سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :25

انهيءَ ڏينهن نيلام ۾ تمام رش هئي. جنهن ڏينهن منهنجي ٻولي لڳائي ويئي هئي. پري پري کان نادر شيون خريد ڪرڻ وارا آيا. تمام حيرت، ۽ ڪجهه شڪ ۽ شوق سان مون کي ڏسي رهيا هئا. ليڪن سيٺ منگهارام شڪ جي ڪابه گنجائش نه ڇڏي هئي.  مان چانديءَ جي چمڪندڙ فريم ۾ سڀني  جي اڳيان موجود هوس. چانديءَ جي فريم هيٺان ناسڪ پرنٽريءَ جو هڪ سرڪاري ڪاغذ هوا ۾ جهومي رهيو هو، جنهن تي صاف اکرن ۾ لکيل هو.

”مان ڪو جعلي نوٽ نه آهيان، اصلي نوٽ آهيان.“ منهنجي تاريخ اشاعت به درج ٿيل هئي. شڪ جو ڪوبه سبب ڪونه هو.

سيٺ منگهارام رڙ ڪري چيو:

”ڏهين جي نوٽ جي قيمت هڪ هزار رپيا!“

”ٻه هزار رپيا.“

”ٽي هزار رپيا.“

”ٽي هزار ست سئو.“

”ٽي هزار ست سئو، ٽي هزار ست سئو.“

”ساڍا چار هزار“

”پنج هزار.“

منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، ڪهڙي نه عجيب و غريب دنيا آهي. ڪالهه تائين آءٌ محض ڏهن رپين جو نوٽ هوس. اڄ منهنجي قيمت پنج هزار رپيا آهي. مون کي اهي هزارين اکيون ياد آيون جن مون کي ڏٺو ۽ منهنجي مٿي تي لکيل لفظن Is to pay the bearer on demand the sum of rupees ten at any office of issue تي ڀروسو ڪيو.

”ڇهه هزار رپيا.“

”ست هزار رپيا.“

”ست هزار اٺ سئو رپيا.“

”ست هزار اٺ سئو، ست هزار اٺ سئو....هڪ.“

”اٺ هزار“، ”نو هزار“، ”ڏهه هزار.“

”ڏهه هزار“ مان حيرت مان ڇرڪي ويس، ڇا منهنجي قيمت واقعي ڏهه هزار آهي. ڪالهه تائين مان فقط ڏهن رپين جو نوٽ هوس. اڄ قيمت ڏهه هزار ڪيئن ٿي. اهوئي ساڳيو ڪاغذ جو ٽڪر آهيان، اهو ڪيئن ٿيو!

”ٻارهن هزار.....؟“ ٻارهن هزارن ۾ هڪڙي ڇوڪري جي شادي ٿي سگهي ٿي. مگر واڪ وڌندو ويو.

”تيرهن هزار، ڇهه سئو رپيا.

”تيرهن هزار، نو سئو رپيا.“

”چوڏهن هزار.“

”ارڙهن هزار رپيا“ هڪڙي چشمي واري سنهڙي نوجوان چيو.

”ارڙهن هزار....! هڪ زرد چهري، نٻل جسم، واري مون طرف ڏٺو. هاڻي منهنجي قيمت ارڙهن هزار رپيا آهي. ڪالهه تائين مان بناسپتي گيهه جو هڪڙو دٻو به خريد ڪري نٿي سگهيس ۽ اڄ هڪ موٽر خريد ڪري سگهان ٿو.

”ارڙهن هزار... ارڙهن هزار....“ سيٺ منگهارام نوجوان کي ڏسي زور سان چيو. هو هن کي سڃاڻندو هو، اهو زرد چهري وارو نوجوان ملڪ جي مشهور ڪروڙپتي سيٺ چمن لال جو پٽ مگن لال هو. مگن لال کي ناياب شين گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هوندو هو ۽ هن پنهنجي عاليشان محل ۾ هڪ ”عجائب گهر“ بنايو هو، جنهن ۾ هن دنيا جون ناياب شيون گڏ ڪيون هيون.

هينئر سڀئي ماڻهو پوئتي هٽي ويا هئا، مگن لال جو مقابلو هڪ آمريڪي سياح سان هو. چارلس ڊولٽل نيويارڪ ۾ بئريسٽر هو. دينا جي عظيم تر شاهوڪار ملڪ جو شهري هو. هو پوئتي نه هٽندو...!

”ويهه هزار رپيا.“

”ٻاويهه هزار رپيا“ مگن لال چيو.

”پنجويهه هزار!“ ڊولٽل سگريٽ دکائيندي بي پرواهي سان چيو.

”ستاويهه هزار،“ مگن لال پنهنجي سنهڙي آواز ۾ ايترو زور سان چيو. جو مجموعي ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.

”ٽيهه هزار رپيا.“

منهنجا هوش و حواس جواب ڏيڻ لڳا، آخر مون ڇا ڪيو هو، ڪهڙي تلوار هنئي هئي. ڪهڙي محنت ڪئي هئي، ۽ ڪنهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڏينهن-رات ڪم ڪيم. جنهن جي انعام ۾ منهنجي قيمت ايتري وڌي ويئي، مگر هي  هڪ عجيب ۽ غريب نامعلوم سماج آهي. هتي هر خوبي خامي آهي. جيڪڏهن اوهان هتي سڌا، سچار ۽ کهرا آهيو ته اوهان جي قيمت ڏهين جي نوٽ کان وڌيڪ ٿي نٿي سگهي، جيڪڏهن اوهان جي ”ڊي“ ابتي آهي ۽  غائب آهي ته اوهان جي قيمت ٽيهه هزار به ٿي سگهي ٿي.

نوٽ جي اسپتل (هجي) غلط هجي ته اهو سڀ کان قيمتي آهي. ماڻهو جي هجي غلط هوندي ته آفيس کان ٻاهر ڪڍيو ويندو.

”ٻٽيهه هزار“ مگن لال غصي مان چيو.

چارلس مرڪيو، هن جو مقابلو هڪ چريي سان هو.

