنجي ٻنيءَ تي پورهيو ڪري رهيو آهيان، ان ڪري مون پنهنجي دماغ ۾، ڪنهن بيوقوفيءَ جهڙي خيال کي جڳهه نه ڏني آهي. تنهن هوندي به مون کي پنهنجي زندگيءَ سان هڪڙي شڪايت آهي، اها آهي ٿوري زمين. جيڪڏهن مون کي ٿوري زمين ٻي به ملي وڃي، ته جيڪر ڪنهن به ماڻهوءَ جي پرواهه نه ڪريان، شيطان جي پرواهه به نه ڪريان!“

پوءِ ٻنهي ڀينرن چانهه پي ختم ڪئي، ۽ پوشاڪ تي ڪجهه دير ڳالهه ٻولهه ڪري، ٿانءَ ٿِپا ڌوئي وڃي سمهي رهيون.

سندن انهي گفتگوءَ هلندي، شيطان به بخاري جي پويان ويٺو هو،۽ سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. هن کي ننڍيءَ ڀيڻ جي ان ڳالهه ڏاڍو خوش ڪيو، جنهن کي ٻڌي سندس مڙس ٻٽاڪ هڻڻ لڳو، ته ”مون کي ٿوري زمين ٻي به ملي وڃي، ته جيڪر شيطان جي پرواهه به نه ڪريان!“

”ڏاڍو سٺو!“ شيطان چيو. ”آءٌ توسان هڪ تباهيءَ جي راند ڪندس. آءٌ توکي ججهي زمين ڏيندس، ۽ پوءِ وري اُها کسي وٺندوسانءِ!“

ڳوٺ ۾ انهن ڪڙمين جي ڀر ۾ هڪ عورت رهندي هئي، جنهن کي ساڍا ٽي سؤ ايڪڙ پنهنجي ٻني هئي. شروعات ۾ هن جا تعلقات ڪڙمين سان سٺا هوندا هئا، ۽ ڪڏهن به پنهنجي آسودگيءَ جو ناجائز فائدو نه ورتو هئائين، پر پوءِ هن هڪ رٽائرڊ فوجي4 کي پنهنجي ٻنيءَ جو ڪارائو مقرر ڪيو، جنهن اچڻ سان ڪڙمين تي ڏنڊ وجهي کين آزارڻ شروع ڪيو. پاکم پنهنجن ڍورن جي کڻي ڪيڏي به سنڀال لهندو هو. تڏهن به ڪڏهن هن جو گهوڙو ڇُڙي وڃي اُن عورت جي جوَن جي فصل ۾ پوندو هو، ته ڪڏهن ڪا ڳئون ڇنائي وڃي ان جي باغ ۾ داخل ٿيندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪو گابو ٽَهائي وڃي سندس چراگاهه ۾ پهچندو هو. اهو ئي سبب هو جو پاکم ويچارو سدائين ان عورت جي ڪارائي وٽ ڏنڊ ڀريندو رهدنو هو.

پاکم چُپڙي ڪري وڃي ڏنڊ ڏيئي، مال وٺي ايندو هو، ۽ گهر اچي ڌڻ کي مارڻ ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪندو هو. ڪارائي جو اهو آزار اونهاري جي مند ۾ ويتر وڌي ويو ۽ پاکم سخت ضروري سمجهيو ته مال ڪنهن واڙَ ۾ بيهارجي. اهڙيءَ طرح هن مال کي واڙ ۾ بيهارڻ جو خرچ سَهسايو.۽ ٻئي قسم جي هورا کورا ۽ فڪري کان آجو ٿيو.

سياري ۾ اهو افواهه سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويو ته اها زميندار عورت، بارينا، پنهنجي زمين وڪڻي رهي آهي ۽ رٽائرڊ فوجي ڪرائو، کانئس اها زمين ۽ ان سان لاڳو چراگاهه وٺڻ جو خيال ڪري رهيو آهي. اهو قصو جڏهن ڪڙمين جي ڪنن تائين پهتو، ته سڀ هراسجي ويا، ڇو جو ڪارائي جو روش کان هو اڳ ئي واقف هئا.

’جيڪڏهن ڪارائو اها زمين وٺي ٿو، ته هو اسان تي اڳي کان به ڳرا ڏنڊ وجهندو!‘ سڀني گڏجي ويچاريو. ’ان ڪري ضروري آهي ته اسين پنهنجي کل بچائڻ لاءِ، ڪا اٽڪل ڪري اها زمين حاصل ڪريون؟‘

ڳوٺ جي وڏيري وٽان هڪ وفد بارينا سان ملڻ ويو، ۽ کيس عرض ڪيو ويو ته هوءَ پنهنجي زمين ڪارائي کي نه وڪڻي، بلڪ وڏيري کيوڪڻي، جو ڪارائي کان وڌيڪ واڪ ڏيندو. بارينا سندن اها ڳالهه مڃي، ۽ هو سڀ ڪوششون ڪرڻ لڳا ته وڏيرو بارينا جي سڄي ملڪيت خريد ڪري. هنن ان ڏس ۾ هڪ ٻه دفعا ميڙ ڪوٺايو، پر مسئلي جو ڪوبه حل نه ٿيو. حقيقت ۾ هڪ ناپاڪ روح، سندن هر ٺهيل ٺڪيل ڪم کي ڦٽائي رهيو هو، جنهن ڪري هو ڪنهن به فيصلي تي پهچي ڪين سگهيا. آخر هنن فيصلو ڪيو ته هرهڪ ڪڙمي جدا جدا پنهنجي سرزمين وڍي، پوءِ جيتري جيڪو وڍي سگهي. سندن اها به ڳالهه بايرنا قبول ڪئي.

هڪ ڏينهن پاکم بڌو ته سندس پاڙيسريءَ بارينا کان پنجاهه ايڪڙ زمين ورتي آهي. ۽ بارينا ساڻس ٻئي سال تائين اڌ رقم جي اَوڌر رکي آهي. ان ڳالهه پاکم کي ريس ڏياري. هن سوچيو، ’جيڪڏهن ٻيا سموري زمين وٺي ويا، ته منهنجي لاءِ ڪجهه به نه بچندو!‘ اهو ويچاري، هن پنهنجيءَ زال سان صلاح مصلحت ڪئي. هوءَ چوڻ لڳي: ”هرڪو ڪجهه نه ڪجهه زمين وٺي رهيو آهي. اسان کي به گهٽ ۾ گهٽ ٽيهارو کن ايڪڙ ٻني وٺڻ گهرجي. ٻيءَ حالت ۾، جڏهن اسان جي سموري موڙي ڪارائو ڏنڊن ۾ وصول ڪري رهيو آهي، اسان جو گذر ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو.“ پوءِ هو ويچار ڪرڻ لڳا ته زمين وٺڻ لاءِ ڪانه ڪا صورت ڪڍڻ گهرجي.

هنن وٽ هڪ سؤ روبل گڏ ٿيا رکيا هئا. هڪ گابو ۽ اڌ ماکي وڪڻي، ۽ پٽ کي نوڪري ڪرائي، هنن زمين جي ملهه جي اڌ جيتار پئسا ڪٺا ڪري ورتا.

نيٺ پاکم سڀ پئسا ڪٺا ڪيا، ۽ چاليهه کن ايڪڙ ٻني ۽ هڪ ننڍڙو ٽڪر ڪوڇي جي چونڊي، هو بارينا وٽ سودو ڪرڻ ويو. سودي ٺهڻ کان پوءِ، بارينا وٽ سوٿي جمع ڪرائي، پاکم شهر روانو ٿيو ۽ وڪري جا دستاويز وغيره ٺهرائي آيو. هن اڌ رقم ٿڏي تي ڏني. ۽ باقي اڌ رقم ٻن سالن اندر ڏيڻ جو شرط قبول ڪيائين، ۽ هاڻي پاکم زمين جو مالڪ هو.

