سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :22

 

نئين تھذيب

 

ذھني يا دماغي محنت جي ڪري انسان بنسبت بدني محنت جي وڌيڪ ٿڪ محسوس ڪندو آھي، منھنجي بھ اھائي حالت ھئي جو سانده چئن مھينن کان دماغي بيمارن سان محنت ڪندي صحبت ڪري پئي ھئي. جيتوڻيڪ انھيءَ ڳالھھ جي مون پرواه نھ پئي ڪئي، پر ھڪ ڏينھن منھنجي ھڪ انجيئر دوست انھيءَ ڏانھن منھنجو ڌيان ڇڪايو. آئون انھيءَ دوست جي ٻار کي جنھن کي مليريا ٿي ھئي، ڏسڻ لاءِ ويو ھوس تھ انھيءَ انجنيئر دوست مون کي ڏسندي پري کان رڙ ڪري پڇيو تھ: ”يار! تون بيمار آھين ڇا؟“

انھيءَ تي مون مشڪندي جواب ڏنو، ”نھ يار! خير گھر! ڇا ٿو چئين.“

انھيءَ تي ھن وراڻيو تھ، آرسيءَ ۾ پنھنجي شڪل تھ ڏس، پوءِ پتو پوندءِ.

مون کيس چيو تھ ، برابر ڪم تمام گھڻو آھي ۽ آئون ٿڪ محسوس  ڪندو آھيان، پر ٻيو مڙيئي خير آھي.“

تنھن تي ھن چيو، ”سرڪاري ڪم کٽڻو  ناھي! جيترو ڪيو اوترو ٿورو! منھنجي صلاح وٺين تھ ڪجھھ آرام وٺ ۽ تفريح ڪر! اسين ڇنڇر ڏينھن شڪار تي وڃڻا آھيون پھريائين ٻيڙين ۾ جھرڪن ۾ وينداسين، مڇي ۽ پلي جو شڪار ڪنداسي، ٻڌڪن کان ٿيندا ڪينجھر  تي بدڪن جو شڪار ڪنداسين، سومر ڏھاڙي بھ موڪل آھي تنھنڪري اڱاري تي موٽي اينداسين، تون اسان سان گڏجي  ھل، ڏاڍي فرحت ايندئي.“

آئون بھ ٿڪل ھوس، تنھنڪري آڇ کڻي قبوليم جيتوڻيڪ مون کي شڪار جو شوق اصل ڪونھي، ڇاڪاڻ تھ بندوق ٻنھھ ھڻي ڪين ڄاڻان، تنھن ھوندي بھ انھن سان ھليو ويس، ڄاتم تھ ھڪ پاسي تفريح حاصل ٿيندي ۽ ٻيو ٻڌو ھوم تھ ٻڌڪن جي طرف ڪي قديم آثار آھن، جي گوتم ٻڌ جي زماني جا آھن. ٻڌڪن پھچڻ تي ڏٺوسين تھ ڊٺل آثار موجود ھئا، جن جي وسعت پنھنجي گذريل رفعت ۽ اھميت جو پتو ڏيئي رھي ھئي. ٽڪرين ۾ ڪي سرنگھيون آھن، جن جي اڄ سو ڪنھن کي خبر ئي ڪانھي تھ ڪيسين تائين ويل آھن. ھڪ پاسي  گھاٽو جھنگل آھي جتان ڪاٺيون وڍي ملڪ کي پھچايون وڃن ٿيون، ٿوري دير اتي ترسي پياسين تھ من تتر وغيره جو شڪار ھٿ اچي. حسن مان ھڪ ننڍو تنبو ڪڍي لڳايو ويو تاڪھ اس کان بچاءُ ٿئي، انجنيئر سان پنھنجا ماڻھو ھئا، تنھنڪري ھٿو ھٿ ڪم ٿي ويو، دري وڇائي اڃا مس ويٺا ھئاسين  ۽ انجنيئر جي ماڻھن پئي ڪم ڪار ڪيو تھ اوچتو انجنيئر ۽ منھنجي نظر ھڪ سرنگھھ جي منھن تي وئي، جتي ڏٺوسين تھ ھڪ ماڻھو جنھن جو قد لمبو ھو ۽ جنھن کي ھڪ ڪمبل ويڙھيل ھو، صفا اگھاڙو نظر پئي آيو، سرنگھھ وٽ بيٺو ھو انجنيئر پنھنجن ماڻھن کان پڇيو تھ ھي ڪير آھي؟ تنھن تي انھن چيو تھ ”سائين ھڪ فقير آھي ۽ ٽن، چئن سالن کان ھتي نظر پيو اچي، جانور بھ ھن سان مانوس ٿي ويا آھن. ھو ڪنھن سان ڳالھائي ٻولھائي ڪين ٿو ۽ انساني صحبت کان ھن کي نفرت آھي، گھڻو ڪري موج ۾ ايندو آھي تھ شاھ جا بيت ڏاڍي سريلي آواز ۾ ڳائيندو آھي.“ منھنجو ۽ انجنيئر جو شوق ڏاڍو وڌيو تھ ھن کي ڪنھن بھ ريت جھلي آڻجي. تنھن پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڪيو تھ ڇا بھ ٿي پوي، پر ھن کي ڪھن نموني سان ھتي وٺي اچو. ٻھ وغيره ٺاھڻ ۾ لڳي ويا. اڌ ڪلاڪ جي اندر ھو ماڻھو فقير کي زبردستي پاڻ سان گھلي آيا. فقير اسان کي ڏٺو ۽ خاموش بيٺو رھيو، ھن جو چھرو ڏسي سڀني تي خوف طاري ٿي ويو، عجيب ڀيانڪ چھرو ھو، چھري جو وڏو حصو مٿي ۽ ڏاڙھيءَ جي وڌيل وارن سان ڍڪيو پيو ھوس، اکين ڏرا ڏيئي آيون ھيس، نڪ نوڪدار ھوس. ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ ھڏي جي پڃري تي ماس جي بدران چمڙي چاڙھي وئي آھي، چھري جي خدو خال ۽ رنگ مان معلوم پئي ٿيو تھ ڪنھن وقت ھو مرداني سونھن جو ھڪ نمونو ھوندو، قد ڊگھو، ھڏيون ويڪريون جنھن مان ھن جي طاقت ۽ شھزوريءَ جو پتو پئي پيو. پر سڀ کان وڌيڪ پريشان ھن جي اکين جون پتليون ھيون، انھن ۾ زندگيءَ جي روشني ڪانھ ھئي، انھن تي آسماني رنگ جو باريڪ 

