سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رڻ ۽ رڃ جو اتهاس

باب:

صفحو :9

ناٽڪ (1988-1947ع)

(پرومي ٿيوس (Prome Theus) يوناني ڏندڪٿا ۾ دنيا جو پهريون باغي آهي. ان يونان جي سڀ کان سگهاري ديوتا زيوس جي ڊڪٽيٽرشپ کان بغاوت ڪئي ۽ هيٺ زمين تي پيل بي ڪار انساني مخلوق کي سگهاري ٿيڻ ۽ غلاميءَ جي شرمناڪ ذليل زندگيءَ تي سوڀ ماڻڻ جا راز ٻڌايا هئا، جن مان هڪ آڳ جو استعمال به هو. موٽ ۾ پرومي ٿيوس تي، زيوس جو ڏمر نازل ٿيو ۽ ان جي آرڊر هيٺ، پرومي ٿيوس کي ڪوهه قاف پهاڙ جي چوٽيءَ تي زنجيرن سان ٻڌي، مٿس هڪڙي ڳجهه جي ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪا رات ٿيڻ تائين، سڄو ڏينهن پرومي ٿيوس جو ماس پٽيندي هئي. زيوس جو حڪم هو ته جيسين تائين پرومي ٿيوس معافي نٿوگهري، تيسين ائين کيس انهيءَ مسلسل عذاب ۾ مبتلا رکيو وڃي. پرومي ٿيوس ٽيهه هزار سال اها سزا ڀوڳي. پرومي ٿيوس جي ڪردار کي سڀ کان پهرين مشهور يوناني ناٽڪ ڪار ايس ڪائي لس (Aeschylus) ادب ۾ امرتا ڏني. ايس ڪائي ليس، پرومي ٿيوس جي ڪهاڻي ٽن حصن ۾ بيان ڪري ٿو:

(1)  Prometheus fire bringer

(2) Prometheus bound

(3) Prometheus unbound

پر ڇا اڄ جي اسٽيج جو الميا ناٽڪ ڪونهي!؟ پرومي ٿيوس!!؟ ڪنهن ڊڪٽيٽر جي آرڊر هيٺ مسلسل سزا ڀوڳيندڙ ۽ ڳجهن کي پنهنجو ماس کارائيندڙ. شايد اها سزا به ٽيهه هزار سال طويل هجي. يا ان کان به طويل – يا – اُن – کان – به!!؟؟ ـــــ ان کان اڳتي سوال جون نشانيون باقي رهجي وڃن ٿيون.

درٻار

سڀني کان اوچائي تي رکيل ڪرسي.

(اسان انهيءَ ڪرسيءَ جي پاين سان ٻڌل مخلوق آهيون)

۽ اُن تي ويٺل وردي پوش ديوتا زيوس پنهنجون گول اکيون ڦيرائي چئني پاسي نهار ڪري ٿو (مالڪ جي وفادار ڪتن تي پوندڙ نهار ۽ ڪتا!! بيمار، ٿڪل، نٻل ۽ نِستا ٿي، ڄڀ ڪڍي سهڪندڙ، پنهنجا ئي پراڻا، جڳن جا ڦٽ چٽيندڙ ڪتا) بظاهر اهي ئي چهرا ماڻهن جا، قطار ۾، ڪنڌ نوايو ويٺل ۽ ڪنهن اڻ ڄاتي، اڻ ڪئي ڏوهه تي شرمسار.

ڪجهه ٻيا به ڪردار

زيوس جا محافظ/زيوس جا وزير/زيوس جا جلاد/زيوس طرفان مڙهيل الزام ثابت ڪندڙ وڪيل/ ڪتا/چٻرا/گدڙ/بگهڙ/ ڪُئا/ نانگ/ڳجهون/ماڪوڙا/ماڪوڙيون، ننڍڙيون – ننڍڙيون – ما – ڪ – و – ڙ – يو – ن – انهن مان ڪجهه، هڪ ٻي کان پري. هِتي، هُتي، ويٺلن ۾، بيٺلن ۾، اُهي به آهن، جن پرومي ٿيوس کان سگهاري ٿيڻ ۽ غلاميءَ جي ذليل زندگيءَ کان انڪار جو احساس ماڻيو آهي (انڪار سگهه آهي).

اُهي ”ڪجهه“ پنهنجي اندر ۾ هر هر ڪنڌ کڻي وٺن ٿا. جيتوڻيڪ بظاهر انهن جا به ڪنڌ جهڪيل آهن.

 

(ڪنڌ کڻي سگهڻ/ڪنڌ کڻي سگهڻ جو احساس ماڻڻ/ڪنڌ کڻي سگهڻ جي سگهه کي پاڻ مان ئي ماڻي سگهڻ کي وڏي معنيٰ آهي.)

 

زيوس انهيءَ معنيٰ کي، اُنهن ”ڪجهه“ جي اندر مان پاڙان پٽي ڪڍڻ لاءِ باغيءَ کي درٻار ۾ گهرايو آهي.

زيوس ورديءَ ۾ اندر ڪيترو ننگو آهي، اهو هو پاڻ به ڄاڻي ٿو ۽ ٻيا به ڄاڻن ٿا ۽ اهو به ته زيوس جا لانگ بوٽ اُن جي سائيز کان ننڍا ۽ سوڙها آهن ۽ اهو به ته زيوس زوريءَ ڇڪي اهي بوٽ پيرن ۾ چاڙهيا آهن ۽ اهو به ته انهن اندر هن جا پير پاڻيءَ ۾ پيل لاش جيان سُڄي نيرا ٿي چڪا آهن.

