سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :3

پر ڪرشن ڀاءُ نه پڙهائيءَ کان بيزار ٿي ڀڳو هو، نه وري ڪا منڊم کڻي اڏاڻو هو. پر ايف- اي جي امتحان ۾ ٻن مارڪن تان فيل ٿيو، سندس دل کي صدمون پهتو. هن سوچيو ته بابو ڇا چوندو، هو هاسٽل ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو، وڃڻ مهل هو پنهنجي هٿ جي سوني منڊي به لاهي رکي ويو.

وري ڪرشن ڀاءُ تڏهن واپس وريو جڏهن هن پڙهيو ته امڙ سخت بيمار آهي. امڙ چيس ته ”پٽ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏي، پڙهائي ۾ ڌيان ڪر، ايم، اي پاس، وڪالت پاس ڪر، جج ٿي ۽ خاندان جو نانءُ روشن ڪر“. ڪرشن ڀاءُ لکيت ۾ واعدو ڏنو ته ”ايم اي پاس ڪندس، وڪالت پاس ڪندس، پر نه جج ٿيندس ۽ نه وري افسانا لکڻ ڇڏيندس.

ڪرشن ڀاءُ شروع کان ئي نفاست پسند ۽ پاڻ کي سکئي رکڻ جو قائل هيو. کيس پيادل هلڻ اصل پسند ڪونه هو. جيڪڏهن گهميو ته ٽيڙو گهميو. لاهور ۾ ڪاليج گهر کان ڪافي پري هو. ٽانگي تي گهڻو خرچ ٿيندو هو. امڙ ٻنهي ڀائرن کي سائيڪليون خريد ڪري ڏنيون پر مون ڪڏهن به کيس سائيڪل هلائندي نه ڏٺو. پر جڏهن به ڏٺو ته هو ۽ سندس سائيڪل ٻئي ٽانگي تي ايندا هئا. سندس اها عادت اڄ تائين هلندي اچي فرق صرف اهو آهي ته هاڻي ٽانگي جي جڳهه ٽيڪسيءَ ورتي آهي. ڪرشن ڀاءُ کي ٽيڪسي گهرجي، ۽ ٽيڪسي هر وقت موجود هجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن جيترا پئسا ٽيڪسي تي خرچ ڪيا آهن ان مان گهٽ ۾ گهٽ ڊزن ڪاريون خريد ڪري سگهجن ها، پر سائيڪل وانگر ڪرشن ڀاءُ کي ڪار سان به دلچسپي ڪانهي. ”رام“ هو مون کي رام ڪري سڏيندو هو. ”ڪير ڪار هلائي، ڪير ان جي پيٽرول ۽ پرزن جو حساب رکي، ڊرائيور رک ته ان تي چوڪسي ڪير ڪري، منهنجي لاءِ ٽيڪسي ٺيڪ آهي، جڏهن وڻي گهرائي ورتي، جڏهن وڻي واپس ڪئي، ڊرائيور جا نخرا به نه، جڏهن سڏ ڪر ته مسڪرائيندو اچي، خبر ناهي مسڪراهٽ جو موهه اٿس يا آرام جو مگر ڪرشن ڀاءُ ڪار نه ورتي. ڪجهه ڏينهن لاءِ ورتائين پر هميشه لاءِ رکي نه سگهيو. ٽيڪسيءَ جو نمبر اهڙين شين ۾ پهريون نمبر آهي جن مان ڪرشن ڀاءُ سچ پچ لطف اندوز ٿيندو آهي.

