سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:12

آفيس ۾ ڪجهه ماڻهو اچي ويا ۽ نياز ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. پروين بور ٿي رهي هئي. ڪجهه دير لاءِ آفيس خالي ٿي ته هن چيو، ”ڪهڙا واهيات ماڻهو پيا اچن تو وٽ. پٽيوالي کي نٿو چئين ته ڪنهن کي نه ڇڏي؟“

”آخر آفيس جو ڪم ته ڪرڻو آهي.“

”منهنجي ڪري ٿوري دير لاءِ ڪم کي ٽاري نٿو سگهين؟“

”آءٌ ايڏو وڏو صاحب ڪونه آهيان جو ماڻهن کي اندر اچڻ کان منع ڪريان.“

”ڇڏ يار، مان هتي اچي بور ٿي آهيان. اٿ ته هن قيدخاني مان نڪري ٻاهر هلون.“

”اڄ ڏاڍو ڪم آهي. هيئن ڪر ته شام جو ٿري ايسز ۾ ملون، ستين ڌاري.“

My God! You are third rate منهنجي دل ريجهي ته ڪهڙي ماڻهوءَ سان جيڪو زوريءَ ڌڪي ڪڍڻ پيو چاهي.“

آفيس ۾ هڪڙو ماڻهو اچي ويو. پروين اٿي بيٺي. نياز به اٿي بيٺو.

”چڱو، مان هلان ٿي. شام جو ضرور اچجان، متان ڊاج ڏين؟“هن چپن تي آڱريون رکي نياز ڏانهن چمي اڇلائي ’Bye-Bye‘ دروازو زور سان بند ڪري هلي وئي. نياز جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون. ماڻهو مرڪي رهيو هو.

سڄو وقت نياز جي ذهن تي پروين ڇانئي رهي. ’عجيب عورت آهي، بنهه حيرت انگيز! ڪهڙي بلا مان اچي ڦاٿو آهيان. ٺيڪ آهي، فرئنڪ هجي، پر اهڙي به نه جو ٻين ماڻهن جي اڳيان خوار ڪري. جيڪڏهن آءٌ هن جي عشق ۾ سنجيدو ٿي ويس ته منهنجا لاهه نڪري ويندا. هيءَ ته مون کي ذليل ڪري ڇڏيندي.....‘  نياز جي لاءِ عشق ۾ سنجيدو ٿي وڃڻ جا چانس گهڻا هئا. هو ڇوڪرين کان پري رهندو هو يا ڇوڪريون هن کان پري رهنديون هيون سا ڳالهه هو سمجهي نه سگهيو هو. پر ڪيترا موقعا هن پاڻ وڃايا هئا رڳو Initiative نه وٺڻ ڪري. هن چاهيو ٿي ته ڪا ڇوڪري پاڻ هلي اچي ساڻس عشق ڪري..... هن جي پويان پويان ڦري.... ۽ جڏهن ائين ٿيو به ته حد کان وڌيڪ. پروين بنا دير جي هن سان عشق ڪيو هو ۽ هن جو انداز ايترو ته شديد هو جو نياز ان کي هضم نٿي ڪري سگهيو. هن سوچيو ته بهرحال اهو به زندگيءَ جو هڪڙو تجربو ٿيندو. ’ٿي سگهي ٿو ته اهو سڀ منهنجي لاءِ چڱو نه ٿئي، پر آءٌ پٺتي هٽڻ يا ڀڄڻ نٿو چاهيان.‘ هن فيصلو ڪري ورتو.

شام جو نياز کي ڪجهه دير ٿي وئي هئي. هن کي کٽڪو هو ته پروين انتظار ڪندي هوندي ۽ ڪاوڙ ۾ هوندي پر جڏهن هو ٿري ايسز ۾ پهتو ته پروين اڃا نه آئي هئي. هو خوش ٿيو ته ٺيڪ آهي، هاڻي کيس ڪاوڙ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ٿوري دير کان پوءِ پروين اندر آئي ته ڪاوڙيل هئي.

”تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو! ايتري دير؟“

”دير سان آءٌ آيو آهيان يا تون؟“

”مان تو کان اڳ ۾ پهتي هيس، صاحب! پر مون وٽ پيسا ڪونه هئا جو ٽيڪسيءَ واري کي ڀارو ڏيان. ان ڪري واپس وڃي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺيس ۽ اجايا چڪر ڏيندي رهيس. اُٿ، ٽڪيسيءَ واري کي ڀاڙو ڏئي اچ،“

ٽيڪسيءَ جو ميٽر ويهه رپيا ڏيکاري رهيو هو. نياز پيسا ڏئي موٽي آيو.

