سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :4

        هو به پيتل هو، ٽئڪسي تيز رفتارس ان هلڻ لڳي، ڪماٽيپرا واري مقررم نزل تي پهچي، وياسين. کٽاڪ سان ميٽر ٺاهيندي ڊرائيور چيو ”ٻه روپيه چوڏهن آنا.“ ڪمٽي بشرٽ جي ٻنهي کيسن ۾ بار بار پنهنجا هٿ وڌا، مگر هڪ نوٽ ته ڇا پر هڪ آنو به نه نڪتو. اها بجلي منهنجي مٿان ڪري، مون ڀاڙو چڪائيندي پنهنجي جان ڇڏائي، پر ڪمٽي ٻه اکر مهربانيءَ جا چوڻ بدران مرڳوئي مون کي ڇنڊ ڪڍي ”تون ڇو هتي لهي پئين؟ ٽئڪسيءَ ۾ پنهنجي گهر ڇو نه وئين؟“

        ”ان لاءِ جو مون کي تنهنجا چتر ڏسڻا آهن!“

        ”رات جو ٻي بجي وڃ! وڃ مسٽر مون کي ننڊ پئي اچي.“

        ائين چئي هو پنهنجي چال  ڏانهن وڌيو، مگر وڌندي ئي فٽ پاٿ جي ڪنڊ سان ٿاٻڙجي ڪري پيو. مان ڇلانگ ماري وڃي هن وٽ پهتس ۽ جهٽڪو ڏئي کيس مٿي ڇڪي ورتم ۽ پوءِ کيس سهارو ڏئي چال جي چيچاٽ ڪندڙ ڏاڪڻ چڙهڻ لڳس. ٽماڙ جي اولهه واريءَ ڪنڊ ۾ هن جو ڪمرو هو، مون ڪمٽي جي کيسي ۾ هٿ وجهي چاٻي ڪڍي ۽ پوءِ قلف کوليم.

”ديوار جي کاٻي پاسي سئچ اٿئي،“ هن چيو.

مون کاٻي پاسي مُڙي ميڻ بتي ٻاري، سڄو ڪمرو چترن سان ڀريو پيو هو،. ديوارن تي مختلف قسمن جا چتر ٽنگيل هئا، ڪي ڪنڊن ۾ پيل هئا. ڪي چتر فرش تي پيا هئا، جي  وچتر نگاهه سان ڇت ڏانهن تڪي رهيا هئا. يڪا يڪ مون کي ائين لڳو ته مان انهن چترن کي نه، اهي چتر مونڏانهن يڪٽڪ نهاري رهيا هئا.  چترن جا رنگ بلڪل گهرا ۽ تڙڦندڙ ٿي لڳا، پنڪيون کائيندڙ پيڙت رنگ، جي ڪجهه جهڳي هڻندڙ ۽ چيڙاڪ ٿي لڳا! رنگ، جن طنز ٿي ڪئي. رنگ، جي جيون جي نازڪ تهن ۾ لڪل کهري تڪليف ڏيندڙ سچ کي اڀاري ظاهر ٿي ڪيو ۽ جن ڏسندڙ تي ٺٺوليءَ وچان ڏند ڪڍي کليو ٿي.

        مون کي ڪمٽي جا چتر اڻوڻندڙ لڳا. مون کي ته هلڪن رنگن جو ٿڌو اثر پسند  آهي، جتي هڪ رنگ حليمائيءَ سان ٻئي رنگ ۾ ملي ويندو آهي. جيت وڻ عورتن جيان ۽ عورتون ميويدار وڻ جيان سندر لڳنديون آهن. جتي مردن جا بدن، بنسريءَ جي سورن جيان لچڪندڙ لڳندا آهن، ۽ جتي بنسريءَ جا مٺا سُر ڪمل جا گل بڻجي، تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ گنگنائيندا آهن.

        ”ڪيئن؟ ڪئين لڳئي منهنجا چتر؟“

        ”تون چترڪار نه، خاڪ دان آهين،“ مون بنا ڪنهن ڊپ جي چيو.