ٻالجتيءَ کان وٺي ڪرشن ڀاءُ ۽ مهيندر ڀاءُ گڏ رهيا آهن. ٻنهي جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار آهي، ننڍڙا هئا ته ٻئي هڪ ٿالهيءَ ۾ کائيندا هئا، هڪ کٽ تي سمهندا هئا. ٻنهي جا گڏ پروگرام ٺهندا هئا. پر لغڙ اڏامڻ ۾ ڀاءُ ڪرشن جو مهيندر ڀاءُ سان رضا نامون نه ٿي سگهيو. مهيندر ڀاءُ کي جيتري لغڙن اڏائڻ سان دلچسپي هئي اوتري ڪرشن ڀاءُ کي انهيءَ کان بيزاري هئي. هڪ ڀيري لغڙ اڏائيندي مهيندر ڀاءُ جو ڌاڳي سان آڱوٺو ڪٽجي پيو. پوءِ ته ڪرشن ڀاءُ کي پنهنجي ڪاوڙ ڏيکارڻ جو موقعو ملي ويو. هن مهيندر ڀاءُ کي مار ڏني. مهيندر ڀاءُ به مارڪٽ جي معاملي ۾ ڪو رک رکاءُ نه ڪندو هو. اهو به ڳنڍجي ويس، ڪافي موچڙا ماري کان پوءِ فرنيچر کڻي هڪ ٻئي کي هڻڻ جو وارو آيو. پر جلد ئي جهيڙو پورو ٿي ويو ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان ٻکجي ويا. ٻنهي هڪ ٻئي سان واعدو ڪيو. ڪرشن ڀاءُ چيو ”مان توکي ڪڏهن به نه ماريندس“ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ اڄ تائين ڪيترا موقعا آيا آهن، جو مهيندر ڀاءُ کي ڪنهن لغڙ اڏائڻ تي ڪرشن ڀاءُ کي اعتراض ٿيو هجي ۽ مهيندر ڀاءُ کي ڪرشن ڀاءُ جي ڪنهن پيچ اڙائڻ تي اعتراض ٿيو هجي پر ٻئي پنهنجي انهيءَ واعدي تي قائم آهن ۽ اسان جي گهر جو فرنيچر وري ڪڏهن به نه ڀڳو.

هاڻي به جيڪڏهن گهر ۾ ڪا اڻ بڻت ٿي پوندي ته ڪرشن ڀاءُ جي موڊ آف ٿي ويندي آهي، جڏهن گهر جا ڀاتي هڪ ٻئي تي الزام تراشيءَ کان پوءِ ڏانهس ڪنهن فيصلي لاءِ نهاريندا آهن ته هو ”امڙ ماني کڻي اچو بک لڳي آهي“ چئي ائين لنوائي ڇڏيندو آهي ڄڻ کيس ڪابه خبر نه هجي.

خير! ڪرشن ڀاءُ ڪڏهن به پنهنجي راءِ يا فيصلو ڪنهن تي مڙهيو ناهي پر انهيءَ معاملي ۾ ڪنهن کي دخل اندازيءَ جي به اجازت ناهي ڏني. هن صرف هڪ دفعو غلطي ڪئي هئي ۽ انهيءَ غلطيءَ جي ڪري کيس جيڪو زهر پيئڻو پيو سو اڄ ڏينهن تائين سندس دل ۽ دماغ کي ڏنگيندو رهي ٿو ۽ انهيءَ زهر پيارڻ ۾ ڪرشن ڀاءُ جي راءِ موجب مان ئي جوابدار آهيان. هيءَ سندس شاديءَ جي ڳالهه آهي. ڀاءُ ڪرشن پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ ريڊيو تي نوڪري ڪرڻ لڳو، ته امڙ سندس شاديءَ جو راڳ آلاپڻ لڳي. اسان جو والد صاحب ڏاڍي پياري طبيعت جو مالڪ هو، هن پنهنجي اولاد جي معاملن ۾ ڪڏهن به دخل نه ڏنو. تنهن ڪري امڙ جڏهن به کيس چوندي هئي ته چوندو هو، ڳهيلي تون ته منهنجي پٺيان اچي پئي آهين ڄڻ ته شادي ئي مون کي ڪرڻي آهي. پنهنجي پٽ کي چئه، مان پنهنجي جوان پٽ کي ڪجهه نه چوندس.

