سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :19

هوءَ واقعي مون کان سخت ناراض ٿي وئي هئي. سندس وڻدنڙ چهرو هڪدم ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ مون ڏانهن اهڙي شديد نفرت منجهان ڏسي رهي هئي، ڄڻ مون کائنس سندس ڪار نه، پر سندس عزت طلب ڪئي هئي. ور ور پنهنجي هيٺين چپ کي چڪ هڻي رهي هئي.

مان خاموشيءَ سان ويٺو رهيس.

ٿوري دير کان پوءِ سندس ڪاوڙ جهڪي ٿي ته هن پنهنجا ننهن منهنجي زخمي ڪرائيءَ تان پري ڪيا، ۽ ڏاڍي هيڻي آواز ۾ چيائين، ”هيءَ گاڏي ته مان ڏئي نٿي سگهان، ٻيو جيڪي تون چاهين...“

”هاڻي ته مان به ضد ٿو ڪيان!“ ڇڙٻيندي چيومانس، ”ڪائي اهڙي ترڪيب ٻڌاءِ، جيئن تو جهڙيون مائرون ٻار نه ڄڻين، پر ريڊيو ڄڻين، ريفري جريٽر ڄڻين، ٻار نه ڄڻين! جيڪڏهن ائين ٿي پوي ته هن دنيا ۾ حرامي ٻارن جي پيدائش جو مسئلو گهڻي حد تائين حل ٿي سگهي ٿو!“

اهو چئي مان هيٺ لٿس، سندس ڪار جو در زور سان بند ڪيم، ۽ تڪڙو تڪڙو هليو ويس.

شام تائين ڪوئي نه آيو، پينگهو خالي رهيو. رات جي اونداهي وڌندي رهي، دل جو سناٽو وڌندو رهيو، گهٽيءَ جي ڪارن ۽ ڦاٽل چپن تي بجليءَ جا ٻه چار ميرا ۽ پيلا بلب مرڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهيا، جڏهن نائين ڌاران مون کي ڏاڍيءَ بک ستايو، تڏهن گهر واپس ورڻ جو سوچيم. ايتري ۾ ڏٺم ته هڪ ميرن گدلن ڪپڙن ۾ ويڙهيل عورت پينگهي جي سامهون  اچي بيٺي. ڪامهل ته هوءَ ائين ئي بيٺي رهي، پوءِ پنهنجي هنج مان ڪجهه ڪڍيائين، ۽ پينگهي ۾ رکيائين، ۽ وري دير تائين اتي بيٺي رهي.... پوءِ آهستي واپس ورڻ لڳي، ڪنڌ  هيٺ ڪري. مان سندس ڪڍ وڃڻ لاءِ اٿڻ وارو ئي هوس ته اونداهن پاڇن ۾ اها عورت واپس ورندي نظر آيم، واپس اچي هن پنهنجي ٻار کي کنيو، ڇاتيءَ سان لاتائينس، ۽ کيس کڻي واپس ورڻ لڳي – پر اڳتي وڃي، هوءَ وري موٽي آئي، ۽ ٻار کي وري پينگهي ۾ رکي ڊوڙندي هلي وئي.

سنگهه برادرز جي موٽر گيراج وٽان جيڪو رستو لال قلعي ڏانهن ويندو آ، اتي پهچي مون سندس پلئه ۾ هٿ وڌو. اوچتو منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته مون جنهن کي عورت سمجهيو هو، اهو اڌڙوٽ مرد آ- سندس چهري تي الائجي گهڻن ڏينهن جي ڏاڙهي هئي، ۽ گهڻو روئڻ ڪري سندس اکيون سڄي پيون هيون. مون سخت لهجي ۾ کانئس پڇيو، ”تون ڪنهنجو ٻار رکي آيو آن پينگهي ۾؟“

هو ڪي پل ڦاٽل اکين سان مون ڏانهن ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ  منهنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ منٿون ڪري چوڻ لڳو، ”مون کي معافي ڏي، صوبيدار صاحب!“

هن مون کي سي آءِ ڊي جو ڪوئي آفيسر سمجهيو هو، ۽ منٿون ڪري مون کان معافي پئي ورتائين. مون وري سختيءَ سان کانئس پڇيو، ”جلدي ٻڌاءِ؟“

”منهنجو ٻار آ!“

”حرامي جو ٻار آ؟“

”نه منهنجا سائين،  منهنجي زال منجهان آ!“
        ”تنهنجي زال منجهان آهي ته پوءِ کيس پينگهي ۾ ڇو رکي آيو آن؟ تنهنجي زال ڪهڙي ماءُ آهي جو توکي اهڙي ڪم جي  ڪل ڏني اٿائين!“