اوچتو ئي اوچتو، انهيءَ نيلام مان هن جي دلچسپي غائب ٿي وئي. هو مڙي هڪڙو پراڻو بت ڏسڻ لڳو. چند منٽن تائين سيٺ منگهارام هن کي متوجه ڪرڻ لاءِ زور زور سان واڪ ڏيڻ لڳو. ۽ منهنجون خوبيون وڌائي وڌائي بيان ڪرڻ لڳو. مگر هن آمريڪي سياح تي ذرو به اثر نه ٿيو. آخر هن مون کي ٻٽيهه هزار رپين جي عيوض مگن لال جي حوالي ڪري ڇڏيو.

سيٺ چمن لال جو ڪانپور ۾ هڪڙو وڏو ڪارخانو هو، هاڻي هو گواليار ۾ هڪ ٻئي وڏي ڪارخاني کولڻ ۾ مصروف هو. هن کي هڪڙو ئي غم هو هن جي پٽ مگن لال کي ڪوبه اولاد ڪونه هو، مگن لال اڃا تائين بي اولاد هو ۽ هو سيٺ چمن لال جو اڪيلو پٽ هو.

مگن لال اولاد پيدا ڪرڻ جي قابل نه هو، هو نامرد هو،. هن جا جذبا ته مردن جهڙا هئا، مگر هن جي جسم جي عضون هن جو ساٿ نٿي ڏنو. هن محسوس ٿي ڪيو ته تخليق جو شعلو هن جي روح ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو، مگر هن جي روح ۽ هن جي احساسات جي چوڌاري جسم برف جيان سرد هو ۽ اها ٿڌاڻ هن جي خوبصورت  جذبات کي ناڪام بنائي ڇڏيندي هئي هو  هڪ زخمي جانور جيان تڙپندو رهندو هو. هن جي مرداني جسم سان گڏ سرد روح هجي ها ته پوءِ ڪو مسئلو ئي ڪونه هو. مگر هو پاڻ ته زنده دل هو، مگر هن جي جسم جي چوطرف ڄڻ قدرت برف جو تهه چاڙهي ڇڏيو هو. اها هن سان سراسر بي انصافي هئي. ڇاڪاڻ ته مگن لال جي حسن پرستي انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪاخوبصورت عورت ڏسي هن جو ذهني ردعمل اهوئي ٿيندو هو، جيڪو ڪنهن مڪمل مرد جو هوندو آهي. هن کي عورت جي جسماني خدوخال، عورت جي نهارڻي، جسماني چرپر. اهڙو ئي متاثر ڪندا هئا جهڙي طرح ڪو صحتمند ۽ تندرست مرد متاثر ٿيندو آهي. مگر جڏهن هو ڪنهن عورت جي قريب ويندو هو ۽ ان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته نه صرف عورت کي بلڪل خود هن کي به ائين محسوس ٿيڻ لڳندو هو ڄڻ اهي آڱريون ڪنهن مرد جون ناهن، جيڪي عورت کي ڇهي رهيون آهن. بلڪ برف جا قلم آهن جن جي ڇهاءُ سان عورت جي جسم ۾ بيزاري ۽ نفرت جون لهرون ڊوڙي رهيون آهن ۽ پوءِ هو ڊڄي هٽي ويندو هو. ديوارن سان ٽڪر لڳائيندو هو. ٻه دفعا ته هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ناڪام رهيو.

هڪ ٻئي پٺيان ناڪامين بعد هن پنهنجي روح کي ريجهائڻ لاءِ ٻيو طريقو استعمال ڪيو.  هن پنهنجي شديد جنسي حس کي هڪ شديد جمالياتي حس ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عورت جو جسم هن جو ٿي نٿي سگهيو. مگر خوبصورت تصويرون ته هن جون ٿي سگهيون ٿي. ۽ سنگ مرمر جا پراڻا بت جن تي وينس جو شڪ پيدا ٿيندو هو. اهي شمعدان، جي مغلن جي حرم ۾ حسن ۽ عشق کي تيز ڪندا هئا ۽ اهڙين ٻين شين کي قبضي ۾ آڻي سگهيو ٿي، جيڪي هن جي سرد آڱرين جي ڇهاءُ ڪري بيزار نٿي ٿيون. هو هڪ ڪروڙ پتي جو پٽ هو ۽ هن جي سموري جائيداد جو اڪيلو وارث هو. هينئر جيڪڏهن هو خوبصورت عورتن جو حرم سينگاري نٿي سگهيو، ته به خوبصورت شين جو هڪ عجائب گهر ٺاهي سگهيو ٿي، هن ائين ڪيو. هن پنهنجي محل ماگهر جو گهڻو حصو اهڙين شين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. جي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان خريد ڪري گڏ ڪندو هو. هينئر به هن جي روح ۾ ساڳئي بيقراري هئي. مگر ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن هن جي زخم تي پهو رکي ڇڏيو هجي.

هن جو پيءُ هڪ عملي ماڻهو هو. هن لاءِ ايترو ڪافي نه هو، هن جي پٽ جي مرڻ بعد هن جي ڪروڙن جي ملڪيت ٻين ماڻهن ۾ ورهائبي. اهو خيال ئي هن لاءِ وڏو عذاب هو. هن پنهنجي پٽ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا جتن ڪيا، طرح طرح جا علاج ڪيا. چار دفعا پٽ کي يورپ وٺي ويو. جديد کان جديد طريقن سان علاج ڪرائيندي هن لکين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، انهن مان هڪڙو طريقو هي به هو ته مگن لال جي شادي ڪنهن حسين ڇوڪريءَ سان ڪرائي وڃي. مگن لال جي بار بار منع ڪرڻ جي باوجود، چمن لال پنهنجي پٽ جي شادي هڪ غريب گهراڻي جي انتهائي خوبصورت ڇوڪريءَ سان ڪرائي.

رسنا هن جو نالو هو. شباب جو رس، هن جي رڳن مان ڦاٽي رهيو هو. هن جي جسم ۾ سمنڊ جهڙي موج ۽ مستي هئي، هن جي نگاهن ۾ بجلي هئي آڱرين ۾ باه جا شعلا هئا. مگن لال هن کي ڏسي ديوانو ٿي ويو. هن کي يقين هو ته هو رسنا سان شادي ڪري مڪمل مرد بنجي ويندو.