        ”ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي! مان چترڪار پوءِ آهيان ڪارٽونسٽ پهرين آهيان. مان ”ڊنڪر ويڪلي“ جي لاءِ ڪارٽون ڪڍندو آهيان،“ ڪمٽي پيشانيءَ تي سوچ جون ريکائون ٺاهيندي چيو، ”دنيا ۾ اها ڳالهه ڪيتري نه وچتر آهي ته انسان کي جنهن  ڪم مان روٽي ملي ٿي، ان سان هن جو پريم نٿو رهي، مون کي اڪثر انهن ماڻهن جا ڪارٽون ڪڍڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جن کي مان من ئي من ۾ نه چاهيندو آهيان. اهڙو ڪم ڪندي ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي، ڄڻ مان پاڻ کي ٿڪي رهيو آهيان، جڏهن صديون ائين پنهنجي منهن تي ٿڪندي گذرن ٿيون، تڏهن انساني چهرو بگڙجي وڃي ٿو.“ هڪ پلڪ رڪجي هن نظر کي تيز ڪيو، آڱر کڻي چيائين ”هاڻ جي ڪڏهن تون ڪٿي ڪنهن گهٽيءَ، بازار يا ماڻهن جي مجموعي مان لنگهين ته ذرا ڌيان سان انهن جا چهرا ڏسج اوهي توکي چهرا گهٽ، ٿڪدانيون وڌيڪ معلوم ٿيندا.“

        مون گهٻرائجي پنهنجو منهن پنهنجي هٿ سان ڇهيو ۽ پوءِ ترت هٿ هٽائي پاڻ تي ضابطو رکي چيم ”جيڪڏهن توکي پنهنجي پيشي کان ايتري نفرت آهي ته پوءِ تون اهو ڪم ڇڏي، ٻيو ڪم ڇو نٿو ڳولهين؟“

        هن وري آڱر مٿي کنئين ..... ”نه، تو غلط سمجهو! مون کي ڪارٽون ٺاهڻ کان نفرت ناهي، ليڪن جڏهن مون کي منهنجي اڇا جي خلاف ڪارٽون ڪڍڻ لاءِ چيو ويندو آهي، تڏهن مون کي پنهنجي پيشي کان نفرت اچي ويندي آهي.“

هو چپ ٿي ويو. يڪايڪ اداس ٿي چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته مون کي اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ مون کي سوچڻو نه پوي – جيئن رستي تي ٻهاري پائڻ.

        ”اتي به سوچڻ جي گنجائش رهي ٿي،“ مون چيو ”ماڻهو جيڪڏهن ٺيڪ طرح سان ٻهاري نه پائي ته شايد هر ڪنهن واٽهڙوءَ جي چهري کي هڪ ڪارٽون بڻائي ڇڏي.“

        منهنجي طنز تي هن رنج ٿي چيو ته ”پوءِ مان ڇا ڪريان؟ گوبيءَ جو پن بڻجي وڃان يا بصر جو ڇلڪو؟“

”بهايت نااميديءَ جو ماريو شخص ٻنهي مان ڪهڙو هڪ به بڻجي نٿو سگهي.“

        ”ته پوءِ مان ڇا ڪريان؟“ ائين چئي هو ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو. هاڻ هن جي چهري تي نشي جي هلڪي جهلڪ به نه هئي هن جي چهري تي اهوئي گهرو تڙڦندڙ رنگ هو، جو مون هن جي چترن ۾ به ڏٺو هو. هو خود مون کي هڪ چتر ڀاسڻ لڳو، ڪروڌ وچان چيائين، ”هن ڪوڙي سنسار ۾ مون پارا ماڻهو پنهنجي رچيءَ مطابق ڪم ڪٿان آڻين؟ پنهنجي رچنا جي پيڙا کي پنهنجي سپني جي سرشتي کي، پنهنجيءَ ڪلپنا جي بلنديءَ کي ڪٿان پائجي؟“

        ”ان جا مختلف رستا آهن“ مون طنزيه نوع ۾ چيو ”مگر انهن مان هڪ به رستو برنجا جي گتي ڀرسان نٿو لنگهي،“ مان کلڻ لڳس.