هن ڪجهه رقم پنهنجي سالي کان اُڌاري ورتي، جنهن مان ٻج خريد ڪيائين. اهو ٻج نئينءَ ورتل زمين ۾ پوکيائين ۽ سندس فصل ڏاڍو سٺو ٿيو. اهڙو،جو هن هڪ سال اندر ئي بارينا ۽ پنهنجي سالي جي قرض کان پلاند آجو ڪيو. هو هاڻي زمين جي ڪُلي مالڪ هو. اها زمين هن جي پنهنجي هئي، جنهن ۾ هن کيتي ڪئي. هن پنهنجي ئي فصل ۾ لابارو وڌو هو ۽ پنهنجي ئي ٻيلي مان ڪاٺيون ڪيون هيون، ۽ اهو هن جو پنهنجو ئي ڌڻ هو، جنهن کي هن پنهنجن چراگاهن ۾ چاريو ٿي. هو جڏهن به هر ڏيڻ يا فصل ڏسڻ وقت پنهنجيءَ نه کسجڻ جوڳي ملڪيت ڏانهن ويندو هو، ته سندس خوشيءَ جي ڪا حد ئي ڪانه هوندي هئي. کيس پنهنجو گاهه ٻين جي گاهن کان مختلف نظر ايندو هو، ۽ هو محسوس ڪندو هو ته سندس ٻنيءَ ۾ گلن جي ٽِڙڻ جو اندازو ئي مختلف هو. اڳي جڏهن هو پنهنجي زمين ڏسڻ ويندو هو ته اها فقط زمين ئي هوندي هئي، زمينن جهڙي، پر هاڻي اها زمين، زمين هندي به هڪ ٻئي قسم جي زمين هئي.

اهڙيءَ طرح، پاکم ڪو وقت زندگي مزي سان گذاري. سچ پچ، ته اها زندگي جيڪر ائين ئي خوشيءَ سان گذرندي رهي ها، جيڪڏهن ٻيا ڪڙمي پاکم جي ڪوڇي ۽ ٻنين سان هٿ چراند نه ڪن ها. هن جو بار بار اعتراض ڪرڻ ۾ سڦلا نه ٿيا. ڌنار پنهنجا ڌڻ هن جي ڪوڇي ۾ ڇڏي ڏيندا هئا، ۽ هنن جا گهوڙا رات جو سندن تيار ٿيل فصل تباهه ڪري ويندا هئا. هن ڪيترائي ڀيرا ڌڻ هڪالي ٻاهر ڪچيو هو، ۽ ڳالهه کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، پر ڪيستائين؟ آخر هو انهن حرڪتن کان عاجز ٿي پيو، ۽ وڃي عدالت ۾ فرياد داخل ڪيائين. هن چاتو پئي ته ڪرمي اهو سڀ ڪجهه تنگدستيءَ سبب ڪري رهيا هئا، ۽ نه ڪنهن ڪيني سببان، پر هو کين ائين ڪرڻ جي اجازت ڪيئن ٿي ڏيئي سگهيو، جڏهن سندس سمورو فصل تباهه ٿي رهيو هو؟ هنن کي ضرور سيکت ملڻ کپندي هئي!

اهڙيءَ ريت، هن هڪ ڪڙميءَ کي عدالت وسيلي سبق سيکاريو، ۽ پوءِ ٻئي کي، هڪ تي ڏنڊ پيو ۽ پوءِ ٻئي تي به. انهيءَ ڏاڍ مڙسيءَ سبب ٻين ڪڙمين جي دلين ۾ هن لاءِ نفرت پيدا ٿي ويئي، ۽ سندس پاڙيسرين ايڪو ڪري سندس فصل چوري ڪرڻ جا سانباها ڪيا. هڪ ماڻهو رات جو هن جي باغ ۾ گهڙِو ۽ بيٺل ليمي جي وڻن جا ڇوڏا لاهي ويو. ٻئي ڏينهن جڏهن پاکم انهن وڻن وٽان لنگهيو ته ليمي جي وڻن جو اهو حال ڏسي، سندس منهن لهي ويو. هو وڌي وڻن جي ويجهو آيو، ۽ ڏٺائين ته ڪن وڻن جا ڇوڏا لٿا يپا هئا، ۽ ڪن کي پاڙؤن پٽي ڦٽو ڪيو ويو هو. بدمعاشن رڳو هڪ وڻ ڇڏيو هو، جنهن جون به ٽاريون وڍيون پيون هيون. پاکم جو منهن ٽامِڻي هڻي ويو. هن سوچيو، ’رڳو خبر پئجي وڃيم ته اها ڪنهن جي شرارت آهي، ته کن ۾ خبر وٺانس!‘ هو دل ئي دل ۾ سوچيندو رهيو ته اهو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ نيٺ هن کي پڪ ٿي ته اهو ڪم ’سميڪا‘ جو ئي ٿي سگهي ٿو. سو هو سميڪا ڏانهن خبر لهڻ لاءِ ويو، پر کيس سواءِ گارين جي ٻيو ڪجهه به پلئه ڪونه پيو. هاڻي ته ويتر سندس شڪ وڌيڪ مضبوط ٿي ويو ته اها شرارت ڪندڙ شخص سميڪا ئي هو. ۽ پوءِ، ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، وڃي عدالت ۾ سميڪا تي فرياد ڪيائين. فريادي ۽ جوابدار، ٻنهي کي ڪورٽ ۾ گهرايو ويو. ماجسٽريٽ پيروي پوري ڪرڻ کان پوءِ گهڻي سوچ ويچار بعد، مقدمو انهيءَ بنيد تي خارج ڪري ڇڏيو ته پاکم پنهنجي فيراد جي سچ هئڻ لاءِ ڪا مضبوط شهادت پيش نه ڪري سگهيو. ان ڳالهه پاکم کي تهان ئي وڌيڪ ڪاوڙ ڏياري. هو راڄ جي مکيءَ ۽ ماجسٽريٽن کي گاريون ڏيڻ لڳو ”اوهين سڀ چورن جا ڀائيوار آهيو جيڪڏهن واقعي ايماندار هجو ها، ته سميڪا کي ڪڏهن به جيل موڪلڻ کان سواءِ نه ڇڏيو ها.“ هاڻ هو ڪوشش ڪري پاڙيسرين کان پري پري ۽ اڪيلو رهڻ لڳو، ۽ پنهنجا واسطا مکيءَ سان گهٽائيندو ويو.