”تو مون کي امير سمجهيو آهي ڇا؟ آءٌ هڪ معمولي ملازم آهيان. پاڻ بس ۾ ڌڪا کائي ايندو آهيان ۽ تون هروڀرو ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي گهمندي وتين!“

”ڇڏ يار، بڪواس نه ڪر،“ هن نياز جي ڪاوڙ ڪن ٽار ڪري ڇڏي. ” هڪڙي مزيدار ڳالهه ٻڌ. مان جڏهن اڄ تنهنجي آفيس مان نڪتي هيس ۽ روڊ تي ٽيڪسيءَ لاءِ بيٺي هيس ته هڪڙو ڪار وارو آيو ۽ مون کي لفٽ آفر ڪيائين. مان هن جي مهانڊي مان سمجهي ويس ته ڪمينو ماڻهو آهي. مان انڪار ڪري روڊ تي هلڻ لڳيس ته هو منهنجي پٺيان پٺيان اچڻ لڳو. نيٺ ڇنڊ ڪڍيمانس ته جان ڇڏيائين.“پوءِ هن سنجيدگيءَ سان چيو، ”جيڪڏهن مان ڪار جي اهڙي بکي هجان ها ته هن سان گڏ هلي وڃان ها ۽ تون انتظار ڪري بڇڙو ٿي موٽي وڃين ها....“ هن ٽهڪ ڏنو.

”مون کي توتي سخت ڪاوڙ آهي،“ نياز چيو.

”ڇو  سائين؟“

”تون بيحد Vulgar آهين.“

”مون ڇا ڪيو؟“ پروين اچرج مان چيو.

”آفيس ۾ موڪلائڻ وقت تو ٻئي ماڻهوءَ جي اڳيان جيڪا حرڪت ڪئي سا تمام غلط هئي.“

هوءَ کلڻ لڳي. اهو ته ڪجهه ڪونه هو. مون ته تو کي Real Kiss ڪرڻ ٿي چاهي. پر ڏٺم ته تون صفا ڀاڙي آهين. مون کي ڊپ ٿيو ته تون مون کان ڪڏهن ڀڄي ويندين.“

”جيڪڏهن تو کي ايڏو خيال آهي ته پوءِ ٻين ماڻهن جي اڳيان هلڪڙائي نه ڪندي ڪر.“

”يار، تون ته صفا شرم ٻوٽي آهين،“پروين کلندي چيو. ”پر ترس، ٿورن ڏينهن ۾ تو کي سڌاري ڇڏينديس.“

”تو مون کي ذليل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. ان ڪم لاءِ رڳو آءٌ ئي تو کي هٿ آيو آهيان؟“

”مون کي توتي رحم ٿو اچي، يار، تو صفا ٻائو ٻڌو آهين. ماڻهو ڇوڪرين تي عاشق ٿيندا آهن ۽ تون چاهين ٿو ته ڇوڪريون توتي عاشق ٿين. تون آخر پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ ايترو سهڻو به ڪونه آهين جو ڇوڪريون توتي مرنديون وتن.“

”سڀ نه ته ڪا هڪڙي ته مرندي. جيئن تون آهين؟“

”مان؟“ هن ٽهڪ ڏنو. ”مان وڏي پلستر آهيان. تون مون کي سمجهي نه سگهندين.  تو کي خبر آهي ته مون توسان عشق ڇو ڪيو آهي؟ تون جيڪو ڄاهي وانگر پاڻ لڪايو پيو هلين تنهن کي ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيان. مان تو کي اهڙو ٽرينڊ ڪري ڇڏينديس جو پوءِ تو کي ڪنهن ڇوڪريءَ  سان ڳالهائڻ يا عشق ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿيندي. ڀلا هن وقت تنهنجو ڪنهن ڇوڪريءَ سان افيئر هلي پيو؟“

” تو کان سواءِ ٻيو ڪنهن سان نه.“

”تنهنجي آفيس ۾ ايتريون ساريون ڇوڪريون آهن، ڪنهن هڪڙيءَ سان به نه؟“

”سڀ پروفيشنل ۽ منافق آهن. آءٌ هنن سان گهڻي ڊيگهه ڪونه ڪريان.“

”صفا چٽ آهين.  You are in complex، پر خير مان تنهنجو Complex ختم ڪري ڇڏينديس. تون رڳو Initiative وٺي ڇوڪرين سان ڳالهائي ۽ هنن سان بڪواس ڪر، پوءِ ڏس. اصل ۾ ڇوڪريون پاڻ آتيون هونديون آهن ۽ رڳو ان انتظار۾ هونديون آهن ته اڳلو شروعات ڪري. اهو ئي سبب آهي جو بدصورت مرد به جيڪي تيز هوندا آهن ۽ بڪواس ڪري ڄاڻندا آهن سهڻين عورتن کي ڦاسايو وٺن. تو جهڙا Self-centered ماڻهو ائين رهجيو وڃن.“

”تو کي ڪنهن چيو ته تون منهنجو Psycho-analysis ويهي ڪر. مون کي ڪهڙي پئي آهي جو وتان ڇوڪرين جي پويان پويان هلندو ۽ سندن خوشامد ڪندو.“

”مان سڀ سمجهان ٿي. تنهنجي مرضي آهي ته ڇوڪريون توتي مرن. ڏاڍو مغرور آهين پاڻ تي....“ هوءَ ٽوڪ وچان کلڻ لڳي.