”منهنجي زال مري چڪي آ سائين! ڏهاڪو ڏينهن ٿيا آهن، هوءَ مهيني جو ٻار ڇڏي مري وئي! گهر ۾ جيڪي ڪجهه هيو اهو سندس ڪفن دفن ۾ پورو ٿي ويو. مان ڇهن مهينن کان بيروزگار آهيان، ڪٿي ڪو ڌنڌو ملي ئي نٿو- گهر ۾ پنج ٻار آهن، هي ڇهون، معصومڙو ڪالهه کان بک ۾ سڏڪي رهيو هو، ٽن ڏينهن کان سڀ ٻارڙا بک تي آهن، پر ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان هن معصوم لاءِ کير جو بلو ڪندا رهياسين. ڪالهه رات کان ته هن معصوم لاءِ ٻه ڍڪ کير جا به نه مليا! ڪهڙي دنيا آ مالڪ.... ٽن ڏينهن کان منهنجا سڀ ٻار مون سان گڏ لنگهڻ تي آهن... هو مري ويندا... مان به مري ويندس... مون سوچيو،  يتيم خاني وارا هن معصوم جي پالنا ڪندا، ان ڪري کيس اتي رکي آيو آهيان!“

”توکي خبر آ ته هُو اتي ڪيئن رهندو؟ پيءُ هوندي به سڄي عمر هو حرامي ليکبو!“

”پر جيئرو ته رهندو!“ هن ڀنل اکين سان مون ڏانهن ڏٺو، ۽ وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.

 اڌ رات –

پينگهو خالي آ –

انسان جي دل جيان!

انسان جي بک جيان-!!

مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان - ۽ مون جيڪي ڪجهه اڄ ڏٺو آهي، ان کان پوءِ گهر واپس به نٿو ورڻ چاهيان، مان ٿڪجي، انهي پينگهي ۾ ئي ڪري پوڻ ٿو چاهيان – پر هي پينگهو ڏاڍو ننڍو آ - ۽ اسان جا گناهه تمام وڏا آهن.

100 روپيا

جڏهن مون ڪيل ڪم عيوض سيٺ کان 100 روپين جي گهر ڪئي تڏهن هن سورهين تاريخ تي اچڻ لاءِ چيو ۽ سورهين تاريخ تي سيٺ آفيس مان عدم پيدا هئو. سيٺ جي ٻڍي مئنيجر، جنهن جي ٺوڙهه گنجي هئي ۽ جنهن جو هڪ ڏند ٻاهر نڪتل هئو ۽ جيڪو پنهنجي اسسٽنٽ کي ڪنهن غلطي ڪرڻ سبب ڇينڀي رهيو هئو، مون کي چيائين، ”تو 100 رپين جو ڪم ڪيو آهي توکي 100 روپيا ڏنا ويندا پر اڄ سيٺ هتي ڪونهي ان ڪري سڀاڻي اچجانءِ.“

”جيڪڏهن سيٺ سڀاڻي به هت نه هجي ته؟“ مون پچيو.

”ته مان انتظام ڪري رکندس. تون ڪوبه فڪر نه ڪر تنهنجا پئسا توکي ضرور ملندا.“ هن چيو.

آفيس مان ٻاهر نڪري مون ٽڪي جو پان ورتو.  مون کي بک ڏاڍي لڳي هئي پر کيسي ۾ صرف ٻه آنا هئم ان لاءِ پان وٺڻ ئي بهتر سمجهيم ۽ پوءِ ٽرام ۾ چڙهي پيم.

ٻئي ڏينهن به سيٺ آفيس ۾ موجود ڪونه هئو. سيٺ جي مئنيجر چيو، ”اڄ به سيٺ ڪونهي ۽ وري تنهنجي خساب ۾ غلطي به آهي!“

هن جي ان چوڻ تي مونکي غصو اچي ويو، هو حساب کي ڏهه دفعا چڪاسي چڪو هئو ۽ هاڻ وري ٿي چيائين ته حساب ۾ غلطي  آهي. پر ان هوندي به مان ڪجهه به چئي نه سگهيس ڇاڪاڻ جو هنجي ڳالهائڻ جو نوع تمام نرم هو ۽ هن جو هرهڪ فقرو ريشم ۾ ليٽيل هو ان لاءِ مون به نرميءَ سان چيو، ”منهنجو حساب ته بلڪل ئي صاف آهي.“

ايترو چئي مون پنهنجي خاڪي رنگ جي سوٽ جي کيسي مان هڪ ميرو ڪاغذ ڪڍيو ۽ مئنيجر سان گڏ يارهون دفعو حسبا ٺاهڻ ويهي رهيس. هيترا پيسا واري پنو لڳائڻ جا، هيترا پيسا روغن جا، هيترا پيسا مزوريءَ جا، واري پنن ۽ روغن جون رسيدون مون وٽ هيون ۽ منهنجي مزوري اڳ ئي طئه ٿي چڪي هئي. سيٺ جو فرنيچر محنت مان چمڪي رهيو هو.