        ”کلين ٿو،“ ڪمٽي جوش ۾ چلايو، ”جڏهن هڪ گندي ٿڪائيندڙ اشد وايو منڊل ۾ وسندڙ هڪ مل مان ڪوئي مزدور ٻاهر نڪري گهر نه وڃي، ۽ جيڪڏهن تاڙيءَ جي دڪان ۾ وڃي ٿو ان تي نه کلو!  جڏهن ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ سوا سؤ روپين جي نوڪري ڪندڙ ٻڍو اڪائونٽنٽ ڏهه ڪلاڪ، آنا ۽ پايون ڳڻيندي ٿڪجي آفيس کان ٻاهرن ڪري ٿو ته لهند:ڙ سج جي  لالائي به لاپته ٿي چڪي هوندي آهي، رات جي ڪارنهن ڦهلجي چڪي هوندي آهي، ان ماڻهوءَ سالن کان ٻڏندڙ سج جي لالائي نه ڏٺي آهي، ان ماڻهوءَ گلن کي ٽڙندو نه ڏٺو آهي، کلندڙ پنکڙين تي هن ڪڏهن شبنم جو هڪ قطرو نه ڏٺو آهي، ڇلڪندڙ اکڙين مان وسندڙ لالائي نه ڏٺي آهي، اهو ماڻهو جيڪڏهن گهر نه وڃي ۽ ڪنهن وئيشا وٽ وڃي ٿو ته ان تي شوڪ ظاهر نه ڪريو. سنسار جو ڪوئي به درد ڪنهنجي به کلڻ يا روئڻ سان ڪڏهن به گهٽبو نه آهي.“

        هو چپ ٿي پيو،  وري ساڳين جذبن جي تڪليف وچان هو ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ آهستي چوڻ لڳو ”جڏهن هڪ بيروزگار نوجوان سڄو ڏينهن دفترن، فرمن، ڪارخانن، دڪانن جا چڪر ڪاٽي نراشا کان مجبور ٿي، پنهنجي گندي چال جي ڪمري ۾ پاڻ جهڙن بيروزگارن سان جيڪڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ شطرنج راند ڪري ٿو ته ان کي سست ڪاهل ۽ نڪمو نه چئو! ڏسو هو ڪيتري نه نفرت  سان راجا کي ماري ٿو. هر شخص هر وقت پنهنجي ٻڌيءَ سمجهه ۽ ماحول موجب پنهنجو هڪ رستو ڳولهي ڪڍي ٿو. ان رستي تي هلي انسان سدا ڀٽڪندو رهيو آهي.“

        مون هن کي پريم وچان چيو، ”ليڪن هن وقت ڇا اهو بحث فضول نه آهي، مون کي ٻڌاءِ ته پنهنجي لاءِ ڪهڙو  رستو ڳوليو آهي.“

        ڪمٽي ٻارن جيان چنچل ۽ وجئي ڀاو ۾ مون کي راز ڀري لهجي ۾ چيو ”مون! مون پنهنجي چهري جي هيٺان هڪ ٻيو چهرو لڪائي رکيو آهي، جيون راهه تي هلندي هلندي ڪڏهن هڪ انسان مان ٻه انسان بڻجي ويندا آهن ۽ اڄ ڪلهه ته هر انسان پنهنجي چمڙيءَ هيٺان هڪ ٻيو انسان لڪائي گهمي ٿو. هڪ انسان جي اندر هڪ ٻيو انسان لڪو پيو آهي. منهنجي اندر هڪ انسان اهو آهي جو پنهنجي اڇا جي خلاف ڪارٽون بڻائيندو آهي، جو پنهنجي خلاف ڪارٽون بڻائيندو آهي، جن لاءِ آزاد آهي، اهو صرف اهي چتر بڻائيندو آهي، جن لاءِ هن جي آتما هن کي مجبور ڪندي آهي.“