تڏهن به سڀ (انهيءَ سڀ ۾ ڪجهه اُهي به آهن، جن انڪار ڪري سگهڻ جي احساس کي ته ماڻيو آهي، پر بظاهر جن جا ڪنڌ جهڪيل آهن – پرومي ٿيوس جي سزا ڏسي اڃا انهن جي رڳن ۾ خوف جو ڪارو نانگ سُرندو رهي ٿو) اُن جي اطاعت لاءِ، اُن طرفان مڙهيل انڌي قانون ۽ اُن قانون هيٺ عطا ٿيل ذليل زندگيءَ کي محض گذارڻ خاطر گذارڻ لاءِ مجبور آهن.

ان ذليل زندگيءَ جا ذليل ترين اُصول/شرط:

اطاعت کان انڪار نه ڪرڻ

ڪنڌ گوڏن تي ۽ اکيون پيرن تي رکي ساهه کڻڻ

محض – سا – هه – هه – هه – هه – کڻڻ!!؟-؟؟

اچي – هيءَ ڊگهي سڙڪ آهي – سڌي ۽ اڻ کٽ.

ڊوڙ

ڊوڙ انهيءَ تي

ڊوڙ

ا – ڃا – به – تيز –

اڃا به تيز

ڊوڙ

هُن سري تائين (۽ سرو آهي ئي ڪونه)

ساهه ڀرجي اچي، تڏهن به

ساهه ڇڄڻ لڳي، تڏهن به

ڪٿي به – ڪنهن به اڌ تي – ڪِرڻ کان پوءِ به

ٻيهر اُٿي

ٻيهر ڊوڙ

هن سِري کان هُن سِري تائين/هُن سِري کان هِن سِري تائين (۽ سِرا آهن ئي ڪونه)

۽ - ۽ - ڊ – و – و – و – ڙ –

باغي ان سزا جي ليڪ تي ڊوڙندو رهيو آهي

ڊوڙندو رهيو آهي

مسلسل ڊوڙندو رهيو آهي

ساهه جو هانبارو

هه – هه – هه – هه –

اُٻڙڪو

آخ

آ

آ – خ –

ٿو

و.

۽ ڳلي کان وات ۾ ڀرجي آيل ڪرهت ۽ نفرت جي ٿُڪ هو ٻيهر ڳڙڪائي ٿو ڇڏي ۽ اها هن جي مجبوري آهي (انتهائي مجبوري) اها ئي مجبوري کيس اُٻڙڪو ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ اُٻڙڪو ئي سندس بغاوت آهي.

انڪار کان پهرين هو ڪرهت جي انهيءَ احساس کي سالن ڪنان ڀوڳيندو آيو آهي.

Nausea جي ڪيفيت

ڏٺل منظرن تي هانءُ ڪچو ٿيندڙ

هي هُن جا پير چٽي رهيو آهي

هو هُن جا

۽ اُهو ـــــ هن جا.

هر ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ سگهاري جا پير چٽي رهيو آهي. شل ٿي ويل زبان. سُڪي ٺوٺ ٿي ويل چپ ۽ ڏندن هيٺ ڀُرندڙ ريتي.

 

جيئري ماڻهوءَ کي مئل ماڻهوءَ جو ماس کائڻ جو آرڊر

جيئري ماڻهوءَ کي جيئري ماڻهوءَ جو ماس کائڻ جو آرڊر

ماڻهو، ماڻهوءَ جو ماس کائڻ کان پوءِ وڌيڪ سڀاويڪ نوع ۾ جانور بڻجي سگهي ٿو ۽ جانور بڻجڻ کان پوءِ اُن ۾ پاليل ڪتي جون خصلتون حاصل ٿيندڙ. اهو ئي ته زيوس کي گهربل آهي.

ماڻهو نه،

ڪُتا.

پاليل ڪتا.

ٻُڌ

پرومي ٿيوس!!

مڙهيل الزامن جي فهرست

(تنهنجو انهن سان سهمت هئڻ/نه هئڻ ضروري ڪونهي)

تو زيوس کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهو ڄاڻندي به ته زيوس ڪيڏو سگهارو آهي. تو زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي نه رڳو نهاريو، پر پنهنجي نهار ۾ اُن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جو به اظهار ڪيو. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته زيوس جو سگهارو هئڻ قدرتي آهي ۽ سگهاري جي اطاعت ڪرڻ توتي/اوهان سڀني تي لازم آهي. ڇا زيوس جي اطاعت کان فرار ممڪن آهي تو لاءِ/ٻين لاءِ!!؟؟.

ٻُڌ پرومي ٿيوس!.

تنهنجون پاڙون غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ لٿل آهن، هاڻي ان ڪري تون پنهنجي بي وسيءَ جو اعتراف ڪر. اعتراف ڪر ته – تون نه رڳو بي وس آهين، پر معذور به آهين. نه سوچي سگهندڙ، نه ڳالهائي سگهندڙ، نه ٻڌي سگهندڙ، نه ڏسي سگهندڙ، معذور. بس توکي ساهه کڻڻ جو آرڊر هو/آهي/رهندو.

تون پنهنجا هٿ ڪشڪول جيان جهلي بيهه ۽ بيٺو رهه زيوس جي اڳيان، ان ڪري نه ته توکي ڪجهه گهرڻ جو اڌيڪار آهي، ان ڪري ته تنهنجي ائين بيهڻ سان زيوس جي سگهاري هئڻ جو احساس ٿئي ٿو. پر تو پنهنجا ٻئي هٿ ڪشڪول ڪرڻ بدران، مُٺيون ڀيڙي ڇڏيون ۽ انهن کي زيوس جي اکين اڳيان لهرائڻ لڳين!!.

