سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :5

 

مجاور

 

پراڻن بيمارن جا فائل جاچي رھيو ھوس، جو اسپتان جي ساليانھ روئداد ڇاپجڻ لاءِ سرڪار کي موڪلڻي ھئي، تھ منھنجا ڪي دوست چرين جي اسپتال گھمڻ جي خيال سان اچي نڪتا. ھو انھيءَ خيال سان آيا ھئا تھ اسپتال بھ گھمن تھ ڪي دلچسپت چريا بھ ڏسن. جو ڪنھن ڪنھن وقت اھڙي قسم جا پاڳل اسپتال ۾ داخل ٿيڻ اچن ٿا، مون کي ضروري ڪم ھو، تنھنڪري انھن کي گھمائڻ وٺي نھ ويس، پر جمعدار کي حڪم ڪيم تھ انھن کي گھمائي اچي ۽ ڪي دلچسپ چريا بھ کين ڏيکاري، اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪيترائي فائل جاچي ۽ جدا ڪاغذ تي ڪجھھ نوٽ ھڻي، پنھنجو ڪم ختم ڪري ويٺو ھوس، تھ اھي دوست جمعدار سان گڏ گھمي واپس موٽيا. انھن مان ھڪڙي دوست مون کان مخاطب ٿي پڇيو: ”وارڊ نمبر پھرين ۾ ھڪ چريو سلطان نالي ڏٺو اٿم. ٻيليٰ ھو ماڻھو مون کي تھ چريو معلوم نٿو ٿئي، بلڪل چڱي طرح پيو ڳالھائي، جيڪي ڪي ھن کان ٿي پڇيم، تنھن جو مون کي پورو جواب ٿي ڏنائين. بيليٰ اھو نسورو ظلم آھي، انھ نگگدامن تي ڪھل ڪرڻ گھرجي، تو جھڙي ماڻھوءَ کي ائين ھرگز نھ ڪرڻ گھرجي، بلڪھ آئون عرض ڪندس تھ توکي ھن ماڻھوءَ جي ڪيس تي نظرثاني ڪري، ترت ھن جي اسپتال مان جان خلاصي جو بندوبست ڪرڻ گھرجي.“

سلطان چرئي جو نالو ٻڌي آئون سمجھي ويس، ۽ ھن دوست جي مھانڊي ڏانھن ڏسي مشڪڻ لڳس، ۽ ھن جي عجيب و غريب سوال جو جواب ھينئن ڏنم: ”اوھان ماڻھن جو خيال آھي تھ اسان وٽ جيڪي چريا آھن، سي الف کان وٺي ي تائين صفا چٽ چريا ھوندا، پر ائين نھ آھي. ڪن ڪن حالتن ۾ ائين نظر ايندو آھي تھ ھو بلڪل پورو ۽ سنئون سنڌو جواب ڏيندا آھن، پر تنھن ھوندي بھ ڪنھن ڪنھن مھل ھنن جي دماغ جي ڪل ڦريل ھوندي آھي، ڇا اڻڄاڻ ماڻھن کي خبر نھ پوندي آھي. سلطان چرئي جي حالت ۾ بھ ائين آھي. اصل ۾ ھن خون ڪيو ھو، ۽ مقدمو ھلي پوري ٿيڻ تي معلوم ٿيو تھ ھو چريو ٿي پيو آھي تنھنڪري ھن کي ھتي اسپتال ۾ رکيو ويو آھي.

دوست: مان تھ سمجھي نٿو سگھان تھ ائين ڪين ھوندو؟ ڇاڪاڻ تھ ھن جيڪي مون سان ڳالھيو ٿي، سو سڀ سمجھھ ڀريل ھو، ۽ ھن جيڪي منھنجي سوالن جا جواب ھئا، سي اھڙا پورا ھئا، جو ڪير چوندو تھ ھي ڪو چريو آھي.