        ”ڇا تون آتما ۾ وشواس رکين ٿو؟“

        هن چڙي چيو، مون کي خبر آهي تو جهڙا ماڻهو آتما ۾ وشواس نه ڪندا آهن، ليڪن مان ڪريان ٿو، ڇو جو مون هن دنيا ۾  صرف هلندڙ جسم به ڏٺا آهن، جسم جي هلي رهيا هوندا آهن، ليڪن جن ۾ آتما نه هوندي آهي. جي هلي رهيا هوندا آهن درڍتا سان، ليڪن جن جي ڪٺور چهرن  جي سختي ۽ گهمنڊ جي باوجود به لڳندو آهي، ڄڻ مان انسانن کي نٿو  ڏسان، لوهه جي خالي دٻن کي جهانڪي رهيو آهيان.  مضبوط چمڪندڙ ۽ سهڻي برانڊ وارا رنگين ليبل لڳل سجايل دٻن جي ٻاهران حسين مگر اندران بلڪل کوکلا آهن. توکي ڇا ڪنهن انسان جي کوکليپڻي  کي ڏسي انسان هستيءَ جي کوٽ محسوس نه ٿي آهي؟“

        ”ان ڏس ۾ ضرور ٿيندي آهي، جيئن ڏاڙهي لاهڻ کان پوءِ وارن جي کوٽ محسوس ٿيندي آهي.“

”تو سان بحث ڪرڻ فضول آهي، هن منهن ڦيري پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌو ۽ پوءِ دکي نوع ۾ چيو، ”ائين ته مان چوان نٿو ته منهنجي  اندر مون کان الڳ ڪائي آتما ضرور موجود آهي؛ ليڪن هڪ چتر ضرور آهي، يعني هڪ چتر جي اڇا ضرور  آهي، يعني ان اڇا جي چتر جو چتر ضرور آهي، جنهن کي رچڻ جي مون لڳاتار ساڌنا ڪئي آهي ۽ جو مان اڃا تائين رچي نه سگهيو آهيان. جيتوڻيڪ مون سوين چتر رچيا آهن، مگر مون کي انهن ۾ هڪ به اهڙو چتر نظر نٿو اچي، جنهن کي رچڻ لاءِ مون وٽ لوڇ آهي، تڙپ آهي، کوج آهي. بس کوکلا دٻائي ملي آهن! گهڻو ٿيو، مگر اهو ته معلوم ٿيو ته ان چتر ۾ ڪنهن هنڌ آتما ضرور هئي، جا هينئر اٿي هلي وئي آهي! ”وان گوگ“ جي خالي ڪرسيءَ جيان!“

        مان هن جي بڪ بڪ کان ذرو به متاثر نه ٿيس. هڪ وڪيل  بڪ بڪ کان متاثر ٿيندو به ڪونهي. منهنجو ڌيان ته ان چتر ڏانهن ڇڪجي ويو، جو اڃا اڌورو هو ۽ جو هڪ بورڊ تي ٽنگيل هو، جنهن ۾ هڪ مٽيءَ جي ڪونڊي هئي، جنهن مان گلاب جا گل ليئا پائي رهيا هئا. ڪونڊيءَ کي چير پيل هئا، ڄڻ ڪنهن ان کي هٿوڙي سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

هن چتر جو ڪهڙو ڀاو آهي؟ آهي ڪو بيهودو خيال؟“

        ڪمٽي ان تي چتر ڏانهن وڌي ويو، ۽ ڪجهه ائين کڙو ٿي پيو، ڄڻ ان کي ڪنهن حملي کان بچائي رهيو هو، آهستي چيائين، ”توکي ڀلا مشهور آئرش ڪويءَ  شان اوڪاسيءَ جي ڪوتا جون هي سٽون ڇو ياد هودنيون؟“

        تون گلاب جي گلدستي کي ٽوڙي سگهين ٿو، ليڪن فضا ۾ وري به گلن جي خوشبوءِ رهندي ئي.“

        مان شرمندو ٿي ويس، ڇو جو وڪيل جو هميشه بي انصافيءَ سان واسطو پي رهيو آهي، هو اتياچار ۾ ئي جيئرو رهندو آهي ۽ ان جي ڪميشن کائيندو آهي. مون پنهنجي نظر دريءَ ڏانهن ڪئي، جو منهنجي نظر ان چوکٽ تي پيئي جتي هڪ وڏو ڪارو ڪپڙو پيو هو. مون  اوڏانهن وڌندي چيو، ”هي ڇا آهي؟“