پردو ڇانيل ھو ۽ اھي پتليون مري ويل ماڻھوءَ جي پتلين جيان ھيون.

انجنيئر آھستگي سان مون کي ڀڻڪي ۾ چيو ”عجيب انسان آھي، شايد ٻوڙو بھ آھي.“ مان اٿي ھن کي ھٿ کان جھلي ھيٺ ويھاري ڇڏيو، ھو ماٺ ڪري ويھي رھيو، انھيءَ وچ ۾ انجنيئر وري مون کي ڀڻڪي ۾ چيو تھ ”ڪو راز ٿو معلوم ٿئي.“

مون مشڪندي ھن کي جواب ڏنو تھ ”ان ۾ شڪ ناھي تھ ھي ماڻھو پاگل آھي ۽ شايد ڪيترن ڏينھن کان ڪجھھ کاڌو بھ ڪونھ اٿس جو ھن جي چھري مان صاف نظر اچي رھيو آھي.“

ايتري ۾ چانھھ اچي وئي مون ھڪ پليٽ ۾ ڪجھھ بسڪوٽ چانھھ جو ڪوپ ھن کي ڏنو، پھريائين ڪجھھ دير تائين انھن شين کي ڏسندو رھيو، پوءِ اسان ڏانھن نھارڻ لڳو، مون انجنيئر کي منع ڪئي تھ ھن ڏانھن نھ ڏسي، اسين ماٺ ڪري پنھنجي چانھھ پيئڻ ۾ مشغول ٿي وياسون ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسون تھ ھو بھ بسڪوٽ کائي چانھھ پيئڻ لڳو. چانھھ جي گرمي ۽ پيٽ ۾ ڪجھھ وڃڻ کان پوءِ ھن جي پتلين جو رنگ بدلجڻ لڳو، مون انجنيئر کي چيو تھ ھي ماڻھو بجليءَ جي علاج سان چڱو ٿي سگھي ٿو يا گھٽ ۾ گھٽ ھن کي گھڻو ڪجھھ فائدو پھچي سگھي ٿو، انھيءَ تي انجنيئر ۽ مون فيصلو ڪيو تھ ھن کي گدوءَ جي اسپتال ۾ داخل ڪجي.

فقير کي اسپتال ۾داخل ڪيو ويو، ڏاڍي محنت کان پوءِ لاڳيتي بجليءَ جي علاج سان ٽن مھينن کان پوءِ فقير کي ڪجھھ ڪجھھ فائدو نظر آيو، انھيءَ وچ ۾ وقت بوقت انجنيئر پيو پڇائون ڪندو ھو، ھڪڙي ڏينن مون فقير کي چيو تھ ”فقير سائين معلوم ٿو ٿئي تھ ڪا خاص ڳالھھ تنھنجي حياتيءَ ۾ اھڙي ٿي آھي، جنھن تنھنجي اھا حالت بنائي ڇڏي آھي. بزرگن جو چوڻ آھي تھ غم جو داستان ٻڌائڻ سان انسان جي طبيعت ھلڪي ٿي پوندي آھي. ممڪن آھي تھ ائين ڪرڻ سان تنھنجي طبيعت ٺيڪ ٿي پوي.“

فقير  ڪيتري دير تائين مون کي ڏسندو رھيو، نيٺ ٿڌو ساھھ کڻي چوڻ لڳو: ”منھنجو داستان اھڙو نھ آھي منھنجو غم ابدي آھي، ان کي ٻڌي اوھين ڇا ڪندا.“

مون فقير کي دلجاءِ ڏيندي چيو، ”ائين نھ آھي ممڪن آھي تھ تنھنجي ڳالھھ ٻڌڻ کان پوءِ حاصل ٿئي ۽ دنيا کي فائدو رسي.“

منھنجي انھيءَ چوڻ جو فقير تي ڏاڍو سٺو  اثر ٿيو ۽ ھو پنھنجو داستان غم ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ھن ٻڌايو:

نئين تھذيب ڏسڻ ۾ ڪيتري نھ رنگين ۽ دل آويز ھوندي آھي، جيڪڏھن حقيقت جي اک سان ڏٺو وڃي تھ ھي اسان جي وجود جي لاءِ اڏوھيءَ ۽ سري کان گھٽ نقصانڪار نھ آھي، رضيھ ۽ آئون ڪاليج ۾ گڏ تعليم حاصل ڪري رھيا ھئاسين، ڌڪ ڌڪ ڪندڙ ٻن نوجوان دلين جو ھڪڙي ئي جذبي ھيٺ حرڪت ڪرڻ، جذبات جي اندر غير معمولي شورس جو کليو ثبوت ھو، ڪلاس جي ڪمري ۾ جڏھن پروفيسر ڪنھن موضوع تي ليڪچر ڏيندو ھو تھ اسين ٻئي ھڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويھي ٽيڏين اکين سان ھڪ ٻئي کي ڏسندا ھئاين، ۽ جڏھن اکيون چار ٿينديون ھيون تھ مشڪي مٿو ھيٺ کڻي ڪندا ھئاسين، ھڪ ٻئي جي ھٿن جي جنبشن مان دل جي بي چينيءَ جي ڪيفيت جو اظھار ٿيندو ھو، پروفيسر جي دلچسپ ڳالھين تي شاگردن جي ٽھڪن سان سڄو ڪمرو گونجي پوندو ھو. انھيءَ گوڙ جو فاعدو وٺي ڪڏھن رضيھ کي ٺونٺ پاسي ۾ ھڻندي، پروفيسر ڏانھن اک سان اشارو ڪندو ھوس تھ ڪڏھن ميز تي پيل سندس ھٿن تي پنھنجو ھٿ رکي دٻائيندو ھوس تھ پاڻ بھ مشڪي ڏيندي ھئي، سندس موتين جھڙا ڇا ڏند ڄڻ کنوڻ وانگر چمي تڙپائي ڇڏيندا ھئا. رضيھ جا خوبصورت ڳل گلاب جي ڳاڙھي رنگ جيان چمڪي پوندا ھئا. مشرڪي فيشن جا زلف نراڙ تي ائين پکڙجي ويندا ھئا، ڄڻ ساون جي ڪارن ڪڪرن چنڊ کي ھنج ۾ کڻي لڪايو ھجي.

ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ وقت پھين سال ۾ اسين ڪيترو نھ لڄارا ھئاسين، آئون ٻھراڙيءَ مان نئون نئون آيل ھوس، جيتوڻيڪ رضيھ شھر ۾ ئي نپني ھئي ۽ وڏي ماڻھوءَ جي ڌيءَ ھئي، تنھن ھوندي بھ ايتري شوخ نھ ھئي، وارن کي ساڙھي ۾ لڪائي رکندي ھئي موٽر مان لھي ماٺ ميٺ ۾ ڪلاس ۾ اچي ڪنڊ پاسي ۾ ويھي رھندي ھئي، ڪلاس ختم ٿيڻ تي ساڳي طرح خاموشيءَ سان واپس ھلي ويندي ھئي، آئو ڀلا ٻھراڙيءَ جو، جيتوڻيڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو ھوس انگريزي ڍنگ جا ڪپڙا پائڻ ئي ڪين ايندا ھئا. پتلون پائڻ جي تھ اصل تميز نھ ھوندي ھئي، پائنچا پيا ڦڏا ويندا ھئا ٽاءِ جي ڳنڍ اھڙي تھ بي ڊولي ھوندي ھئي جو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڏسي کلندا ھئا. نيٺ رضيھ ھمت ڪري مون کي ٽاءِ ٻڌڻ سيکاري. ڳالھھ ائين آھي جو آئون ھميشھ اڳي اچي لائبريريءَ ۾ ويھي ڪيترن ڪتابن جو اڀياس ڪندو ھوس. ھڪ ڏينھن جڏھن اڃا ٻيا ڇوڪرا آيا ئي ڪين ھئا، رضيھ بھ سويل اچي نڪتي ۽ مون کي اشارو ڪري سڏيائين،  ۽ پوءِ ڇوڪرن جي ترسڻ واري ڪمري ۾ وڏي آرسي جي اڳيان ٽاءِ چڱي طرح ٻڌڻ سيکاريائين. انھيءَ ڳالھھ مون تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ انھيءَ ڏينھن کان وٺي مون رضيھ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.

انھيءَ تھذيب ۽ تمدن کان ٻھ ھستيون ڪاليج ۾ ايندي ئي نانگ وانگر کل لاھي بدلجڻ لڳيون،  ٿورن ئي ڏينھن ۾ فيشن الاھي اسان کي ڇا ڇا سيکاري ڇڏيو. شروعات ۾ اسين ٻئي کليو کلايو اظھار محبت ڪرڻ کان مڙيئي گھٻرائيندا ھئاسين، ڪلب ۾ ويندي ڪيٻائيندا ھئاسين، پر ٿورنئي ڏينھن کان پوءِ لڄ ۽ حيا جا پردا کڄندا ويا.

ڪاليج جي ڪلب ۾ ھڪ ڊرامو ڪيو ويو، جنھن ۾ ھيرو جو پارٽ مون کي ڏنو ويو، مون کي انھيءَ مک پارٽ لاءِ سڀني اتفاق راءِ سان چونڊيو ھو. انھيءَ ۾ ڪو شڪل نھ ھو ڇاڪاڻ تھ آئون تندرست ۽ توانو ھوس، ”ڪشادو سينو، گول ڀريل چھرو، ڊگھو قد، ڪڻڪ رنگو ۽ ڳائڻ لاءِ آواز بھ مٺو ھو، انھيءَ پارٽ لاءِ ٻيو ڇ گھربو ھو. ڪردار لاءِ مان ئي نھايت موزون ھوس.