انهن ئي ڏينهن ۾ ڳوٺ ۾ افواهه اٿيو ته ڪي ڪڙمي ڳوٺ مان لڏي وڃن جا سانباها پيا ڪن. ان افواهه پاکم کي به ويچار ۾ وجهي ڇڏيو، ’ڀلا آءٌ ڪهڙي سبب ڪري ڳوٺ مان لڏي وڃان! جيڪڏهن ٻيا ڪڙمي لڏي رهيا آهن ته ڇا ٿيو، منهجي لاءِ ته پاڻ زمين وڌي پوندي! آءٌ هنن جون ڇڏيل ٻنيون وٺي سگهندس، ۽ پنهنجيءَ زمين کي وڌائي سگهندس. هاڻي جو سوڙهه سڪوڙ ۾ پيو رهان، سو پوءِ گهڻي آرام ۽ طمينان سان رهندس.‘

ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هڪ ڏينهن جڏهن پاکم پنهنجي گهر ويٺو هو، ته هڪ مسافر ڪڙمي اچي سندس گهر ڀيڙو ٿيو. پاکم هن کي رات پاڻ وٽ ٽڪايو. ماني کائڻ کان پوءِ، ڳالهه ٻولهه ڪندي، پاکم هن کان پڇيو ته هو ڪهڙي طرف کان اچي رهيو آهي. ان تي هن کيس ٻڌايو ته هو وولگا نديءَ کان ٿورو پرڀرو هڪ ڳوٺ مان آيو آهي، جتي پاڻ نوڪري به ڪندو آهي. پوءِ مسافر کيس ٻڌايو ته ڪيئن نه اتي هڪ نئين بستي قائم ڪئي پيئي وڃي، ”هر هڪ لڏي ايندڙ کي پنهنجو نالو مکيءَ وٽ پيش ڪرڻو پوي ٿو، ۽ کيس ٽيهه ايڪڙ ٻني الاٽ ڪئي وڃي ٿي. زمين به ڏاڍي ڀلي، جنهن ۾ رائيءَ جو فصل ته اهڙو ٿئي ٿو جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر! هر هڪ سلو اياترو ڊگهو ٿو ٿئي، جو گهوڙو فصل ۾ گهڙي وڃي ته نظر ئي نه اچي! ۽ ايترو گهاٽو ٿو ٿئي، جو پنجن مُٺين مان هڪ گَڏو ٺهي پوي!“  هن وڌيڪ ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته ”جيڪو اتي اچڻ وقت بلڪل غريب هو، سو هن وقت ڏيڍ سؤ ايڪڙن جو مالڪ آهي ۽ رڳو گذريل سال ڪڻڪ جي وڪري مان ئي پنج سؤ روبل ڪٺا ڪري چڪو آهي!“

اها ڳالهه ٻڌي، پاکم جو روح بيتاب ٿي ويو ۽ هن ويچاريو: ”هتي رهي، ههڙي تنگدستيءَ ۽ تڪيلفن وري زندگيءَ گذارڻ مان ڇا فائدو؟ آءٌ هتي جي زمين ۽ جايون سڀ وڪڻي ڇڏيان ۽ اتي نئين زمين ۽ نئون گهر آبد ڪريان. هتي هن تنگ ماحول ۾ سواءِ لڳاتار ڏکن جي ڪجهه به نه آهي. ڪنهن به قيمت تي مون کي ان ڳوٺ ۾ وڃڻ گهرجي، ۽ حال احوال معلوم ڪرڻ گهرجي!‘

جڏهن اونهارو آيو، ته هو سهي سنڀري ان نئين آباد ٿيندڙ ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. هن وولگانديءَ کان سمارو تائين آگبوٽ رستي سفر ڪيو، ۽ اتان چار پنج ميل پيادل هلڻ بعد، اچي ان نئين وسندڙ ڳوٺ ۾ پهتو. هن اتي جيڪي ٻڌو هو، اهو ئي اچي ڏٺو. ڪڙمي ٽيهن ايڪڙن جي ٻنيءَ تي به سُکي زندگي گهاري رهيا هئا. مکيءَ کيس پڪ ڏني ته جي هو اتي اچي رهيو ته سندس سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو. کيس وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو ته جي ڪو پئسي وارو شخص هتي آباد ٿيڻ ايندو، ته هو وڌيڪ زمين به خريد ڪري سگهندو، ايتري، جيتري هو چاهيندو، ۽ اها زمين هميشه * لاءِ سندس ملڪيت ٿي رهندي.عجب جي ڳالهه اها  جو هڪ روبل ۾، ڀلي ۾ ڀلي زمين جا نوَ ايڪڙ پئي مليا!

اها سڀ معلومات حاصل ڪري سرءُ جي مند ۾، پاکم پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو. هو اچڻ سان پنهنجي جاءِ ۽ زمين وڪڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو ۽ آخر چڱي چوکي نفعي سان پنهنجي زمين، پنهنجو گهر، مال ۽ جمع ٿيل اناج وغيره نيڪال ڪري ڇڏيائين. هن ڳوٺ جي مکيءَ جي ڪتاب مان به پنهنجو نالو خارج ڪرايو، ۽ بهار جي مند ۾ پننهجي ڪٽنب سميت نئين وسندڙ ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو.

نئين ڳوٺ ۾ پهچڻ سان ئي هن مکيءَ جي ڪتاب ۾ پنهنجي نالي داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخر ضروري دستاويز وغيره لکڻ ۽ مکيءَ جي کيسي گرم رڪڻ کان پوءِ، هو ان ڪم ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڳوٺ ۾ جدا جدا هنڌن تي هن کي ڏيڍ سؤ ايڪڙ زمين ملي ويئي. في ماڻهو ٽيهه ايڪڙ جي حساب سان، ان سان گڏوگڏ کيس عام چراگاهه استعمال ڪرڻ جو حق به ڏنو ويو. پاکم نئين زمين ۾ پنهنجو گهر ۽ واڙو وغيره اڏيو. هن کي جيڪا زمين ملي هئي سا سندس اصلي ڳوٺ واري زمين کان ٻِيڻي هئي، ۽ هئي به اناج اُپائڻ واري. هتي هن جي حياتي سندس اصلي ڳوٺ واريءَ حياتيءَ کان ڏهوڻو بهتر هئي. سندس زرعي زمين ۽ چراگاهه جو علائقو ايترو ته وسيع هو جو، ڪيترو به مال ان ۾ چاري پئي سگهيو.

شروع ۾ ان کي جو ڪجهه مليو. ان کي ڪو ڪافي ۽ ججهو سمجهڻ لڳو. پر ڪهه وقت گذرڻ کان پوءِ، هو پاڻ کي اتي به تنگ ۽ ناخوش مهسوس ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي ٻنيءَ ۾ به اوچيءَ جنس واري ڪڻڪ ٿي پوکڻ چاهي، جيئن ٻيا هاري پوکي رهيا هئا. پر هن کي مليل پنهنجين زمينن مان ڪابه هڪ اهڙي ڪڻڪ پوکڻ جي لائق نه هئي. ڪڻڪ ڪرڻ لاءِ اهڙي زمين گهربل هئي، جنهن ۾ ٻن سالن تائين پوک نه ٿي هجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هن کي جا زمين ملي هئي، سا سٺي ۽ زرخيز هئي، پر اها فقط رائيءَ جي فصل پوکڻ جي لائق هئي. ڪڻڪ واريءَ زمين لاءِ گهڻا ئي عرضدار هئا، پر اها زمين تمام ٿوري هئي. آسودا ڪڙمي ته پنهنجي ٻني پاڻ ڪندا هئا، پر غريب ڪڙمي واپارين وٽ زمين گِروي رکي پوءِ آباد ڪندا هئا. پهرئين سال پاکم روسي ڪڻڪ جو فصل پوکيو، جيڪو ڏاڍو ڀلو ٿيو. ٻئي فصل ۾ به هن ڪڻڪ ڪرڻ چاهي، پر اهو ائين نه ڪري سگهيو، ڇو جو هڪ فصل کان پوءِ وري ڪڻڪ ڪرڻ لاءِ زمين کي ٻه سال خالي ڇڏڻو ٿي پيو، تنهن ڪري هن ڪجهه وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هو واپارين وٽ ويو، ۽ ڪجهه زمينه هڪ سال لاءِ مقاطعي تي حاصل ڪيائين. هن انهيءَ زمين ۾ ڪڻڪ پوکي، ۽ ان جو فصل تمام سٺو ٿيو. سندن نئين زمين ڳوٺ کان پنج ڇهه ميل پري هئي. جنن ڪري کيس اتان اناج وغيره گاڏيءَ تي کڻي اچڻو ٿي پيو. ٻين ڪڙمين کي انهن زمين تي رهندو ڏسي، پاکم دل ۾ ويچار ڪيو، ”ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو آءٌ به هنن ڪڙمين وانگر هتي ئي گهر اڏي ويهان.“ پوءِ هو اهڙن انتطامن کي مڪمل ڪرڻ ۾ جُنبي ويو.