آئون اوھان جيڪي چئو ٿ سو ٺيڪ آھي، پر جتي سندس ڪل ڦريل آھي، تنھن جي اوھان کي خبر ئي ڪانھي، ڀلا ثابت ڪري ڏيکاريانو تھ جيڪي آئون چوان ٿو سو سچ آھي؟

دوست: بيشڪ! ڇاڪاڻ تھ جيڪي اوھين چئي رھيا آھيو، تنھن ھيڪاري مون کي اچرج ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي آئون پاڻ وڌيڪ بيقرار  آھيان، تھ سڄو معاملو معلوم ڪريان. مون جمعدار کي سڏي پڪ ڪئي، تھ سڀني چرين ماني کاڌي آھي يا نھ. جڏھن اھو معلوم ڪري ورتم تھ کيس چيم تھ: ”سلطان کي ڇڏي ڏيو تھ ڀلي قبر تي وڃي.“

ٿوري دير کان پوءِ آئون سڀني دوستن کي پاڻ سان وٺي، اسپتال جي الھندي پاسي روانو ٿيس جتي ڪجھھ قبرون آھن، پر واٽ تي سڀني دوستن کي ٻڌائيندو آيس تھ اسين اسپتال جي الھندي ٿا وڃون جتي اسپتال جو اھو باغيچو آھي جنھن ۾ ڀاڄيون ٿيون پوکجن. اسپتال جي الھندي ديوار وٽ ڪي قبرون آھن جن مان ھڪ قبر تي ھلون ٿا، اتي ھڪ ٻي بھ قبر آھي جا اسپتال جي ماڻھن کان ٻڌڻ ۾ آيو آھي: تھ ڪنھن بزرگ جي آھي، ۽ سال بسال ھن بزرگ جو اسپتال جا ماڻھو عرس بھ ڪندا آھن. اسين جڏھن ھتي پھتاسون تھ ڏٺوسين، تھ بزرگ جي قبر جي ويجھو ھڪ ٻي قبر جي سيرانديءَ کان، ھڪ وڻ جي ڇانو ۾ سلطان بھ ويٺو ھو، مون کي ڏسي سلام ڪيائين ۽ انھن دوست کي ڏسي سڃاڻي کين کيڪاريائين ۽ پڇيائين تھ: ”اوھين ھن قبر تي ڇو آيا آھيو؟“

ايترو چئي قبر ڏانھن منھن ورائي اکين ۾ پاڻي آڻي مايوسيءَ سان ڏسڻ لڳو. ھن جذباتي موقعي جو فائدو وٺي مون کيس چيو تھ ”سلطان ھي منھنجا دوست آھن جي ڪراچيءَ کان آيا آھن ۽ ھن قبر بابت توکان ڪجھھ خبرچار وٺڻ ٿا گھرن، مون کي اميد آھي تھ تون انھن کي مايوس نھ ڪندين  ۽ جيڪي توکي معلوم آھي سو سربستو احوال ھنن کي ٻڌائيندين.“

پھريائين تھ ھن سڀني جي چھرن کي شڪي نظرن سان ڏٺو، پر پوءِ سڀني کي خاموش ۽ سنجيدو ڏسي چوڻ لڳو تھ، چڱو ھتي ويھي رھو! اوھين ٻڌڻ ٿا گھرو تھ آئون اوھان کي سڀ ڪجھھ ٻڌائيندس.“

ھتي آسپا وڏا پٿر ۽ ڪي سرون پيون ھيون منھنجن دوستن پٿر کڻي ۽ ڪن سرون کڻي ڪن کيسن مان پنھنجا پنھنجا رومال ڪڍي انھن کي چڱي طرح ڇنڊي انھن تي ڄمي اطمينان سان ويھي رھيا، آئون بھ ھڪ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رھيس.