رضيھ جنھن کي ٻھراڙيءَ جي ڇوڪريءَ جو پارٽ ڏنو ويو ھو، جيتوڻيڪ انھيءَ لاءِ موزون نھ ھئي، پر الائي ڪلب جي ميمبرن ڇا سمجھي انھيءَ کي ئي چونڊيو ٻين ڇوڪرين ۾ حسد ۽ رشڪ جون لھرون ڊوڙي  ويون، اسين ٻئي شرم ۾ ٻڏي اسٽيج تي آياسين.

ڪھاڻي جيتوڻيل اصلاحي ھئي، پر جذباتي پھلوءَ کي خاص طرح ظاھر ڪيو ويو ھو، ٻئي ھڪ کوھ تي آياسين، رضيھ گھڙو ھٿن ۾ کنيو بيٺي ھئي ۽ آئون ڳائيندو پاڻي ڇڪي رھيو ھوس، ھڪ اڌ ھٿ رسو ڇڪڻ کان پوءِ آئون بيھي ٿي رھيس ۽ پاسو ورائي رضيھ کي ٿي ڏٺم، جيڪا جو اکيون ھيٺ ڪيو بيٺي ھئي، پر سندس چپن تي ھلڪي ھلڪي مرڪ ڏيکائي ڏيئي رھي ھئي، ٿوري دير کان پوءِ ڪاوڙجي چوڻ لڳي، ”تون تھ دل وڌائي رھيو آھين، پاڻي کڻي دير سان گھر ويندس تھ امان ڪاوڙ ڪندي ۽ ڀاڄائي کلي چونديم تھ ”اڃا تائين تنھنجي ٻاراڻي عادت نھ وئي آھي ۽ جيڪڏھن سڀاڻي تنھنجي....“

رضيھ رڪجي ترسي پئي ۽ ڳالھھ بدلائي چوڻ لڳي: ”ھٽي وڃ تھ مان پاڻيھي ٿي پاڻي ڪڍان.“

مون رسي جي گرفت ڇڏي ڏني تھ ڏول ڌم سان وڃي کوھ ۾ پيو. مشڪندي چيومانس، ”ھان ڀاڄائي ڇا چوندي؟“ پوءِ سندس اکين ۾ اکيون وجھي کيس ڏسڻ لڳس ڄڻ تھ سندس دل جو ڀيد ڀڃي رھيو ھوس.

رضيھ جي چھري تي شرم کان سرخي اچي وئي.

آھستي سان دٻيل آواز ۾ چوڻ لڳي تھ ””توکي ڇا..... وڃ نٿي ٻڌايان......“

تنھن تي مون مشڪندي چيومانس، ”نٿي ٻڌائين تھ نھ ٻڌاءِ! مان ھينئر ٿو نوڙي کوھ ۾ ڇڏي ڏيان، بيٺي ھوندينءَ شام تائين منھنجو ڇا ويندو!“

رضيھ شرمائيندي چيو، ”چڱو ٻڌايان ٿي چوندي تھ جيڪڏھن سڀاڻي تنھنجي شادي ٿيندي تڏھن بھ! اڳتي نھ ٻڌائيندس.“

شادي جو نالو ٻڌي مون تي ھڪ وجداني ڪيفيت طاري ٿي وئي، ڳائيندي ڊگھو تان ڇڪيم، رضيھ جي محبت ۾ ٻرندڙ راڳڻي ڌرتيءَ تي باھ لڳائي رھي ھئي. ڏول ڇڪيم پئي، گھڙو ڀرجي ويو، مون رضيھ جا ھٿ جھلي ورتا. رضيھ جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي وھڻ لڳا، دل ڀرجي ويل آواز ۾ چوڻ لڳي. ”تنھنجي لاءِ جيڪڏھن بيٺي بيٺي ڏينھن گذري وڃن، راتيون لنگھي وڃن تھ بھ رضيھ منھن نھ موڙيندي. پريت جي ريت نڀائڻ سولو ڪم نھ آھي. رضيھ جي بدن ۾ جيسين ساھ  آھي تنھنجي آھي ۽ تنھنجي ئي رھندي.“ ائين چوندي پنھنجو مٿو منھنجي ڇاتيءَ تي رکي ڇڏيائين ۽ پوءِ ڌار ٿي وئي.

انھيءَ سين ۽ اداڪاريءَ کي ڏسي سڄي ھال ۾ تاڙيون وڄڻ لڳيون ۽ ڪيتري وقت تائين اھو گوڙ رھيو، منھنجي اکين آڏو  ڳوٺ جو کليو ۽ سھڻو منظر ڦرڻ لڳو.  ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ تھ رضيھ سچي پچي ڳوٺاڻي ڇوڪري ھئي، ڳوٺ جي گھاٽ ۽ کوه جو نظارو منھنجي دماغ ۾ ڊوڙي رھيو ھو،  ڄڻ ھوءَ  جھڪي جھڪي پاڻي ڇڪي رھي ھئي، ۽ مان پيار ڀريل نظرن سان ڏسندو ھجان. ٻھراڙيءَ جا پاڪيزه ۽ پرخلوص نظارا اڄ اسان لاءِ رڳو تماشو ۽ ناٽڪ بڻجي ويا آھن. ڊرامو ختم ٿي ويو.