اهڙيءَ ريت، پاکم ساندهه پنج سال زمين مقاطعي تي کڻندي ۽ ڪڻڪ جو فصل ڪندي گذاريا. اهي پنج ئي سال هن لاءِ ڀاڳ وارا هئا، ۽ هن ڪڻڪ مان ججهي رقم ڪٺي ڪئي. زندگيءَ جي يڪسانيت به ماڻهوءَ کي ٿڪائي ٿي ڇڏي، سو پاکم به سال بسال ڌارئي ڳوٺ مان لڏي ٻئي ڳوٺ وڃڻ کان ڪَڪ ٿي پيو. جتي به ڪا سٺي زمين کڻت تي ملندي هئي، ته ڪڙمي ان تي ٽُٽي پوندا هئا. پاکم جي پهچڻ کان اڳ ئي اها ٽڪر ٽڪر ٿي ورهائجي ويندي هئي. هڪ لڱا هن هڪ واپاريءَ سان گڏجي، ڪن ڪڙمين جو چراگاهه کڻت تي کڻي آباد ڪيو. عدالت ۾ ڪڙمي دعوا کٽي ويا، ۽ سندس سموري محنت پاڻيءَ ۾ وهي ويئي.

پاکم ارادو ڪيو ته ڪنهن هنڌ اهڙي جاگير وٺي، جا دائمي طور سندس ئي ملڪيت ٿي رهي. ان ڏس ۾ هن جي ملاقات هڪ اهڙي آبادگار سان ٿي، جو ڏيواليو ٿي ويو هو، ۽ پنهنجي سموري ملڪيت، پندرهن سؤ ايڪڙ زمين، وڪري ڪرڻ لاءِ تيار هو. پاکم ان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ ڪجهه ڇڪتاڻ کان پوءِ هڪ هزار روبل تي سودو ٺهي ويو. اڌ رقم ٿَڏي تي، ۽ اڌ قسطن ۾. ان سودي ٿيڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ، هڪ واپاري، جو پنهنجا گهوڙا هلر لاءِ ڏيڻ آيو هو، سو پاکم جي گهر اچي ترسيو. رات جو چانهه پيئڻ کان پوءِ، جڏهن هڪ ٻئي کان حال احوال وٺڻ لڳا، ته واپاريءَ کيس ٻڌايو ته هو هڪ ڏورانهين ڏيهه، بشڪيرن جي ملڪ مان آيو آهي، جتي هڪ هزار روبل ۾ پندرهن هزار ايڪڙ ڀلي زمين ملندي آهي. انهيءَ تي پاکم واپاريءَ کان ورجائي ورجائي پڇيو، ۽ هن کيس سمورو تفصيل ٻڌايو. هن ٻڌايو ته، ”مون کي رڳو اتي جي پَرين مڙسن کي ڪي سوغاتون- جهڙوڪ خلعتونو، غاليچا، چانهه وغيره- ڏيڻيون پيون. اهڙيءَ طرح اٽڪل هڪ سؤ روبل ورهائڻا پيا، ۽ هر شوقين کي ’ووڊڪا،[1] پيارڻي پيئي. نتيجي ۾ مون کي ويهن ڪوپڪن[2] ۾ ٽي ايڪڙ زمين جا مليا.“ هن اهڙو دستاويز به پاکم کي ڏاکريو. ”سموري زمين درياءَ جي ڀر تي آهي. ڏاڍي زرخيز ۽ ڀلي آهي.“ واپاريءَ پنهنجي ڳالهه ختم ڪندي چيو. پاکم اڃا به هن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي. ”توکي اهڙي زمين جهڙي بشڪيرن ملڪ ۾ آهي، ڪٿي به نه ملندي.“ واپاريءَ چيو. ”تنهن کان سواءِ، بشڪير ماڻهو ايترا ته سادا ۽ ٻالا ڀولا آهن، جهڙيون رِڍون. تون وٽانئن هر شيءِ مفت حاصل ڪري سگهندين.“

پاکم سوچيو: ’پندرهن سؤ ايڪڙن لاءِ هڪ هزار روبل وڃائڻ مان ڪهڙو فائدو، ۽ سو به قرض جو ٻوجهه کڻي. ايتريءَ رقم ۾ ته آءٌ ان کان به وڌيڪ ملڪيت جو مالڪ ٿي سگهان ٿو!‘

پاکم واپاريءَ کان ان ملڪ جو دڳ پنڌ پڇي ڇڏيو ۽ جيئن ئي واپاري وٽانئس موڪلائي ويو، ته هن به بشڪيرن جي ملڪ جي سفر جا سانباها ڪيا. پنهنجا ٻار ٻچا ڳوٺ ۾ ڇڏي، هڪ نوڪر ساڻ ڪري، هو پهريائين شهر ڏانهن روانو ٿيو، جتان چانهه، ووڊڪا ۽ ٻيون شيون، جي کيس واپاريءَ ٻڌايون هيون، سوکڙيءَ طور ڏيڻ لاءِ خريد ڪيائين. ان خريداريءَ مان واندا ٿي، هو ٻيئي بشڪيرن جي ملڪ ڏاننه روانا ٿيا، ٻه اڍائي سؤ ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ اچي بشڪيرن جي اڏي تي پهتا، جو ڪجهه واپاريءَ کيس ٻڌايو هو، سو هن اتي ڏٺو. ماڻهو چمڙي جي ننڍن تنبن جهڙن گاڏن ۾، نديءَ جي ڀر وارن ميدانن تي رهيل هئا. هو نه کيتي ڪندا هئا، ۽ نه ئي وري اناج واپرائيندا هئا. سڄو ڏينهن وڏن وڏن چراگاهن ۾ ڍڳيون ۽ گهوڙا ڊُڪائيندا وتندا هئا. بشڪيرن جو دلپسند ۽ مکيه کاڌو گهوڙين جو کير هو. انهيءَ مان بشڪير عورتون هڪ قسم جو شراب به ٺاهينديون هيون، جنهن کي ”ڪيومس“ چوندا هئا. ڪيومس مان ڪڏهن ڪڏهن پنير به ٺاهيو ويندو هو. پيئڻ لاءِ هو رڳو ٻه شيون ئي استعمال ڪندا هئا- چانهه ۽ ڪيومس. ان کان سواءِ سندن کاڌو گوشت، ۽ تفريح، شرناءِ وڄائڻ هئي. اهي ماڻهو سدائين سرها ۽ چست نظر ايندا هئا. تعليم ۾ هو بلڪل ڪورا هئا، ۽ روسي زبان کان غير واقف، پر تڏهن به مهربان ۽ بااخلاق هئا.

جيئن ئي هنن جي نگاهه پاکم تي پيئي، ته هو سڀ پنهنجن تنبن جهڙن گاڏن مان ٻاهر نڪري آيا، ۽ مهمان کي چوڌاري وڪوڙي ويا. هڪ ترجمان آيو، جنهن کي پاکم ٻڌايو ته پاڻ زمين خريد ڪرڻ آيو آهي. اه اڳلهه ٻڌي، بشڪير خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا، ۽ پاکم کي ڀاڪر پائي هڪ سٺي سينگاريل تنبوءَ ۾ وٺي آيا. اتي هو آڙام ڏيندڙ عاليچن تي ويٺو ۽ بشڪير ڪيومس ۽ چانهه ٺاهڻ ۾ لڳي ويا. کاڌي پيتي کان پوءِ، پاکم پنهنجي گاڏيءَ مان سوکڙيون کڻي آيو، ۽ بشڪيرن ۾ ورهائڻ لڳو. ان بعد هنن ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهايو، ۽ پوءِ ترجمان کي ڳالهائڻ جو حڪم ڏنائون.