اتان نااميد ٿي امڙي وري اچي ڀاءُ ڪرشن کي پڪڙ ڪندي هئي، پر هو ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ڪڏهن چوندو ته ڇوڪري بي- اي پاس هجي، ڪڏهن چوندو هو ڀوري هجي ڪڏهن چوندو هو سنهڙي ۽ چنڊ جهڙي سهڻي هجي، پر رشتو اچڻ وقت ڀاءُ جي پرکا ۾ پورو نه هوندو هو. وقت گذرندو ٿي ويو، امڙ کان وڌيڪ اسان جون ماسيون ڳڻتيءَ ۾ ڳري رهيون هيون، اهي جڏهن به اينديون ته امڙ کي ايترو ته ڀڙڪائينديون هيون جو گهر ۾ هنگامو برپا ٿي ويندو هو. آخر روز روز جي ڪر ڪر کان تنگ ٿي ڀاءُ چيو ته ”چڱو منهنجي شادي ڀلي ڪريو پر ڇوڪري ”سرلا“ کي ضرور ڏيکارجو.“

اسان خوشي مان نچڻ ٽپڻ لڳاسون، اسان پنهنجي ڀاڀي ڏسي آياسون، ڀاڀي بي اي پاس هئي ۽ سندس تعلق سٺي گهراڻي سان هيو. رنگ جي به ڀوري هئي. پر شايد اسان کيس گهٽ ڏٺو ۽ سپنا گهڻا ڏٺا. گهر ۾ ڍولڪ وڄندي، سٺا سٺا ڪپرا پائبا شادي ٿيندي، ڀاڀي ايندي ته ڏاڍو مزو ٿيندو، اسان ساڻس گڏ سنيما تي وينداسون، تنهن ڪري اسان اچي چيو ته ”ڀاڀي ڏاڍي سهڻي آهي، پري آ پري“

پري گهر ۾ آئي پر سندس ڀوري رنگ جي تهه جي هيٺان، سخت، بي حس ۽ تنگ دل فطرت ظاهر ٿي ۽ ڀاءُ اسان کي چوندو هو ”توهان منهنجي ڳچيءَ ۾ تيز پاڪين جو هار وڌو آهي، مان توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس“ پر ڀاڀيءَ کي هو هڪ لفظ به نه چوندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي مان بمبئي ۾ وٽس ٽڪيل هيس. ڀاڀيءَ جو سندس لاءِ حڪم هو ته تون ”سرلا“ سان ڳالهاءِ به نه، آخر تنهن جا مٽ ڄڃ جي ڄڃ وٺي هتي ڇو ٿا اچي پون؟ ڀاڀيءَ جو اشارو منهنجي ۽ منهنجي سڀني کان ننڍي ڀاءُ ”اوم“ جي طرف هو. ڀاڄائيءَ کي خوش رکڻ لاءِ ادو ويچارو اسان جي ويجهو به نه ايندو هو. تمام ٿورو ڳالهائيندو هو. پر جي ڀاڀي گهر ۾ نه هوندي هئي ته اسان وٽ ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڳالهيون ڪندو هو ۽ کلندو کلائيندو هو. هڪ ڏينهن مون کي مٿس ڏاڍو رحم آيو ۽ ڪاوڙ به- ڀاڀي گهر ڪونه هئي- ادو مون کي سڏيندو ڪمري جي دروازي تائين آيو ۽ مان جيءُ جيءُ چوندي ڊوڙندي آيس، عين ان وقت ڀاڀي اچي پهتي ۽ ادي جا حواس خطا ٿي ويا. ۽ اتان ئي پويان پير ڪيائين، هڪ لفظ به ڳالهائڻ بنا، مون کي ڏسي موٽيو ڄڻ غلطي سبب هتي اچي نڪتو هو.

شايد هيءَ بزدلي يا رواداري ۽ شرافت کيس بابي سائين کان ملي هئي، اسان جو بابو به ايئن ئي هو- هو پنهنجي راءِ ڪنهن تي ڪونه مڙهيندو هو. منهنجي شاديءَ جو مسئلو هو، امڙ منهنجي شادي پنهنجي ذات ۾ ڪرڻ ٿي گهري، ۽ مون وري ”ريوتي“ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو نه اسان جي ذات مان هو ۽ نه وري اسان جي صوبي جو، هاڻي ڇا ٿئي، هر وقت طوفان برپا هو- امڙ هر وقت بابي جي پٺيان هوندي هئي ”پنهنجي ڌيءَ کي سمجهاءِ، هن گهر جو ٻنڀو ئي ٻئي پاسي ٿي ويو آ، ڇوڪرا ته هٿ مان نڪري ويا پر هن ڇوريءَ کي مان ڇڙ واڳ نه ڪندس.“