سلطان جڏھن سڀني کي ٻڌڻ لاءِ تيار ڏٺو تھ پاڻ بھ ٿورو اڳتي گسڪي زمين تي پاٿاري ھڻي ويھي رھيو ۽ پنھنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيائين:

اسين ھاري ماڻھو آھيون سو ڀرڳڙي جي ڳوٺ ۾ مير الھداد خان جي ٻنين تي ھارپ ڪندو ھيس ڳوٺ ۾ ھڪ نوجوان ڇوڪرو بھ رھندو ھو، الائي ھو ڪير ھو! ڪٿان آيو ھو ڪنھن کي خبر بھ نھ ھئي، ڳوٺ جا ننڍا وڏا ھن کي مستان ڪري سڏيندا ھئا، چون ٿا تھ ھن جا مائٽ سڀ مري ويا ھئا، پاڻ ڇورو ڇنو ھو، ڳوٺ جا ماڻھو کانئس ڪم ڪاج ڪرائيندا ھئا تھ ڏاڍي خوشيءَ سان ڪري ڏيندو ھو ڪنھن کي بھ انڪار ڪونھ ڪندو ھو ۽ جنھن گھر مان بھ ماني ٽڪر گھرندو ھو تھ ھن کي خوشيءَ  سان ڏيندا ھئا. ٻھراڙيءَ ۾ لسيءَ جي لپ ۽ ڳاڙھن چانورن جي مانيءَ ٽڪر جي بک ڪانھن ھوندي آھي. انھيءَ ڳوٺ ۾ علڻ ھاري بھ رھندو ھو جنھن جي ھڪ نينگري جنت ھئي، جنت چوڏھين جي چنڊ جھڙي ھوندي ھئي اھو مستان سڄو ڏينھن انھيءَ ڇوڪري جنت سان پيو کيڏندو ھو، اڄ ننڍا  سڀاڻ وڏا. نيٺ وڃي جوان ٿيا، ٻنھي ۾ قرب پيدا ٿي پيو پر علڻ سياڻو ھو تنھنڪري ھن ھاڻي ٻنھي جو گڏجڻ بند ڪري ڇڏيو. جنت کي گھر ۾ قابو ڪري ڇڏيائين ۽ ان جو ٻاھر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيائين، جا ڳالھھ ھر شريف ماڻھوءَ کي جڳائي، انھيءَ ڏينھن کان وٺي مستان تمام اداس ۽ ملول گذارڻ لڳو نيٺ ھڪ ڏينھن وجھھ وٺي ٻئي ڄڻا سج لٿي مھل ھڪ وڻ جي ھيٺ گڏيا. اھو وڻ ساڳيو آھي جتي اسان جو ڊاڪٽر صاحب بيٺو آھي، ھن جي ائين چوڻ تي سڀني دوستن منھن ڦيرائي، انھيءَ جاءِ کي ڏٺو جنھن تي آئون بيٺو ھوس ۽ پوءِ پاڻ ۾ نظر ملائي، معنيٰ خيز نموني ۾ ھڪٻئي کان ڏسڻ لڳا، پر سلطان بنا ڪنھن رنڊڪ ۽ سمجھھ جي پنھنجو قصو اڳتي ھلائيندو ھليو.

مستان ۽ جنت پاڻ ۾ خوب دل کولي ڳالھيون ڪيون، ڇوڪريءَ انجام ڏنو تھ ھو مستان کان سواءِ ٻئي ڪنھن سان بھ ڪانھ پرڻبي. ٻيون بھ ڳالھيون ٿيون، جن جو نتيجو اڳتي ٻڌندا. ڇوڪري پيءُ سان وڃي ڳالھھ ڪئي تھ ھو مستان کان سواءِ ٻئي ڪنھن سان بھ شادي نھ ڪندي. مائٽن رات جو ڇوڪريءَ کي خوب ڪٽيو، نيٺ رات جو سڀئي سمھي پيا نڄاڻان مستان ۽ جنت جڏھن سج لٿي گڏيا ھئا تھ ڀڄي وڃڻ جي صلاح ڪئي ھيائون تنھڪري آڌي رات جو جنت لڪ ڇپ ۾ گھران نڪري آئي ۽ جيئن  ڇوڪري ۽ مستان ڳوٺ مان ڀڄي وڃڻ جا سانباھھ ڪري رھيا ھئا تھ ڪتن جي ڀونڪڻ تي ماڻھو جاڳي پيا ۽ ٻئي جھلجي پيا، ويچاري مستان تي چوريءَ جو الزام ڌري کڻي قابو ڪيائونس، ڪيس ھليو ۽ مستان کي ھڪ سال جي سزا اچي وئي.