”آءٌ توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“ ترجمان چيو، ”ته اسين تو مان گهڻو خوش ٿيا آهيون. اسين مهمان جي ڏنل سوکڙين عيوص سندس هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اهو اسان جو دستور آهي. تو اسانکي پنهنجين سوکڙين سان نوازيو آهي، سو توکي جيڪي ڪجهه گهرجي سو ٻڌاءِ، ته جئين اسين تنهنجي اها خواهش پوري ڪري سگهون.؟“

”مون کي رڳو توهان جي ڪهه زمين کپي.“ پاکم وراڻيو.”جتان آءٌ آيو آهيان، اتي زمين ڪافي نه آهي، ۽ جا ڪجهه  آهي، اها نستي آهي. پر اوهان جون زمينون ايڏيون ته گهڻيون ۽ ڀليون آهن، جو اهڙيون مون ڪڏهن ۽ ڪٿي به نه ڏٺيون آهن!“

ترجمان بشڪيرن کي سڀ ڪجهه ترجمو ڪري ٻڌايو، ۽ هو وري پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. جيتوڻيڪ پاکم ڪجهه به نه پئي سمجهي سگهيو، تنهن هوندي به هن محسوس پئي ڪيو ته بشڪير خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا، ۽ انهن مان ڪي ته ٽهڪ به ڏيئي رهيا هئا. آخر هنن بحث ختم ڪيو، ۽ پاکم ڏانهن ڏسڻ لڳا. ترجمان ڳالهائڻ شروع ڪيو ”تنهنجي مهربانين جي بدلي ۾ اسين توکي ايتري زمين وڪڻڻ لاءِ تيار آهيون، جيتري زمين تون وٺي سگهين. تون رڳو چئو ته توکي ڪيتري زمين کپي، ۽ پوءِ اها زمين تنهنجي ٿي ويندي.“

ايتري ۾ بشڪيرن وري پاڻ ۾ سُس پُس شروع ڪئي، ۽ ڪنهن ڳالهه تي تکا پوڻ لڳا. پاکم جي پڇڻ تيترجمان کيس ٻڌايو ته، ’ڪن جي مرضي آهي ته زمين جي وڪري متعلق پهريائين ستارشينا (مکي) سان صلاح ڪرڻ گهرجي، ۽ ان کان سواءِ ڪو به قدم نه کڻجي، ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ستارشينا کان پڇڻ ضروري نه آهي.“

بشڪيرن اڃا انهيءَ بحث ۾ هئا ته تنبوءَ ۾ هڪ ماڻهو داخل ٿي، جنهن کي لومڙ جي کل جي ٽوپي پهريل هئي. هن جي اچڻ تي هر ڪو ادب مان اٿي بيٺو ۽ ترجمان پاکم کي ٻاڌيو ته ”ستياشينا اهو آهي.“پاکم هڪدم سٺي ۾ سٺي خلعت ۽ پنج پائونڊ چانهه جا ڪڍي، ستيارشينا کي سوکڙي پيش ڪئي. ستارشينا سوکڙي قبول ڪئي، پوءِ مسند تي وڃي ويٺو. بشڪيرن هن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ شروع ڪيو. سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ، هو ڪجهه مُرڪيو، ۽ پاکم سان روسي زبان ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين ”توکي جيتير زمين، جتي به گهرجي، چونڊي وٺ. اسان وٽ ججهي زمين آهي.“

”تنهن جي معنيٰ ته مون کي جيتري زمين کپي، اوتري ملندي!“ پاکم دل ۾ خيال ڪيو. ’تنهن هوندي به مون کي سودو پڪو ڪرڻو پوندو. ائين نه ٿئي و اڄ زمين ڏين ۽ سڀاڻي وري کسي وٺن.‘

”توهان جا لک ٿورا.“پاکم ستارشينا کي چيو، ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهان کي خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. پر مون کي عوري زمين کپي. آءٌ رڳو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته مون کي ڪهڙي ۽ ڪيتري زمين ملندي. بهتر ٿيندو ته ڪنهن پيماني سان زمين جي ماپ ڪريو. ۽ پوءِ اها مون کي عنايت ڪريو. حياتي ۽ موت خدا جي وس آهي. اوهين نهايت شريف ۽ خلوص وارا ماڻهو آهيو، پر اوهين اڄ مون کي جيڪا زمين ڏئي رهيا آهيو، ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي اوهان جو ايندڙ نسل اها مون کان کسي وٺي.“

ستارشينا مرڪيو. ”تون خاطري ڪر.“ هن چيو، ”اسان جي هيءَ گڏجاڻي هڪ قسم جي وڪري جي بحالي آهي.“

”پر،“ پاکم چيو، ”مون کي هڪ واپاريءَ، جو اوهان وٽان ٿي ويو آهي، ٻڌايو آهي ته اوهان هن کي زمين وڪرو ڪري ڏني ۽ ڪري جو اهڙو دستاويز به ڏنو. منهنجي اوهان کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري مون کي به اهڙي قبوليت ڏيو.“

ستارشينا هاڻي سمجهي ويو. ”ٺيڪ آهي.“ هن جواب ڏنو، ”اسان وٽ لکندڙ موجود آهي، باقي ٻيون ضروري ڳالهيون شهر ۾ هلي پوريون ڪري اينداسين.“

”زمين لاءِ اوهين ڪهڙو ملهه وٺندؤ؟“ پاکم پڇيو.

”اسان جو اگهه“ ستارشينا جواب ڏنو، ”هزار روبل في ڏينهن  آهي.“

پاکم اهو پڏينهن جي ليکي وارو اگهه سمجهي نه سگهيو. ”ان ۾ ڪيترا ايڪڙ اچي ويندا؟“ هن پڇيو. ”اسين ايڪڙن جو حساب نه ڪندا آهيون.“ ستارشينا چيو. اسين زمين ڏينهن جي حساب سان وڪڻندا آهيون. اهو هيئن ٿيندو، جو جيتري زمين جي چوڌاري تون هڪ ڏينهن ۾ گهمندين، اوتي زمين تنهنجي ٿيندي. اسان جو پيمانو اهو آهي، ۽ قيمت هڪ هزار روبل.“

”اهو ڪيئن؟“ پاکم عجب مان پڇيو. ”ماڻهو ته هڪ ڏينهن ۾ تمام گهڻي زمين جي چوڏاري گهمي سگهندو؟“

ستارشينا وري مرڪيو. ”بهرحال، ڪيئن به هجي، اها زمين تنهنجي ٿيندي.“ هن چيو، ”پر هڪڙو شرط اٿئي: جنهن هڏان تون روانو ٿيندين، تنهن هنڌ انهيءَ ڏانهن واپس موٽي نه آئين ته تن هنجي رقم ضبط ڪئي ويندي!“

”پر اوهين سرزمين تي فيصلو ڪيئن ڪندا؟“ پاکم پڇيو.