سندس ڳالهيون ٻڌي بابو ڏاڍيان چوندو هو ”تون فڪر نه ڪر ڪاڪي جي ماءُ اها اڻٿيڻي ڪڏهن به نه ٿيندي، تخت رهندو يا تختو.“ پر امڙ جي وئي کان پوءِ سڌو مون وٽ ايندو هو ۽ مون کي دلاسو ڏيندي چوندو ”رو نه پٽ تنهن جي شادي ٿيندي ته ريوتيءَ سان ٿيندي نه ته نه ٿيندي. تنهنجي ماءُ ڳهيلي آهي، کيس اندر جو اوڳر ڪڍڻ ڏي“ ڪيتري نه هڪ جهڙائي هئي ڪرشن ڀاءُ ۽ بابي جي طبيعت ۾- اڄ سوچيان ٿي ته ڀاءُ ڪرشن به ساڳي ئي ڪار ڪندو هو. جڏهن امڙ مٿس ڪاوڙ بي هئي ۽ مون کي سمجهائڻ لاءِ چوندي هئي ته هو چوندو هو. ”ها رام امڙ سچ ٿي چوي، اهي يوپيءَ وارا ڏاڍا خراب آهن، اهي توکي گهونگهٽ ويڙهائي پردي ۾ بند ڪندءِ، چانديءَ جون ڪڙيون پارائيندءِ، ۽ ها هي ريوتي ته بصر ۽ گوشت به نه کائيندو آهي، اتي تون کائيندينءَ ڇا؟ پر جڏهن امڙ هلي ويندي هئي ۽ مهيندر ڀاءُ چوندو هوس ته تون اعتراض ڇو ٿو ڪرين ته هو جواب ڏيندو هو ته ”مان ڪٿي ٿو اعتراض ڪريان، پر امڙجي آڏو ڇا چوان، آخر ته هوءَ ماءُ آهي.“

آخر ماءُ آهي، هو ڀاءُ آهي، هو انسان آهي، هاڻي مان کين ڇا چوان، هو پاڻ سمجهدار آهن، هو پاڻ هن خيال ڪندا، هو پاڻ ئي رستي تي ايندا مان انهن کي ڇا چوان، ڪيئن چوان، شايد سندس سوچ جو انداز اهڙو آهي تنهن ڪري هو زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به سامهون کلي طرح ڳالهائي نٿو سگهي؛ جيڪو ماڻهو پنهنجي لکڻين ۾ اهڙو بيباڪ آهي، تنهن جي خيالن جو آزاديءَ سان اظهار ٿو ڪري، اهو روز مرهه جي زندگي ۾ اهڙي طرح گهٻرائي ٿو. چپ چپ ٿو رهي، ڪڏهن ذهني ڪوفت ۽ شرمساري ٿو ڀوڳي عجيب معمول آهي.

مون ڳالهه ٿي ڪئي هن زندگيءَ ۾ هڪ دفعو غلطي ڪري ٻين جي راءِ مڃي خطا کاڌي آهي، ان کان پوءِ هن وري اهڙو زهر ناهي پيتو. هن ”سلميٰ“ ڀاڀي جي باري ۾ اسان کان تڏهن راءِ ورتي جڏهن راءِ وٺڻ جي وقت کي ٽي سال گذري چڪا هئا. جڏهن مون ٻڌو ته مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي سر تان مڻن جو بار هلڪو ٿيو هجي. منهنجي ڀاءُ پنهنجي خوشيءَ جي گنگا مان مون کي پنهنجي مٿي جو ڪارو داغ ڌوئڻ جو موقع ڏنو هجي.