ڇھھ مھينا ڳالھين ڪندي گذري ويا، مستان کي ڳوٺ ۾ سڀڪو ڀلجي ويو ڄڻ تھ اھڙو ماڻھو ڪو ھو ئي ڪونھ، پر جنت جي دل تان ھن جي يادگيري نھ لھڻي ھئي سا نھ لٿي. علڻ ھن جي شادي ڳوٺ جي ھڪ ٻئي ڇوڪري سان ڪرڻ گھري ٿي پر جنت صفا انڪار ڪري بيٺي، تھ ”مان ھن سان شادي اصل نھ ڪندس.“ علڻ ڇوڪريءَ جي پيءُ وٽ وڃي ڳالھھ ڪئي تھ ڇوري صفا انڪار ڪيو بيٺي آھي ھاڻي ٻڌاءِ تھ ڇا ڪجي، اھڙي حالت ۾ تھ آئون سادي لاءِ زور ڪري نٿو سگھان، ڇوڪريءَ جي پيءُ پڇيس تھ ڇوڪري ڇو ٿي انڪار ڪري ۽ جي انڪار بھ ڪري تھ تون پرواه نھ  ڪر. علڻ وراڻيو تھ يا! جنت اڃا انھيءَ مستان سان نينھن لڳايو ويٺي آھي، ھن جو خيال اڃا جنت جي دل تان نٿو لھي ضد ڪيو ويٺي آھي تھ شادي ڪندس تھ مستان سان ڪندس، ڇوڪريءَ جي پيءُ چيو تھ ھاڻي ھڪ ڪم ھي ڪر جو ڇوڪريءَ کي منھنجي پٽ سان گڏجڻ ڏي تھ ھو پاڻھي کيس ٿورن ڏينھن ۾ ٺاھي وٺندو. منھنجو پٽ بھ گھٽ سھڻو نھ آھي، پاڻ ۾ گڏجندا تھ دلين ۾ جاءِ جڙي پوندن نيٺ گھڻي ردوبدل کان پوءِ جنت جي پيءُ اھا ڳالھھ قبول ڪئي، موسيٰ جو پٽ بھ ڪو وڏو احمق ھو سو ڪم ٺاھڻ جي بدران اٽلو بگاڙي ورتائين. جنت سان جڏھن گڏيو تھ وٺي مستان جي گلا شروع ڪيائين، جنھن باھھ تي تيل جو ڪم ڏنو ۽ جنت کي ھيڪاري وڌيڪ ڀڙڪائي وڌائين. اڳتي ھن سان ملڻ جي بجاءِ  جنت ھن کان سخت نفرت ڪرڻ لڳي، ساڻس  ملڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ نٽائڻ لڳي، ڳالھھ کي ھٿ مان ويندو ڏسي ۽ بازي ھارائيندو سمجھي موسيٰ ھڪ کيڏ پکيڙي ۽ حرفت کان ڪم ورتائين، اوچتو شھر ۾ افواه پکڙجي ويو تھ مستان جيل ۾ گذاري ويو. مون پاڻ ڏٺو تھ ھن ڳالھھ جو جنت کي ڏاڍو صدمو پھتو ۽ ڪيترن ڏينھن تائين پي رنائين، نھ کاڌائين تھ پيتائين، کٽ تي اونڌي ٿي پئي ھوندي ھئي، نيٺ ھڪ ڏينھن سندس پيءُ علڻ کيس سمجھايو تھ بابا مرڻ جيئڻ ھر ڪنھن سان لڳو پيو آھي. خدا جي مرضيءَ سان ڪير جھيڙو ڪري، مستان جيڪڏھن جيئرو ھجي ھا تھ مون بھ دل ۾ فيصلو ڪيو ھو تھ تنھنجي شادي ھن سان ئي ڪريان ھا، پر ھاڻي ڇا ٿو ڪري