سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آيل ڙي اولاڻا

باب:

صفحو :6

آئون زنجير ٽوڙڻ لاءِ سارا ڪشت، ساري شڪتي، طاقت گڏ ڪري زور ڏيان ٿو، پنھنجي ٻانھن جو ٻل آزمايان ٿو. ساڻا کاڻا ھڏ، سنڌ سنڌ کان اکڙيو ٿا پون. سھڪيو سھڪيو ٿو وڃان، پگھريو پگھريو ٿو وڃان. ڦڦڙ ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي. ڦاٽيو ھانڀارو ٿا ھڻن. آئون ھر واري سھڪيو سھڪيو، ڪنڌ لاڙيو ٿو ڇڏيان، نئين شڪتي گڏ ڪرڻ لاءِ.

ماڻھو پنھنجي واٽ اچن پيا، ماڻھو پنھنجي واٽ وڃن پيا. ھيڊا ھيڊا ھراسيل ماڻھو، رت چوسيل، موھ ٽوھ جي گھاڻن ۾ پيڙيل نپوڙيل، چاڪيءَ جي ڏاند جيان اکين تي عينڪ جا کوپا چاڙھيل، ميڄالا نڪتل، جڳن کان برين واش ڪيل، چريا کريا موڳا ماڻھو.

ڇا مان چريو آھيان؟

اھو سڀ ٺيڪ آھي؟

ڇا اھو نياءُ جي ساھميءَ ۾ تورن جي ارٿ پٽاندڙ آھي؟

ڇا اھو سڀ ڪجھھ برداشت ڪرڻو آھي؟

ٻڌايو، اوھين سڀ چپ ڇو آھيو؟ جواب ڇو نٿا ڏيو؟

تھ پوءِ ٻڌو، اوھين سڀ وڏا ....... آھيو، مئل ماڻھو ٿڪي ٿو...... آخ ٿو....

آئون رانڀاٽ ڪري روئان ٿو، ھانڀارون ھڻي، ڪنڌ کي ڌونڌاڙون ڏئي روئان ٿو. سڀ چون ٿا تھ تون چريون آھين. سڄي شھر وارا، ٻيا تھ ٺھيو، پر منھنجي پنھنجي جيجل ماءُ بھ! ماتا، ڄڻيندڙ، جنني، پالڻھار. ذھن ڌوڏو ٿو کائي. آئون ڏڪان پيو. مان بند ڪمري ۾، نينڻ ٻوٽي، مونن ۾ منھن وجھي، ماضيءَ جي جھروڪن ۾ ليئا پايان ٿو، جھاتيون، گذري ويل وقت جي لوگھن مان.

 سارو جيون سانوڻ جي سنڌوءَ جيان وھندو ٿو وڃي، پنھنجي ساڳي گنڀيرتا سان. جيون، جنھن جو ٻيو نالو وھڪ آھي، پالوٽ، اونچن اونچن برفيلن پھاڙن کان ھيٺ، ھيٺاھين ڏانھن. اھا آھي ڪڏھن نھ ختم ٿينڊر جيون چر پر. اٿل، پالوٽ سرشٽي جي! ڪاشيءِ، ڪوبھ پل مڪت ڪونھي، ڪوبھ نھ، پوءِ بھ ھرڪا شيءِ، ڪو ڪو پل مڪتي ماڻيل آھي، ڪڏھن نھ ڀسم ٿيندڙ، درياھن جيان، ڌارائن جيان، برفيلن پھاڙن جيان، سمونڊن جيان.

ذھن جي ڇوٽ سامونڊي ڇولين مان ساروڻن جي ھڪ ڇولي مون کي الائي ڪٿي اڇلائي ٿي ڇڏي، ڄاتل ڪنارن ڏانھن، واھڙن ڏانھن، کيتن ڏانھن. مان ڏسان پيو:

ھڪ واھڻ آھي، واھڻ ۾ ٻھ وڏا ڪپڙي جا تنبو آھن، ٽينٽس ۽ ٻيا ڪکن جا ڇنا، جن جي ڇتين ۽ پاسن کان ڏامر جي پراڻن وڍيل پيپن جون چادرون ڏنل آھن. انھن جي مٿان ڪولھياڻين جا پراڻا ڇنل پڙا ۽ پولڪائون آھن، ڌوئي اس تي وڌل ڪپڙا.