        ”ان کي پهج به نه“ هو چلائي ڇلانگ ماري منهنجي اڳيان اچي بيٺو ”هي چتر مان توکي نٿو ڏيکاري سگهان!“

        ”ڇو؟“

        ”ڇو جو ان کي ڏسڻ لاءِ اکين کي روشني جي ضرورت آهي.“

        ”ڀائي روشني ته منهنجي اکين ۾ آهي. انهن اکين سان مون تنهنجا ٻيا چتر به ڏٺا آهن. انهن اکين سان مان ڇا هي چتر ڏسي نه سگهندس؟“ مون کلندي پڇيو.

        ”ممڪن آهي ڏسي سگهين““ هن پاڻ کي پاسي واري ڪوچ تي سٽيندي چيو، ”ممڪن آهي نه به ڏس يسگهين. هي چتر منهنجي زندگي جي نسڦل گهڙين ۽ ناڪامين جي سڀ کان وڏي ڪهاڻي آهي ۽ ڪوئي به ماڻهو پنهنجي ناڪامي واري نفرت کي ٻين جي اڳيان ظاهر نه ڪندو آهي. هي چتر منهنجي زندگيءَ جي لاثاني تخليق آهي. مان سمجهان ٿو ان کان اتم چتر مان ٻيو ڪو بڻائي نه سگهيو آهيان. ليڪن هيءَ چتر به جي نمائن ۾ مون موڪليو آهي تن ۾ بنا انعام پائڻ جي موٽي آيو آهي. ٻين چترن تي مون کي انيڪ انعام مليا آهن، مگر هن چتر تي داد جو هڪ جملو به نه مليو آهي، انعام ڏيندڙ جج هڪ پل لاءِ فقط ان کي ڏسندا ۽ پوءِ اکيون جهڪائي هليا ويندا آهن. ڇا هو ماڻهو اصل ۾ اکيون نٿا رکن، ڇا هو ڏسي نٿا سگن ته اصل ۾ مون ان ۾ ڏنو ڇا آهي!“

        ”ڇا ڏنو اٿئي؟“ مون هن جي پاسي ۾ ويهندي چيو.

        هن جي نظر ڪاري پردي تي  ڄمي رهي، ڇيائين، ”اها هڪ اداس شام هئي، جڏهن مان هٿ ۾ اسڪيچ بوڪ ۽ پينسل کڻي ڪنهن دلچسپ ڪارٽون جي ڳولار ۾ شهر جي بازارين ۽ گهٽين مان گهمندو ڦرندو، ماڻهن جي نظر کان بچندو، هڪ اهڙي جڳهه تي وڃي پهتس، جتي ان کان اڳ مان ڪڏهن ڪونه آيو هئيس ۽ جتي گهٽيون ايتريون ته تنگ ۽ اونداهيون هيون، جتي نالين ۾ ايترو گند ۽ ايتري بانس هئي، جو مون سوچيو، هتي رهندڙن کي شايد نڪ ٿئي ئي ڪونه، ڇو جو اهو ممڪن نه هو ته ڪنهن انسان جي چهري ۾ نڪ هجي ۽ اهو هتي رهي سگهي. هڪ ٻه جڳهن تي اونداهه سبب ٺوڪرون کائيندي اهو به خيال آيم ته هتي اکين جي به ضرورت نه آهي، ڇو جو اکيون صرف روشنيءَ ۾ ڪم ڪنديون آهن! ۽ روشني بنا  ڪو چتر بڻجي نٿو سگهي ۽ پوءِ مان هتي ڇو ڀٽڪان؟ مون گهٻرائجي آسمان ڏانهن نظر ڪئي، جو ڪارن بادلن سبب گنديءَ ڇت جيان هيٺ جهڪيل هو.“