انھيءَ واقعي کان پوءِ آئون رضيھ کي پنھنجي  ويجھو محسوس ڪري رھيو ھوس ۽ رضيھ کي بھ ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ آئون ھن جي دل ۾ چوندڙيون پائي رھيو ھوس، انھيءَ ڊرامي ۾ پارٽ وٺڻ کان پوءِ محبت جي دٻيل چھنڊ دل ۾ چمڪي اٿي، پر ٻنھي نظارن ۾ ڪيترو نھ فرق ھو، ھڪڙو سادگيءَ  ۽ پاڪيزگيءَ جي سچي تصوير ھلو، ۽ ٻيو خود غرض ۽ ڪوڙي پيار جو ڏيکاءُ.  ڪوڙا موتي جھڙي طرح ٿوري دير جي لاءِ آب و تاب سان اصلي  ۽ سچن موتين کي مات ڪري ڇڏيندا آھن، رضيھ کي مون  ۾ ھڪ بي پناھ ڪشش محسوس ٿي رھي ھئي، جيتوڻيڪ ھاڻي نھ مان ڳوٺ جو سڌو سادو ماڻھو ھوس ۽ نھ رضيھ چنيءَ سان منھن لڪائڻ واري ڳوٺاڻي دوشيزه ھئي. ھاڻ ھن جي ساڙھيءَ جو پلاند بي اختيار کسڪي ڪلھن تي اچي ٿي پيو. آئون بھ وارن کي پھرين کان وڌيڪ احتياط سان سنوار لڳس، معمولي زميندار جو پٽ ھوس، پر تنھن ھوندي بھ روز نئون سوٽ بلائيندو ھوس، رضيھ جي دل ۾ گھر ڪرڻ لاءِ ڪيتريون واٽون ھٿ اچي ويو، رات جو گھڻي دير تائين ڪلب ۾ حاضري ڏيڻ لڳس، ڪيرم ۽ برج کيڏڻ ۾ لطف محسوس ٿيڻ لڳو ھو، رضيھ سان ھر راند ۾ ھڪ نئين دلچسپي پيدا ٿي ويندي ھئي، رضيھ مشڪندي مشڪندي ”پيارا دوست“ جي لفظن سان محبت جي تصديق ڪندي ھئي. ٻيڙيءَ ۾ ويھي درياءَ جي سير تي ويندا ھئاسون مون کي ترڻ ۾ پوري قابليت ھئي، ڪڏھن ڪڏھن  رضيھ کي ڇڪي پاڻي ۾ ٽٻي ھڻي ائين گم ٿي ويندو ھوس، ڄڻ ڪاجل پري درياءَ جي ڪناري تي ويھي کل چرچي جي ڳالھين ۾ دل وندرائيندا ھئاسين، ترڻ جي رنگين پوشاڪ رضيھ جي خوبصورت بدن تي ائين چھٽي ويندي ھئي ڄڻ تھ ان جو بدن نئين کل جو چولو بدليو ھجي، ھڪڙو ڏينھن اھو ھو جو ڳالھائيندي ۽ ھٿ ملائيندي شرم ايندو ھو، ۽ ھاڻي بنا حجاب ٽپندا  ڪڏندا ۽ ترندا  ويندا ھئاسين، رضيھ کي منھنجي دوستيءَ تي فخر ھو ۽ آئون بھ ھن گڏ ھجڻ ۾ گد گد  پيو ٿيندو ھوس.

رضيھ نھ رڳو سھڻي ھئي بلڪھ حسن و شباب جي جيئري جاڳندي تصوير ھئي، ھر روز وارن کي نئين نموني سان ٺاھيندي ھئي، خانبھار ڌيءَ کي ڏسي خوش پيو ٿيندو ھو، ڇاڪاڻ تھ اڄڪلھھ جي ڇوڪرين ۾ جمالياتي خوبين جي وڌيڪ ضرورت ھوندي آھي، ڇوڪريءَ کي خوش وضع، قبول صورت ۽ تعليم يافتھ ھجڻ سان گڏوگڏ فيشن جي دلداده بھ ھئڻ گھرجي. دوستن سان گڏ بلا روڪ ٽوڪ گھمڻ، ڪلب ۽ سئنيما  وڃڻ راتين جو غائب رھڻ، نئين تھذيب جي گھڻگرن جي لاءِ لازمي ضروري آھي.

ڏٺم تھ ائين چوندي فقير جو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ڀانيم تھ اجھو ٿو ڪو دورو پويس، پر فقير طبيعت تي زور وجھندي پاڻ کي گھڻو روڪيو ۽ ڪجھھ وقت لاءِ خاموش ٿي ويو، آئون تمام گھڻي فڪر سان ھن جي چھري جي طرف ڏسڻ  لڳس  ڇاڪاڻ تھ مون کي ڊپ ھو تھ متان منھنجي سڄي ڪئي ڪمائي چٽ ٿي نھ وڃي. ٿوري دير ۾ فقير  جي چھري تي سانت جا آثار ڏسڻ ۾ آيا. ايتري ۾ منھنجي چانھھ بھ تيار ٿي آئي، ھڪ ڪوپ فقير ڏانھن وڌائي ڏنم، ھو ڏاڍو خوش نظر آيو، شايد چانھھ جي عادت ھئس، چانھھ پيئڻ کان پوءِ ھو ڏاڍو خوش نظر ٿي آيو مون  کيس چيو تھ ”فقير ٿڪيو آھين تھ ڳالھھ سڀاڻي  تي رکون.“

فقير مشڪندي  وراڻيو ”متان اوھين تڪجي پيا ھجو يا شايد آئون اوھان جو   مغز کائيندو ھجان.“ ائين چئي فقير مون کي غور سان ڏسڻ لڳو.