مئنيجر چيو، ”ها حساب ته ٺيڪ آهي. چڱو سڀاڻي اچجانءِ.“

”پر سڀاڻي ضرور.“ مون دروازي مان ٻاهرن ڪرندي چيو.
        ”ها – ها- سڀاڻي ضرور،“ مئنيجر پنهنجي گنجي ٺوڙهه کي لوڏيندي چيو.

اڄ ٻاهر اچي نه مون ٽڪي جو پان کاڌو ۽ نه ئي سيان وڃڻ لاءِ ٽرام ۾ چڙهيس پر فيروز شاهه مهتا روڊ تان سيان تائين پنڌ ئي ويس.

ٻئي ڏينهن آفيس ۾ وڃڻ سان ڏٺم ته سيٺ ته هميشه موافق اڄ به آفيس مان غائب هئو ئي پر مئنيجر به غائب هئو. مئنيجر جو اسسٽنٽ پنهنجين چنجهين اکين سان هڪ سنگل چانهه پنهنجي سامهون رکي ڪجهه سوچي رهيو هئو. هن جو چهرو تمام زرد هئو. مان هن جي چهري طرف غور سان نهارڻ لڳس.

اسسٽنٽ پيالي مٿان نظر کڻي مون طرف ڏٺو ۽ هٿ جي اشاري سان ڪرسي تي وهڻ لاءِ چيائين؛

”سيٺ ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.

”سيٺ  پنهنجي ٻيءَ آفيس ۾ ويو آهي!“ هن جواب ڏنو.

”۽ مئنيجر؟“ مئنيجر سيٺ جي ٽيئن آفيس ۾ ويو آهي!!“

”ته مون کي هت چوٿين ماڙي تي ڇا لاءِ گهرايو ويو آهي؟“ مون غصي وچان چيو.

اسسٽنٽ چانهه جو آخري ڍڪ به ڳيت ڪري پي ويو ۽ پوءِ آهستي چيائين، ”گهٻرائڻ جي ضرورت ڪونهي، مئنيجر ڄاڻ آيو.“

مان هڪ ڪرسيءَ تي ساڍي ڏهين کان سوائي ٻي وڳي تائين ويٺو رهيس. ته آخر سوائي ٻي بجي مئنيجر آيو.

هن مسڪرائيندي چيو، ”تنهنجو ڪم ٿي ته ويو پر چيڪ مليو آهي 100 روپين جو ۽ هاڻ سوا ٻه وڄي چڪا آهن ۽ بئنڪ اڍائي بجي بند ٿي ويندي آهي.“

”۽ بئنڪ هتان ٻه ميل پري آهي ۽ سڀاڻي موڪل آهي ۽ پريهن آرتوار!“ مون هن کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.

”ها!“ مئنيجر خوشيءَ وچان هٿ مليندي چيو.

مون بيحد رکائيءَ سان چيو، ”چيڪ مون کي ڏيو.“

پنج منٽ ٻيا به چيڪ وٺڻ ۾ لڳي ويا ڇو ته چيڪ تي منهنجو نالو محمد شفيع بجاءِ محمد رفيع لکيل هو.

مئنيجر چيو، ”غلطي ٿي وئي، خير تون سومر ڏنيهن اچي ٻيو چيڪ وٺي وڃجانءِ.“

”پر هيءُ ته بيرر چيڪ آهي! نالي جي غلطيءَ سان ڪجهه به نٿو ٿئي.  تون مونکان منهنجي نالي جي رسيد وٺ ۽ چيڪ مونکي ڏي. سومر ڏينهن وري مان ڪيئن اچي سگهندس. ڪنهن ٻئي هنڌوڃي ڪم تي چڙهندس.“ مون چيو.

چڱو ته کڻي وڃ“ مئنيجر چيو.

جنهن وقت چيڪ وٺي ٻاهر نڪتس ان وقت اڍائي وڄڻ ۾ نو منٽ پيا هئا ڪيئن به پنڌ هلي بئنڪ ۾ اڍائي بجي تائين پهچڻ مشڪل هو 100 روپين جو چيڪ منهنجي هٿن ۾ هو پر اڃا تائين صرف ڪاغذ جو ٽڪر هو. ان کي 100 روپين ۾ بدلائڻ لاءِ بئنڪ ۾ پهچڻو هو ۽ اهو به اڍائي بجي کان اڳ. هڪ ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ڊرائيور طرف منهن ڪندي چيم، ”ڪالباديري.“