Oh, shut up“ نياز ڪاوڙ مان چيو. هن ويٽر کي بل آڻڻ جو اشارو ڪيو. ٽيهه رپيا. ان کان اڳ ويهه رپيا ٽيڪسيءَ جي ڀاڙي ۾ .....پنجاهه رپيا چٽ.

هو ٻئي ڪجهه دير تائين ڪراچيءَ جي روڊن تي گهمندا رهيا. ايلفيءَ جا سمورا دڪان بند ٿي چڪا هئا ۽ ٽريفڪ جهڪي ٿي وئي هئي.

”سهڻي ماڻهوءَ سان گڏ گهمڻ ۾ ڪيڏو مزو آهي!“ پروين هن ڏانهن ڏسندي چيو.

”ڏاڍي خوش قسمت آهين جو تو کي سهڻن ماڻهن جو ساٿ مليو وڃي.“

”اها ڳالهه ته آهي. پنهنجي پنهنجي قسمت آهي.“

هلندي هلندي هن چيو، ”هيئن ڪر ته ٽيڪسيءَ ۾ مون کي گهر تي لاهي پوءِ تون ان ئي ٽيڪسيءَ ۾ هليو وڃ،“

”پاڻ اڪيلي نٿي وڃي سگهين ڇا؟ ٽيڪسيءَ وارو توکي کائي ڪونه ويندو.“

”يار ، تون ته واهيات آهين صفا! مان چاهيان ٿي ته اهي ٻه ٽي گهڙيون به تو سان گڏ هجان. ٽيڪسيءَ وارو منهنجي جتيءَ کي کائيندو!“

نياز هڪ خالي ٽيڪسيءَ کي اشاري سان روڪيو. ”محمود آباد.“ ٻئي ڄڻا ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي ويٺا. ٽيڪسي هلڻ لڳي ته پروين، چيو، ”ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ڪنڊ ۾ ويٺو آهين! ويجهو ٿي ويهه،“ پروين هن جي ڳلي ۾ ٻانهون وجهي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو.

”اڄ سڄو ڏينهن مون چاهيو آهي ته تون مون کي Kiss ڪرين،“ پروين پنهنجا کليل چپ هن جي ويجهوآڻيندي چيو. نياز اڳيان ويٺل ٽيڪسي  ڊرائيور ڏانهن ڏٺو

Oh, Damn him“ پروين ڪاوڙ مان چيو. ٻنهي جا چپ ڀچي ويا. پروين نياز جو هڪڙو هٿ ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيو. نياز کي لڳو ته هو اهو سڀ بيدليءَ سان ڪري رهيو هو. هن کي پروين جو Aggressive هجڻ نه پئي وڻيو، هو نه چاهيندي به پروين کي Kiss ڪندو، هن جي ڇاتيءَ ۽ سٿرن کي دٻائيندو رهيو. ٽيڪسي محمود آباد پهتي ته پروين هٽي ويٺي. هن ڪپڙن کي ٺيڪ ڪندي چيو، ”مان گهر کان ٿورو اورتي لهنديس. سڀاڻي تو وٽ آفيس ۾ اينديس.“

”آفيس ۾؟ ڪٿي ٻاهر نه ملون؟“ نياز کي هن جو آفيس ۾ اچڻ نٿي وڻيو.

”آفيس ۾ نه ته پوءِ ٻارهين لڳي گرين لينڊ ۾ ملون؟“

نياز چيو، ”ها، اهو ٺيڪ آهي.“

پروين تڪڙ ۾ هن کي چمي ڏني ۽ پوءِ ٽيڪسي روڪائي لهي وئي. نياز ان ئي ٽيڪسيءَ ۾ واپس هليو ويو.

ٻئي ڏينهن جيئن ئي هو آفيس جي گيٽ ۾ اندر گهڙيو ته رسيپشن روم مان ڪنهن عورت کيس سڏ ڪيو. اندر پروين ويٺي هئي.

”تون؟“ نياز حيرت مان چيو.

” ها. هنن واهيات ماڻهن مون کي اندر نٿي ڇڏيو.“

رسيپشن روم ۾ ويٺل ماڻهو کلڻ لڳا. نياز کي اها ڳالهه سخت خراب لڳي. هو پروين کي پاڻ سان گڏ اندر وٺي ويو.