مان اچي ڊنس تھ متان فقير ٻڌائڻ کان صفا نابري واري، تنھنڪري نھايت سنجيدگيءَ سان چيم ”تھ مون کي تنھنجي بيان مان عبرت حاصل پئي ٿئي، ڪڪ ٿيڻ جي تھ ڳالھھ ئي نھ آھي.“

فقير پنھنجو قصو وري جاري ڪيو:

”رضيھ  ڳائڻ ۽ نچڻ جي مشتاق ھئي، ڪاليج جي ڪلب ھال ۾ اسٽيج موجود ھو جتي روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ نچڻ جي باقائده مشق ڪئي ويندي ھئي، ڪاليج جا ڪيترا آواره ۽ لفنگا ڇوڪرا سکڻ جي بھاني سان اچي مڙندا  ھئا، انھن ۾ مان بھ ھڪ ھوندو ھوس، پر منھنجو اچڻ رضيھ جي ڪري ھوندو ھو، مشق کان پوءِ  ٿڪجي جڏھن رضيھ اچي ويھندي ھئي تھ سڀ ڇوڪرا ھن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيندا ھئا جيئن چنڊ جي چوڌاري تارا، ۽ سندس تعريف ڪري تاڙيون وڄائيندا ھئا، کيس مبارڪباد ڏيندا ھئا. مطلب تھ حياتي جون سڀئي خوبيون ھال ۾ اچي گڏ ٿينديون ھيون. سياري جون ڊگھيون راتيون رنگينين ۾ لنگھي وينديون ھيون، پيار جي مزيدار  ڇيڙ ڇاڙ حسن ۽ عشق جون خوش مزاجيون، روحن لاءِ زندگيءَ ۾ سونيون  ۽ اڻ ملھھ راتيون ھيون. ھڪڙي رات تي زندگيءَ جون سڀئي راتيون قربان ڪري ڇڏجن تھ بھ انھن جي قدر ۽ درجي کي نھ پھچي سگھن. ڪير پيو ڳائيندو ھو تھ ڪير وڄائيندو ھو تھ ڪير پيو جھوليندو ھو. اھڙي طرح ڪونھ ڪو ڪنھن جي دل ۾ لھي پيو گھر ڪندو ھو. صبر ۽ قرار جي دنيا، حسن ۽ شباب جي ھٿن ۾ لٽجي رھي ھئي. ڪيتريون ٻيون ڇوڪريون بھ، پر رضيھ خاص طرح ڪلب جي ھر پروگرام ۾ دلچسپي وٺندي ھئي، ھن جي وڌندڙ دلچسپين جي ڪري ھوءَ جلد جلد ئي ڪاليج جي ڪلب جي سيڪريٽري چونڊجي وئي، پوءِ تھ روزانو ڪلب جي حاضري ھن جي لاءِ ضروري بڻجي وئي. امتحان ويجھا ھئا تنھنڪري آئون ٿورو  ڍرو ٿيس ڇاڪاڻ تھ پڙھڻو بھ ضرور ھو، ڪڏھن ڪڏھن ڪلب ۾ بھ ويندو ھوس. انھيءَ وچ ۾ ٻين کي موقعو ملي ويو جي رضيھ کي گڏجڻ لڳا ۽ سندس پروگرامن کي ساراھي تعريف جا پل ٻڌڻ لڳا. ڪي تھ سندس جنسي تعويف ڪرڻ لڳا، چي ”واه واه! خوب ٿي نچين تنھنجو نچڻ ڏسي تعجب ٿو ٿئي تھ ايترو جلد توکي ترقي ڪيئن حاصل ٿي آھي! شياما ڪيترن مھينن کان ڪوشش پئي ڪري پر اڃا تائين رڳو ٻلين وارا  ٽپا پئي ڏئي.“ ڪو چوڻ لڳو تھ ”ٽينس کيڏڻ ۾ تھ رضيھ ڪمال ڪيو آھي. برج ران ڪرڻ تھ ڪو ھن کان سکي، ڪيرم رضيھ کان سواءِ کيڏڻ ۾ مزو ئي نٿو اچي.“ چوڻ لڳو ”جڏھن پنھنجيون سفيد آڱريون ٿي ھلائي تڏھن سندس رڱيل ننھن ايترو تھ دلفريب  معلوم ٿا ٿين جو بي اختيار دل ٿي گھري تھ انھن جي چمي وٺجي. عظيم ويچارو روز تنھنجن ھٿن کي پيو ڏسندو آھي.“ رضيھ انھيءَ قسم جي وڌاءَ  جي ڳالھين کان پئي خوش ٿيندي ھئي ۽ تعريف ڪندڙن جو شڪريو پئي ادا ڪندي ھئي، سوسائٽي ۾ غيرمعمولي  مقبوليت ۽ ھر دلعزيزي جي ڪري بيحد خوش ٿيندي ھئي ۽ فيشن جي ھوائي آسمان تي اڏمندي پئي وئي. مون انھيءَ ڳالھھ کي محسوس ڪيو، مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيو تھ اھي خطرناڪ ھوا جا جھوٽا ۽ تيز واچوڙو الائي ھن کي ڪڏاھن وٺي وڃي، ھن کي معلوم نھ ھو، معلوم بھ ڪيئن ٿي! جواني جي خمار ترشي سان ڪونھ ٿو لھي.