ھڪ تيرھن سالن جو سانورو ٻار، بس کي روڪي لٿو آھي. کير جھڙي اڇيءَ گنجي مٿان ھيڊي ريشمي چوڪڙيءَ تي خوبصورت بش ڪوٽ. مٿان تنگ ۽ ھيٺان ويڪري وڏن پاچن واري، ڳوڙھي ھيڊي بيل باٽم پينٽ. ڪنڌ تائين لڙيل وکريل وڏا وار، نئون چيچاٽي ڪارو بوٽ، ھٿ ۾ ننڍڙي رٻڙ جي بيگ، پگھر مان شم.

ٻار بس مان لھندي ئي پھرين نئين روڊ ڏانھن نھاري ٿو. بلڪل انجنيئرن واري انداز سان سڙڪ جي سڌ ڏانھن، ڄڻ ڏامر جي سڙڪ جو ڪاڇو ٿو ڪري، ان جي لس ۽ ليٽ ڏسڻ لاءِ. سڙڪ تي پري پري ڪٿي خطري جي نشاني واريون ڳاڙھيون جھنڊيون کتل آھن ۽ پاسي کان پري پري تائين خالي ٿيل ڏامر جا پيپا ۽ ريتي، بجري ۽ پھڻن جا ڍير. ٻار ھٿ ۾ ٻڌل خوبصورت گھڙيءَ ڏانھن نھاري ٿو. اڃا صبح جا يارھن بھ نھ ٿيا آھن. آسمان ۾ جھڙ جا ڪجھھ آثار آھن. ٻار وري اڌ فرلانگ کن پوئتي، سڙڪ جي ساڄي ٻاسي ٻنھين تنبن ۽ لوھھ جي چادرن وارن ڇنن ڏانھن نھاري ٿو ۽ بيگ کڻي ھوريان ھوريان تنبن ڏانھن وڌڻ لڳي ٿو. تنبن مان ھڪ تنبو سندس آھي ۽ ٻيو سندس ٻئي ڄنگھون وڍيل، اپاھج ٺيڪيدار پيءُ جو آھي. باقي سڀ گھروندا ۽ ڇنا، مزورن جا آھن، جن کان ٿورو ئي پريان، وڻن جي جھنڊ ھيٺان ڀيلن ۽ ڪولھياڻين جا ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا پٽ تي مٽيءَ جي پنوڙن سان اوڪ بوڪ راند کيڏندا ٿا نظر اچن، جن کي ڏسي ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. ڇوڪرو ڪا شيطاني ياد ايندي، لڪندو ھڪ تنبوءَ پٺيان اچي ٿو ۽ ھڪ ننڍڙي خوشي ماڻڻ لاءِ سوٽ ڪيس مان بسڪوٽن جا ٻھ پيڪٽ ۽ کٽمٺن جو گروس ڪڍي، پيپن ۽ چادرن وارن ڇنن پٺيان لڪندو، وڻن جي جھنڊ ھيٺان کيڏندڙ ٻارڙن مٿان لڪي بسڪوٽن جا پيڪٽ ۽ کٽمٺن جو گروس اڇلائي ٿو ۽ يڪدم سوٽ ڪيس بند ڪري، لڪندو پنھنجي تنبوءَ ڏانھن ڊوڙي ٿو. ٻارڙن جو شور سندس ڪنن ۾ گونجي ٿو. ٻار پاڻ ۾ ڇن پٽ پيا ڪن کٽمٺن ۽ بسڪوٽن لاءِ.