جڏهن ڪالباديوي روڊ جي ناڪي وٽپ هتس تڏهن ٻه وڄي اٺاويهه منٽ ٿيا هئا. چيڪ تي ڪالباديوي روڊ لکيل هو پر بئنڪ ڪالباديوي روڊ تي ڪونه هئي. ۽ پڇائيندو پڇائيندو جڏهن بئنڪ ۾ پهتس تڏهن ٻه وڄي چوٽيهه، منٽ ٿيا هئا. اصول موجب ڪلارڪ کي منهنجو چيڪ نه وٺڻ کپندو هو پر شايد هو چيڪ پڙهڻ سان گڏوگڏ انسان جي چهري کي پڙهڻ به ڄاڻندو هو ۽ ڪجهه به چوڻ کانسواءِ هن مونکان چيڪ ورتو. جيتوڻيڪ منهنجو نالو محمد شفيع هو پر ان هوندي مون چيڪ تي صحيح مححمد رفيع جي پاتي. هيءُ محمد رفيع ڪير هو، ڪٿان آيو هو، ڪڏهن پيدا ٿيو هو، هن جي شڪل ڪهڙي هئي، هن جي ماءُ پيءُ ڪير هئا، ان باري ۾ ڪنهن کي به ڪابه خبر ڪونهي. ڪجهه زندگيون اهڙيون ٿينديون آهن جو چيڪ تي لکيون وينديون آهن ۽ چيڪ مٿان ئي ڊاٺيون وينديون آهن.

مان اڃان ٽئڪسيءَ واري کي ڀاڙو ئي ڏئي رهيو هوس ته ڪنهن اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، ”اڄ ڪالهه ٽئڪسين ۾ گهمي رهيو آهين؟“

مون ڦري هن طرف ڏٺو. هو اسحاق هو. منهنجو دوست. هو عبدالرحمان گهٽيءَ ۾ هڪ کوجي جي جاءِ ۾ رهندو آهي ۽ اهوئي ڌنڌو ڪندو آهي جيڪو مان ڪندو آهيان. ليڪن هنجي محبوبا محمد علي روڊ ۽ ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ناڪي تي هڪ هوٽل ۾ رهندي آهي. مون کيس ڏٺو آهي، ڏاڍي خوبصورت عورت آهي. وڏن وڏن سيٺين وٽ ويندي آهي. هي اسحاق هن کان اڳ وٽس ڊرائيور هو پر کيس اهو ڪم پسند ڪونه آيو ۽ ان لاءِ نوڪري ڇڏي آيو. هوءَ اسحاق کي ڏاڍو ڀائيندي آهي ۽ اسحاق به هن کي چاهيندو آهي پر اڪثر ڪري ٻنهي وچ ۾ لڙائي ٿيندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته اسحاق کي هن جي ڌنڌي کان نفرت آهي ۽ ان ڪري هن کي سمجهائيندو رهندو آهي پر هوءَ ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيندي آهي. ڀلا جنهن وٽ سٺي هوٽل هوندي، سٺي جواني، صحت ۽ خوبصورتي هوندي ۽ سون چانديءَ وارا سيٺيون هوندا، اها وارنش ڪندڙ اسحاق جي ڳالهه تي ڪيئن ڌيان ڏيندي؟

”مونکي  ته ڏاڍي بک لڳي آهي، تون ڪجهه کائيندين؟“ مون هن کان پڇيو.

”بک ته مونکي به ڏاڍي لڳي آهي.“ هن چيو. فيروز ڪبابيءَ جي دڪان تان فارغ ٿي اسحاق مونکان ڏهه رپيا اڌارا ورتا ۽ هليو ويو. مونکي اسحاق ڏاڍو پسند آهي. هن وٽ پيسا هوندا آهن ته ناڪار نه ڪندو آهي، سڀني کي کارائيندو پياريندو آهي ۽ جڏهن پيسا نه هوندا اٿس تڏهن مونکانسواءِ ٻئي ڪنهن کان اڌارا نه وٺندو آهي. مون کي اسحاق جي دوستيءَ تي فخر آهي. جڏهن به مان اسحاق سان ملندو آهيان تڏهن مان خوشيءَ ۾ ڦونڊجي ويندو آهيان ۽ ان وقت مان ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻ مونکي ڪوبه غم ڪونهي، ڪائي تڪليف ڪونهي.