ڪرشن ڀاءُ کي سٺو کاڌو ڏاڍو پسند هو، خراب کاڌو نه کائي سگهندو هو. انهيءَ معاملي ۾ بي دلي کيس ڪڏهن به پسند ڪونه هئي. هڪ ڀيري ڀاءُ ٻاهران آيو. رات جا نوَ وڄي چڪا هئا. اسان سڀ آرامي ٿيڻ وارا هئاسين. ادي ايندي ئي چيو ”امڙ مان ماني کائيندس“ امڙ ساري ڏينهن جي ٿڪل هئي مون کي چوڻ لڳي ”سرلا ٻه ٻٽالو پيا اٿي ڀاءُ لاءِ تيار ڪري وٺ“ اهو ٻڌندي ئي ڀاءُ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو“ توهان مون کي الائي ڇا ٿا سمجهو، اوهان مون کي اهو کاڌو کارائيندؤ؟. چڱو مان هوٽل تان کاڌو کائيندس، ويهه رپيه خرچ ڪري ٿو اچان، مون کي ڇاهي، امڙ کيس ڏاڍو روڪيو مگر هو نه مڙيو. رات جو ٻارهين بجي گهر موٽي آيو ۽ سندس چپن تي مسڪراهٽ وات ۾ پان ۽ اکين ۾ چمڪ هئي. ”امڙ پورا ويهه رپيه خرچ ڪري آيم“ هو پئسن جو قتلام ڪري خوشي محسوس ڪندو. جيڪڏهن پئسه مٿس پاڻيءَ وانگر وسندا هئا ته هو اهي پاڻيءَ وانگر هاريندو هو. بئنڪ ۾ پئسه رکڻ سندس وس کان ٻاهر آهن. چوندو آهي ته ”پئسه به ڪا رکڻ جي شيءِ آهي، پيسو هميشه خرچ ڪرڻ لاءِ هوندو آهي. سٺو کائو، سٺو پهريو، مزي سان رهو. کيسو پر اٿس ته ڪرشن ڀاءُ پيو ٻهڪندو، کيسا خالي هوندس ته هميشه موڊ خراب رهندس. وٽس هزار رپيه هوندا ته چوندو ته ”مون وٽ سو ٻه سو رپيه آهن. بس صبحاڻي تائين گذارو ٿي ويندو.“ ۽ پرهينءَ جي انتظار واسطي لکڻ ويهي رهندو آهي. هزار روپيا واقعي سندس واسطي سو ٻن کان وڌيڪ حيثيت نٿا رکن. صبحاڻي تائين مشڪل سان پورت پوندس، پرجي هو بمبئي کان دهلي آيل هوندو ته.

جڏهن دهليءَ ايندو آهي ته گهر ۾ تمام گهٽ ويهندو آهي. ٻاهر  گهڻو رهندو آهي. امڙ چوندي اٿس ”ڪاڪا گهر ۾ ته توکي ٽڪاءُ ئي ڪونهين،“ چوندو آهي ”ڇا ڪريان؟، پئسن جو بندوبست نه ڪريان، مون وٽ ڪجهه به ڪونهين کيسا خالي آهن.“ پئسن جو انتظام ٿي ويندو وري انهن کي خرچ ڪرڻ جي انتظام ۾ مصروف ٿي ويندو. اڄ ڪنهن هوٽل ۾ پارٽي ته صبحاڻي ڪنهن بار ۾، يا وري ڪنهن دوست وٽ شراب جي دعوت. شراب ٻن ٽن پيگن کان زياده نه پي سگهندو ته دوستن کي گهرائيندو آهي. بس پئسه جو خرچ ڪرڻا ٿيا- دهليءَ ۾ پئسه خرچ ڪرڻ کانپوءِ بمبئيءَ روانو ٿيندو آهي ته فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺڻ کانپوءِ حساب ڪري ايترا پئسه کيسي ۾ رکندو آهي جو اسٽيشن تي ڪتاب خريد ڪري سگهي، گاڏيءَ ۾ کاڌو کائي سگهي، ۽ ٽيڪسيءَ ۾ گهر پهچي سگهي، باقي پئسه ڀائن ۽ ڀينرن ۾ ورهائي ويندو. ۽ بمبئيءَ پهچي وري پئسن جو انتظام ڪرڻ شروع ڪندو.