پوءِ هو وسامي ويو، رسنا ڪجهه مهينا ته پنهنجي جذبات ۾ ٻڏندي ترندي رهي. پوءِ اوچتو هو پاڳل بنجي پيئي ٻه سال پاڳل رهي. جڏهن ٺيڪ ٿي ته هوءَ به وسامي ويئي. هن جي سهري هن جي محل نماگهر ۾ هن لاءِ هڪ مندر ٺهرائي ڏنو، جتي هو اڪثر ڪري تنهائيءَ ۾ پوڄا ڪري پنهنجي دل وندرائيندي هئي. هن جي آواز ۾ عجيب سوز ڀرئي سنگيت جو رس ڀرجي آيو، ڪلاڪن تائين هوءَ راڌا ڪرشن جي مورتين جي اڳيان ويهي پنهنجي ننڍڙي مندر ۾ ڀڄن ڳائيندي هئي. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. مگر هن کي هتي زندگيءَ جي هر آرائش ميسر هئي. ٻه عورتون هن کي بهتر تعليم ڏيڻ ۽ مغربي تهذيب سيکارڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون. تنهن کان سواءِ نوڪر چاڪر هر وقت سندس حڪم جي انتظار ۾ حاضر رهندا هئا. ان هوندي به ڪيترائي دفعا رسنا جي دل هتان ڀڄي وڃڻ لاءِ بيتاب هئي. پر سون جون زنجيرون خوبصورت هيون.

رسنا کي گهڻو پيار ڪرڻ جي باوجود، مگن لال هن کان پري پري رهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته گڏ رهڻ ڪري هن کي انهتائي ڪوفت محسوس ٿيندي هئي. ائين لڳندو هو ته ڄڻ سندس جسم ۽ جان ڦاٽي پرزا پرزا ٿيڻ تي آهن. هو پنهنجو وقت اڪثر ڪري ”عجائب گهر“ جي انهن شين تي صرف ڪندو هو. انهن سان هن جو ميل ميلاپ ايترو ته وڌي ويو، جو اڪثر ڪري تنهائيءَ ۾ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو. هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته تصويرون به ڳالهائين ٿيون. ۽ سنگ مرمر جا يوناني مجسما به هن سان ڳالهائي سگهن ٿا. هينئر هو محل جي انهيءَ حصي ۾ بلڪل گهٽ ويندو هو. جتي رسنا رهندي هئي. صرف ٻنپهرن ۽ رات جي مانيءَ تي هو پاڻ ۾ ملندا هئا.

جنهن ڏينهن مگن لال مون کي خريد ڪيو هو، هو پنهنجي غير متوقع ڪاميابيءَ تي ايترو خوش هو، جو اها خبر رسنا کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. مون کي نئين ڄاول ٻار جيان پنهنجن هٿن ۾ کڻي رسنا جي بيڊروم ۾ ويو. ان وقت رسنا پنهنجن واسينگ جهڙن وارن کي ڦڻي ڏيڻ ۾ مصروف هئي سندس وار ور کائيندا سندس ڪمر تائين پئي پهتا. رسنا هن کي ائين اوچتو ايندو ڏسي ڇرڪي وئي، مگن لال بيحد خوش ٿيندي هن کي چيو:

”ڏس ڏس! مون ڇا خريد ڪيو آهي...........؟“ هن ٻارن جيان خوش ٿيندي چيو.

”هي ته ڏهين جو نوٽ آهي.“ رسنا مون کي ڏسندي چيو.

”ها، آهي ته برابر ڏهين جو نوٽ، مگر مون هي ٻٽيهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو آهي.“

”اهڙيون چريائيءَ واريون ڳالهيون تون هميشه ڪندو آهين.“

”هي چريائي نه آهي. هي ڪو معمولي عام ڏهين جو بازاري نوٽ نه آهي. هي هڪ خاص نوٽ آهي، ناياب نوٽ آهي، اڄ ٻنپهرن جو مون نيويارڪ ۾هڪ ڊيلر کي ٽيليفون تي ٻڌايو. هو نوٽ جي عيوض هڪ لک ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“

”آخر هن نوٽ ۾ ڇا آهي.“ رسنا ڏاڍي بيزاريءَ سان چانديءَ جو فريم ڏسڻ لڳي. ۽ ڪائي تي هٿ ڦيريندي مون تي هڪ سرسري نظر وڌي. پوءِ منهن مٿي ڪري مڙس ڏي سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳي.

”ٿورو غور سان ڏس. انڊيا جي ”ڊي“ ابتي ڇپجي وئي آهي. ۽ هن جي ”اي“ غائب آهي.“ مگن لال هن کي ٻڌايو.

هنيئر رسنا غور سان ڏسڻ لڳي. پوءِ پنهنجي مڙس ڏانهن ڏسندي چيو:

”جيڪڏهن نوٽ جي ڊي ابتي آهي ۽ اي غائب آهي ته ڇا ٿيو؟“

هن جون نگاهون چئي رهيون هيون ته تنهنجي جسم جي اي غائب آهي. ۽ ڊي ابتي آهي، پوءِ مان ڇا ڪريان.

”هي ڏهين جو نوٽ، جنهن کي مون ٻٽيهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو- اڄ هن جا هڪ لک ڊالر ملي رهيا آهن- هي دنيا جو سڀ کان قيمتي نوٽ آهي. جيئن ته اڄ منهنجي سالگره آهي ۽ هن موقعي تي مان هي نوٽ توکي تحفي طور ڏيان ٿو.“

رسنا مون کي ڏٺو، سينگار ميز جي آدم قدم آئيني ۾ پنهنجا وار ڏٺا، جيڪي چهبڪ جهڙي چيلهه تائين لهرائيندا رهيا. ڪمري جي وچ ۾ خوبصورت ريشمي چادرن سان سينگاريل ڊبل بيڊ ڏانهن ڏٺو. پوءِ سندس سڙيل دل جي هڪ آه، سيني کي جلائيندي نڪتي ۽ اها باهه هن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳي ۽ هن مون کي کڻي فرش تي سٽيو، چانديءَ جو فريم ته ڪونه ڀڳو ليڪن ڪائي جا ٽڪر ٽڪر ٿي ويا.