”ايترو سويل اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پاڻ ته ٻارهين لڳي گرين لينڊ ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو.“

”هينئر به ڏهه ته ٿيا آهن. مون کي سڄي رات ننڊ ڪانه آئي. مان ايترو وقت انتظار نٿي ڪري سگهيس.“

پروين هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو.

”فضيلت ڪري هل. آفيس آهي، ڪو روڊ ناهي،“ نياز پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو.

Coward.....  صفا ڀاڙي آهين،“ پروين کلڻ لڳي.

ٻئي ڄڻا اندر ڪمري ۾ آيا ته پروين اوچتو نياز کي ڀاڪر پائي پنهنجا چپ سندس چپن تي رکيا. نياز هن کي ڌڪو ڏئي پري ڪيو.

”ڪميني، تون منهنجي نوڪري وڃائيندينءَ.....“

هو ڪاوڙجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.”ڇو اچي منهنجي پويان پئي آهين. منهنجي جان ڇڏ. ڪوٻيو پاڻ جهڙو تاڙ...“

”تون ڇا ٿو سمجهين ته مون کان هاڻي جان ڇڏائي سگهندين؟ جيڪڏهن تو مون کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪراچيءَ ۾ تون به رهي نه سگهندين.“

”ڀلي، وڏي آئي آهي ڪراچيءَ جي داداگير!“

نياز خيريت ان ۾ سمجهي ته آفيس مان موڪل ڪري پروين کي ٻاهر وٺي وڃي. هن کي پروين جي حرڪتن سببان سخت ڪاوڙ ۽ بڇان پئي آئي. کيس ڊپ اهو هو ته جيڪڏهن پروين آفيس ۾ ويٺي هوندي ته ماڻهن جي اڳيان خوار پئي ڪندي. پروين ٻاهر هلڻ جي ڳالهه ٻڌي ته خوش ٿي وئي.

ٽيڪسيءَ مان لهندي پروين چيو، ”ڪجهه  دير صدر جو چڪر ٿا هڻون، هوٽل ۾ پوءِ هلنداسين جڏهن بک لڳندي.“ نياز خار مان هن ڏانهن ڏٺو. سندس ڏيوالو نڪرڻ وارو هو.

وڪٽوريا روڊ ۽ ايلفي مان چڪر هڻي جڏهن بوري بازار جي گهٽين ۾ هلڻ لڳا ته پروين چيو، ” ڪجهه ته حياءُ شرم ڪر. گرل فرينڊ کي گفٽ ڏبي آهي. تو کي ايترو به خيال نٿو ٿئي جو ڪا معمولي شيءِ سوکڙي طور وٺي ڏين.“

” تو مون کي ڇا سمجهيو آهي ته آءٌ ڪو زميندا آهيان، سرمائيدار آهيان يا رشوت واري نوڪري اٿم؟ پگهار مان باقي ڪي پيسا وڃي بچيا آهن. مٿان وري گفٽ وٺي ڏيان.... گفٽ جهڙي شڪل اٿئي؟“

”وڏو ذليل آهين.“

”تون به وڏي ڪميني آهين.“

ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن ڪاوڙ وچان گهوري ڏٺو.

”هاءِ، ڪاوڙ ۾ ڪيڏو وڻين ٿو،“ پروين هن کي اک هنئي. ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمڻ لڳا. نيٺ پروين ٿڪجي پوڻ جي ڳالهه ڪئي، تڏهن هو الفا ۾ وڃي ويٺا. هوٽل ۾ روشنيءَ جي ڌنڌ هئي. هو ٿورو پري ڪنڊ ۾ ويهي رهيا. ويٽر مينو کڻي آيو ته پروين پنهنجي مرضيءَ تي هن کي لنچ جو آرڊر ڏنو. نياز اندر ئي اندر وٽ کائيندو رهيو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته هن جي پينٽ جي ويڪرن پائنچن ۾ ڪا شيءَ سري رهي هئي. پروين پير جي آڱوٺي سان هن جي جواربن کي هيٺ کسڪائي ڇڏيو ۽ هن جي ٽنگ  تي پير گسڪائڻ لڳي هئي. نياز ڪاوڙ مان هن جي اگهاڙي پير کي پنهنجي بوٽ سان ٿڏو هڻي پري ڪيو.

”ڪتي، ڏسين نٿي ته هوٽل ۾ ويٺا آهيون. ڀيڻيان ذليل....“ نياز يڪساهيءَ گاريون ڏئي ويو. پروين ڪاوڙجڻ بدران ٽهڪ ڏيڻ لڳي.

”تون پهريون ماڻهو آهين جنهن مون کي ايتريون گاريون ڏنيون آهن، پر تنهنجي گارين کائڻ ۾ به مزو آهي.“

”تو سان ته شيطان به نه پڄندو. چڱو ٿئي ها جي آءٌ ان بس ۾ نه چڙهان ها....“

پروين ٽهڪ ڏئي رهي هئي.