پرومي ٿيوس! تو رياست جو اُهو سسٽم بدلائڻ چاهيو، جنهن هيٺ زيوس حاڪم آهي ۽ تون ۽ ٻيا سڀ محڪوم. تو اها ڪامنا ڪئي ته مخلوق، ماڪوڙين جهڙي ننڍڙي، جيتامڙي، بي ضرر، بيڪار ۽ بي وس مخلوق پنهنجي گهڻائيءَ ۾ هئڻ ڪري پاڻ ئي پنهنجي جيئڻ لاءِ فيصلا ڪري ۽ زيوس، جيڪو سڀ کان سگهارو ۽ مٿاهون آهي، اُهو بي سگهو ٿئي.

اها تنهنجي ڀل هئي پرومي ٿيوس!

اهو تنهنجو پاڳل پڻو هو.

توکي انهن ڪارڻن جو اندازو ئي نه هو، جيڪي زيوس کي گهڻائيءَ تي قابض رهڻ ۽ انهن جي مرضيءَ کي اهميت ڏيڻ کان سواءِ، انهن جي ڀاڳ کي پنهنجي مرضي ۽ مفاد آهر ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو اختيار ڏين ٿا.

سو تون ڏوهاري آهين پرومي ٿيوس!

باغي آهين

غدار آهين.

۽ ڏس – چڱيءَ طرح سان ڏسي وٺ ته تون زيوس اڳيان ڪيڏو هيڻو، بي وس ۽ هارايل آهين – تون – تو – ن – ن – پ – ر – و – مي – ٿ – يو – س – س –

الزامن جي فهرست ڳڻائيندي، زيوس پاران مقرر ڪيل وڪيل جو ساهه ڀرجي ٿو اچي ۽ اچانڪ هن کي لڳي ٿو ته هن جي پتلون جا بخيا اُڊڙجندا ٿا وڃن ۽ هو ڀريل درٻار ۾ ننگو ٿي رهيو آهي ۽ پرومي ٿيس جون اکيون ان جي اڊڙيل پتلون جي اندر ڏسي سگهن ٿيون.

مڙهيل الزامن تي

تاڙين جو ڦهڪو

گڏيل آواز (ڪجهه کي ڇڏي ۽ اُهي ڪجهه ساهه جي ڏور پڪڙي بيهڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل آهن. پنهنجي ئي اندر ڪنڌ کڻي زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي نهارڻ جي ڪامنا هيٺ دٻيل آهن. ڪامنا، جيڪا پهاڙ تان ٿاٻو کائي هيٺاهينءَ ڏانهن مسلسل بولاٽيون کائي ڪِرندڙ ڇپ جيان آهي. ڇپ جي گونج، پاريل جيان، انهن جي بند قلف چڙهيل وجودن اندر، ديوارن سان ٽڪرائجي زخمي ٿيندڙ ـــــــــ)

اسان زيوس سان سهمت آهيون

زيوس سچو آهي

سگهارو آهي

اُتم آهي

امر

آهي

هو سڀ ننگا آهن

هو سڀ زيوس جي ورديءَ ۾ ڇُپڻ ٿا چاهين

زيوس جي وردي، زيوس کي به سوڙهي پئجي ويل.

هو سڀ زيوس جي بوٽن ۽ جورابن ۾، ورديءَ جي کيسن ۾ لڪي وڃڻ چاهين ٿا،

ظاهر ٿيندڙ ننگائپ کان پناهه پائڻ لاءِ

پناهه

زيوس،

اسان کي پناهه ڏي

هنن جي گهوريندڙ اکين کان

جيڪي اسان کي هُن پار تائين ڏسي سگهن ٿيون.

(باغيءَ جون اکيون تارازيءَ وانگر ٿينديون آهن.)

سڀني کان الڳ

ڪجهه مٿاهين تي

زنجيرن ۾ ٻڌل پرومي ٿيوس

زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي، هڪ ٽڪ نهاريندڙ، باز جيان. ڄڻ هن جي نيڻ نهار اجهو، هن ئي پل، زيوس کي جهپي وٺندي .

مان ڳالهائڻ ٿو چاهيان زيوس!

اِن لاءِ نه ته مان پنهنجي سزا ۾ ڪائي ڪمي/نرمي ٿو چاهيان يا منهنجيءَ آتما کي خوف جو سُرو هوريان هوريان/اندران ئي اندران کائي رهيو آهي يا اهو ته مان ڪو سمجهوتو چاهيان ٿو. نه، اهڙي ڪائي ڳالهه ڪانهي. مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ان ڪري ته اهو مان پنهنجو حق سمجهان ٿو. ڳالهائڻ سان مان اهو ويساهه ٿو ماڻيان ته منهنجي سگهه اڃا ٿڪي ناهي. مان اڃا مئو ناهيان. پنهنجي پاڻ کي محسوس ٿو ڪرڻ چاهيان، ڪنهن به ماڻهوءَ جي رڙ جيان، جيڪا ڏاڍ هيٺ پيڙهجندي بي اختيار ٿي گونجي ٿي.

تون مون کي ٻڌين پيو نه زيوس!