هوءَ ٻرندڙ اکين سان مگن لال کي ڏسندي رهي، هن جي نگاهن جي نفرت جو تير مگن لال جي سيني ۾ کپي ويو. هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس ڪاوڙ آئي، پر پوءِ هن آهستي آهستي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. گوڏا کوڙي چانديءَ جو فريم ۽ مون کي کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

رسنا دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. هن پنهنجا سڀ ڪپڙا ڇڪي ڦاڙي ڇڏيا. هو ماهي بي آب جيان ڦٿڪڻ لڳي. هن جو سڄو جسم پڄرڻ لڳو. رکي رکي هن جي چپن مان چيخون نڪرڻ لڳيون اهي چيخون هن جي اڻ ڇهيل جسم جون آهون هيون. پوءِ هن سينگار ميز تان يو ڊي ڪلون جي هڪ بوتل کنئي جنهن جي منهن تي ريشمي ڏورين سان بند رٻڙ جو ڦوهارو لڳل هو. رٻڙ کي زور ڏيئي هوءَ يو ڊي ڪلون جو ڦوهارو پنهنجي منهن تي ڳچي تي، ڇاتي تي، ۽ جسم جي ٻين عضون تي هڻڻ لڳي. جتي جتي يو ڊي ڪلون جو ڦوهارو لڳو، اتي جسم ٺرڻ لڳو، ۽ ٿڌاڻ محسوس ٿيڻ لڳي.

انهن ڏينهن ۾ هڪ انگريز ڊاڪٽر وليم رشر شهر ۾ آيل هو. هو نفسياتي طريقي سان علاج ڪندو هو. سڄي يورپ ۾ هن جي علاج جي جديد طريقي جي پچار هئي. هو هتي ٽن مهينن لاءِ آيو هو. چمن لال کيس پنهنجي پٽ ۽ ننهن جي علاج لاءِ چيو. وليم رشر وٽ ڊاڪٽري جي ڪابه رسمي ڊگري ڪانه هئي. هن جي علاج جو طريقو پڻ نئون ۽ عجيب و غريب هو ليڪن هن جي علاج سان ڪيترائي پراڻا مريض حيرت انگيز طريقي سان ٺيڪ ٿيا هو صرف وڏن لکاپتي گهراڻن جو علاج ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي پهرين في به پنجاهه هزار رپيا هئي يقين آهي ته ايتري وڏي رقم اسان ۽ اوهان جهڙا ته ادا ڪري ڪونه سگهندا.

مگن لال ۽ رسنا جي طبي معائني کان پوءِ سيٺ چمن لال ۽ وليم رشر جون ڪافي دير تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون اها خبر ڪنهن کي به نه هئي ڳالهين بعد وليم رشر وري مگن لال جي عجائب گهر ۾ ويو، ۽ عجائب گهر ڏسڻ جي فرمائش ڪئي. دير تائين مگن لال هن کي عجائب گهر جون شيون ڏيکاريندو رهيو ڪويت جي کوٽائيءَ مان دستياب ٿيل نامعلوم بت تراش جا ٺهيل عجيب مجسما، زهره جو مجسمو، اهرام، مصر مان چورايل فرعون جي زماني جون مميون ۽ انهن جا زير وغيره ۽ چانديءَ جي فريم ۾ جڙيل هڪ ”نوٽ“، جنهن جي قيمت هڪ لک ڊالرن تائين پهچي چڪي هئي...... مگن لال جو خيال هو ته ڊاڪٽر رشر کي اهڙن شين جي ڪابه خبر ڪانه هوندي مگر قداور چست مضبوط ۽ بي داغ جسم واري ڊاڪٽر جي معلومات تمام وسيع هئي ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ آثار قديمه بابت هو ڪيترائي سال تحقيقات ڪندو رهيو مگن لال کي هن جي معلومات تي حيرت لڳي- ڪلاڪ ڏيڍ عجائب گهر ۾ گهمڻ بعد مگن لال ٿڪجي پيو، هو جلدئي ٿڪجي پوندو هو ٻين موقعن تي هو اهڙن ڪمن لاءِ ٻن ڦيٿن واري ڪرسي استعمال ڪندو هو مگر اڄ هن مغربي ڊاڪٽر جي اڳيان اهڙي ڪرسيءَ تي ويهي هن کي عجائب گهر ڏيکارڻ مناسب نه سمجهيو.

عجائب گهر ڏسڻ بعد ٻيئي هڪ ڪنڊ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ، ڪئبن ۾ آيا، جيڪو مضبوط ڪاٺ جو ٺهيل هو جنهن جي هڪ ديوار تي مان چانديءَ جي فريم ۾ ٽنگيل هوس. هي ڪئبن مگن لال جي آفيس به هئي، هن جي سوچ ويچار جو ڪمرو به اهو هو. جتي هو ليٽي آرام به ڪندو هو. هن ڪمري ۾ پهچي هن سگريٽ دکايو، ۽ ڊاڪٽر پنهنجو سگار دکايو ۽ چند گهڙين لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ ڊاڪٽر چيو:

”منهنجو خيال آهي ته توکي ڪابه بيماري ڪانه آهي“

”ها........!“ مگن لال ڇرڪ ڀري ذري گهٽ اٿي بيٺو.

”ويهه، ويهه.......“ وليم رشر جي نيرين اکين ۾ همدردي جي هڪ جهلڪ نمودار ٿي.

”مگر...........!“ ايترو چئي مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي طرف ڏسي سوچڻ لڳو. مگر ڇا؟

هي ڊاڪٽر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ڊاڪٽر کيس ائين نه چيو. هر ڪو ڊاڪٽر کيس ذميوار ٺهرائيندو هو...... مگر هي ڪيئن ٿي سگهي ٿو. مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي چهري طرف گهوري رهيو هو.

ڊاڪٽر رشر مسڪرائيندي چيو: (هن جي مسڪراهٽ ڪيتري قدر نه صحتمند ۽ دل آويز هئي. ڄڻ خوشي هن جي اندر مان جهاتيون پائي رهي آهي. سندس عمر به پنجٽيهه- ڇٽيهه ورهن کان مٿي نه هوندي، مگن لال هن کي ڏسندي اندازو لڳايو.) ”مگن! منهنجو خيال آهي ته تنهنجي جسم ۾ ڪوبه نقص ڪونه آهي. نقص رسنا جي جسم ۾ آهي.“

”رسنا ۾!؟“ هن جو آواز اوچتوئي اوچتو بلند ٿيو.