سگھجي، جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿيو سواءِ صبر ڪرڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونھي. ھن ڳالھھ جنت تي چڱو اثر ڪيو. ڪجھھ ڏينن کان پوءِ علڻ  وري ساڻس شاديءَ جي ڳالھھ جنت چوري تھ موسيٰ جو پٽ بھ ھڪ سھڻو جوان آھي، جيتوڻيڪ مستان جو مٽ نھ آھي پر ھاڻي ڳوٺ ۾  مون کي اھوئي ٿو سمجھي، تنھنڪري جي تون چوين تھ ان سان تنھنجي شادي کڻي ڪريان پر جنت کي پيءُ جي ھيءَ ڳالھھ تير وانگر ٿي لڳي تنھنڪري کيس جواب ڏنائين تھ بابا منھنجي شادي مستان سان ٿي چڪي. خدا ان جو شاھد آھي، ھاڻي آئون ڪنھن سان بھ شادي نھ ڪنديس، علڻ نھايت ھوشيار ھو، تنھن وراڻيو تھ ڌيءَ تنھنجي اڃا عمر ڪيتري؟ تو دنيا ۾ اچي ڇا ڏٺو؟ ڇو ٿي پنھنجي عمر اجائي وڃائين؟ تنھنجي ماءُ ھجي ھا تھ توکي ائين ڪڏھن نھ ڪرڻ ڏئي ھا، آئون تنھنجي ماءُ کي مٿي پھچي ڪھڙو جواب ڏيندس. ھاڻي ڏاھي ٿي منھنجي اڇي ڏاڙھيءَ کي ڏس، کڻي مڃ! شادي ڪري وٺ. پر جنت نابري واري بيٺي ڪنھن بھ طرح قبول نھ ڪيائين. ٻھ مھينا کن ٻيا بھ گذري ويا جنت نيٺ مستان کي وسارڻ لڳي. زمانو سڀ ڪجھھ ڀلائي ٿو ڇڏي نيٺ مستان جو خيال جنت جي دل تان مٽجڻ لڳو، علڻ جو وارو وري آيو، جنت کي ھاڻي ياد بھ نھ رھيو تھ ڏھھ مھينا اڳي ھن مستان سان ڪھڙو انجام ڪيو ھو، آه! دنيا ڪيترا نھ وعدا ٿي ڪري ڪو پاري بھ ٿي؟ نيٺ ھڪ ڏينھن موسيٰ جي پٽ جي شادي علڻ جي ڌيءَ جنت سان، ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي وئي ۽ ٻئي آرام سان وقت گذارڻ لڳا. ٻن مھينن کان پوءِ ھڪ ڏينھن جنت واھ جي ڪپ تي پاڻي ڀرڻ وئي ڏسي تھ ھڪ ماڻھو واھ جي ٻئي ڪپ تي سندس سامھون اچي بيٺو آھي اھو مستان ھو ڪجھھ دير تائين جنت ھن کي حيرت سان ڏسندي رھي، ۽ پوءِ رڙ ڪري پٺتي ڀڳي. چيائين: ”ڀوت ڙي ڀوت!“ پر سچ پچ تھ اھو مستان ھو جنھن جنت کي چيو تھ ”جنت! ڇا ھڪ سال جي اندر آئون ڀوت ٿي ويو آھيان؟ ڇا تو پنھنجو انجام وساري ڇڏيو؟ تو وعدو ڪيو ھو تھ ٻئي ڪنھن سان بھ شادي نھ ڪندس تو پنھنجو انجام ائين پاريو؟“