تون مون کي نه به ٻڌين ته مون لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. جيئن مون کي ٻڌڻ/نه ٻڌڻ سان تولاءِ ڪو فرق نٿو پوي. تنهنجن پيرن هيٺ چيڀاٽجندڙ انساني مخلوق جي پيڙا ۽ انهيءَ پيڙا جي رد عمل کان عمل ۾ آيل ذلت جو احساس ته هو بهرحال سگهه جي اڳيان بي سگها آهن، ۽ ان ئي ڪري هو انساني جسم جي اندر/ٻاهر حيواني عمل/احساس لاءِ مجبور آهن. مان ان سڀڪجهه کان انڪار ڪريان ٿو. مان ڄاڻان ٿو ته احساس کي جسماني سگهه نه برابر ٿيندي آهي پر هوريان هوريان احساس جسماني سگهه کان وڌيڪ سگهارو بڻجي ويندو آهي. زيوس! مان اُن احساس کي ماڻيان ٿو انهيءَ ذلت مان، جيڪا تو طرفان مون تي/ٻين تي مڙهيل آهي. پر مان احساس کي اڪيلو ۽ محض پنهنجي لاءِ نٿو ماڻيان، پر ٻين کي به انهيءَ سان ڳنڍيان ٿو. ان لاءِ ته هو اهو ڄاڻي سگهن ته هو ڳالهائي/ٻڌي/ڏسي/سوچي سگهن ٿا. انهن جي جسماني چرپر محض حيواني نوع جي نه، تنهنجي اطاعت لاءِ نه، پر پنهنجي لاءِ آهي، پنهنجي وجود جي بقاءَ ۽ بچاءَ لاءِ . هو، جيڪي اُونداهيءَ جي پاتال ۾ پئي پئي بوءِ ڏيڻ لڳا آهن، روشنيءَ جي وجود کان اڻڄاڻ هئا. تو هنن کي محض ان ڪري اونداهيءَ ۾ رکيو ته جيئن هنن وٽ پنهنجي سڃاڻپ نه رهي – پر زيوس! هنن وٽ پنهنجا چهرا آهن. مون هنن جي چهرن جي اڳيان آڳ روشن ڪئي آهي. آڳ، جيڪا روشنيءَ جيان هنن جي اکين ۾ ڀرجي وئي آهي ۽ جنهن جي گرميءَ ۾ هنن جا ٿڌاپيل وجود ساهه کڻڻ لڳا، ان معنيٰ ۾ ته هو پنهنجي اندر ۾ پنهنجو الڳ انساني وجود رکن ٿا.

زيوس! مون کي/هنن کي، جسماني سطح تي چيڀاٽي/چيچلائي/ لتاڙي/ماري سگهجي ٿو يا ڪنهن به سزا جي ايذاءُ کي جڳن تائين ڦهلائي سگهجي ٿو، پر ائين ڪرڻ کان پوءِ به مان سمجهان ٿو ويساهه، اويساهيءَ ۾ نٿو بدلجي سگهي. جيئن سج جو منهن ڪارو نٿو ڪري سگهجي يا چنڊ کي هٿ تريءَ سان نٿو ڍڪي سگهجي يا رات جي ڪک مان صبح جو جنم نٿو روڪي سگهجي .

درٻار ۾

سناٽو

س – ن – ا – ٽ – و –

- و – و – و – و –

زيوس جي اندر، ڪنهن ڪنڊ ۾، ڪو احساس ڪمزور پوندڙ.

اويساهي پنهنجيءَ سگهه تي.

(اويساهيءَ جو احساس پنهنجي ئي سگهه تي، ڪنهن به سگهاري کي تڏهن ويڙهي سگهي ٿو، جڏهن اڳلي جي هيڻائپ انهيءَ سڃاڻپ ۾ بدلجي وڃي ته هو هيڻو آهي ۽ اُن سڃاڻپ جي اڳيان سوال جي نشاني اُڀري اچي – ڇو؟)

ان لاءِ نه ته زيوس سگهارو آهي

مٿاهون آهي

امر آهي

ان لاءِ ته پرومي ٿيوس جي سگهه ۾ بدلجندڙ هيڻائپ زيوس کي رعايااڳيان بي معنيٰ ڪري سگهي ٿي. هو زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاري سگهن ٿا. هو زيوس جي پيرن هيٺ آيل زمين جي اندران، تهائين اندران کان ڏيئي جي وٽ مان اُٿندڙ دونهينءَ جي لهر جيان، ور وڪڙ کائيندا، مٿاهينءَ ڏانهن اُڀري سگهن ٿا، ڀوَ جي انهيءَ ڀاونا هيٺ.

پرومي ٿيوس تي سزا ٿي مڙهي وڃي.

درٻار ۾

سناٽو

س – ن – ا – ٽ – و –

- و – و – و – و –

پرومي ٿيوس کي چؤواٽي تي سؤ ڦٽڪن جي سزا

چؤواٽي تي مڙي گڏ ٿيل رعيت جي عبرت لاءِ.

 

(رعيت،

اکيون سختيءَ سان ٻوٽيل، ڀوَ جي اُن احساس هيٺ، جيڪو اُن منظر کي ڏسي اُڀري ٿو.

ڪنن ۾، تپايل لوهي شيخن جيان زوريءَ گهيڙايل آڱريون ۽ ڏندن هيٺ آيل ڄڀ رتورت ٿي ويل

اُهو ئي رت نڙيءَ ۾ ڀرجي آيل

رعيت)

آخري منظر:

ڪارونجهر پهاڙ جي چوٽيءَ تي

زنجيرن ۾ ٻڌل پرومي ٿيوس

ليڙون ليڙون ٿيل جسم

اکيون/ڪن/ڄڀ رتورت ٿيل

هٿ/ڪرايون/آڱريون، سرءُ جي پنن جيان ڇڻي پيل

۽ پرومي ٿيوس جي مٿان، گول، دائري ۾، چڪر ڪاٽيندڙ ڳجهه رڙيون ڪندڙ

ڪنهن آدم خور وحشيءَ جيان رقص ڪندڙ

۽ هر چڪر مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هوءَ پرومي ٿيوس جو جيرو اچي پٽي ٿي – پٽيندي رهي ٿي.

چاليهه پل/چاليهه ڏينهن/چاليهه مهينا/چاليهه سال/چاليهه هزار سال

اڃا – به – نه – ڄاڻ – ڪيترو – نه – ڄاڻ – ڪ – ي – ت – ر – و - !!-!؟-

ائين ته ٿيڻو آهي

هجوم کي چيريندو، ٽريفڪ هيٺان ايندي ايندي، پاڻ بچائيندو، ڊوڙندو (ڄڻ نيئر ڇنائي ڀڳو هجي) بس اسٽينڊ تائين پهتو هو. بس کانئس هڪ پل اڳ نڪري چڪي هئي. ڪلهي تي ٽنگيل ٿيلهو تهائين گهڻو ڳرو ٿي پيو هئس، ان احساس کان پوءِ ته اڄ به گذريل ڪيترن ڏينهن وانگر ڳوٺ واري بس کانئس نڪري وئي آهي.