”ها، ها........! رسنا ۾، رڙيون نه، ڪر، اطمينان سان منهنجي ڳالهه ٻڌ- مان ٽيڪنيڪل تفصيلات ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، ائين تون سمجهي نه سگهندين- بهرحال، توکي مختصر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس- تنهنجو اعصابي نظام بيحد ذڪي الحس آهي- توکي اهڙي عورت جي ضرورت نه آهي جيڪا گرم مزاج جي هجي- اهڙي عورت جو ٽمپريچر تنهنجي اعصابي نظام کي پهگاري ڇڏيندو- بدقسمتيءَ سان رسنا جي عمر جهڙين نوجوان عورتن جو ٽمپريچر اهڙو ئي هوندو آهي- انهيءَ کان سواءِ جسم جي اندرين حصن ۾ مرد ۽ عورت درميان اليڪٽرڪ چارج گذرندا رهن ٿا ۽ اهي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هڪ مخصوص جنسي توازن برقرار رکن ٿا. جيڪڏهن اها اليڪٽرڪ چارج هڪ طرف مٿي ٻئي طرف هيٺ يا هڪ طرف وڌ ۽ ٻئي طرف گهٽ هوندي ته توازن صحيح نه بيهندو- تنهنجو حساس اعصابي نظام ٻئي طرف کان ايندڙ بجلي برداشت ڪري نٿو سگهي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي“

”مگر ٻيون عورتون..........؟“ مگن لال جملو اڌ ۾ ڇڏيندي چيو.

”بدقسمتيءَ سان توکي جيڪي به عورتون مليون اهي هاءِ وولٽيج واريون هيون، ورنه تنهنجي جسم ۾ ڪابه خرابي نه آهي ۽ اهو هڪ حساس ۽ ذهين اعصابي نظام جو مڪمل نمونو آهي. مان تنهنجي اعصابي نظام ۾ ڪابه تبديلي ڪرڻ پسند نه ڪندس. مگر مان رسنا جو علاج ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هن جي جسماني گرميءَ جو درجو بدلڻ چاهيان ٿو. هن جي اندرين عضون جي تيزي گهٽ ڪرڻ چاهيان ٿو. مگر اهو سڀ ڪجهه تنهنجي اجازت ۽ تنهنجي تحريري اجازت کان سواءِ ٿي نه سگهندو.“

مگن لال جي دل خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳي، هن تمام مشڪل سان چيو: ”ڊاڪٽر! توکي واقعي يقين آهي ته مون ۾ ڪوبه نقص نه آهي؟“

”بلڪل يقين آهي.“

”۽ رسنا تنهنجي علاج سان ٺيڪ ٿيندي.“

”مون کي اميد نه پر يقين آهي ته رسنا منهنجي علاج سان ٺيڪ ٿيندي. ليڪن انهيءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو ۽ ڪجهه دوائون به ڪم ۾ اينديون. پر مان تو کي يقين سان چوان ٿو ته مان رسنا جي اعصابي نظام جي توازن کي درست ڪندس.“

مگن لال پرجوش نموني سان ڊاڪٽر وليم رشر سان هٿ ملايو. ڏڪندڙ ۽ پراميد آواز ۾ چيو:

”ڊاڪٽر، تون علاج شروع ڪري سگهين ٿو.“

وليم رشر رسنا کي ڪيترائي دفعا فلم تي وٺي ويو. هن جو اندازو بلڪل صحيح نڪتو. رسنا رومالوي تصويرون پسند ڪندي هئي؛ جن ۾ مجنونانه مار ڌاڙ هجي يا پراسرار هيبتناڪ ماحول هجي، يا خوفناڪ جسماني عذاب جا نظارا هجن. اهڙين تصويرن مان هن کي عجيب قسم جو ذهني سڪون ملندو هو. وليم رشر ڪيترائي دفعا هن کي سمنڊ جي ڪناري تي گهمائڻ وٺي ويو. پوءِ هن جو اندازو صحيح نڪتو، رسنا کي خاموش ۽ ماٺيڻو سمنڊ پسند نه هو. بلڪ سمنڊ جو طوفان، ڇوليون ۽ موج کيس پسند هئي.

”دل چوي ٿي، ڊوڙي انهن ڇولين ۾ ٽپو ڏيان“ رسنا ڊاڪٽر طرف نهاريندي چيو. هو ٻئي ان وقت سمنڊ جي هڪ سنسان جاءِ تي بيٺل هئا، پري پري تائين ڪوبه ماڻهو نظر نٿي آيو.

”نه ڏي ڇلانگ...........“ ڊاڪٽر چيو.

”مون کي ترڻ نٿو اچي.“

”ڪوبه ڊپ نه ڪر، چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ وڃي وهنج. اڳتي نه وڃجانءِ.“

”مان ٻڏي وينديس.“ رسنا ڊپ مان چيو.

سڀ ڪپڙا لاهي، پاڻي ۾گهڙي پئو. مون کي ترڻ اچي ٿو. مان توکي بچائي وٺندس.“

”هاءِ.........!“ هوءَ هڪدم ڊپ گاڏڙ خوشيءَ مان چوڻ لڳي: ”مون وٽ ته وهنجڻ جي ڊريس به ڪانهي........!“

”پرواهه نه ڪر، مان ٻئي طرف ڏسان ٿو........ تون ڪپڙا لاهي سمنڊ ۾ گهڙي پئو، ۽ پوءِ سڏ ڪجانءِ.“

”نه.......نه.......!“ رسنا شرمائيندي چيو: هن جي ڳلن جو رنگ سرخ ٿي ويو ۽ تيزهوا جي ڪري سندس وار ٽڙي پکڙي سندس چهري تي پئجي رهيا هئا.

وليم رشر، هن جي ڪلهي تي هٿ رکي تمام نرمي مگر مضبوط ارادي سان چيو:

”جيئن مان چوان ٿو. تيئن ڪر.“

”ته تون پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪر“

”چڱو، آءٌ ٻئي طرف نهاريان ٿو.“

آهستي آهستي ڊڄندي ڊڄندي رسنا پنهنجا سڀئي ڪپڙا لاهي ڇڏيا- صرف هڪ چڊي ۽ باڊي سان سمنڊ ۾ گهڙي پئي، پاڻي ۾ گهڙي هوءَ لهرن سان کيڏڻ لڳي. اوچتو کلندي کلندي هن ٻارن جيان چنچل آواز ۾ چيو:

”تون به اچ، پاڻي تمام مزيدار آهي.“

پاڻي رسنا جي جسم ۾ ڪتڪتائي ڪري رهيو هو. گجي ۽ ڇوليون هن جي جسم کي چمي رهيون هيون چوطرف پاڻي ئي پاڻي جون ٻانهون کيس گلي لڳائي رهيون هيون، هوءَ اڃا به اندر ويئي.