ڇوڪرو لڪي، اتاولن ٻارڙن جي ڇن پٽ ڏسي، خوشيون ماڻيندو، پنھنجي تنبوءَ جي ڪپڙي واري در مان تنبوءَ ۾ اچي ٿو ۽ کن لاءِ بيھجي وڃي ٿو، نئين شرارت لاءِ. کٽ تي اجرڪ مٿان واريو ستل آھي ھڪ عورت، گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ ۽ الوپ. ساري ڍڪيل. رڳو پيرانديءَ کان سندس سھڻا، سانورا ڌوتل ڌوتل پير، اڌوگابرا ٻاھر آھن ۽ پيرن جي آڱرين ۾ پيل اٿس پتل جا ميناڪاري وارا رنگا رنگ ڇلا. ٻاھر ٻارڙن جو اڃا شور آھي. ڇوڪري کي نئون رونشو ٿو سجھي. ھو پھرين عورت جي آڱوٺي ۾ چڪ ھڻڻ لاءِ پيراندي گوڏن ڀر جھڪي وات وڌائي ٿو، پر پوءِ اچانڪ پوري طاقت سان اجرڪ جي پلو کي سٽ ڏئي، عورت مٿان اجرڪ لاھي ٿو ڇڏي.

ھڪ ٻارھن تيرھن سالن جي ڇرڪڻي ڪولھڻ نينگري وٽ کائي، ڪوراڙ بلا جيان ڪيڪ ڪري ٿي اٿي. ڇوڪرو ڇرڪ ڀري ٻھ ٽي قدم پوئتي ھٽي ٿو وڃي، تنبوءَ جي در ڏانھن. ڇوڪري ھڪدم ڀيانڪ سپنو سمجھي، جاڳيل ننڊاکڙي حالت ۾ ھڪدم سٿرن تائين کڄي ويل پڙي جا ڀنگ ھڪدم بُڪين تائين ھيٺ ٿي ڪري پيرن تائين، ستر لاءِ ڍرڪي ويل ڍرو نينھنگ مٿي ٿي ڪري ۽ ڇوڪري کي ڊناڻو، ھيساڻو، پاڻ ۾ گھور ٻڌي نھاريندو ڏسي، ستر لاءِ پھرين ارھن مٿان پولڪا تي ھٿ ڏئي ٿي، پوءِ ھڪدم منجھي ٻنھي ھٿن سان ننگي ڍڍري ڍڪي ٿي ۽ چنري ڳولھڻ لاءِ کٽ ڏانھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ٿي ۽ لڄ کان اکين تي ھٿ ڏئي ٿي ڇڏي.

”تو کون ڻڍ؟“

”سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو...... سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو.....“ سڀ ننڍڙا ٻارڙا شور مچائيندا، تنبوءَ ۾ اچن ٿا. ڇوڪرو پريشان ٿي، ڪنڌ لاڙي، ٻئي تنبوءَ ۾ ھليو ٿو وڃي، ڏاڍو ھيساڻو.

ھن تھ سمجھيو ھو تھ کٽ تي سندس ڪولھڻ ماتا مرادا ستل ھوندي، جا کيس ڇھن مھينن جي ڄمار کان ھنج ۾ کنيو ڪن ڪتايون ڪرائيندي پئي اچي. ڀلا مون کي ڪھڙي خبر تھ سندس کٽ تي ڪو ٻيو سمھي سگھي ٿو. ھيءَ ڪير ڇوڪري آھي ۽ ايڏي ڌوتل پوتل ريشمي پڙو، سونو بولو، چانديءَ جي ٻانھين، نراڙ تي ياقوت جھڙو تلڪ، ڪير آھي؟ ڇا ھوءَ ماتا مرادا سان شڪايت تھ نھ ڪندي ۽ ماتا بابي سان؟

”سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو.... سيٺ نوڏيڪرو آڳيو......“ سڀ ٻارڙا شور مچائيندا سندس تنبوءَ ۾ گھڙي پون ٿا، پر ھراسيل اٻاڻڪي ڇوڪري کي ٻار نٿا وڻن.

”ڀاڳي زائو، ڏوڙي زائو، وڻا ماٿي کيلو.“ ڇوڪرو سڀني ٻارڙن کي دڙڪا ڏيئي، وڻن ڏانھن راند کيڏڻ لاءِ ڊوڙائي ٿو ڇڏي. سڀ ٻار توائڙا ٿي ڏانھس حيرت مان نھاريندا وڻن ڏانھن ھليا ٿا وڃن.