        ”وڏو بڪ بڪيو آهين، ڀڳوان واسطي پنهنجي پٽي تي اچ.“

        ”وشيه ۽ موڊ ۾ هڪ گهرو ناتو آهي،“ ڪمٽي وياڪل ٿي چيو، ”مان توکي ڪيئن سمجهايان ۽ ڇو سمجهايان – ڪيئن ٻڌايان ته ان هئبتناڪ انڌڪار واري ماحول جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ بزار جي شروعات هئي، جتي اليڪٽرڪ جي هڪ ٿنڀي، اوندهه ۽ روشنيءَ جو ميلاپ ٿي ڪرايو ۽ جتي پوسٽ آفيس جو هڪ ليٽر  باڪس هو، پاڻي  جو هڪ نلڪو هو ۽ جتي هڪ هوٽل جي گند جو هڪ  ڍير هو ۽ چار پنج بکاري فٽ پاٿ تي ويٺا هئا.

        ”ٻڌو!“ مون هن کان پڇيو ”ڀلا انهن کي بکيا جي ڪهڙي ضرورت؟ اتي نه پاڻي هو، روشني هئي، خط وجهڻ لاءِ ليٽر باڪس هو، پاسي ۾ هوٽل هئي، جنهن ۾ سوادي کاڌو هو! انسان کي ٻيو ڇا کپي؟ سٺيءَ ۾ سٺيءَ پليٽ ۾ ڪيتري به جوٺ آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.“

        هن جوش مان چيو ”تون ڇا هر وقت وڪيل بڻيو رهندين؟ ڪڏهن ڪٿي انسان بڻجي نٿو سگهين؟ ڪنهن جي ڪليش ۽ پيڙا جو مذاق اڏائڻ کان سواءِ رهي نٿو  سگهين؟ روشنيءَ ۽ اونداهه جي ميلاپ ۾ تنهنجي آتما ڪنبي ڇو ٿي اٿي؟ ڇو اها سهارو وٺڻ لاءِ هٿ ٿو هڻين، تنهنجو منهنجو ڪهڙو سٻنڌ؟ اڄ تون هڪ چتر ڪار جي گهر ۾  آهين. ٿوري وقت بعد تون  وري پنهنجي صاف ۽ اوجل دنيا ۾ موٽي ويندين ۽ سموري زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن چتر کي ڏسي نه سگهندين، جو مون فيصلو ڪيو آهي ته ان کي ڪنهن به نماءَ ۾ نه موڪليندس! چتر ڪلا جا ڄاڻو  سڀ جا سڀ بس تو جيان صرف سرڪاري وڪيل آهن، ٻيو ڪجهه نه آهن!