”هلي اچ، سمنڊ ۾ ڏاڍو مزو آهي.“

”اڳتي نه وڃجان“، رشر کيس روڪيندي چيو.

مان ته وينديس رسنا ٻارن جيان نخرو ۽ ضد ڪندي چيو. هوءَ اڃا به ٻه قدم اڳتي ويئي، سمنڊ جي هڪ وڏي ڇولي سندس جسم سان ٽڪرائجي ٽٽي ويئي. پاڻي وهندڙ جذبن جيان هن جي جسم مان گذري رهيو هو. گجي ۽ ڇوليون هن جي جسم تي رقص ڪري رهيون هيون. رسنا خوشي مان مرڪڻ لڳي.

کليل آسمان، رشر جي اکين جيان صاف ۽ بي داغ هو. پري پري ناريل جا وڻ رشر جي جوان ۽ مضبوط جسم جيان اڪيلا هئا سمنڊ ۾ شور سنگيت جيان لڳي رهيو هو ۽ لهرون ٻانهون ڦهلائي رسنا کي پنهنجي آغوش ۾ وڪوڙي رهيون هيون. رسنا اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي، هينئر هوءَ ڳچي جيڏي پاڻيءَ ۾ پيئي هئي.

”اڳتي نه وڃ.“ رشر کيس مشڪندي چيو، رسنا هن کي ڪپڙا لاهيندي ڏسي رهي هئي. رشر قميص لاٿي،، هن جي سيني جا ڀورا وار هوا ۾ رقص ڪرڻ لڳا: ”پنهنجون اکيون بند ڪر“ رشر چيو.

رسنا زور سان کلڻ لڳي ۽ هن پنهنجو اکيون بند ڪيون. اوچتو هڪ ڇولي رسنا جي مٿان هلي ويئي، جڏهن ڇولي گذري ويئي. تڏهن رسنا جو ڪٿي وجود به نه هو. صرف ڇولين جي اندر ٿاڦوڙا لڳي رهيا هئا. چند گهڙين بعد رسنا جو جسم، رشر کي نزديڪ پاڻي ۾ نظر آيو هو اڇل ڏيئي وٽس پهتو.

”مان ٻڏي رهي آهيان..........“ رسنا هڪ دفعو زور سان رڙ ڪري وري گم ٿي ويئي. وري ٻئي دفعي ظاهر ٿي ته رشر جي ٻانهن هڪدم کيس کڻي بچائي ورتو. ۽ هينئر هو رسنا کي ٻانهن تي کڻي ڪناري طرف اچي رهيوهو.

رسنا خوف ۽ ڊپ مان رشر کي سوڙهي پوندي، چنبڙندي ۽ سندس ٻانهن ۾ جڪڙبي ويئي. کيس بچڻ جي خوشي هئي رشر جون ٻانهون نهايت آرام ڏيندڙ هيون، تنهن ڪري کيس ڪجهه شرم محسوس ٿيڻ لڳو. رشر هن کي آڻي الڳ ليٽايو.

”اٽ واز.......اٽ واز.......ٽچ.........ائنڊ گو...........“ رسنا انگريزي ۾ چيو.

”شيور“ رشر مضبوط لهجي ۾ جواب ڏنو. تون منهنجي نزديڪ هئينءَ تنهن ڪري مون توکي ايترو پري وڃڻ جي اجازت ڏني.

”جيڪڏهن مان ٻڏي وڃان ها ته تون ڇا ڪرين ها؟“

”مان سمنڊ کي سڏ ڪريان ها ۽ تنهنجو جسم وينس جيان اڀري اچي ها.“

”ڊاڪٽر!“ رسنا  چيو.

”مون کي ول چئو.“

”ول؟“

”ها.“

”ڄاڻين ٿو ته اڄ تو منهنجي جان بچائي آهي.“

مگر ول ٿوري دير خاموش رهيو. هن پنهنجا هٿ پنهنجي ويڪري ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيا هئا، ۽ اکيون پوري ڇڏيون هيون. رسنا وري نه ڳالهايو صرف سمنڊ جي ڇولين جو شور هو. اڌ مني ڪلاڪ بعد جڏهن اس هنن جو جسم خشڪ ڪري ڇڏيو. رسنا ڇرڪ ڀري ڊاڪٽر کي ٻانهن کان جهنجهوڙيندي چيو:

”اٿ، گهر نه هلبو ڇا؟“

ڪپڙا پائي هو ٻيئي گاڏيءَ طرف روانا ٿيا. اوچتو گاڏي ۾ ويهڻ شرط رسنا پنهنجي ڪن کي هٿ لائي چيو.

”منهنجي ڪنن جو هڪڙو جهومڪ پاڻيءَ ۾ ڪري پيو.“

”قيمتي هو.“

”هيرن جو هو.“

”پرواهه نه آهي، ڪا مڇي انهيءَ کي ڳڙڪائي ويندي. ڪو ميربحر هن کي ڄار ۾ ڦاسائي وٺندو. ڪنهن دڪان تان ڪا غريب عورت اها مڇي خريد ڪري وٺندي ۽ جڏهن هن کي چيريندي ته هيري وارو جهومڪ معجزي جيان ظاهر ٿيندو.“

رسنا کلي چوڻ لڳي:

”ول! تون به ڪيتريون نه عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ڪرين ٿو. اهڙيون ڳالهيون منهنجي مڙس اڄ تائين مون سان نه ڪيون.

”مڙس اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن.“ هن بٽڻ دٻائي گاڏي اسٽارٽ ڪئي. جڏهن گاڏي اسٽارٽ ٿي رواني ٿي، تڏهن پري پهاڙين جي اوٽ ۾ لڪل مگن لال دير تائين مڙي، ڦرندڙ گاڏي ڏسندو رهيو. پوءِ جڏهن گاڏي نظرن کان غائب ٿي ويئي ته هن پنهنجون نظرون سمنڊ طرف کپائي ڇڏيون، جتي هن جي مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڏورپيئي هئي. ڪافي دير تائين ڏور کي هلائڻ کان سواءِ هو سمنڊ کي تڪيندو رهيو.