مان ڳوٺ پهچي ئي نه سگهندس، ڪڏهن به. شايد مان پنهنجا سمورا ٻيڙا ساڙي هتي پهتو آهيان! ڇا ڇا سڙي رک ٿي چڪو آهي، انهن ٻيڙن سان گڏ!؟

پيءُ خط ۾ ڄڻ لڙڪ پوئي مڪيا هئس.

ابا! هيل مينهن پيائي ڪونه، وڏيري به پاڻي ڪونه ڏنو. سو فصل به نالي ماتر ٿيو اَن جا ٻه ٽي خرار ٿيا جيڪي ڇهه مهينا به مس ڇڪي پورا ڪندا. مٿان قهر اهو ٿيو جو اسان جي ستي رات جو گهر کي اچي باهه لڳي. ڪکائون گهر سو اصل منٽ ٿي ويا. ڪيئن لڳي سا خبر خدا کي. ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي بس ابا!، ڏاڍن  سان ڪير پڄي جيئن ٿو وڻين، تيئن ٿا ڪن. ڪک به ميڙِي سيڙهي وري به کڻي جُهڳا کڙا ڪنداسون پر – جي – ٻيهر – به – ؟

ماءُ لکيو هئس،

ابا – لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي – پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

بس نڪري وڃڻ کانپوءِ، موٽندي خيال اچيس ٿو، ڇا مان آپگهات ڪري سگهان ٿو؟

ڇا ايترو ساهس آهي مون ۾!؟

ساهس!؟

ڇا مون ۾ اُهو منظر ڏسڻ جو ساهسُ آهي!؟

سڙي رک ٿيل ڪکن جي ڍير تي ويٺل پوڙهو پيءُ ڪک – ڪک، ميڙي سيڙهي، ڦاٽل ۽ ميري پوتيءَ جي پلاند ۾ ڀريندڙ ماءُ.

۽

۽

آهي مون ۾ ساهس ڀيڻ جي اکين ۾ نهارڻ جو، جنهن جي عزت بچائيندي بچائيندي هو / پيءُ/ماءُ ٿڪجي نستا ٿي پيا آهن.

ع-ز-ت-ب-چ-ا-ئيند-ي-ي-دي-دي.

سڙڪ پار ڪندي ٿاٻو کائي ٿو.

ذهن کي آڪٽوپس جيان چهٽل ساروڻي،

لوڻي واريءَ لپاٽ جي.

ڀيڻسان................

ماءُ جا ..........

ڪتي .....جا..ڦر

ڀيڻهين کي... ته....

ما....ڻهين....کي....

ٺڪاءُ

هيءُ ته وٺ پنج...

پنجئي آڱريون سندس منهن تي ڇپجي ويل. اڄ تائين ڇپيل. سڙڪ پار ڪندي اهائي ساروڻي ايندي ٿاٻو کائي ٿو. جنهن شخص سان ٽڪرائجي ٿو، اُهو ”انڌو“ ٿو چئيس پر گار ڏيڻ واري نوع ۾. جنهن ڪار کي سندس مٿان چڙهندي چڙهندي روڪڻ لاءِ بريڪ هڻڻو ٿو پوي، انهيءَ جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل جي اکين جي گهور ۽ ڄڀ کيس ڄڻ وچ سڙڪ تي ننگو ڪريو وجهن.

سا...لا... باسٽر... حرا....ا...م..ز...ا...د..

پينٽ جي اندر سندس سنهڙيون ٽنگون سُن ٿيو پون.

سر!

مان ساهه کڻڻ ٿو چاهيان. مان ساهه کڻڻ جي سخت ضرورت ٿو محسوس ڪيان. گذريل ڪيترن ڏينهن کان مون ساهه کنيو ئي ڪونهي. مشين کي پيٽرول کانسواءِ ڇا ڦرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي ٿو؟ سو مان به بيهي رهيو آهيان. بيٺي خراب پيو ٿيان. جيترو پگهار مان کڻان ٿو سر!، ان ۾ مان پنهنجا Geniunparts به نٿو افورڊ ڪري سگهان مون کي اميد آهي ته اوهان منهنجي ان گذارش تي ضرور ڌيان ڏيندا ۽ مون کي آفيشلي ساهه کڻڻ جي اجازت ڏني ويندي. اوهانجو تعبيدار نوڪر – نوڪر-نوڪر.

(اها درخواست هن جون اکيون باس جي ٽيبل تي وڇايل شيشي تي لکنديون آهن. شيشي ۾ هن جو چهرو ڏسندي ئي ڏسندي، ڌنڌلائجي گم ٿي ويندو آهي ۽ عين اُنهيءَ جاءِ تي پيپر ويٽ رکيو هوندو آهي. هن ۾ ۽ پيپر ويٽ ۾ ڪائي مناسبت ته آهي! ڪيترا ڀيرا هن پوري شدت مان چاهيو هوندو ته هو اهو پيپر ويٽ باس جي مٿي تي وهائي ڪڍي. ان خواهش جي دٻاءَ هيٺ هو ڪرسيءَ جون ٻئي ٻانهون ڄڻ سوگهيون پڪڙي وٺندو آهي.)