”آهستي ڦاٽ کاءُ،“ نياز هن کي ڌڙڪو ڏنو.

پروين اوچتو هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي ان کي دٻائيندي چيو. ”I am feeling sex

But I am not feeling it“ نياز هٿ ڇڏائيندي بيرخيءَ سان چيو.

ويٽر سلاد جي پليٽ کڻي آيو. پليٽ کي ٽيبل تي رکڻ وقت هن جون نظرون پروين ۾ هيون.

”هڪڙي ڳالهه ٻڌائي- تو هيستائين گهڻين ڇوڪرين سان Sex enjoy ڪيو آهي؟“ پروين پڇيو.

”اڃا تائين ڪنهن سان به نه،“ نياز جند ڇڏائڻ چاهي. هن کي ڊپ هو ته ها چوندوته پوءِ پروين تفصيل ويهي پڇندي.

”تنهن جي معنيٰ ته تون اڃا ڪنوارو آهين ۽ تنهنجي عصمت سلامت آهي؟“

”ائين ئي سمجهه،“ هن بيزار ٿيندي چيو.

”ته پوءِ اهو شرف مون کي حاصل ٿيندو ته آءٌ تنهنجي عصمت کي ٽوڙينديس.“

ويٽر ماني ٽيبل تي آڻي رکي. هو ويندي ويندي پروين تي نظر وجهندو ويو. پروين هن کي پٺيان سڏ ڪيو.

”جي؟“ ويٽر موٽي آيو.

”هنن ڪپڙن ۾ تون ڏاڍو ٺهين پيو،“ پروين مرڪندي هن کي چيو.

ويٽر ڏند ڪڍي بيهي رهيو.

”ڪهڙي ٽوٿ پيسٽ استعمال ڪندو آهين؟“ پروين سنجيدگي سان هن کان پڇيو.

”جي؟“ ويٽر گهٻرائجي ويو.

”بدتميز! عورتن کي ائين ڏسبو آهي؟ جوڪر ڪٿي جو،“ پروين هن کي ڇنڊ ڪڍي.

Don’t be silly“ نياز پروين کي چيو ۽ ويٽر کي وڃڻ جو اشارو ڪيو.

”تون صفا بي غيرت آهين. پاڻ ته هن کي ڪجهه به نٿو چئين.... ڪيئن مون کي ڪتي وانگر گهوري پيو ڏسي؟“

”ڏسڻ جهڙي ناهين ڇا؟ هن غريب تو کي ڏٺو ته ڪهڙو ڏوهه ڪيائين؟  هاڻي بڪواس بند ڪري ماني ويهي کاءُ.“

پروين منهن ۾ گهنڊ وجهي هن کي ڏٺو ۽ چپ چاپ ماني کائڻ لڳي.

”اڃا ڪجهه اچي؟“ نياز پڇيو.

پروين ڪنڌ هيٺ ڪري ماني کائيندي رهي.

”آءٌ تو کان ٿوپڇان. ڪا شئي کپي؟“ نياز ڏٺو ته پروين ڪاوڙيل هئي.

”پڇين ائين ٿو ڄڻ موچڙا هڻندين،“پروين پنهنجي ڪاوڙ کي کل ۾ اڏائي ڇڏيو. نياز کي ان وقت هوءَ بيحد پياري لڳي. هو ٽوائليٽ ۾ هٿ ڌوئڻ ويو. هن کي پنهنجو اهو رويو عجيب لڳو ته کيس ڪنهن وقت پروين کان سخت بڇان ۽ بيزاري ٿي محسوس ٿي، ته ڪنهن وقت پيار. هو موٽي اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. نيپڪن سان هٿ اگهندي هن سرٻاٽ ۾ چيو.”I Love you

Really“ پروين کي هن جي اوچتي اظهار تي حيرت لڳي.”اها ڳالهه ٽوائليٽ مان سوچي آيو آهين ڇا؟“ هن ٽهڪ ڏنو. نياز به کلي ڏنو.

”مون ته سمجهيو ته مون تو کي زوريءَ ڦاسايو آهي. تون سچ پچ جذباتي بنجي ويو آهين ڇا؟“پروين هن کان سنجيدگيءَ سان پڇيو.