        اواڪ اپلڪ، هن جو منهن تڪيندو رهيس. يڪاڪ گهڙيال پنهنجي سيني تي ٽي ڌڪ ٺڪاءُ ڪيا. هن درديلي لهجي ۾ چيو، ”اوندهه وڃي رهي آهي، روشني اچي رهي آهي، ليڪن نه معلوم ڪڏهن ماڻهن جي اکين ۾ روشني ايندي، جڏهن ماڻهو منهنجي ان چتر کي ڏسندا جنهن جي قسمت ۾ مون کي صرف اونده ئي نظر اچي ٿي. مان ان چتر کي وساري نه ٿو سگهان نه ڄاڻان ڪيترن ڏينهن  جي بک ۽ پياس کان ماندي ٿيل اها مجبور بکاري عورت ان ليٽر باڪس جي سهاري خاموش پئي هئي. ٻيا  بکاري ته هلڪو سلڪو آواز ڪري ٻئي ٻانهون مٿي ڪري ڪجهه نه ڪجهه پني رهيا هئا. مگر هوءَ خاموش سڀني کان ڪٽجي فضا کي گهوري رهي هئي. هن کي ڪنهن جي خط جو انتظار هوندو؟ ڪير لکندو هن کي خط. هن  جي ڀاڳ جو ليٽر باڪس کليل ئي ڪٿي آهي! نراشا ۾ ٻڏل عورت بلڪل ننگي عورت پنهنجي اگهاڙپ کان بلڪل بي پرواهه.... صرف شرم  ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي جو ٽڪر هئس، هن تي شايد ايتري ته مٽي چڙهي وئي هئي ڄڻ گندگي جي ڍير تي هڪ ڪٽ چڙهيل لوهه جو نڪمو، وئرٿ، ڪجسو لوهه جو ٽڪر، شايد هوءَ استري ڪڏهن گلاب هوندي. اها ڇاتي بدصورت ڪنهن معصوم ٻار جي کير جو پيالو بڻي هوندي. شايد هن جي چپن جي ڪومل پنکڙين مان ڪنهن شاعر کي گلن جي خوشبوءِ آئي هوندي. شايد ڪنهن زماني ۾ هوءَ عورت به سهڻي گلدستي ۾ سهڻي گل جيان رکي وئي هوندي، ليڪن اڄ اهو گلدستو ٽٽي ويو آهي، اڄ اهو گلاب مسليو ويو آهي. اڄ ان گلاب جي سڳنڌ نه رهي آهي. شايد شان اوڪاسيءَ جو چيو آهي، سو بلڪل ڪوڙ آهي ته، تون گلدستي کي ٽوڙي سگهين ٿو. ليڪن فضا ۾ وري به گلن جي خوشبوءِ رهندي ئي! ڪٿي آهي شان او ڪاسي؟  هو پنهنجي آئرلينڊ جي سندر ڀومي ڇڏي اچي هن عورت وٽ ۽ اچي ان جي ڪهاڻي ٻڌي! مون ته اڃا اهو فيصلو به نه ڪيو هو ته اهو چتر هو يا ڪارٽون، منهنجو ته اسڪيچ –بوڪ ئي اڃا کلي نه سگهيو هو، جو ڏسندي پوليس  جيپ بيهڻ جو آواز آيو. آواز مٿان آواز ڄڻ شهر جو صحت وزير ان ماحول مان لنگهي رهيو هو. آمدرفت هٽائي ٿي وئي. هورڙيان بکاري فٽ پاٿ تان ڀڄڻ لڳا، ليڪن مون ڏٺو اها عورت، مجبور ننگي عورت ئي اتي جي اتي بي فڪر پئي رهي.

        پوليس جي هڪ جيپ ليٽر باڪس وٽ اچي بيٺي. ٻه نيري ورديءَ وارا، تنهنجي انصاف جا رکيڪ ٻه پوليس وارا جيپ مان لهي، ان عورت وٽ آيا ۽  چلائي چيائون ”اڙي اٿ هتان! ڏسين نٿي هتان وزير صاحب لنگهي رهيو آهي.“

        ان عورت پهرين پنهنجين مجبور نگاهن کي اوسي پاسي ڦيرايو ۽ پوءِ ننگي جسم ڏانهن نهاريو. هن آنسو ڀريل اکين جون پلڪون مٿي ڪيون، ليڪن اکين جي ٻولي ڇا هر ڪو ڄاڻي ٿو؟ سپاهين وري چلايو، ”اڙي اٿ هتان!“ ٻنهين هن کي اٿارڻ چاهيو. هوءَ گهٻرائجي پنهنجو پاڻ اٿي کڙي ٿي. هينئر هوءِ بلڪل ننگي هئي، سندس سڄي جسم تي ڪپڙي جو هڪ به ٽڪر نه هو. هن اڃا به وڌيڪ گهٻرائجي، هيٺ جهڪي اهو ڪپڙو کنيو ۽  شايد سوچيو ته آخر هوءَ بدن جي ڪهڙي حصي کي ڍڪي! اوچتو هن پنهنجي هر طرف نر لڄ نگاهن کي ڏٺو، جيڪي ڄڻ هن جي انگ انگ ۾ چير ڪري هن جي اندر گهڙي رهيون هيون. ان عورت نهايت گهٻراهٽ ۽ شرم وچان پنهنجا ٻئي هٿ اڳيان  وڌائي پنهنجي منهن ڪپڙي جي  ان ٽڪر ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ باقي سڄي بدن کي اگهاڙو ڇڏي، هوءَ آهستي آهستي اڳيان و‎ڌڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com