ڳوٺ واري بس ڄڻ سدائين لاءِ هن کان ڇڏائجي وئي آهي. رستا اُبتا ٿي پيا آهن ۽ هو ورجاءَ جي ڪُن ۾ ڦاسي پيو آهي. ذلتون ۽ شڪستون ڍوئيندڙ ورجاءُ. پنهنجي بدنما ماضيءَ کان نه ڪٽجي سگهجندڙ. ماضيءَ کان ڪٽجي سگهڻ جي خواهش هيٺ هو اڃا به تکو – اڃان به تکو اڳتي ڏانهن ڊوڙي ٿو. بظاهر آئيندي ڏانهن پر آئيندو آهي ڪونه، آئيندي کي به هي گذرجندڙ حال ڳڙڪائي ويو آهي. بلڪل ائين، جيئن وڏي مڇي، ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائي وجهندي آهي.

هو آهي ڇا؟/ ڇا هو ؟/ ڇا بڻجي سگهي ٿو ؟/ ڇا بڻجي سگهندو نيٺ به ؟

غلام!؟

اِبن غلام؟

اِبن غلام؟

تعبيدار – نوڪر!.

ورثي ۾ مليل اُهائي لوڻي واري لپاٽ!

منهن تي گهروڙي رکيل بجو.

ابا! هتي پير ڦٻائي نه سگهندين. هليو وڃ هتان.

ڪيڏانهن وڃان؟

ڪيڏانهن به وڃ. جتي پير ڦٻائي سگهين.

تون سمجهين ٿو اهڙي ڪائي جاءِ آهي جتي مان پير ڦٻائي بيهي سگهان!؟- ٻڌاءِ- ڪڇين ڇو نٿو! اهي لپاٽون، گاريون، بُجا، تو به سٺا – مان به سهي ويندس-تنهنجي پيءُ به ته اهوئي ڪجهه سٺو نه!-اُن جي پيءُ به –مان به ته ان سموري چڪر جو حصو ئي ته هيان!!. مان به – سهي – و – يند- س –

ها، سچ ٿو چئين تون. جي منهنجو ڏاڏو اهو سڀ نه سهي ها. نابري واري ڇڏي ها ان کان، ته اڄ گهٽ  ۾ گهٽ توکي اهي ڏاڍ مڙسيون نه سهڻيون پون ها. پر تو تائين ايندي ايندي، وچ ۾ منهنجو پيءُ ۽ مان به، ڏاڏي – پڙ ڏاڏي کان ساڳيو ورثو گهليندا آيا آهيون.

پوءِ ڇو ٿو مون کي هتان نڪرڻ لاءِ چئين؟

تڏهن مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته اُن هٿ کي به پڪڙي، روڪي سگهجي ٿو جيڪو لپاٽ هڻڻ لاءِ کڄي ٿو. مان پڙهيو به ڪونه هئس لفظ ڳالهائيندا آهن، انهيءَ جي ڄاڻ مون کي تڏهن پئي، جڏهن تو پهرين ڀيرو مون کان پڇيو هو ته بابا!،-اسان هيڻا آهيون، انهيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

هو ڏاڍا آهن، انهيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

اهو ته مان اڄ به سوچيندو آهيان.

تڏهن ته چوانءِ ٿو ته هليو وڃ هتان. نوڪري وڃي ڪر شهر ۾. انبوهه ماڻهن جا آهن. ڪير ڪنهن کي ڪونه سڃاڻي. سڀ ڪو پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪفنيءَ ۾ ويڙهيو، لڪيو گهمي. تون به ڪا ڪنڊ وٺي پنهنجي ڪفنيءَ ۾ لڪيو پيو هججانءِ .

هو شهر آيو

ڪفن ورتائين

۽ شهر جي انبوهه ۾ دفن ٿي ويو.

شهر ۾ ڪو عيسيٰ ڪونه هو، ان ڪري مُئل جيئرا ٿي نه ٿي سگهيا.

شهر ۾ دفن ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي لتاڙيل وجود لاءِ ڪائي معنيٰ پائڻ بدران، تهائين گهڻو بي معنيٰ، بيڪار، فضول شيءِ بڻجي پيو. شهر اچي هو شخص نه رهيو. شيءِ/چيز بڻجي پيو. پڻس مُڪيو هئس پنهنجو وڃايل شخص پائڻ لاءِ. وڃايل شخص، جيڪو شهر پهچڻ کان پهرين Feudalism جي کوھه ۾ پيل ڏيڏر جيان آهي. گذريل پيڙهين کان Feudal Lords جي مفاد ۾ استعمال ٿيندڙ. رشتن ناتن سان commited آهي ڪونه، ڪيو ويو آهي. اهو ئي اڪيلو طريقو آهي، ان کي کٽ جي پائي سان ٻڌي رکڻ جو. ڊارون جي فلسفي موجب هڪڙو جانور، ارتقا ڏانهن وڌندڙ جانور. انهيءَ سسٽم ۾ مِس فِٽ هئڻ جي احساس جي دٻاءَ هيٺ پيڙهجندي اهو ئي شخص/جانور جڏهن شهر پهچي ٿو ته جيوَ مان مشين جو پرزو بڻجيو پوي. ٽيڪنالاجيڪل انقلاب جي تيز وهڪري ۾ ڪک پن جيان لڙهي ويل. ضرورتن/ خواهشن جي ڍير هيٺ دٻيل. ڪارل مارڪس صنعتڪار کي انهيءَ کدڙي کان به ابتر ڄاڻايو آهي، جيڪو هر نوع جا ذليل انداز استعمال ڪري سگهي ٿو پنهنجي مالڪ کان ڪائي رعايت پائڻ لاءِ. صنعتڪار اشتهاز بازيءَ جي صورت ۾ ان کدڙي کان به شرمناڪ طريقا آزمائي ٿو گراهڪ کي ڦاسائڻ لاءِ. گراهڪ، جيڪو اُهو ئي عام شخص آهي. اُن جون دٻيل خواهشون/ضرورتون اُن جو رت ولوڙڻ شروع ڪن ٿيون اُنهن خواهشن/ضرورتن کي پائڻ لاءِ هو هيٺ، اڃا هيٺ، پاتال ڏانهن ڪِرڻ شروع ڪري ٿو. ڪِرندو رهي ٿو، جيوَ مان پرزو بڻجڻ تائين.