ڪافي رات گذرڻ تائين مگن لال پنهنجي غائب گهر ۾ ڦرندو رهيو. اڄ هن شديد مصروفيت جو بهانو بنايو هو ۽ رات جو مانيءَ تي به نه آيو، پنهنجي ماني هن عجائب گهر ۾ گهرائي ورتي. ماني کائڻ کان پوءِ هن ٻه جام پيتا ۽ پوءِ ”شيني“ جو مجسمو هن جي پيتي مان ڪڍڻ لڳو. اها پيتي هوائي جهاز جي رستي آئي هئي. باڪس ۾ شينيءَ جو مشهور مجسمو بند ٿيل هو، هن مجسمي جو نالو هو ”انگڙائي“ هڪ عورت ڪر موڙي رهي هئي. مگن لال ڏاڍي بيقراري سان مجسمو پيتيءَ مان ڪڍڻ لڳو.

رات جو ماني کائڻ بعد ڪافي دير تائين رسنا ۽ وليم ڳالهيون ڪندا رهيا، پهرين کاڌي واري ڪمري ۾ پوءِ ڊاڪٽر جي ڪمري ۾، جو رسنا جي ڪمري سان گڏ هو. ول جي هٿن سان پهريون دفعو رسنا پيگ پيتو، هوءَ پيئندي نه هئي. مگر ول کيس مجبور ڪيو ته اهو به علاج ۾ شامل آهي. ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ جو رڪارڊ وڄي رهيو هو. رسنا جي اکين ۾ کيپ چڙهڻ لڳا، نيم مستيءَ ۾ هن چيو:

”مون کي ننڊ ٿي اچي.“

”تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃ، مان اچان ٿو.“

”تون ڇو ايندين؟“ رسنا ڇرڪ ڀري چيو.

”تنهنجي جسم تي مالش ڪندس.“

رسنا پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي، شينيءَ جو سياهه عورت جو مجسمو قيامت خيز انگڙائيءَ جي پوز ۾ هو. مگن لال هن کي ڪنڊ ۾ بيهاري هن کي چوطرف غور سان ڏٺو؛ بلڪل بي عيب، بي نقص، حد درجي جي هيجان انگيز، هو هڪ بخمل جي ٽڪر سان سياهه بت جا عضوا چمڪائڻ لڳو، ۽ ان سان گڏ هن هڪ اداس روماني ڌن جو رڪارڊ چاڙهيو. پٿر جي بت تي ٻردار (بخمل) ڪپڙي لڳڻ ڪري سندس پالش خراب ٿيڻ لڳي. مگن لال ڪپڙو ڇڏي ڏنو، ۽ پنهنجو هٿ هن جي ٻانهن تي ڦيرڻ لڳو:

”هن جو ۽ منهنجو ٽمپريچر ڪيترو نه ملي ٿو. هي پٿر جو آهي ۽ ما برف جو آهيان، گرمي نه هن ۾ آهي، نه مون ۾ آهي.“

ڊاڪٽر رشر رسنا جي بيڊروم ۾ ٻه ايئر ڪنڊيشنر لڳرايا هئا. ان وقت هن، هن جو ٽمپريچر درست ڪيو هو. بتيون بلڪل ڌيمي رشنيءَ واريون لڳايون ۽ هينئر هو انتهائي سنجيدگيءَ سان پنهنجي قميص جون ٻانهون کنجي رسنا جي پٺيءَ تي بادامي رنگ جي هڪ مرهم سان مالش ڪندو رهيو. هن جا هٿ پيرن کان رانن تائين، رانن کان چيلهه جي خم تائين ڦرندا رهيا. رشر رسنا کي ٻڌايو ته هن مالش جو اثر جلد ئي اندرين عضون تائين پهچي، رسنا جو اعصابي نظام ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.

ڊاڪٽر رشر ڪمر کان ڪلهن تائين پهتو. هاڻي هو ڊبل بيڊ جي ڪناري رسنا جي مٿان جهڪي هن جي ڪنڌ ڳچي ۽ ڪلهن تي مالش ڪري رهيو هو. رسنا جي اعصابي نظام ۾ ٿڌاڻ جي بجاءِ بجلي جي ڪرنٽ هلي رهي هئي، پيرن کان ڪلهن تائين مالش ڪندو رهيو. رسنا پنهنجي جسم ۾ بجلي ڊوڙندي محسوس ڪري رهي هئي. پوءِ هوءَ ڏند ڀڪوڙي ساهه روڪي پئجي رهي.

اي ڀڳوان! هي ڏاڍو مشڪل آهي......... تمام مشڪل..... هوءَ هڪدم وارن جي هڪ چڳ پنهنجي چڪ ۾ جهلي ويٺي. هن جو ساهه زور زور سان کڄي رهيو هو، رسنا پنهنجو منهن ٻنهي هٿن سان لڪائي ڇڏيو هو:

”سڀاڻي هوءَ اها مالش نه ڪرائيندي، صاف صاف انڪاري ڪندي.“

آهستي آهستي ڊاڪٽر رشر هن جي وارن جي چڳ سندس ڏندن مان ڪڍي. هاڻي ملم سان ڀريل سڻڀا هٿ هن جي وارن ۾ هئا.......

نه........ نه...........!؟ منهنجا وار خراب نه ڪر، منهنجن وارن کي هٿ نه لاءِ، رسنا پنهنجي دل ۾ چيو، مگر زور سان ڪجهه به چئي نه سگهي. هن جو ساهه گهٽجڻ لڳو. ليڪن رشر جا هٿ هن جي وارن ۾ ڦرندا رهيا. آهستي آهستي ڳچيءَ وٽ وارن جي اندر هو هٿڙا ڦيرائيندو، وارن جون چڳون سنواريندو رهيو، رشر کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو شعلن ۾ هٿ ڦيرائي رهيو آهي.

اوچتوئي اوچتو ڪر موڙي رسنا اٿي، هن جي اکين ۾ شعلا ٻري رهيا هئا، ۽ چپ ڪجهه کليل هئا. هن غضب جي هڪ نگاهه رشر تي وڌي ۽ پنهنجون ٻئي ٻانهون رشر جي گلي ۾ وجهي ڇڏيون، ۽ ديوانه وار هن جو منهن ۽ چپ چمڻ لڳي:

”ول.........! منهنجا ول...... منهنجا........ منهنجا........ منهنجا....... ول.......“

عجائب گهر ۾ مگن ٻنهي هٿن سان هن ڪاري عورت جي مجسمي جا پير پڪڙي روئي رهيو هو. ڪنڊ ۾ آهستي رڪارڊ وڄي رهيو هو.