ان وقت اسحاق سان ملي منهنجو هنيانءُ هلڪو ٿي ويو. مون ڪرافورڊ مارڪيٽ مان ٻه صوف وٺي کاڌا، هڪ بيکاريءَ کي ٻه آنا ڏنا ۽ اتان هلندو هلندو بوري بندر تائين اچي پهتس. کيسي ۾ رپيا هئا ان لاءِ سوبلئي گهر وڃڻ تي دل نٿي ٿي ۽ ان ڪري هارنبي روڊ طرف روانو ٿيس. هارنبي روڊ جا دڪان مون کي ڏاڍا پسند آهن ۽ خاص ڪري انهن دڪانن جون نمائشي دريون جن ۾ شيشا لڳل آهن ۽ بجلي جون لٺيون ۽ آدم قد شين جي شفاف تهن پوئتان ڪهڙيون نه خوبصورت شيون رکيل آهن. خوبصورت نيڪٽايون، سوٽن جو ڪپڙو، مفلر، بوٽ وغيره.هر هفتي انهن درين اندر رکيل خوبصورت شيون بدلجي وينديون آهن ۽ پراڻين ڊزائينن بدران نيون ڊزائينون اچي وينديون آهن.شام جو گهر وڃڻ کان اڳ مان اڪثر هارنبي روڊ جون نمائشي دريون ڏسندو آهيان. کيسي ۾ پيسا هجن يا نه هجن ليڪن ڪم تان موٽيندي بوري بندر طرف وڃڻ وقت، انهن درين ۾ پيل شين کي ضرور ڏسندو آهيان. مون پنهنجي سوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي نون ۽ڪڙڪ نوٽن کي  ٿڦيو ۽ ڏاڍي شان سان ايوان ائڊر فريزر جي نمائشي درين اڳيان وڃي بيٺس. اُف! ڪيتري قدر ته خوبصورت خميس هئي!! بادامي رنگ جي صاف ۽ شفاف خميس مٿان بلوُ ۽ سرخ رنگ جا ليڪ!!! مون پنهنجي خميس جي ڦاٽل ڪالر مٿان هٿ ڦيريو ۽ سوچڻ لڳس ته ان سرخ ۽ بلوُ ليڪاخميس کي پهري مان ڪيئن لڳندس. مون تصوير ۾ پاڻ کي اها خميس پهريل ۽ هڪ وڏي آدم قد آئيني جي سامهون ڏٺو. ڇا ٺاٺ هو! خميس جو اگهه هئو 30 رپيا ۽ ان کان ٽيڻا پيسا مون وٽ هئا. مان خميس وٺي ٿي سگهيس پر اڃان به ڪا سٺي شيءِ ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌي ويس. ٻيءَ دريءَ ۾ خوبصورت صابڻ، ٽرڪش، ٽوال جن کي ڏسڻ سان خودبخود سنان ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي، رکيا هئا. اهي سڀ مان خريد ڪري ٿي سگهيس. ٽين دريءَ ۾ مردن لاءِ رات جي وقت پهرڻ جا گاون هئا. گاون- ڀڀڪيدار ريشمي نقش ٿيل گاون جن کي پهري وارنش ڪندڙ به جيڪر مصر جو بادشاهه لڳي. گاون جي قيمت صرف 70 رپيا هئي ۽ ان کان وڌيڪ رپيا مون وٽ هئا. مون ان گاون کي تصور ۾ پهريو ۽ هڪ ايراني غاليچي تي اڏامندو تمام پري هليو ويس. هوا صاف هئي، منهنجي هيٺان خوبصورت باغن واري زمين ڦري رهي هئي ۽ سائي سائي مانريءَ ۾، ننڍي هڪ پهاڙي جوانڙيءِ وانگر اُس سيڪي رهي هئي. مون ان غاليچي کي ان نديءَجي ڪناري تي هيٺ لهڻ جو حڪم ڏنو. غاليچو نديءَ جي ڪناري تي لهي آيو ۽ خودبخود وڇائجي ويو، پر خودبخود هڪ گگهي، هڪ سنگمرمر جهڙو سفيد هٿ، ٻه چمڪندڙ اکيون ۽ هڪ حسين چهرو  الائي ڪٿان اچي ويا ۽ ايتري ۾  ڪنهن مونکي ٿيلهو ڏنو ۽ رڙ ڪندي چيو، ”اڳتي وڌ! ٻئي ڪهن کي به ڏسڻ ڏيندين يا نه؟ اڌ ڪلاڪ کان بيٺو آهين ڪجهه وٺڻو به اٿئي؟“ مون مسڪرائي ايوان ۽ فريزر جي وردي پوش غلام طرف ڏٺو جيڪو مونکي ڏاڙهي رهيو هئو ۽ اڳتي وڌي ويس. ويچاري کي ڪهڙي خبر ته مون وٽ ايراني غاليچو آهي جيڪو هوا ۾ اڏامي ٿو ۽ کيسي ۾ 70 روپين کان به وڌيڪ رقم آهي. مان ان وقت اندر وڃي ان گاون کي خريد ڪري ٿي سگهيس پر منهنجي دل ڪونه مڃيو. هارنبي روڊ تي ان کان به ڪافي بهتر شيءِ ضرور هوندي. ان لاءِ اڳتي هلڻ گهرجي، باقي ان وردي پوش غلام کي ته ڪنهن به وقت شڪست ڏئي ٿي سگهجي. اڳتي هلندو هلندو ڪيترن دڪانن جي نمائشي درين کي ڏسندو مان جگه دمبالا پٽيل جي دڪان وٽ وڃي پهتس. هتي نمائشي دريءَ ۾ ڪئميرائون رکيل هيون، جن کي به مان خريد ڪري ٿي سگهيس، ڪئميرا کي وٺي مان انهن سڀني فرنيچرن جا ڦوٽا ڪڍي ٿي سگهيس جيڪي پراڻا هئا ليڪن جن کي وارنش ۽ منهنجي محنت ايترو خوبصورت ٿي بڻائي ڇڏيو جو اهي نئين فرنيچر وانگر چمڪڻ ٿي لڳا. مون سوچيو، اها ڪئميرا کڻي مان اسحاق وٽ ويندس ۽ چوندوسانس ته هل اڄ تنهنجي ۽ تنهنجي محبوبا جو ڪٺو ڦوٽو ڪڍندس. مون پنهنجو ايراني غاليچو گهرايو ۽ ڪئميرا هٿ ۾ کڻي سڄي دنيا  جي خوبصورت نظارن جا ڦوٽا ڪڍڻ لڳس. ڪئميرا سان گڏ گڏ دوربيني به پئي هئي. جنهن ۾ ڏسڻ سان تصويرون وڏيون ٿي پوري گهرائيءُ سان اهڙيون ته صاف، ڏسڻ ۾ اينديون آهن جهڙيون سئنيما ۾ به نه اينديون آهن. جڏهن مان ننڍڙو هئس تڏهن هڪ ٻڍي اهڙي هڪ دوربين پاڻ سان آڻيندي هئي ۽ اسان هڪ هڪ پئسو ڏئي تماشو ڏسندا هئاسين. ان دوربين کي ڏسي منهنجي دل خوشيءِ وچان نچڻ لڳي ۽ مان دڪان اندر داخل ٿيس. ڪائونٽر تي مون هڪ نوجوان کان پڇيو، ”هن دوربين جي ڪيتري قيمت آهي؟“