ھڪ رات مون ھن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ اٽلندو مون کي غلط سمجھي چوڻ لڳي تھ ”منھنجي لوڪ پسندي کي ڏسي توکي ڇو ٿو حسد ٿئي!“ مان وائڙو ٿي سندس منھن تڪيندو رھجي ويس.

امتحان جي ڪري سڄا سارا ڏھھ ڏينھن پڙھڻ ۾ مصروف ھوس، ڪلب ۾ وڃڻ ڪونھ ٿي سگھيو ھو، تنھنڪري رضيھ جي ڪا خبر  ڪانھ ھيم تھ ڪيئن آھي يا ڇا پئي ڪري، خدا خدا ڪري امتحان پورا ٿيا ۽ شام جو وھنجي سھنجي رضيھ جي بنگلي ڏانھن روانو ٿيس، اڄ اوچتو جھڙ ٿي آيو ھو. موسم دلڪش ھئي، ھوا جا جھوٽا مساتنھ وار لڳي رھيا ھئا، جيئن آئون رضيھ جي بنگلي  ۾ گھڙيس تھ ٻاھر لان ۾ سندس ماءُ ويٺي ھئي، مون کي ڏسندي ئي کيڪاري پڇيائين. ”مراد! پٽ ھيترا ڏينھن ڪٿي ھئي.“

مون وراڻيو تھ ”امان امتحان ھئا، تنھنڪري پڙھڻ ۾ مصروف ھوس.“

تنھنجي تي رضيھ جي ماءُ ڏاڍي انديشي ۾ چيو تھ ”پوءِ ھيترا ڏينھن رضيھ توسان گڏ ڪين ھئي؟“

مون حيران ٿي جواب ڏنو تھ نھ! ڀلا ڇو؟

رضيھ جي ماءُ جواب ڏنو تھ، ”آئون ڏسان ٿي تھ رضيھ جي طبيعت ۾ عجيب ڦيرو اچي ويو آھي، جيسين توسان اٿندي ويھندي ھئي تھ ڪجھھ ماڻھپي ۾ ھئي، اڃا ڪلاڪ  کن جي ڳالھھ اھي تھ ھتان تڪڙي تڪڙي ٻاھر نڪي آھي، مون گھڻو ئي روڪيو مانس پر نھ ترسي، سامھون  ڪمري ۾ خان بھادر بيمار پيا آھن، چئن ڏينھن کان تپ  پيو اچيس حرارت گھٽ نھ پئي ٿيس، اڄ سندس حالت اڳي کان خراب آھي، رضيھ کي چيم تھ ڊاڪٽر پنجين بجي اچڻ جو وعدو ڪيو آھي، ٿورو ترسي پئو تھ اچي وڃي تھ ھٿ ۾ واچ ڏسندي چيائين ”پنج لڳي چڪا آھن، مون کي ساڍي پنجين ڪلب ۾ پھچڻو آھي، ڊاڪٽر ڏاڍو ڪو بي پرواھ آھي، اڃا تائين ڪونھ آيو.“ مون کيس چيو تھ ”چڱو تون خان بھادر وٽ ويھھ تھ آئون ڊاڪٽر کي سڏيو ٿي اچان.“ تھ مون کي چيائين ”نھ نھ امان! مون کان اھو نھ ٿيندو، بابا روز بيمار پيو اھي، جڏھن ڏسو تھ ڪانھ ڪا بيماري اٿس، سڄو ڏينھن گھر پيو آھي، ٿورو گھمڻ ڦرڻ نڪري تھ تندرست بھ رھي، ان کان وڏي عمر جا ماڻھو ڏٺا اٿم تھ تازا توانا آھن، اڄ مون کي ھڪ دوست جي پارٽي ۾ وڃڻو آھي ۽ ان ۾ منھنجو شريڪ ٿيڻ ڏاڍو ضروري آھي. مون کي اتي پنجين بجي ئي پھچي وڃڻ کپندو ھو. ڇاڪاڻ تھ ميزبانن جي استقبال جو فرض مون تي ئي رکيو ويو آھي، ڪمبخت خميسو اڃا موٽر وٺي آيو  ئي ڪين آھي، ھي ڊرائيور ڏاڍو بي چيو  ٿي پيو اھي. سمجھان ٿي تھ ان کي نوڪريءَ  مان جواب ڏيڻو پوندو.“ ايتري ۾ موٽر جو آواز ايو ۽ ھوءَ ھلي وئي.

ٿوري دير خان بھار کان عيادت ڪري آئون سڌو ڪلب ڏانھن روانو ٿيس، رستي ۾ پھھ  پچائيندو ڪلب ۾ پھتس جتي مون کي خبر پئي تھ ھتي نڪا پارٽي  ھئي نڪو ٻيو ڪجھھ. ايترو سو معلوم ٿيو تھ اڄ رضيھ کي نئين ساڙھي پيل ھئي ۽ ڏاڍو سينڌ سرمو ڪيل ھوس ۽ وار سنواريل ھئس ۽ عظيم سان گڏ تڪڙو تڪڙو ڪلب مان نڪري وئي، خبر نھ آھي تھ ڪٿي.