منجھاڻو ڇوڪرو ٻئي تنبوءَ ۾ بستري مٿان ڊھي ٿو پوي، گھڙيءَ گھڙيءَ نيڻن آڏو ساڳيو چھچٽو، ساڳيو ڏيک ڊوڙندو ٿو اچيس:

سھڻا ڌوٻيءَ ڌوتل پير، اجرڪ، سٽ، سنھڙي ڪيڪ، ڊيڄوڙو، سانورين سنھڙين سنھڙين سھڻين لسڙين رانن ۽ بڪين مٿان جھٽ جھٽ پڙي جي گھيرن جو وري وڃڻ، تجلا ڏيندڙ پولڪا، تلڪ، مک، ھٿ، پير، ڪرايون، آڱريون، پيٽ، سنھڙي چيلھھ، ٿلھھ ۽ اونھون اونھون دن، ڳاڙھاٽيل مک، ستر لاءِ سٽون ڏيندڙ ھٿ، اکين تي، پولڪا تي، پيٽ تي، وري ٻر ٻر ٻرندڙ اکين تي. ڪير آھي، ڇا ماتا مرادا جي مائٽيائي؟ ڪيڏي نھ سھڻي آھي؟ ڇوڪري کي انگريزي رنگين فلم ”ٿيف آف بغداد“ جي ڇھن ھٿن واري ننگي نچڻي ياد اچي ٿي، جا نچندي نچندي بغداد جي پوڙھي باشاھ کي ڀاڪر پائڻ ويل، ڇرو سندس پٺن ۾ ھڻي ٿي ڪڍي. اف، ھيءُ تھ نچڻيءَ کان بھ وڌيڪ سھڻي ۽ سوڀناڪ آھي ۽ تلڪ؟ ڇوڪري کي ”ٿيف آف بغداد“ فلم جي ننڍڙي ھيرو صابوءَ کي ديو جي چوڻ تي، پھاڙن جي وچ ۾، وڏي جادوئي مندر مان لنگھندي، ھڪ خوفناڪ آدم خور ڪوريئڙي کي ماري، وڏي انگاس بت جي نرڙ مان تلڪ سمان لڳل ھيرو ڪڍڻ واري سين ياد اچي ٿي.

ھان!.... رنگين فلم جي ڪوڙ کان ھيءَ ساڀيان ڪيڏي نھ سھڻي آھي! ساڳيو منظر، ساڳئي موھ مان سندس اکين آڏو فلم جي رول جيان ڦرندو ٿو رھي، ڇوڪرو بستري تي اسانت آھي ۽ ھڪ وڏي جادوئي موھ ڄار جي تارن ۾ ڦاسي، ڦٿڪي پيو، ڀوڳي پيو. کن مٿان کن، پل مٿان پل گذرندا ٿا وڃن.

”ٻاٽي کاڌي ھي؟“

ڇوڪري ھٿ ۾ لسيءَ جو وٽو کنيو، تنبوءَ ۾ آئي آھي. پنھنجو پاڻ کي مورچٽ رئي ۾ ويڙھيو بيٺي آھي. کن مٿان کن، پل مٿان پل گذرندا ٿا وڃن. ھر ڪا شيءَ پنھنجو وجود وڃائي ٿي ويھي، لسيءَ جو وٽو بھ. وچ ۾ رڳو ھڪ موھ جو جادو آھي، نيڻن جي تاسارين ۾ نيڻ ڄمي وڃن ٿا، نيڻ جھڪي وڃن ٿا، نيڻ مٿي کڄن ٿا. اکڇنڀ جو کيل، اڃيا نيڻ ڍاپن نٿا. تؤنس کان کامندڙ، اواڪ اڃيا اندر. ھانو، وقت جا ھلندڙ بي حس گھڙيال. اوچتو نينگري نيڻ جھڪائي، لسيءَ جو وٽو ٽپائيءَ تي رکي، ٻئي تنبوءَ ڏانھن ھلي ٿي وڃي. ساروڻن جي ھڪ ٻي ڇولي ڇلندي ٿي اچي:

ڊناڻو ھيساڻو ساڳيو نينگر، ساڳئي تنبوءَ جي در تي بيٺو آھي، چورن جيان، موھ ڄار جي ڪن ۾ ڦاٿو، ستل نينگريءَ جي اونھي اونھي دن ۾ نيڻ کپايو. ”شيوا.....“ ھو ڳالھائڻ چاھي ٿو، پر اکر نڙيءَ جي اونھاين مان اورانگھين نٿا. نينگري جي ننڊ ۾ ڦٿڪو آھي، ڪجھھ جاڳ جھڙو ڪجھھ آڳ جھڙو.

ڇوڪرو ڀوڳي پيو، موھ جا تار ٽوڙڻ لاءِ لڇي پيو. رڳو ٽن وکن جي وڇوٽي تي تھ آھي، پل صراط. اوچتو ھڪ ئي سٽ سان ڇوڪرو سارا ڄار ٽوڙي، اونھي اونھي دن جي ڪين ڪن تائين پھچي وڃي ٿو. اونڌن گوڏن ڀر ويھي، کٽ جي ٻانھينءَ کي ھٿ سان جھليو، نينگريءَ جي ننگي ڪامڻي پيٽ ۾ نھاريندو رھي ٿو. اونھي اونھي دن جي کونھر ۾، رڃ پانڌيءَ جيان، ٻڏي وڃي ٿو. اواڪ اڃيا چپ، دن جي ڪين ڪن ۾ ڀِڄي وڃن ٿا.

”شيوا.... شيوا...... شيوا...“ نينگر جو ڪنڌ نينگريءَ جي ٿڙھن ڏانھن ڦٿڪي وڃي ٿو. وري ارھن ڏانھن، وري مورچٽ گنديءَ اندران چپن ڏانھن. نينگريءَ جي ديھھ ۾ ڄڻ زلزلو پيدا ٿي وڃي ٿو. نينگر جي چپن سان چپ ڀڄائي، سندس پٺن کان ٻانھون ورائي، سارو نينگر پاڻ مٿان ورائي ٿي ڇڏي، چپن جو ٻنڌ ھڻي، چاھي ٿي نينگر کي پنھنجي اندر پيھي ڇڏڻ.

”او سوڍا، سرتا، روڻيا. ڪيڙو ڪامڻ ڪيتو ھي؟“

نينگريءَ جا نيڻ وشال ٿيندا ٿا وڃن، وشال، اڃا وڌيڪ وشال، نيري نيري سمونڊ جيان، ڇر ڇر ڇمڪاٽ ڪندي ڇولي ٻنھي مٿان وري ٿي وڃي، ڄڻ ھرڪا شيءِ وقت جي مھا پرلئھ ۾ لڙھي ٿي وڃي.

مان ڊڄي اکين تي ھٿ ڏئي ٿو ڇڏيان:

ھان....... ھي ٻئي ڪير ھئا؟ موھ ڄار ۾ ايڏو ڦاٿل! ايڏا ڳتيل. ڳيراٽين ۾ پويل، موھ ڄار جي مھاڀاري ڪن ۾ ٻڏاڻا! ايڏا اتاولا ۽ بي خبر. ڪير ھئا ٻئي؟ اھو ڪھڙي سورڳ جو ڏيک ھو؟ ڇا ڪو سپنو، ڪنھن پوڄاريءَ جو؟..... پر مان اھو سڀ ڪيئن ڏسي سگھيس، منھنجا چپ ايڏو چپ ڪيئن رھيا؟ رڳو ايترو ئي ٻڌائي ڇڏيان ھا تھ ھن سورڳ کان پري، ٻيو ھڪ نرڳ بھ آھي! ڄرندڙ، آڳ الا. ڪجھھ تھ کين خبردار ڪريان ھا. ارھ.... اف...... ھت ڪيڏي نھ ٻوسٽ آھي، ڪيڏو ھٻڙاٽ. مان ھت بند ڇو آھيان؟ ھي ڪھڙو نرڳ آھي؟ ڪھڙي جنب جي سزا؟ ڇا مان اکيون کوليان......؟ پر..... ھنن لوگھن پٺيان جيڪو لاش پيو آھي، ان کي مان ڪيئن ڏسي سگھندس؟