”ساڍا ستٽيهه رپيا.“

نوجوان کي ڏاڍي خوبصورت خميس پهريل هئي.  هنجا گهنڊيدار وار بجليءَ جي لٺين جي روشني ۾ نئين فرنيچر جي وارنش وانگر چمڪي رهيا هئا. هنجي چپن تي به جوانيءَ جو وارنش هئو ۽ مغرور مسڪراهٽ. جهڙي چيڪ لکڻ وقت نظر ايندي آهي. هو مون طرف ڏسي ان ڇوڪريءَ طرف وڌي ويو جا هاڻي ئي دڪان ۾ داخل ٿي هئي ۽ هڪ بدصورت چهري وارو گجراتي جو شايد هن جو اسسٽنٽ هئو، مون طرف وڌي آيو. مون ڏٺو هن جي چهري تي لڳل وارنش ڪيترن هنڌن تان لهي ويو هئو ۽ هن مسڪرائڻ جي به ڪوشش ڪونه ڪئي.

”هيءَ دوربين ته مون کي ڏيکار،“ مون چيو.

هن دوربين ۾ فلمن جو ويٽو رکي ان کي مون طرف وڌائيندي چيو، ”بٽڻ دٻائڻ سان تنهنجي سامهون نيون نيون تصويرون اينديون رهنديون.“

مون بٽڻ کي دٻايو، گلن جا گلدستا ۽ گلن جا هار ۽ گلدار پڙا پهري هوائي ٻيٽ جون ڇوڪريون نچي رهيون هيون. مون بٽڻ کي دٻايو هڪ ٽارزن هڪ هاٿيءَ تي سوار ٿيل هلندو پئي آيو. مون بٽڻ دٻايو – ٽارزن آبشار ۾ ٽپو ڏئي رهيو هئو – مون بٽڻ دٻايو – ساحل جي واريءَ تي شراب، ميوو، بسڪوٽ ۽ کائڻ جون ٻيون شيون هڪ تسريءَ ۾ پيون هيون ۽ هڪ عورت واريءَ تي اکيون بند ڪيو ويٺي هئي. هن جو منهن منهنجي ايترو ته ويجهو هو جو مون يڪدم بٽڻ کي دٻايو– ايراني غاليچو ڌرتيءَ تي اچي ويو. مون وارنش لٿل گجراتيءَ کي چيو، ”هيءَ دوربين ته ڏاڍي سٺي آهي! گهڻي ۾ ڏيندين؟“

هن مسڪرائڻ کانسواءِ چيو، ساڍي ستٽيهين روپين جي دروبين آهي ۽ ڏهن روپين جا هي فلمن جا ويٽا هڪ ڊزن وٺڻا پوندءِ ۽ سيلس ٽئڪس ان کانسواءِ.“ مون کيسي ۾ هٿ وجهي نون لسن نوٽن کي هٿ لڳايو. توهانکي يقين نه ايندو ليڪن اهو بلڪل سچ آهي ته ان کان اڳ منهنجي دل ۾ دروبين کانسواءِ ٻي ڪائي تصوير ڪونه هئي ليڪن نوٽن کي هٿ لڳائڻ سان هڪدم مونکي ڌڪ لڳو ۽ بٽڻ دٻائڻ کانسواءِ ڪيتريون تصويرون منهنجين اکين سامهون ڦرڻ لڳيون.