”پروين آءٌ تو کي هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان. آءٌ سچ پچ به جذباتي ماڻهو آهيان. خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ. پنهنجن خوابن جي تعبير مون کي ڪڏهن نه ملي آهي- ۽ جي ملي به آهي ته اڌوري اڻپوري. آءٌ چاهيان ٿو ته ڪير مون کي سمجهي، مون کي سنڀالي، مون کي سهارو ڏي....“

”نه يار... اهو سڀ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. مان تمام واهيات آهيان. مان ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به نٿي ڪري سگهان. ۽ .... ۽ مان پيار ته ڪري ئي نٿي سگهان. سڀ بڪواس آهي. وقتي آهي.“

”پيار تنهنجي نظر ۾ بڪواس آهي؟ وقتي آهي؟“

”گهٽ ۾ گهٽ مان ته ائين ٿي سمجهان. مون کي پيار جي لفظ کان ئي چڙ آهي. پيار هڪ قسم جي غلامي آهي. مان ڪنهن جي غلام ٿي رهڻ نٿي چاهيان. Oh, don’t be serious

”ڀلا اسين سٺا دوست ته ٿي سگهون ٿا نه؟“

Why not.- منهنجي خيال ۾ اسين هڪ ٻئي جا سٺي ۾ سٺا دوست آهيون.“

ويٺي ويٺي هن اوٻاسي ڏيئي چيو، ”هل يار، مون کي ننڊ پئي اچي....“

”ڪٿي هلون؟“

”تنهنجي گهر ٿا هلون. اڪيلو آهين نه؟ مان اڄ ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان. ٿوري دير آرام ڪنداسين، پوءِ شام جو هلنداسين ڪٿي گهمڻ.“

نياز ٿورو هٻڪيو، پر پوءِ هن پروين کي گهر وٺي وڃڻ جي هاڪار ڪئي. هو ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي گهر آيا. نياز سوچيو ته هو عمر ۾ ڪڏهن به ايترا ڀيرا ٽيڪسين ۾ نه چڙهيو هو. رڳو ٽيڪسين جي ڀاڙن ئي لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا.

گهٽي ۾ سڃ هئي. در تي لڳل تالو کوليندي نياز سوچيو ته اها چڱي ڳالهه ٿي، نه ته پاڙيوارا ان ڳالهه کي خراب ڪري سمجهن ها. نياز  پويان در بند ڪيو ۽ پروين کي ويهڻ لاءِ چئي، پاڻ باٿ روم ۾ ڪپڙا بدلائڻ ويو. هو هٿ منهن ڌوئي قميص پائيندو ڪمري ۾ واپس آيو. پروين هنڌ تي ليٽيل هئي. هن کي رڳو بريزيئر ۽ انڊرويئر پاتل هو. سون جهڙو جسم سفيد چادر تي جرڪيو پئي.

”ڏاڍي گرمي آهي. ڪپڙن ۾ ساهه ٿي منجهيو. تون به اچي ليٽ نه؟“

نياز منهن ڦيري ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. هن کي پروين جو اهو طريقو نه وڻيو هو.

”ڇا ڳالهه آهي؟ منهن ڇو سڄايو اٿئي؟ مون ڏانهن نهار! خوبصورت  جسم کي ڏسي تو کي ڪجهه محسوس نٿو ٿئي؟“

نياز چيو، ”ضروري ڪونهي ته ٻئي جي محسوس ڪرڻ تي ماڻهو پاڻ به محسوس ڪري.“

”عجيب ماڻهو آهن.... Are you impotent

”....Oh, you bitch“ نياز کي باهه وٺي وئي. هن کي خيال آيو ته پروين جي منهن تي زوردار ٿڦڙ هڻي ڪڍي. هڪ پل جي لاءِ پروين کي گهوري ڏٺائين. پوءِ هو پروين جي مٿان وڃي ٽٽو. سٽ سان هن جو انڊرويئر ۽ بريزيئر لاهي اڇلايائين. بريزيئر ۾ ڦاٿل ارهه جهٽڪي سان ڄڻ اڏامندا  ڦهلجي ويا.

”...You bitch… you bitch“ گاريون پاڻمرادو هن جي وات مان نڪرنديون رهيون. سون جهڙي اجري جسم تي چڪن ۽ چهنڊين سان ڪارا نيل پئجي ويا هئا. پروين ڪنجهڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳي. آهستي آهستي ماٺار ڇائنجندي وئي. ٻئي ساڻا ٿي پيا. ڪجهه دير کان پوءِ پروين ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مروٽيل چپن سان نياز جي چپن تي، ڳلن تي ۽ بت تي چميون ڏيڻ لڳي. ”I Love you“ هن مٿو نياز جي ڇاتيءَ تي رکي ڇڏيو. ڳچ دير تائين ڪوبه ڪونه ڪڇيو.

I love you“ پروين ڪنڌ مٿي کڻي وري هن کي چمي ڏني.

” تو کي ته پيار جي لفظ کان چڙ آهي!“ نياز پروين جي چپن تي آڱر ڦيرائيندي چيو. پروين هن جو هٿ جهلي ان کي چمي ڏني.