”اسين ان جاءِ تي هلي بيهنداسين، جتان تون روانو ٿيندين.“ ستارشينا وراڻيو. ”آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو اتي ترسنداسين ۽ تون ماپ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيندين. تنهنجي پٺيان اسان جا ڪي سوار به هوندا، جيڪي تنهنجي خواهش ۽ چوڻ موجب نشان بنديءَ جا ڪُلا هڻندا ويندا. پوءِ انهن ڪلن جي چوڌاري هر گهمايو ويندو. سج لهڻ مهل توکي اتي واپس اچڻو پوندو، جتان تون روانو ٿيندين. جيتريءَ زمين جي چوگرد تون گهمي ايندين اوتري زمين تنهنجي ملڪيت ٿيندي.“

پاکم اهي شرط قبول ڪيا، ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڪم شروع ڪجي. ڪچهريءَ ۾ حال احوال ڏيڻ وٺڻ وري شروع ڪيو ويو. ڪجهه ڪيومس وڌيڪ پيتو ويو، گوشٽ کاڌو ويو، جنهن بعد چانهه جو دور هليو، ۽ اهڙيءَ رت محفل اڌ رات تائين متل رهي. آخرڪار پاکم بستري داخل ٿيو ۽ آيل بشڪير ٽِڙي پکڙي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا. وڃڻ کان اڳ سڀني ٻئي ڏينهن تي نديءَ جي هُن ڀر ملڻ جو وعدو ڪيو، جتان سج اڀرڻ کان اڳ مقرر ٿيل جاءِ ڏانهن روانو ٿيڻو هو.

پاکم بستري تي ليٽيو، پر سڄي رات هڪ لحظي لاءِ به اک نه ٻوٽي سگهيو. هن جي ذهن ۾ هر هر انهيءَ زمين ۽ ملڪيت جي خيال پئي ڊوڙون پاتيون، جيڪا هو هتي وٺڻ وارو هو. هن سوچيو، سڀاڻي مون کي گهڻي ۾ گهڻي ”وعدو ڪيل“ زمين حاصل ڪرڻ گهرجي. آءٌ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ميل پنڌ ته واهه جو ڪري سگهندس،۽ ان حساب سان پنجيوهه هزار ايڪڙ ته خوشي سان هٿ ڪري ويندس! پوءِ ته ڪنهن جي به غلامي نه ڪرڻي پونديم. ڏاندن جو جوڙو، سٺو هر، ۽ ٻه مزدور به رکي سگهندس. سٺي زمين ته آباد ڪندس، باقيءَ ۾ جهنگ ڪري کڻي مال چاريندس.“

سچي رات پاکم اهڙن ويچارن ۾ غرق هو، ۽ اک ڪانه لڳيس. البت صبح جي پهر سندس اک ڪجهه ٻُوٽي. اک لڳڻ سان ئي هن هڪ خواب ڏٺو: هُو اُن ۽ چم جي گاڏيءَ ۾ ليٽيو پيو هو، ۽ ٻاهر ڪنهن کِليو ۽ ڳالهايو پئي. ان ڏسڻ لاءِ ته ٻاهر ڪير کلي ۽ ڳالهائي رهيو هو. هو هنڌ تان اٿي ٻاهر ويو. ڇا ڏسي ته ستارشينا پنهنجا ٻيئي هٿ چيلهه تي رکيو، زمين تي ويٺو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. پاکم اڳتي وڌي هن کان پڇيو ته ڪهڙيءَ ڳالهه تي کلي رهيو آهين؟ اتي پاکم ڏٺو ته اهو شخص ستارشينا بلڪل ڪونه هو، پر هو اهو وپاري هو، جيڪو گهوڙا ڪاهي سندس گهر اچي مهمان ٿيو هو ۽ کيس بشڪيرن جي ملڪ جو پتو ڏنو هئائين. هن اڳتي وڌي ان کان پڇيو، ”ڇا، تون اهو واپاري نه آهين جيڪو ڪجهه عرصو اڳ مون وٽ مهمان ٿيو هئين؟“ اوچتو ئي اوچتو واپاري بدلجي اهو ڪڙمي ٿي پيو، جيڪو وولگا جي هيٺانهين حصي مان ڪهي، پاکم وٽ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ آيو هو؟ آخر ۾ پاکم ڏٺو ته اهو شخص ڪڙمي به نه هو، پر خود شيطان هو، سڱڻ ۽ کُرن سان، جو زمين تي ويٺو ٽهڪ ڏيئي رهيو هو! ان تي پاکم سوچيو، ”هي ڪنهن کي ڏسي رهيو آحي، ۽ ڇو کلي رهيو آهي؟“ ۽ خواب ۾ ئي ڪي قدم اڳتي وڌي، ان کي ڏسڻ ۽ گهورڻ لڳو، پيرين اگهاڙو، قميص ۽ تنگ پاجامو سواريءَ وارو پهريل- زمين تي پٺيءَ ڀر ستل، سندس منهن اهڙوسفيد جهڙو ڪاغز. هن وڌي ان ڏانهن گهوري نهاريو... پاکم ڏٺو ته اهو شخص شيطان به نه هو، پر هو خود پاڻ هو!

هو ڇڪر ڀري اُٿي ويٺو. جاڳڻ سان ائين محسوس ڪيائين، ڄڻاهو خواب سچو هو. هن در کان ٻاهر نهاريو، اهو ڏسڻ لاءِ ته سوجهرو ٿيو هو يا نه. ۽ ڏٺائين ته واقعي باک ڦٽڻ واري هئي.

”هاڻي مون کي تيار ٿيڻ گهرجي.“هن سوچيو ’۽ هنن چڱن مرسن کي به جاڳئاڻ گهرجي.‘ پاکم اٿي پنهنجي نوڪر کي وڃي گاڏيءَ مان اٿاريو. هن کي گهوڙي سنجڻ لاءِ چئي. پاڻ وڃي بشڪيرن کي جاڳايائين. زمين ماپڻ جو وقت ويجهو هو. بشڪير اُٿي سهي سنڀري تيار ٿيا، ته ستارشينا به اچي پهتو. هنن ڪيومس سان نيرن ڪري، پاکم کي چانهه آڇي، پر هن انڪار ڪيو.ک هو اڄ ڏاڍو تڪڙو هو. ”جي هلڻو اَٿو ته هلو،“ هن چيو، ”وقت ڀرجي چڪو آهي!“ بشڪيرن بگل وڇايو ۽ سفر تي روانا ٿيا، ڪي گهوڙن تي ته ڪي گاڏين ۾. پاکم پنهنجي نوڪر سان گڏ به ڦيٿي پنهنجي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. هو ميدان تي ان وقت اچي پهتا، جنهن وقت باک ڦٽڻ واري هئي. سڀ هڪ ٽڪريءَ ڏانهن وڌيا، جنهن کي بشڪير شچان چوندا هئا. اتي پهچي، سڀ گاڏين مان هيٺ لٿا، ۽ اچي هڪ جاءِ تي ڪٺا ٿيا. ستارشينا پاکم کي سڏ ڪيو، ۽ اشاري سان سڄي زمين ڏيکاري. ”جيڪا زمين توکي هتان نظر اچي رهي آهي، اها اسان جي آهي. ٻڌاءِ، تون ڪهڙي طرف وڃڻ پسند ڪرين ٿو؟“ پاکم جون اکيون چؤطرف کڄي ويون. سموري زمين گاهه سان ڀريل ۽ سرسبز لڳي پيئي هئي. اهڙي سڌي ۽ سنوت واري، جهڙي هٿ جي تري. جتي جتي ڪو گهارو يا اَڏ هئي، اتي ئي رڳو گاهه نه هو، نه ته سڄي زمين تي ماڻهوءَ جي قد جيترو گاهه بيٺو هو. ستارشينا مٿي تان لومڙيءَ جي کل واري ٽوپي لاٿي، ۽ اها ٽڪريءَ جي بلڪل وچ تي کڻيرکي.