هڪ ٻار ڦاٽل قميص پهري، گهٽيءَ ۾ ڌرتيءَ تي ويهي رهيو آهي. مون سڃاتو  اهو منهنجو ئي ٻار هئو. هڪ عورت جي سلوار جو هڪ پاچو ٻئي پاچي کان لنڊو آهي ۽ هنجي پوتيءَ مان هنجي مٿي جا الجهيل وار ٻاهر نڪتل نظر اچي رهيا هئا. مان سمجهي ويس ته.....

هڪ ماڻهود روازي وٽ بيٺو آهي، جنهن جي شڪل هر پل بدلجندي پئي وڃي، هنجو غصو هر پل وڌندو پيو وڃي. ڪڏهن هو جڳهه جي مالڪ جو مئنيجر بڻجي ٿو وڃي ۽ ڪڏهن کير واري سيٺ جو نوڪر – ڪڏهن بجليءَ ڪمپنيءَ جو عهديدار – ڪڏهن پاڻيءَ واري ڪمپنيءَ جو – مون بٽڻ دٻايو – هاڻ منهنجي ڪمري سامهون فرش تي خالي تسري پئيه ئي جنهن ۾ هڪ گلاس اونڌو پيو هئو.

نوٽ منهنجي کيسي مان ٻاهر نڪتا پر وري اندر ڪري پيا. خوبصورت ڪلارڪ، خوبصورت ڇوڪريءَ کي ڪئميرا وڪڻي ڪائونٽر تي واپس اچي ويو ۽ مان  تڪڙو تڪڙو دڪان کان ٻاهر وڃڻ لڳس. ٻاهر ويندي ويندي مون ڃاتو ٿي ته اهو ڪلارڪ پنهنجي بهترين وارنش ٿيل مسڪراهٽ سان منهنجي قميص جي ڦاٽل ڪالر کي ڏسي رهيو آهي، منهنجي خاڪي زين جي سوٽ طرف ڏسي رهيو آهي، جنهن جي پٺئين طرف چتيون لڳل آهن. مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ مون مٿان کلي رهيو هئو.

پنهنجن ڏندن کي ڪرٽيندي چڱيءَ طرح کيسي ۾ هٿ وجهي نوٽن کي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيم ۽ نمائشي درين تان پنهنجي نظرن کي هٽائي بوري بندر طرف هلڻ لڳس. هلندي هلندي مونکي محسوس ٿيو ڄڻ مون سان ڪنهن دوکو ڪيو آهي ڪنهن مونکي 100 روپيا ڏئي مونکان 200 روپيا کسي ورتا آهن ۽ گڏوگڏ منهنجو ايراني غاليچو ۽ دوربين ڦري ورتا آهن. ڪنهن زور سان منهنجي ڳل تي چماٽ هنئين آهي. ڪنهن منهنجي هر نوٽ تي لکي ڇڏيو آهي ”تنهنجي لاءِ ڪونهي! – تنهنجي لاءِ ڪونهي -!!“

منهنجا قدم هر پل  ڳورا ٿي رهيا هئا ۽ مون محسوس ڪيو ته منهنجي محنت جو هر نوٽ اداسي جي هڪ لنبي زنجير آهي، جنهن کي  مان پنهنجن هٿن سان ڇڪي رهيو آهيان.

بوري بندر پهچي مون اچانڪ فيصلو ڪيوته اڄ ريل ۾ گهر واپس نه ويندس ۽ پنڌ ئي سيان ڏانهن وڃڻ لڳس.

گهڻي رات گذرئي مان ٿڪو ماندو پنهنجي گهر پهتس. منهجي زال فڪر ۾ ويٺي هئي ۽ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي ليڪن جڏهن هن نوٽن کي ڏٺو تڏهن خوش ٿي وئي ان لاءِ هوءَ منهنجي اداسيءَ جو مطلب نه سمجهي سگهي. چيائين، ”ڪهڙي ڳالهه آهي – تون اڄ خوش هئڻ بدران اُداس آهين؟“

مون کٽ تي وهندي چيو، ”مٺڙي! اڄ مون سمجهيو آهي ته هيءَ دنيا ٻڍي ٿي چڪي آهي ۽ مون کي اهڙي دنيا گهرجي جيڪا ٻارن وانگر مشڪي سگهي.“

”مون ڪونه سمجهيو، الائي ڇا پيو جيئن!“

”مٺڙي! مان چئي رهيو آهيان ته هاڻي پراڻي فرنيچر مٿان وارنش ڪرڻ سان ڪم ڪونه هلندو – هاڻ نئون فرنيچر ‎ٺاهڻو پوندو!“

 

مان انتظارڪندس!