ڪرشن ڀاءُ لک ڪمايا آهن پر ڪانه ڪا مالي مشڪل اٿس ئي اٿس. اڄ تائين هو گهر به نه ٺاهي سگهيو آهي، امڙ کي انهيءَ جو ڏاڍو ڏک آهي، سندس نظر ۾ جنهن کي پنهنجو گهر آهي اهوئي وڏو ماڻهو آهي. اسان جي ماروٽن سٺا سٺا بنگلا ٺهرايا آهن، امڙ کي ڏاڍي ريس ايندي آهي. انهن جون عورتون به گهڻو ڪري امڙ کي ٽوڪينديون آهن، ”تون چوندي آن ته ڪرشن وڏو ماڻهو آهي پر هن مهل تائين هو پنهنجي جهوپڙي به ڪونه ٺاهي سگهيو آهي.“

تنهن ڪري امڙ هميشه ڪرشن ڀاءُ سان وڙهندي رهندي آهي. ”ڪاڪا ڪو عاليشان بنگلو ٺهراءِ، اجائي پيسو برباد نه ڪر ڇا مسواڙي گهر ۾ پنهنجي اولاد جي شادي ڪندين؟“ اهڙن موقعن تي ڪرشن ڀاءُ خاموش هوندو آهي. سندس موڊ خراب ٿي ويندو آهي ۽ امڙ مغز کپائي اچي بورچي خاني ۾ ويهندي آهي.

هڪ ڀيري ادا دهليءَ ۾ آيو ته بنگلن جي ماڊلن جي نمائش شروع هئي، امڙ روز چوندي هئي ”ڪاڪا نمائش ڏسي اچ“ ڪرشن ڀاءُ چند ڏينهن ته نٽائيندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن اسان سڀني کي نمائش ڏيکارڻ وٺي هليو. بنگلا ڏاڍا خوبصورت هئا، امڙ هر بنگلي تي حسرت ڀري نظر وجهي ٿڌو ساهه ٿي کنيو ۽ هڪ نظر ڀاءُ ڪرشن تي ٿي وجهندي وئي. ادا نه امڙ ڏي ٿي ڏٺو ۽ نه وري بنگلن ڏي سڀني ڳالهين کان بي خبر بس اسان سان گڏوگڏ هلي رهيو هيو. آخر جڏهن نمائش ڏسي ٻاهر نڪتاسون ته امڙ رهي نه سگهي ۽ ادي کي چيائين ”ڪاڪا تون ڪو اهڙو بنگلو ٺهراءِ، ڏس ته ڪهڙا نه سهڻا گهر آهن.“ ڪرشن ڀاءُ مرڪي چيو ”امڙ تون الائي ڪهڙن بنگلن جي ڳالهه ٿي ڪرين. اهڙا خبر ناهي ته ڪيترا بنگلا تنهن جو پٽ گلاس ۾ ڳاري پي ويو آهي“. ڪرشن ڀاءُ واقعي ڪيترا بنگلا ۽ اڻ ڳڻيون ڪاريون گلاس ۾ ڳاري پي چڪو آهي يا وري ٻين کي پياري چڪو آهي.

لکڻ لاءِ ته هو ڪٿي به ويهي لکي سگهي ٿو پر پين، مس ۽ ڪاغذ نفيس هئڻ گهرجن. ڪرشن ڀاءُ هميشه رائيٽنگ پيڊ تي لکڻ پسند ڪندو آهي ۽ اها رائيٽنگ پيڊ مارڪيٽ ۾ ملندڙ سڀني پيڊن کان عمدي هوندي آهي پين شيفرز هوندي آهي جيڪڏهن شيفرز نه ته اهڙي پين هوندي جنهن جي نب تمام سنهڙي هوندي. هو ٿلهي نب سان ڪونه لکي سگهندو آهي. هونءَ گهر ۾ گوڙ هجي، ٻارڙا پيا کيڏندا، اسين ڀلي هيڏي هوڏي گهمندا رهون هن جو ڪوبه مطلب ناهي هو لکندو رهندو ۽ لکندوئي رهندو. لکندي لکندي پاڻي گهرندو پر وسري ويندس. اسين کيس ڌونڌاڙينداسين ته پاڻي پيءُ، گهڻو ڪري پاڻي وٺي رکندو پر پيئندو نه. هو تمام توجه سان لکندو آهي، ۽ ايترو تيز رفتاري سان لکندو آهي جو اسان کي حيرت ٿيندي آهي. ۽ اڄ تائين ڀاءُ ڪرشن کي ڪڏهن به ڪٽي وري لکڻ جي ضرورت ناهي پئي.