هن جي وهاڻي هيٺ خطن جو ڍير گڏ ٿيل آهي.

پيءُ جو خط:

ابا!، دوائن لاءِ پئسا موڪل. تون ته ڄاڻين ٿو هيل صفا تر ٿي ويا آهيون. ماڻهين بيمار آهي. ڊاڪٽر ڳريون فئون ٿا گهرن. رت پيشاب جي تپاس ان کان سواءِ. ڪينر ٿا چون. اِهو به ٿا چون ته ڪو علاج ڪونهي ان جو ۽ علاج ڪن به ٿا. مڙئي ٻه ٽي ڏينهڙا وڌائڻا حياتيءَ جا. فيون ته ڀيڻهين جا زيور گرويءَ رکي ڀريونسين پر دوائون ۽ سُيون!؟ هڪڙي سُئي پنج سئو رپيا!! ابول!! هيترن پئسن مان ته مهينو سڄو پيٽ گذر ڪريون، پر پيٽ گذر لاءِ به ته کيسي ۾ سئو جو هڪڙو ئي نوٽ اٿم، جيڪو تو موڪليو هو.

ماءُ جو خط:

ابا! ڀيڻهين سامائي ويٺي آهي. هيڏي ساري زال ٿي پئي آهي. مرڳو اکين ۾ ٿي گهڙي. آخر به ته پرايو گهر وسائيندي. سندس زيور پڻهين گروي رکي ڇڏيا منهنجي علاج جي پويان. آئون جئي جئي به ڪيترو جيئندس!؟ هٿن سان ڀيڻهين کي پرڻائي وينديس ته قبر ۾ به سک هوندم. سڀئي اُميدون تو ۾ آهن.

پيءُ جو خط:

ابا!- هانءُ ٿو جهُريم توکي هتان جو احوال لکندي. ڇا ڪريان ٻيو ابو امان ڪونه اٿم. تون ئي هڪڙو آسرو آهينم. وڏيري جي مٿان ڊٻ پئي پوي ته ڇوڪري سندس ڪمدار کي ڏيون. نٿا ڏيون ته به ويل. اسان ماڻهو نه ڪو پنهنجي مرضيءَ سان جيون، نه ڪو پنهنجي مرضيءَ سان مرون. ساهه به ڄڻ پنيو کڻون. باقي ڀيڻهين، سا ته ڄڻ ڀت ٿي پئي آهي. ڪجهه به ڪونه ٿي ٻاڦي. ماڻهين وڌيڪ بيمار ٿي پئي آهي. هڏن مُٺ وڃي بچي آهي تو جيڪي پيسا موڪليا. اُنهن مان هڪڙي سُئي مس ٿي. تون ئي ٻڌاءِ ڇا ڪريان؟ ڇڏي ڏيانس؟ ماٺڙي ڪري ڏسندو رهان ته ڪيئن ٿي ساهه جون تندون ڇني؟ هاڻي حال اهو آهي جو رات اکين ئي اکين ۾ لنگهيو وڃي. ڏينهن پربت جيڏو ٿيو پوي. حياتي نه جيئڻ جوڳي، نه مرڻ جوڳي.

پيءُ جو هڪڙو ٻيو خط:

ڀيڻهين کوهه ۾ ٽپو ڏئي پاڻ ماري ڇڏيو.

آپگهات

Compromise ۽ مسلسل Compromise کان انڪار.

ٺيڪ آهي.

آپگهات، فرار جو کليل ۽ ڪشادو رستو آهي. نه وڙهي سگهڻ جي صورت ۾ اهو ئي ته ڪري سگهجي ٿو. آخر ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ ڪجهه به نه – ڪجهه به نه. ڦرندڙ پکي هيٺ سئون ڊگهو ليٽي، پگهريل جسم جي اندر قيد ٿيل ذهني حدبندين هيٺ هو ڀيڻ جي آپگهات کي justify ڪري ٿو. ٻي پاسي پاڻ کي آپگهات ڪرڻ لاءِ اڄ تائين تيار ڪري نه سگهيو آهي. هو ڀيڻ جي آپگهات مان ڄڻ پنهنجي لاءِ inner satisfaction ماڻي ٿو.

ماءُ جو خط:

روئي روئي پڻهين جي نظر جهڪي پئجي وئي آهي. ڊاڪٽر چيو اٿس ته شهر وڃي اکين جي ڊاڪٽر کان آپريشن ڪراءِ. پنج ڇهه هزار خرچ ايندو. حياتي ٿورڙا ڏينهڙا! جيڪر اچين ته اکيون ٿڌيون ڪريان.

پيءُ جو خط:

ماڻهين مري وئي. مرڻ کان پهرين اندر ئي اندر ميڻ جيان رجندي رهي. ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌيو وڻ ٿين ته موت ئي ته پلئه پوندو. ٻيو ڇا!؟ ماڻهين جو ڪفن، دفن، ڪانڌپو، ٽيجهو، سڀ اوڌر تي ڪيم، هاڻي ته نظر صفا چَٽ ٿي وئي آهي. اکين جي آپريشن - ۽ پيسو - ۽ ها، قادر ڏنو مارجي ويو – اَڏ ڪپ تي رتوڇاڻ پيو هو. بس ابا! جواڻ جماڻ هو – ڏوهي ڇُڙيا گهمن ۽ پوليس جي وارووار مسڪينن تي متي پئي آهي. هيڏانهن متان اچين. مرڳو ڪنهن ڏچي ۾ ڦاسي نه پئين. ماڻهين موٽندي ته ڪانه. وڃڻو ئي هئس، اهو ته اکين ڏٺو پيو هو. رب شال قبر ڪشادي ڪريس.