ذي. ئي جي خوبصورت چهري ۽ ٺاهوڪي بدن ائين ٿي ٻڌايو ته هوءَ چين جي ڪنهن وڏي خاندان مان هئي. جڏهن مان پهريون دفعو ڪرافورڊ مارڪيٽ جي لڳ ڪاغذ جا گل وڪڻڻ لاءِ ويو هئس تڏهن هوءَ به پنهنجي ٻڍي پيءُ هانگ سان گڏ اتي ڪاغذ جا گل، ٽوپيون ۽ وڃڻا کنيو بيٺي هئي.  سرديءَ جي مند هئي ان ڪري هن نيري رنگ جي صدري پاتي هئي، جا ڪپهه جي تهن سان ڀريل هئي. هن جا پير ٻڌل ڪونه هئا. يعني هوءَ انهن جهونين چيني عورتن مان ڪونه هئي جن جي چال ڏسي هميشه سرگس جي نوڙيءَ جو خيال ايندو آهي جنهن مٿان سرگس واريون ڇٽي هٿن ۾ کنيو بيٺل هونديون آهن.

هانگ جو چهرو هڪ سڪل سيتاڦل جهڙو هو. زماني جي گردش چڱيءَ طرح ٺپي ٺوڪي هن جي چهري مٿان طرح طرح جا نشان بڻائي ڇڏيا هئا. هن جي چهري کي ڏسي توهان ايشيا جي گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ پڙهي ٿي سگهيا.

هنجي کاٻي پاسي واري ڳل تي زخم جو هڪ سائو نشان هو. اهو زخم هن کي هانگ ڪانگ ۾ ان وقت مليو هو. جڏهن رڪشا کي آهستي هلائڻ ڪري هڪ گوري هن کي مڪن سان، لتن سان ۽ چهبڪ سان ماريو هو. ان قسم جا هنجي جسم تي ٻيا به ڪيترا ئي نشان هئا، ظلم زبردستي جي تاريخ جا حد نشان جيڪي هن جي زندگيءَ ۾ صياد وانگر اڀريا ۽ جلاد وانگر پنهنجي بي رحميءَ جا نشان ڇڏي اڳتي هليا ويا. بهار ڪيئن ايندي آهي. ڪليون ڪيئن اڀرنديون آهن. گل ڪيئن ڦٽندا آهن. ميون سان ڳري ٿيل شاخ ڪيئن جهڪي بيهندي آهي ان ڳالهين جي هن کي ڪا خبر نه هئي.

بک سان زبردست مقابلو ڪرڻ کانپوءِ به جڏهن هن بک کي دور ٿيندو نه ڏٺو تڏهن هنجي همٿ هنکي جواب ڏئي ڇڏيو. هن سوچيو جدوجهد ڪرڻ فضول آهي. زندگي جيئن آهي تيئن ئي رهندي. بيشمار ماڻهو تڙڦي تڙڦي مرندا رهندا ۽ ڳاڻ ڳڻيا مزا ماڻيندا رهندا، ڪجهه ماڻهو عزت پائيندا رهندا ۽ باقي بيعزتي سهندا رهندا، ڪجهه ماڻهو ظلم ڪندا رهندا ۽ ٻيا اهو ظ:م سهندا رهندا ۽ ان جو ڪوبه علاج ڪونه آهي. ڇو جو آسمان ۾ رهندڙ ديوتائن جي اهائي مرضي آهي ۽ ان خلاف جدوجهد ڪرڻ گناهه آهي. ان بعد هو بمبئيءَ هليو آيو.

هاڻ هو ڏهن سالن کان بمبئيءَ جي هڪ گندي محلي ۾ رهندو هو. هتي هن هڪ چيني وئشا سان شادي ڪئي هئي.  هو هنجو مڙس به هو ۽ دلال به ڏينهن جو مڙس جو حق جتائيندو هو ۽ رات جو دلالي ڪندو هو، آفيم کائيندو هو، چرس پيئندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن غصو ايندو هئس تڏهن پنهنجي پهرين زال جي ڌيءَ ذي ئي کي مارڻ لڳندو هو. ان ريت اٺ سال گذري ويا. پر آسمان ۾ رهندڙ ديوتائن کي هنجو سک نه وڻيو ۽ هن کان هنجي وئشيا زال کي کسي ورتائون ۽ هاڻ ٻڍي هانگ ۽ سندس ڌيءَ ذي ئي کي جا هاڻ جوان ٿي وئي هئي گل ۽ وڃڻا، وڪڻڻا پيا. ۽ اڄ آسمان جي ديوتائن مونکي گل وڪڻڻ لاءِ ڪرافورڊ مارڪيٽ موڪلي هن مٿان ظلم جو تير ڇوڙيو هو. مونکي پنهنجي ويجهو رهندو ڏسي هو مونکي نفرت سان ڏسڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com