”هيءَ جاءِ،“ هن ٽوپي ڏانهن اشارو ڪري پاکم کي چيو، ”اسان جو شان آهي. تون پنهنجي رقم ڪڍي ٽوپيءَ ۾ رک، ۽ جڏهن تون روانو ٿيندين، تنهنجو نوڪر هتي ويهندو. هتان توکي روانو ٿيڻو آهي، ۽ هتي ئي وري موٽي اچڻو اٿيئي. جيتريءَ زمين جي چوڏاري تون گهمي ايندين، اوتري زمين تنهنجي ملڪيت ٿيندي.“

پاکم پنهنجي رقم ڪڍي ٽوپيءَ ۾ رکي. پوءِ هن پنهنجو جبو لاٿو، ۽ سندرو ٻڌي، ڪجهه ماني ٿيلهي ۾ وجهي، پاڻيءَ جي بوتل ڪلهي ۾ اتڪائي، لانگ بوٽ ڇڪي ٻڌي، روانو ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو. هو دل ۾ سوچن لڳو ته ڪهڙي طرف روانو ٿيڻ گهرجي. هر طرف زمين زرخيز ۽ ڀلي هئي. ’ٺيڪ آهي‘ هن سوچيو، ’زمين سموري ڀلي اهي، تنهنڪري اوڀر طرف کڻي ٿو روانو ٿيان.‘ هن پنهنجو منهن اوڀر طرف ڪيو ۽ تيسائين ٽنگون سهسائڻ لڳو، جيسائين سج ڪني ڪڍي. ’مون کي وقت بلڪل ضايع نه ڪرڻ گهرجي.‘ هن سوچيو، ’جيترو وقت ٿڌڪار هجي، اوترو وقت مون کي گهني ۾ گهڻو فاصلو طي ڪرڻ گهرجي.’ ٻه گهوڙيسوار بشڪير ته تيار ٿي هن جي پٺيان اچي بيٺا. سج جا پهريان ڪرڻا نڪتا، ته پاکم به ٽڪريءَ تان هيٺ لٿو ۽ ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لڳو. گهوڙيسوار بشڪير به هن جي پٺيان پٺيان هلي رهيا هئا.

هو نه تڪڙو پئي هليو، نه هوريان، پنج ڇهه فرلانگ هلي، هو ڪجه ترسيو ۽ گهوڙيسوارن کي حد جي ڪلي هڻڻ لاءِ چئي، وري اڳتي وڌيو. ڪجهه ڍرائي ڇڏي، هو هاڻي وڏيون وڏيون وکون کڻڻ لڳو. گل پنڌ ڪري، هن وري ڪلو کوڙايو. هن سج ڏانهن نهاريو، جنهن جي روشني ۾ ٽڪري صاف پئي نظر آئي، جتي ماڻهو بيٺا هن کي پڏسي رهيا هئا. هن اندازو لڳايو ته پاڻ به ميل کن پنڌ ڪري چڪو هوندو. هاڻي هو ڪجهه گرمي محسوس ڪرڻ لڳو، تنهن ڪري صدري لاهي سندرو ڪشي، وري اڳتي وڌيو. ٻه ٽي ميل هلي، هن ڪلي کوڙڻ جو حڪم ڏنو. گرمي واقعي وڌي رهي هئي. هن سج ڏانهن نهاريو، ۽ ٿيلهي مان ڪجهه ماني ڪڍي کاڌي. ’هڪ پاسو ختم ٿيو‘ هن سوچيو، ’اهڙا چار پاسا سڄي ڏينهن ۾ ڪرڻا آهن. پر اڃا ڪافي سوير آهي، مون کي رخ نه مٽائڻ گهرجي. بهتر ٿيندو ته بوٽ به لاهي ڇڏيان.‘ هو پٽ تي ويٺو ۽ بوٽ لاهي، وري اڳتي روانو ٿيو. هاڻي هو آسانيءَ سان پنڌ ڪرڻ لڳو. ٻه ميل کن ٻيا هلي، هن ارادو ڪيو، ’آءٌ کٻي طرف مڙندس. اهو ٻن ميلن وارو ٽڪر ڏاڍو سٺو آهي.‘ هن سڌو رخ رکيو. هڪ دفعو پوئتي مُڙي هن ٽڪريءَ ڏانهن ڏٺو، جا سندس نظرن کان ذري گهٽ اَوجهيل ٿي چڪي هئي، ۽ ان تي بيٺل ماڻهو کيس ماڪوڙن وانگر نظر اچي رهيا هئا.

’هاڻي‘، هن سوچيو، ’آءٌ ڪافي پنڌ ڪري چڪو آهيان، ۽ مون کي کٻي طرف هلڻ گهرجي.‘ هو سڄو پگهرجي ويو هو، ۽ اڃ به ڏاڍي پئي محسوس ڪيائين. هن بوتل کولي ڪجهه پاڻي پيتو ۽ ڪلو هڻائي اڳتي وڌيو. کٻي طرف لڙي لهسائيندڙ تپش ۽ ڊگهي گاهه مان، تکو تکو اڳتي وڌڻ لڳو. هن ڪافي پنڌ ڪري، هو ڪجهه وقت ترسيو. بيٺي ئي هن ڪجهه ماني کاڌي. ”جي آءٌ ٿورو ئي ويٺس.“  هن سوچيو، ”ته ممڪن آهي تهننڊ اچي وڃيم، ان ڪري ساهي نه پٽڻ گهرجي.“  بيٺي ئي ڪجه اآرام ڪري ۽ ڄنگهون سهسائي، وري اڳتي وڌيو. پهريائين اڳتي و+ڻ ۾ کيس ڪا تڪيلف ڪانه پهتي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه ارام ۽ کاڌي کيس ڪي قدر تازو روانو ڪري ڇڏيو هو. پر پوءِ جڏهن سج ڪاپار تي چڙهي آيو، ته هن پاڻ کي بلڪل پگهر ۾ شل محسوس ڪيو. پر اهو سوچي ته هينئر هڪ گهڙيءَ جي تڪليف به صدين جي سک ۽ آرام جو باعث ٿيندي، آرام ڪرڻ بجا3، هو اڳتي وڌڻ لڳو.

هن ڇهه کن ميل ٻيو به پنڌ ڪيو، ۽ کٻي طرف لڙڻ وارو ئي هو ته سندس نظر زمين جي هڪ ڀلي ٽُڪر تي پئجي ويئي. ’ههڙي بهترين زمين ڇڏي ڏيڻ نه کپي!‘ هن سوچيو، ’ان ٽُڪر ۾ سڻيءَ جو فصل ڏاڍو سٺو ٿيندو!‘ اهو سوچي، هو کٻي طرف مرڻ بجا3، سڌو هلندو هليو. ۽ آخر ان ٽڪريءَ جي ڇيڙِ تي ڪلو کوڙائي. هو کٻي طرف مڙِو. هن ٽڪريءَ طرف نظر ڊوڙائي، کيس ڪجهه به نظر نه آيو، ٽڪري کانئس اَٺَ نَوَ ميل کن پري هئي.