”آھ..... ڪو آھي، مان..... مان گھٽجان پيو. منھنجو ساھ...... مان.... آھ..... گھٽجان.... ٺيڪ آ، مان چريو ئي سھي...... پر اوھان مون کي ماڻھو ڇو نھ ٿا سمجھو! ڇا پاڳل کي حواس نھ ٿيندا آھن؟ مان..... مان اقراري آھيان تھ مان چريو آھيان، خوفناڪ، خطرناڪ چريو...... پر ھي..... ھيءَ ڪھڙي سزا آھي؟ اوھان مون کي ماري ڇو نٿا ڇڏيو! ڇا اوھان وٽ گولي ھلائڻ لاءِ پنجاھ پئسا ڪينھن ڇا؟

(.....................................)

آه... آه... چؤنڪيداري ڪندي اوھان سڀ سمھي پيا آھيو ڇا! منھنجو آواز ڇو نٿا ٻڌو! مان ڀتين سان پيو ڳالھايان! يا اوھان جي ٻڌڻ جا حواس ختم ٿي ويا آھن! ڪٿي...... ھي مڙدو شيوا جو تھ نھ آھي! ڇا مون کي رڳو اھو ڪجھھ ڏيکارڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي؟ مان تھ اھو وسھيو ھئس تھ ھن ڌرتيءَ کان مٿي ٻيو ڪوبھ سورڳ يا بھشت ڪونھي! آھ..... مان گھٽجان پيو تھ پوءِ.... ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو منھنجا اڇا وار، سفيد سينو ڏسي ڀنڀلجو نھ. مان..... مان اڃا ٻارھن سالن جي عمر جي ڏاڪي کان اڃا ھڪ ڏينھن بھ مٿي نھ چڙھيو آھيان. مان اھو سڀڪجھھ ڏسڻ لاءِ تيار ناھيان.... ناھيان..... ناھيان.......

مان بند ڪمرن ۾ ڌونڌاڙون ڏئي روئان ٿو. سارا ڪشٽ، سموري شڪتي گڏ ڪري زور آزمايان ٿو ۽ نست نٻر ٿي ڪري ٿو پوان. ھن ازل جي اواڪ اونداھين ۾ پري پري تائين ڪو ڪڙواءُ پڙلاءُ ڪونھي. منھنجي پنھنجي رڙين جو پڙاڏو بھ نھ!.......

نوان پيغامبر

جڳن کان پوڙھو تاريخدان لکي رھيو آھي، لکندو ٿو اچي، ھن کنڊ جي تاريخ. جا ٻارڙا اسڪولن ۾ پڙھندا آھن. مون ننڍڙي لاڪي پڙھيو ھو – اڻ آريھ، اڻ سڌريل ۽ اگھاڙا ھئا. ڪچو ماھ، مڇيون ۽ گلوئيون ۽ ڳوھون کائيندا ھئا. پھاڙن جي چرن ۾ رھندا ھئا. پوءِ خيبر جو لڪ لتاڙي آريھ لوڪ آيا، جي سڌريل ھئا ۽ ڪپڙا اوڍيندا ھئا. انھن جھنگلي اڻ آرين کي ماري مات ڪيو ۽ کين ھن کنڊ مان ھڪالي ڪڍيائون ۽ ساري ھندستان جا والي ٿي ويٺا.

منھنجي دل ۾ سڌريل آرين لاءِ عزت پيدا ٿي وئي.

لکيل آھي: سڪندر اعظم يونان جو بادشاھ ھو. ھن ساري دنيا تي گھيرو ڪيو ھو. ھو وڏو بھادر، رحمدل، جنگجو، سورھيھ ۽ انصاف وارو بادشاھ ھو. مرڻ ويل ھن پنھنجا ھٿ ڪفن کان ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيا ھئا تھ ڏسو خالي ھٿين پيو وڃان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com