جنت ھن جون اھي ڳالھيون ٻڌي ڏڪي رھي ھئي، پر ھمت ڪري چوڻ لڳي تھ ”مون ٻڌو ھو تون جيل ۾ مري ويو ھئين.“

مستان وراڻيو تھ ”ڪير ٿو چوي؟ مان تھ جيل ۾ جيئرو جاڳندو ھئس، توسان ملڻ جي اميد ۾ تڳي رھيو ھوس.“

جنت اھو ٻڌي حيران رھجي وئي ھن سمجھي ورتو تھ ھن سان ڌوڪو ۽ دولاب ڪيو ويو آھي، مستان جي مرڻ جي سموري خبر ڪوڙي ھئي، جنت ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”مستان! مون کي افسوس آھي جو مون سان ڏاڍو ڊوھ ڪيو ويو آھي، مون کي فريب ڏنو ويو آھي منھنجي شادي تھ ٿي وئي آھي.“

مستان جي اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا، سڏڪا ڀريندي ھن چيو تھ ”او بيوفا! بي حيا! تو خوب پنھنجو انجام پاڙيو، ساري دنيا بيوفا آھي، ڪوڙي دغا باز آھي، ائين چوندو ھو ھڪ پاسي ڀڄندو ھليو ويو. جنت گھر پھچي ڳالھھ پنھنجي مڙس کي ڪري ٻڌائي، جنھن کيس قسم کڻي ٻڌايو تھ ”جنت! سچ پڇين تھ مون بھ ائين سمجھيو ھو تھ مستان جيل ۾ مري ويو آھي، انھيءَ سازش ۾ منھنجو ڪو ھٿ ڪونھ ھو.“

جنت ۽ سندس مڙس پنھنجي گھر ۾ ستا پيا ھئا آڌي رات جو وقت ھو تھ ڪو ماڻھو سندن گھر ۾ کاٽ ھڻي گھڙي آيو ھڪ پاسي فانوس پئي ٻريو، ھن ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ ڪھاڙي ھئي، آواز ۽ کڙڪي تي جنت ۽ سندس مڙس سڄاڳ ٿي پيا ۽ ٻئي ڄڻا اٿي ويٺا. ھي شخص جنت جي مڙس جو دشمن ھو جنھن سان ھو سانجھيءَ جو پاڻيءَ جي ڪڙئي تي وڙھي آيو ھو. ھي شخص کاٽ ھڻي اندر گھڙي آيو ھو ۽ ڪھاڙي کڻي جنت جي مڙس تي وار ڪرڻ ٿي گھريائين تھ پٺيان ڏاڍي ڦڙتيءَ سان ھڪ ٻيو ماڻھو بھ اندر لنگھي آيو، ھڪل ڪري چيائين تھ ”خبردار! جي ڪنھن تي وار ڪيو اٿئي.“ اھو شخص مستان ھو، ڪھاڙي وارو شخص ٻنھي زال مڙس کي ڇڏي پٺتي ڦريو ۽ مستان کي خالي ھٿين ڏسي ڪھاڙيءَ سان الر ڪري زور جو ڌڪ ھنيائين. ڌڪ لڳڻ شرط مستان ھيٺ ڪري پيو ۽ ٻيو وار ڪرڻ ٿي گھريائين، تھ جنت جي مڙس ٻنھي ھٿن سان ڪھاڙيءَ جي ڳن کي مضبوط جھلي ورتو. گوڙ تي ٻيا ماڻھو بھ جاڳي پيا، دشمن خطرو محسوس ڪري ھتان فرار ٿي ويو. جنت ڏٺو تھ مستان جي ڪنڌ تي سخت ڌڪ لڳل ھو ويچاري ڦتڪي ڦتڪي پنھنجو ساھھ ڏنو، جنت کي ھاڻي خبر پئي تھ ڪيئن نھ مستان ھن جي ڪري ۽ سندس مڙس کي بچائڻ خاطر جان جوکي ۾ وڌي ھئي. تنھن ھڪ رڙ ڪئي ۽ مستان جي لاءِ تي ڪري پئي، ۽ اتي ئي ھن جو بھ ساھھ  نڪري ويو، گوڙ تي ڳوٺ جا ماڻھو اچي ويا مڙيا. ھيءَ قبر جيڪا اوھان ڏسو ٿا سا ھڪ قبر نھ آھي پر ٻھ آھن ٻنھي عاشق معشوق کي ھڪ ٻئي جي پاسي ۾ پوريو ويو آھي ۽ قبر کي ھڪ ڪيو ويو آھي.“