هُن سوچيو:

جيئري جن جي قبر سوڙهي هجي، مُئي ڇا ڪشادي ٿيندي!!؟

پيءُ جو اهو خط مُٺ ۾ ڀڪوڙيل.

قبر جهڙي ڪمري ۾ ساهه ٻوساٽجندڙ

10×10 جي اُونداهين قبر/ڪمرو+چار سرد ديوارون+چوٿين ديوار ۾ 3×5 جو دروازو – باقي ٽن سرد ديوارن مان، ڪنهن هڪ ديوار جي آخري ڇيڙي تي 3×3 جي ڳڙکي، جنهن مان پسجندڙ چتيءَ جيترو آسمان. مُٺ ۾ ڀڪوڙيل خط هن جي ٽهڪندڙ رت ۾ ڇوليون هڻندڙ. ڪناري سان مٿو ٽڪرائي، ٽٽي، وکري، نستيون ٿي فنا ٿيندڙ ڇوليون. محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ شمشان گهاٽ تي ليٽيو پيو آهي – دکندڙ ڪاٺين مٿان. ڪاٺين تي گيهه بدران پيٽرول هاريو ويو آهي. هو جاڳي پيو، سمجهي پيو، محسوس به ڪري پيو ۽ پنهنجي جيئري جسم کي چتا جيان، چپ چاپ جلندو به ڏسي پيو. آڳ جا اُلا هن ڏانهن وڌي رهيا آهن. اُلرون ڪندا آڳ جي هر ڪا ڄڀي هن جي کوپڙيءَ تائين پهچڻ لاءِ ڄڻ بازي کٽڻ ٿي چاهي. ائين ٿو ڀاسيس اجهو هن پل کان پوءِ، ايندڙ ٻي پل ۾، کوپڙي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پونديس، ڄڻ اُهو ٺڪاءُ ٻڌڻ لاءِ هن جا ڪن کڙا ٿي پيا آهن. اجهو – ڪي – ا – جهه – و  - پر کوپڙي ڦاٽيس نٿي. کوپڙي ڦاٽڻ کان پهرين جو پل هن جي اندر بيهي رهيو آهي. ٻيو پل اچڻو ئي ناهي. ٻي پل جي انتظار ۾ اهو ئي پل وڌيڪ شديد، وڌيڪ ڇتو، وڌيڪ ڀيانڪ بڻجي سندس اندر گردش ڪندو رهندو. اها ڪيفيت بلڪل ائين آهي، جيئن موت جي سزا پائڻ واري شخص جي زندگيءَ جو اُهو آخري سيڪنڊ، جنهن کان پوءِ زندگيءَ جي آخري منٽ جو چڪر پورو ٿي ويندو ۽ هو پولار ۾ لٽڪندو رهجي ويندو. اُن آخري منٽ/سيڪنڊ جي اندر احساس جو جيڪو ڦهلاءُ آهي، ان ۾ ڇا ڇا سميٽجي سگهجي ٿو!؟ بلڪل ائين هينئر کوپڙي ڦاٽڻ کان پهرين واري پل جي ڦهلاءَ ۾ هو ڇا ڇا سميٽي سگهي ٿو!؟ جڏهن ته سڀ ڪجهه سميٽڻ چاهي ٿو.

مان جيئڻ ٿو چاهيان؟

پر ڇا جي سگهان ٿو؟

آپگهات ٿو ڪرڻ چاهيان،

ڇا ڪري سگهان ٿو آپگهات؟

اڄ هن چاهيو هو ته باس جي مٿي تي پيپرويٽ وهائي ڪڍي پر عين ان پل کيس پگهار جو چيڪ اچي مليو هو ۽ هو سڄو صابڻ جي گجيءَ جيان وهي رهيو هو. ويٺو رهيو پنهنجي ڪرسيءَ تي، ڪنڌ نوايو، چُپ، خالي ذهن سان. آخر اندر جي سگهه پاڻ ۾ ميڙي ڪٺي ڪيائين ۽ موڪل جي درخواست لکڻ لڳو. درخواست لکندي لکندي هن کي ڄڻ پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. پنهنجي لاءِ ئي ڪرهت جو احساس. پنهنجي تڇ هئڻ جو احساس ۽ ڪاوڙ ان تي ته هو پاڻ کي تڇ own ڪري ٿو، جنهن شخص لاءِ هو من ۾ نفرت ۽ ڌڪار محسوس ڪندو رهيو آهي، ان کي ئي درخواست ۾ ليلڙاٽيون پائي ٿو. جيئڻ لاءِ ڪجهه ساهه گهري ٿو. ٿورڙي رعايت ٿو گهري. زندگيءَ جي معمولي سهوليتن لاءِ. زندگيءَ کي ماڻڻ لاءِ ان شخص کان اجازت گهري ٿو، جنهن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار محسوس ڪندو رهيو آهي. ان شخص کان، جيڪو کيس Irresponsible, Stupid, Idiot Person وغيره چوندو رهيو آهي. جنهن جي وات مان اُڏامندڙ گڦ کي هن پنهنجي چهري تي محسوس ڪيو آهي ۽ ٻئي پاسي منهن ڦيري اُگهيو به آهي. هو ايذاءُ جي گهاڻي ۾ ڦرڻ/پيڙهجڻ لڳي ٿو. ان Establishment جو هو هڪڙو حصو بڻجي نٿو سگهي. هو پاڻ ان ۾ misfit آهي يا ان کي misfit سمجهي/بڻائي پرينءَ ۽ اونداهي ڪنڊ ۾ ڦٽي ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com