”مان تو کي سچ ٻڌايان. مون ڪڏهن به ڪنهن سان پيار ناهي ڪيو. مون کي ڪڏهن پيار مليو ئي ڪونهي. مون کي اهو لفظ چڙ ڏياريندڙ لڳندو آهي.“

”گهر وارن به تو کي پيار نه ڏنو؟“

”پيار ته پهرين ماءُ  ڏيندي آهي. مان اڃا ننڍي هيس ته منهنجي ماءُ ڀڄي وئي. گهر ۾ مان هيس، مون کان ٻه سال وڏي ڀيڻ هئي ۽ بابا، جيڪو ڏينهن رات ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. بابا پنجاب جي هڪڙي ڳوٺ ۾ معمولي آبادگار آهي. هن اسان کي ماءُ بنجي پاليو، پر سندس طبيعت ۾ بخيلي گهڻي هوندي هئي. اسين ٻئي ڀينرون هن کان ڏاڍيو ڊڄنديون هيوسين. ادي وڏي ٿي ته بابا هن جي شادي ڪرائي ڇڏي. هن کي سندس مڙس ڪراچيءَ وٺي آيو. هتي ڪسٽم ۾ نوڪري ڪندو آهي. مون کي به اديءَ پاڻ وٽ گهرائي ورتو. هن مون کي پڙهائي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ٿي چاهيو...“

”تون ڪيترو پڙهي آهين؟“

”ايم- اي ۾ هيس ته پڙهڻ ڇڏي ڏنم، لڳي ٿو ته هاڻي مون کان ڪجهه به نٿو پڄي. هڪ ٻن هنڌن تي نوڪريون به ڪيون اٿم، پر اتان به وڙهي ڇڏي ڏنيون اٿم.“

”آخر تو سان ويڌن ڪهڙي آهي؟“ نياز چيو

”ويڌن؟“ هوءَ چپ ٿي وئي. ڪجهه سوچي رهي هئي. پوءِ چيائين،” منهنجي ڀيڻ جي مڙس منهنجي زندگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. مان اڃا سامائي مس هيس ته هن هڪ ڏينهن مون کي Rape ڪيو. پوءِ هو جنهن مهل به چاهيندو هو پنهنجي مرضي پوري ڪندو هو. هن مون کي ذلالت جي حد تائين ڪيرائي ڇڏيو....

”تنهنجي ڀيڻ به اعتراض نه ڪيو؟“

”هن شروع ۾ گهڻو گوڙ ڪيو، رني رڙي. پر سندس مڙس ڌمڪي ڏني ته هو کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيندو. هن جي لاءِ ٻيو ڪو چارو نه هو ته ماٺ ڪري سڀ ڏسندي رهي.“

نياز کي پنهنجي ڇاتيءَ تي آلاڻ محسوس ٿي. هن پروين جي منهن تي هٿ ڦيري ڳوڙهن کي اگهي ورتو. نياز وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه هو. هن پروين کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هوءَ وڻ ويڙهيءَ وانگر سندس جسم سان وڪوڙجي وئي.

شام جو هٿ هٿ ۾ ڏئي هل پارڪ تي گهمندي نياز چيو، ” يار، منهنجو کيسو ڏاڍو هلڪو ٿي ويو آهي ۽ اڃا سڄو مهينو پيو آهي.“

”وڏو بي ايمان آهين،“ پروين کلندي چيو. مون تو کي چيو ڇا ته ايڏو شاهه خرچ ٿي. سڀاڻي کان وٺي خرچ مون تي. قبول؟“

”قبول،“ نياز هڪدم هائوڪار ڪئي.

”ڏاڍو بيشرم آهين،“ هن ٽهڪ ڏنو. ”هميشہ ڇوڪرا ڇوڪرين تي خرچ ڪندا آهن ۽ تون چاهين ٿو ته ڇوڪريون تو تي خرچ ڪن.“

”پر تو پاڻ ئي ته آفر ڪئي آهي!“ نياز ڪاوڙ مان چيو.

”ها منهنجا شهزادا، مان تو کي کٽائي ڀڄائڻ نٿي چاهيان.“

موڪلائڻ وقت نياز چيو، ”سڀاڻي تون آفيس ۾ نه اچجان، مون سان فون تي ڳالهائج. پوءِ ملڻ جو پروگرام ٺاهينداسين.“

”ٺيڪ آهي،“ پروين چيو.

نياز آفيس ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري غور سان فائيل پڙهي رهيو هو ته هن پنهجي پاسي ۾ ڪنهن کي بيٺل محسوس ڪيو. ڪنڌ مٿي کنيائين. پروين مرڪي کيس ڏسي رهي هئي. نياز کي سخت چڙ ۽ بيزاري محسوس ٿي.

”تون؟ هينئر ڇو آئي آهين؟“ هن رکي آواز ۾ چيو.

”مان ويهڻ ڪانه آئي آهيان. هتان لنگهيس ته سوچيم تو وٽان ٿيندي وڃان ۽ شام جو پروگرام به ٺاهي ڇڏيون.“ هن پرس کولي ان مان فارين جي سگريٽن جا ٻه پئڪيٽ ڪڍي نياز جي اڳيان ٽيبل تي رکيا.