انھيءَ تي منھنجي ھڪ دوست پڇيس تھ ”موسيٰ جي پٽ جو ڇا حال ٿيو؟ تھ سلطان جواب ڏنو، ”دوستو! پوليس آئي ۽ موسيٰ جي پٽ کي گرفتار ڪري چالان ڪيو تھ خون موسيٰ جي پٽ ڪيو ھو نھ ڌاڙيل. ڇاڪاڻ تھ جنھن وقت ماڻھو اندر لنگھي آيا تھ ڪھاڙي رڳو موسيٰ جي پٽ جي ھٿ ۾ ھئي ۽ مستان زمين تي ليٽيو پيو ھو، جنھن جي لاش جي مٿان جنت جو لاش پيو ھو. پوليس وارن جو چوڻ ھو تھ ڌاڙيل جو قصو رڳو ڳوٺ جي ئي ماڻھن جو ٺاھ ٺاھيل ھو تھ جيئن انھيءَ بھاني سان موسيٰ جي پٽ کي بچائي وٺجي، نھ تھ اصل ۾ مستان کاٽ ھڻي اندر ٻنھي زال مڙس کي مارڻ جي نيت سان آيو ھو، پر جنت جو مڙس جاڳي پيو جنھن ڪھاڙي مستان کان کسي ان کي ماري وڌو.

ٻئي دوست پڇيس تھ، ”ڀلا تنھنجو خيال آھي؟“ سلطان کلندي جواب ڏنو تھ، ”سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا. جج بھ ڪو بيوقوف ھو اھو خيال نٿي ڪيائين تھ موسيٰ جي پٽ خون ڪيئن ڪيو ھوندو؟ ڇا ھن جو وڪيل اھو بچاءُ  پيش نھ ڪري سگھي ھا تھ ھن پنھنجي بچاءَ ۾ مستان کي ماري وڌو، تنھنڪري ھن جو ڪھڙو قصور؟ جيڪڏھن سڇ سچ ڌاڙيل موجود ئي ڪونھ ھو تھ اھڙي بچاءَ کي ڇڏي چوڻ تھ ڌاڙيل ھو، ڇا انھن جي حماقت نھ ھئي.؟“

ٻئي دوست پڇيس تھ ڀلا موسيٰ جي پٽ جو ڇا ٿيو؟ مشڪي جواب ڏنائين تھ، موسيٰ جو بدنصيب پٽ اوھان جو گولو سلطان، اوھان جي سامھون حاضر ويٺو آھي، مقدمي ختم ٿيڻ کان پوءِ الائي جج صاحب کي ڇا ٿيو جو مون کي ھتي ڏياري موڪليو اٿس، ھاڻي آئون اتي انھيءَ عاشق معشوق جي قبر تي مجاور ٿي ويٺو آھيان.

قص ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀئي دوست موٽي آفيس ۾ آياسين، مون کلندي انھن کان پڇيو تھ ڪيئن ڇا ٿا چئو تھ سلطان چريو آھي يا نھ؟

ھڪ ڄڻي چيو تھ ”ڇا ھي ڳالھھ سچ آھي؟“ تھ مون وراڻيو تھ، ”ڪوڙي ھجڻ ۾ بھ تھ ڪو شڪ نھ آھي، سلطان سالم دماغ نظر اچي ٿو رڳو ھن ڳالھھ ۾ سندس مغز ٺيڪ نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ڳالھھ تھ مسو ڀرڳڙي جي آھي ۽ قبر چرين جي اسپتال اندر. واقعو ٻاھر ٿيل آھي، نھ ھتي باقي ممڪن ٿي سگھي ٿو تھ پوليس ھميشھ جي عادت موافق ”چور نھ تھ چاڪي سھي“ وانگر موسيٰ جي پٽ سلطان کي ڦاسائي ڇڏيو آھي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com