’زمين جا ٻه وڏا پاسا طي ڪري چڪو آهيان.‘ هن سوچيو، ’۽ هي آخري پاسو مون کي ننڍي کان ننڍي فاصلي سان طي ڪرڻ گهرجي.‘

هن آخري طرف ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. وڏين وڏين وکن سان. ٽپهريءَ جو وقت اچي هٿيو هو، ۽ ٽڪري اڃا کانئس ست ميل پري هئي. ’هاڻي مون کي سڌو ئي سڌو ٽڪريءَ ڏانهن پنڌ ڪرڻ گهرجي.‘ هن فيصلو ڪيو، ‘ڪهڙي به خراب زمين وچ ۾ ڇو نه اچي. رستي جي ڀر وارو ڪهڙو به سٺو ٽڪر کڻڻ نه گهرجي. آءٌ ڪافي سٺي زمين هٿ ڪري چڪو آهيان، پاکم سڌو ئي سڌو، ٽڪڙو تڪرو، ٽڪريءَ ڏانهن وڌڻ لڳو.

هو پنهنجي منزل طرف وڌي رهيو هو. کيس هلڻ ۾ ڪافي ٿڪ محسوس ٿي رهيو هو. سندس پيرن ۾ سخت سور پئي ٿيو، جن ۾ گهڻي ۽ بوٽ بنا پنڌ ڪرڻ سبب ڦلوڪڻا پئجي ويا هئا.’ هن، هِن حالت ۾ آرام ڪرڻ پئي چاهيو، پر هو ائين نه پئي ڪري سگهيو. هن چاتو پئي ته پاڻ ترسي پئي سگهيو، پر سج هن لاءِ هرگز نه ترسي ها. سج ته هن لاءِ ڊرائيور هو، جيڪو کيس سختيءَ سان هڪلي رهيو هو. هو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ شل ٿيندو ويو. ’مون ايتري زمين ڪانه کنئي آهي جو واري واپس وقت تي نه موٽي سگهان! پر هاڻي مون کي ڪافي تڪڙو ٿيڻ گهرجي. اڃا گهڻو مفاصلو رهيل آهي، ۽ آءٌ اڌ مئو ٿي پيو آهيان. ائين نه ٿئي جو منهنجي سموري محنت ۽ پئسو رائگان ٿي وڃي، مون کي سخت ڪوشش ڪرڻ گهرجي!‘

پاکم رهيل کهيل طاقت ڪٺي ڪري، ڊڪ پائڻ شروع ڪئي. هن جا پير ڦاٽي پيا هئا، ۽ منجهائن رت وهي رهيو هو، پر تڏهن به هو ڊُڪندو رهيو. صدري، بوٽ، ٽوپي، ٿيلهي ۽ بوتل. هن سڀ ڪجهه ڦٽو ڪري ڇڏيو.

”توبهه! مون جو ڪجهه ڏٺو هو، ان تي ڏاڍو خوش ٿيو هوس، پر هاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي رهيو آهي!... آءٌ ڪنهن به طرح سج لهڻ کان اڳ، رواني ٿيڻ واري جاءِ تي پهچي نه سگهندس!‘ انهيءَ خوف کيس وڌيڪ نستو ڪري ڇڏيو. تڏهن به هو ڊڪندو رهيو. سندس ڪپڙا پگهر ۾ تَر ٿي، سندس جسم کي چنبڙي پيا، ۽ سندس وات خشڪيءَ ۾ سُڪي ٺڪر ٿي ويو. سندس ڇاتيءَ ۾ لوهار جي ڌنوڻي هلي رهي هئي، ۽ دل جي سنداڻ تي مُترڪا لڳي رهيا هئا. سندس تنگون بنهه ساڻيون ٿي پيون هيون، هو ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ اهي ٽنگون سندس پنهنجون ڪين هيون. سندس ذهن مان زمين  جو خيال بلڪل ئي محُو ٿي چڪو هو. ان وقت هو جو ڪجهه سوچي پئي سگهيو، سو هو موت کان ڇوٽڪارو. پر هو بيهي نه سگهيو. ’ايتري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، بيهي رهڻ ڪيترو نه خراب آهي!‘ هن سوچيو، ’هو سڀ مون کي بيوقوف ۽ بزدل سمجهندا!‘

هو ٽڪريءَ کي ويجهو پهچي چڪو هو. هاڻي هو بشڪيرن جون رڙيون ۽ سڏ به ٻڌي پئي سگهيو، ۽ اُنهن آوازن هن جي مئل جان ۾، هڪ دفعو وري روح ڦوڪيو. هو پنهنجيءَ رهيل کهيل طاقت سان اڳتي ڊڪيو. سج لهڻ شروع ڪيو هو، پر هو ٽڪريءَ کي ويجهو پهچي چڪو هو! هن ڏٺو ته ٽڪري4 تي بيٺل ماڻهو هن کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا هئا. هاڻي هو زمين تي پيل ٽوپي به ڏسي رهيو هو. جنهن ۾ سندس رقم رکيل هئي. ۽ ان جي ڀرسان ستارشينا چيلهه تي هٿ رکيو بيٺو هو. اوچتو پاکم کي رات وارو خواب ياد آيو. ’هاڻي مون کي ڪافي زمين آهي.‘ هن سوچيو، بشرطيڪ، خدا مون کي سلامتيءَ سان ٽوپيءَ وٽ پهچائي، ۽ زندگي بخشي! پر منهنجي دل مون کي چئي رهي آهي ته مون پنهنجي پير تي پاڻ ڪهارو هنيو آهي!‘ هو اڃا به اڳتي ڊڪيو ۽ آخري دفعو هن سج ڏانهن نهاروي. وڏو ۽ ڳاڙهو سج زمين کي ڇُهي چڪو هو، ۽ آهستي آهستي ان جي پٺيان غائب ٿيڻ لڳو هو. پاکم به ٽڪريءَ وٽ پهتو، ته سج ٻڏي ويو. ”اهه!“ هن نراسائيءَ مان رڙ ڪئي. کيس پڪ ٿي ويئي ته هو سڀ ڪجه وڃائي چڪو هو. اوچتو ئي اوچتو، هن کي خيال آيو ته هن کان وڌيڪ، ٽڪريءَ تي بيٺل ماڻهو سج کي چٽو ڏسي سگهندا هوندا، ۽ انهن جي ڪاڻ اڃا سج نه لٿو هوندو. هو تڪڙو تڪڙو ٽڪريءَ تي چڙهڻ لڳو. هو ڏسي پئي سگهيو ته ٽوپي اڃا زمين تي پيئيهئي، ۽ کنئي نه ويئي هئي. هن پان کي اڳتي کڻي اڇلايو، ۽ ڪري پيو. ڪِرڻ سان ئي، هُن پنهنجا هٿ کولي ٽوپيءَ ڏانهن وڌايا، ۽ ان کي ڇُهيو!

”اي نوجوان!“ ستارشينا رڙ ڪئي، ”تو سچ پچ گهڻي زمين هٿ ڪئي آهي!“

پاکم جو نوڪر مالڪ کي زمين تان کڻڻ لاءِ تکو ڊوڙِ وٽس آيو. هن جي وات مان رت وهي رهيو هو، ۽ هو مري ڪو هو. نوڪر رڙ ڪري، ڏندڻجي ڪري پيو. پر ستارشينا، اوڪڙو ويٺو، پيٽ تي هٿ ڏيئي، ٽهڪ ڏيئي رهيو هو.

آخر ستارشينا اٿيو، ۽ زمين تان ڪوڏر کڻي، نوڪر ڏانهن ڦٽي ڪيائين، ”دفن ڪرينس!“ هن رڳو ايترو چيو.

بشڪير اٿي پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا، ۽ صرف پاکم جو نوڪر ئي ٽڪريءَ تي رهجي ويو. هن پاکم جي قد جيتري قبر کوٽي. صرف ڇهه فوٽ. ۽ سندس لاش کي ان ۾ دفن ڪيو.


 


[1]  ووڊڪا: روسي شراب جو هڪ قسم.

[2]  روبل ۽ ڪوپڪ: روسي سِڪا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com