آئون ڪلب ۾ ھڪ ڪرسي تي ويھي ويچار ڪرڻ لڳس، عظيم سان ھن جو اٿڻ ويھڻ مون کي بلڪل پسند نھ ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن جا لڇڻ سٺا ڪين ھئا ۽ سڄي ڪاليج ۾ ھو بدنام ھو، ان سبب ڪابھ ڇوڪري ان سان اٿڻ ويھڻ پسند نھ ڪندي ھئي مون کي ماٺ ويئي تھ رضيھ ڪيئن ان جي دام ۾ اچي وئي آھي. ھي سڀ ڪجھھ منھنجي غفلت کان ٿيو ھو، پر آئون بھ تھ مجبور ھوس. ڇا ٿي ڪري سگھيس، ھڪ پاسي امتحان جي تياري ٻئي پاسي رضيھ جي سنڀال. مون سمجھيو ھو تھ رضيھ جي مون سان ايتري  محبت ۽ پيار آھي جو ھوءَ ڪنھن ٻئي پنھنجي ويجھو بھ اچڻ نھ ڏيندي. مون کي ڪھڙي خبر ھئي تھ ھوءَ نئين تھذيب جو شڪار ٿي، منھنجي محبت کي بھ قربان ڪري ڇڏيندي. اوچتو ڪنھن خيال اچڻ تي آئون ٽپ ڏيئي اٿيس ۽ ڪلب کان ٻاھر نڪري ويس، ٽاور ۾ گھڙيال اٺ وڄائي رھيو ھو، پھريائين جيم خانھ ويس، پر اتي ڪو پتو  ڪونھ پيو، ٻئي ڄڻا ھتي ڪين ھئا، شھر جي اٺن سئنيمائن مان خبرون ورتم اتي بھ ڪين ھئا، ھوٽلن ۽ ريسٽورانن ۾ ڏٺم پر اتان بھ غائب. نيٺ خيال ڪيم تھ متان عظيم پنھنجي بنگلي تي نھ وٺي ويو ھجيس. رات پئجي چڪي ھئي ڏھھ لڳڻ تي ھئا، آئون  ڏٺو تھ عظيم جون ٻانھون رضيھ جي گلي ۾ ھيون، مان کين ڏسندي ئي بنگلي ۾ گھڙي ويس، ڏٺم تھ ٻئي ڄڻا ڪوچ تي ويٺا ھئا، عظيم ڌار ٿي ويٺو، ھڪ نظر  رضيھ جي طرف ڪندي سندس سرد مھري مان  پتو پئجي ويو. آه! اھي نگاھون اھي پيار محبت جون نظرون بدلجي چڪيون ھيون، غضبناڪ ٿي پڇڻ لڳي تھ ”ھتي ڇو آيو آھين.“ تنھن تي جواب ڏنم، تھ ”تنھنجي ماءُ موڪليو آھي تھ خان بھادر جي حالت خراب آھي توکي سڏي اچان.“

اھو ٻڌي دل ناخواستھ اٿي بيٺي ۽ عظيم کيس ڀاڪر پائي موڪلائڻ لڳو، ”وري ڪڏھن اينديءَ پياري.“

باھھ بارود تي شايد اھو اثر نھ ڪري ھا جو اثر انھيءَ منظر مون تي ڪيو، دھقاني غيرت جا ڦلھيار ۾ دٻيل  چڻنگ  وانگر منھنجي دل ۾ موجود ھئي، سا اوچتو ڀڙڪي اٿي. نئين تھذيب ۾ اھي ڳالھيون عام آھن، آزاد معاشرت  ۾ انھن ڳالھين جي پرواه نٿي ڪئي وڃي  پر منھنجي غيرت ۽ منھنجي شرافت مون تي لعنت پئي ڪئي ۽ آئون  سھي نھ سگھيس. انھيءَ منظر منھنجي رنگ چڙھيل غيرت کي چمڪائي ڇڏيو ۽ ائون عظيم تي ٽٽي پيس، مٿي کڻندي کيس پٽ تي ڪيرائي وڌم. ھن بھ اٿي مون تي حملو ڪيو، پر مون ٺونشن سان سندس نڪ چپ ۽ ڏندن جي خوب مرمت ڪئي، گوڙ تي نوڪر ڀڄندا آيا، ۽ مون کي خوب مار ڏنائون. آئون بيھوش  ٿي ويس، جڏھن ھوش ۾ آيس تھ خبر پيم تھ ڪيترن ڏينھن تائين اسپتال ۾ پيو ھوس، اتي جي نرسن ڪيترن ڏينھن اڳي جي ھڪ اخبار ڏيکاري، جنھن ۾ سرخي ڏنل ھئي ”نئين تھذيب ۽ انڌي آزاديءَ جا ڪرشما“ ”ٻن ڪاليجي شاگردن جو خان بھادر جي ڇوڪريءَ تان تڪرار“ عظيم جو نڪر ڦسي پيو ۽ ٻھ ڏند ٽٽي پيا.“ ”نوڪرن جي مار کان  مراد بيھوش  ٿي پيو. ڊپ آھي تھ متان پاگل نھ ٿي پوي.“

آئون جڏھن ڇھن مھينن کان پوءِ چڱو ڀلو ٿي اسپتال مان نڪتس تھ خان بھادر تڙ تڪڙ مان ملڪ ڇڏي نڪري ويو ھو، پڇا ڪرڻ تي خبر پيم تھ ڪوئٽيا وڃي ڇوڪري پرڻائي  ڇڏيائين. انھيءَ ڳالھھ ايترو صدمو رسايو جو دماغي توازن وڃائي رلندو وتندو ھوس، جو اوھان جي ھٿ چڙھي ويس. ڊاڪٽر صاحب! جي مھرباني ڪريو تھ ڇڏي ڏيو تھ انھيءَ حال ۾ رھان، نھ پنھنجي خبر نھ دنيا جي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com