ڪرشن ڀاءُ چپ چاپ رهندو آهي، بحث ڪندا رهو خاموش رهندو ڪڏهن برداشت نه ڪندو ته پريشان ٿي چوندو ”پوءِ مان ڇا ڪريان مان نٿو مڃان، ٺيڪ آهي اوهين اونده ۾ رهڻ چاهيو ٿا ڀلي رهو“ ڪرشن ڀاءُ جي اهڙن قصن جي لاءِ هميشه سوچيندي رهندي آهيان، منهنجي سمجهه ۾ ان جو بس هڪ ئي سبب هوندو آهي. ڪرشن ڀاءُ جهڳڙي ۽ جهنجهٽ ۾ پوڻ نه گهرندو آهي. سندس اندر جي ذات انتهائي سڪون ۽ تنهائي پسند ڪندي آهي. صرف انهيءَ ئي خيال جي ڪري ته زندگي کيس اطمينان سان لکڻ جي مهلت ڏئي. هو گهڻو ڪري ڪيتريون ئي غلط ڳالهيون برداشت ڪري ويندو آهي. ڪيترائي غلط رضا نامه ڪري ڇڏيندو آهي ۽ گهڻو ڪري اهڙي بي نيازي اختيار ڪندو آهي جو اها بزدلي معلوم ٿيندي آهي. ڪرشن ڀاءُ اهڙو اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري وڏي قيمت ادا ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ وڏي رقم هن پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ادا ڪئي هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو پر ان جي انهيءَ خاموشي جو نقصان هن پاڻ ئي برداشت ڪيو ۽ ٻاهريان فائدي ۾ رهيا.

ڪرشن ڀاءُ پنهنجي روش مٽائيندو، مون کي اهڙي اميد ڪانهي. بس هڪ شڪر جهڙي ڳالهه آهي جو، بنگلو ته نه ٺهي سگهيو پر ڪرشن ڀاءُ پنهنجو گهر ضرور ٺاهي ورتو.

سرلا ديوي (ڪرشن جي ننڍي ڀيڻ)

گلدستو

        برگانجا جي زير زمين مئخاني مان جام مٿان جام چاڙهي مان ۽ ٻچيءَ ڏاڙهيءَ وارو منهنجو دوست ڪمٽي جڏهن ٻاهر آياسين، تڏهن اسان جن پيرن ۾ ڄڻ اسپرينگ لڳي چڪا هئا. ڪمٽي جا قدم مون کان وڌيڪ لڙکڙائي رهيا هئا. ان مئخاني ۾ هو مونسان پهريون دفعو مليو هو، ملندئي هو مون سان ڪجهه اهڙي کلئي مگر دلچسپ نموني پيش آيو، جو مان هن مان ڪڪ ٿيندي به هن جي شخصيت کان ڪافي متاثر ٿي ويس، اهو ته ڄاڻي نه سگهيس ته هو ڪهڙي قسم جو چترڪار هو، مگر هن جي ڳالهين مان مون ايترو ضرور سمجهو ته انسان بيحد عجيب آهي، جو گهڻ ڳالهائو يخي هڻندڙ هوندي به بيهد دلچسپ آهي ۽ اڄ جي مشيني دور  ۾ ڪجهه اهڙي ڍنگ سان هلن ٿا، ڄڻ ته هڪ ئي سانچي ۾ گهڙيل آهن، نوٽن جيان صرف چهري جو نمبر الڳ اٿن.