ڏينهن گذرندا ويا، مگن زياده کان زياده پنهنجي عجائب گهر ۾ مشغول ٿيندو ويو. ۽ محل نما گهر جو زنانو حصو رسنا جي مسرت آميز ٽهڪن سان گونجندو رهيو. هن جي چال ۾ زياده لچڪ اچي ويئي. هوءَ هر وقت جهونگاريندي رهندي هئي. هن تي بيهوشيءَ جا دورا به ڪونه پوندا هئا. ڪيترن ڏينهن گذرڻ بعد به هوءَ مندر ۾ نه ويندي هئي.

ٽن مهينن بعد ڊاڪٽر رشر انگلينڊ هليو ويو. هن جي وڃڻ کان ڇهه مهينا پوءِ رسنا کي پٽ ڄائو، ڪروڙپتي خاندان جو وارث پيدا ٿي ويو. ڏاڏي جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه هئي. خيرات لاءِ هن پنهنجون ٿيلهيون کولي ڇڏيون.

پهريون دفعو مگن لال پنهنجي پٽ کي ڏٺو، ۽ ڪافي دير تائين خاموشيءَ سان ڏسندو رهجي ويو رسنا اکيون بند ڪري ڇڏيون.

هن جو چهرو هڪ مڪمل نقاب هو، ڊاڪٽر ۽ ٻه نرسون پريان بيٺيون هيون ۽ اهي به بيهي هن کي ڏسي رهيا هئا. ٻار نهايت خوبصورت هو، گلابي گلابي مٽولا ڳٽا، ۽ انهن جي مٿان نيريون اکيون.

مگن جهڪي پٽ کي نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجن ٻانهن ۾ کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو، هن جي مٿي تي ائين چمي ڏني، ڄڻ هو هڪ صليب کي چمي ڏيئي رهيو آهي. پوءِ هن نهايت احتياط سان ٻار کي ساڳيءَ جاءِ تي سمهاري ڇڏيو. ۽ چپ چاپ ڪجهه چوڻ کان سواءِ ڪمري مان نڪري ويو.

ٻئي سال ڊاڪٽر رشر وري علاج لاءِ آيو. هو صرف ٻن مهينن لاءِ آيو هو پر رسنا جي چوڻ تي هو ٻه ٽي مهينا وڌيڪ ترسي پيو، هن جي وڃڻ کان ستن مهينن بعد رسنا کي ٻيو پٽ ڄائو. پهرين کان زياده خوبصورت ۽ تندرست هو. ٻئي پٽ ڄمڻ بعد رسنا آبهوا تبديل ڪرڻ لاءِ سئزرلينڊ هلي ويئي؛ پنهنجن ٻن پٽن سان. هن جو ارادو چند مهينن تائين يورپ جي سير ڪرڻ جو هو. ڪروڙپتي سيٺ اهو فيصلو ڪيو، ته ڊاڪٽر رشر سمورو وقت سفر ۾ رسنا سان گڏ هوندو ۽ هر وقت هن جي صحت جو خيال رکندو.

جڏهن رسنا يورپ هلي ويئي، ان کان ٿورا ڏينهن پوءِ هڪ رات مگن لال پنهنجي پيءُ جي خوابگاهه ۾ ويو ۽ کيس چيو:

”هاڻي جڏهن ته اوهان جي خاندان جا ٻه وارث پيدا ٿي ويا آهن، ممڪن آهي ته ٽيون به پيدا ٿي وڃي. مان هتان وڃڻ چاهيان ٿو.“

جتي وڻئي، وڃين سگهين ٿو. مون اڄ تائين تنهنجي ڪهڙي خواهش پوري نه ڪئي آهي. مون چاهيو ٿي ته تون به يورپ جي سير تي رسنا سان گڏ وڃين. پر تو پاڻ انڪار ڪيو، ”هاڻي ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿو؟“ سيٺ چمن لال پڇيو.

”اوهان سمجهو نٿا. مون هي گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ مگن لال چيو.

”ڪنهن ٻئي گهر ۾ رهڻ چاهين ٿو؟“

”نه، مون کي.....“ مگن چوندي رڪجي ويو. ”مان دراصل هي گهر هميشه لاءِ ڇڏڻ چاهيان ٿو. مان اوهان کان هڪ پئسو به وٺڻ نٿو چاهيان. صرف چند شيون هتان کڻي ويندس. ۽ وري ڪڏهن به اوهان کي پنهنجي صورت نه ڏيکاريندس.“

”ڇو؟“

”سبب اوهين ڄاڻو ٿا.“

سيٺ چمن لال ڪافي دير تائين خاموش رهيو، پوءِ سخت لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”احمق، نه ٿيءُ، تون به جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي هجين ها ته ائين ئي ڪرين ها. خبر اٿئي، اسان جو خاندان هندستان جي پهرين ٽيهن خاندانن مان آهي ۽ طاقت جي لحاظ کان اهي ئي ٽيهه خاندان هندستان تي حڪومت ڪن ٿا. وزيرن جا نالا ۽ عهدا بيشڪ بدلبا رهن ٿا. مگر حقيقت ۾ حڪومت اسان جي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين، ڇا؟ مان پنهنجي انهيءَ طاقت ۽ دولت کي لاوارث ڇڏي ڏيان ۽ منهنجي دولت دشمنن جي هٿن ۾ هلي وڃي.“

”هي ٻار منهنجا نه آهن ۽ اها زال منهنجي زال نه آهي.“

”اهڙي طرح هي دولت جا اسان گذريل سئو سالن ۾ گڏ ڪئي آهي. حقيقت ۾ اسان جي نه آهي. اخلاق جا اهڙا ٺلها اصول صرف اسٽيج تي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ انهن جا وڏا اعلان ٿين ٿا، مگر عملي زندگيءَ ۾ انهن ڳالهين جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجو ڏاڏو، پڙڏاڏو، جيڪڏهن انهن اصولن تي هلن ها ته اڄ پاڻ ٻيئي فوٽ پاٿ تي هجون ها. احمق نه ٿيءُ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com