”تون اندر ڪيئن آئينءَ؟“ هن سگريٽن کي اڻ ڏٺو ڪندي چيو.

”ڇو؟ ڪنهن کي طاقت آهي جو مون کي اندر اچڻ کان روڪيندو. رسيپشن وارا ته هونءَ ئي مون تي جهرن ٿا.“

”چڱو، هينئر آءٌ ڏاڍو بزي آهيان،“ نياز فائل تي ڪنڌ جهڪائيندي چيو.

”پوءِ شام جو ڪهڙو پروگرام آهي؟“

”اڄ آءٌ نه اچي سگهندس.شايد آفيس مان دير سان اٿان.“

پروين هن جي اڳيان ڪرسيءَ تي ويهي رهي.

”هيڏنهن ڏس. ناراض آهين؟“

”پليز....“ نياز بيزاريءَ مان چيو.

پروين هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي تڪڙ ۾ سندس واچ لاهي ورتي.

”هي ڇا ٿي ڪرين؟“ هن چڙ مان چيو.

”تنهنجي واچ مون وٽ گروي رهندي. شام جو مان گرين لينڊ ۾ تنهنجو انتظار ڪنديس. نه آئين ته واچ ڇٽي.“

Go to hell. نياز ڪاوڙجي چيو. پروين مرڪندي هلي وئي.

نياز سوچيو ته جيڪڏهن واچ جي بدلي سندس جان ڇٽي ته به سٺو. پروين سان گهڻو وقت هلڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. هن فيصلو ڪيو ته هو شام جو گرين لينڊ نه ويندو.

ٻئي ڏينهن پروين هن کي آفيس ۾ فون ڪئي.

”هلو، مان پروين ٿي ڳالهايان.....“

”ڦاٽ،“ هن ۾ وري ڪاوڙ جاڳي پئي.

”واءِ! ڪاوڙجڻ ته مون کي کپي جو تو ڪالهه مون کي ايترو انتظار ڪرايو....“

”خدا جي واسطي، پروين! گهڻو ٿيو، هاڻي منهنجي جان ڇڏ،“ هن ڄڻ منت ڪندي چيو.

”ٻڌ، مان هتي رسيپشن روم مان پئي ڳالهايان،“ پروين جو آواز ٽيليفون جي تارن ۾ وچڙي ٻڏي ويو. کن رکي هن گهٽيل آواز ۾ چيو، ”ٻاهر ٽيڪسي بيهاري آئي آهيان. مان ان ۾ وڃي ويهان ٿي. تون رڳو منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ. پليز...“ هن اهڙي انداز ۾ منت ڪئي جو نياز انڪار نه ڪري سگهيو.

”چڱو...... آءٌ اچان ٿو.....“ نياز چيو ۽ ڪي گهڙيون ويٺو رهيو. هو پاڻ کي بيحد خالي خالي محسوس ڪرڻ لڳو. نيٺ اٿيو ۽ ٻاهر ويندي هن سوچيو ته پروين کي آئيندي نه ملڻ جي لاءِ صاف صاف  چئي ڇڏي.

گيٽ کان ٿورو پرتي ٽيڪسي بيٺي هئي. ٽيڪسيءَ جي کليل دروازي وٽ آفيس جو هڪڙو رسيپشنسٽ بيٺو هو ۽ اندر ويٺل پروين سان کلي کلي ڳالهائي رهيو هو. نياز ٽيڪسيءَ جي ٻئي در وٽ وڃي بيٺو.  پروين در کوليندي چيو، ”مون کي تو سان ضروري ڪم آهي، ٿوري دير لاءِ مون سان گڏجي هل.“

”هتي ئي ٻڌائي. مون کي موٽي آفيس ۾ وڃڻو آهي،“ نياز رکائي مان چيو.

”پليز گهڻي دير ڪا نه لڳندي. منهنجو واعدو آهي. اچ ويهه.....“

هن دروازو کوليو.

”ساري... آءٌ هلڻ نٿو چاهيان،‘ نياز ٽيڪسيءَ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.

پروين جو منهن جهڙاٽجي ويو. هن کن جي لاءِ نياز کي چتائي ڏٺو. پوءِ هن منهن ڦيري ٻئي در وٽ بيٺل رسيپشنسٽ طرف ڏٺو ۽ دروازو کولي هٿ وڌائي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي اندر ٽيڪسيءَ ۾ ويهاريو. هن ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيو. ٽيڪسي اسٽارٽ ٿي هلي ته پروين دريءَ مان ٻانهن ٻاهر ڪڍي ڪا شيءِ اڇلائي نياز جي منهن ۾ هنئي. واچ هئي ۽ نياز ان کي جهٽي ڪرڻ کان بچائي ورتو. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com