        مون اهو ضروري سمجهو ته ڪمٽي کي سندس گهر پهچائي اچان، مگر هو منهنجي ڳالهه ٻڌي ناراض ٿي ويو.  چيائين اڙي هل! تون سمجهين ٿو، مان خود پنهنجي گهر نٿو وڃي سگهان. ائين چئي هو مون کان الڳ ٿي،ٻئي طرف ڊڪڻ لڳو، ڄڻ منهنجي  صورت کان نفرت هئس. مون به ڊڪي وڃي هن کي پڪڙيو. پنهنجي مضبوط هٿن سان هن جي ڪلهن کي ڌوڏيندي چيو: ڄاڻين ٿو رات جا ٻه لڳي چڪا آهن، رستي جي هر موڙ تي پوليس جي جيپ نظر ايندي، مون کي تنهنجو ڪوئي فڪر ڪونهي، ڊپ اٿم، ڪٿي هو تنهنجي اها خوبصورت بشرٽ نه لاهي وٺن.

        برگانجي جي مئخاني ۾ سڀ کان اڳ هن جي بشرٽ ئي منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو هو. بشرٽ جو ڪپڙو رواجي هو، مگر هن چترڪار مهاشيه ان ڪپڙي تي چڱي دلچسپ چترڪاري ڪئي هئي، مثلن ڪالرن تي ٻن  جُوتن جا خاڪا هئا. جڏهن سمجهاڻي پڇي مانس ته چيائين اسان غريب ماڻهن جي قسمت ۾ اهوئي ته لکيل آهي ڇاتيءَ واري حصي تي هڪ نيم ننگي نوجوان عورت جو چتر کينچيل هو، جو هن جي چوڻ مطابق هر پرش جي من ۾، جيڪڏهن هو مرد آهي ته، بس اهڙوئي هڪ چتر هوندو آهي. سندس کيسن جي ٻاهران نوٽن جا ٿها ڇپيل هئا، جنهن  بابت ڪجهه پڇڻ وقت سان زيادتي ڪرڻ سمجهيم.  گهاٽي سائي رنگ جي اها بشرٽ پائي هو جيڪڏهن شام جو گهر کان نڪرندو ته راهگيرن جون نظرون ان  تي ڄمي بيهنديون. بيشڪ، سڄي شهر ۾ اهڙي اد ڀت بشرٽ ڪنهن وٽ نه آهي، مان هن جي اها بشرٽ  لاهي  وٺان پهرين ملاقات ۾ منهنجي من ۾ اهڙو لوڀ جاڳيو، ليڪن پهرين ملاقات ۾ ئي ائين ڪرڻ جو ساهس ڪري نه سگهيس. هن کي پنهنجي ان بشرٽ تي ناز هو. منهنجو سوال ٻڌي پنهنجي بشرٽ تي تعريفي نظر اڇلائي چيائين ڇو، ڀلا پوليس وارا ڇو منهنجيءَ بشرٽ کي لاهيندا؟“ مون هن جي ڇاتيءَ تي هٿ رکي چيو، ”ڇو جو ان بشرٽ مان تون اگهاڙپ جو علمبردار لڳين ٿو.“

        ”ته پوءِ هو منهنجي بدران ايلور اکجو راهن جي مندرن کي گرفتار ڇو نٿا ڪن؟“ ائين چئي ڪمٽي منهنجون ٻئي ٻانهون پنهجن ڪلهن تان هٽائي پري ڪيون ۽ خود چڙ کان منهن گهنجائي هڪ طرف ٿي بيٺو. مون هن سان بحث ڪرڻ مناسب نه  سمجهيو، چپ چاپ هن سان گڏ هلڻ لڳس. ان وقت پاسي کان هڪ خالي ٽئڪسي لنگهي رهي هئي، جنهن کي هن هٿ ڏئي بيهاريو، ٻيءَ گهڙيءَ اسين ٽئڪسي ۾ اندر ٿياسين، ڪمٽي هڏڪي ڏئي چيو ڪماٽيپرا، نائين نمبر جي گهٽي، ستين نمبر جي چال.

        ”بلڪل ٺيڪ بادشاهو،“ پنجابي ٽئڪسي ڊرائيور به هڏڪي ڏئي جواب ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com